مومل ماٿيلو ڇو ڇڏيو، تنهن لاءِ جدا جدا ڳالهين ۾
ٻه اهڃاڻ ڏنل آهن: هڪ ته پٽس جي ڪاوڙ ۽ ڇينڀ تي
مومل پاڻ ماٿيلي کي ڇڏيو، ۽ ٻيو ته خود پٽس کيس
ماٿيلي کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. هڪ ڳجهارت ۾ آهي ته:
ڏيڻي: ٽِنگِي ته شُوم ڪي، شهر مؤن مال جي
ڀڃڻي: لڙڪي نَند ڪي، ماٿيلي مؤن تڙي.
ماٿيلي طرف جي هڪ مقامي روايت مطابق، مومِل ماٿيلي
مان رواني ٿي، پهريائين اچي ”ڏيتري“ جي ڀِٽَ تي
ويٺي ۽ هڪ سال اُتي رهي. ماٿيلي جي ڪوٽ جي مٿاهين
برج تان نند راجا جي نظر، ڀٽ ڏيٿري تي مومل جي
مڪان تي ٿي پئي.
انهيءَ ڪري مومل کي چوائي موڪليائين ته منهنجي نظر
کان پري وڃي ويهه. پوءِ مومل ڏيٿري مان لڏي وڃي
لُڊاڻي لڳ ڪاڪ تي ويٺي.
عام مشهور روايت موجب مومل مُنڍان ئي وڃي ڪاڪ
ڪنڌيءَ تي محل اڏايو. هڪ اهڃاڻ موجب، مومل اڃان
ماٿيلي ۾ ئي هئي جو ”ڪاڪ محل“ اڏڻ جو خيال ڪيائين،
پوءِ خواب ڏٺائين ته هن گهڻائي گهوٽ گهائي ڇڏيا،
پر هڪ ڪاڻو (راڻو) آيو، جنهن اچي سندس سڀ طلسم
ٽوڙي ڇڏيا. صبح جو روئي پنهنجي ماءُ سان اها ڳالهه
ڪيائين:
مومل ماٿيلي ۾ خاصو لڌو خواب
ٿو بر لنگهي آئيو، نديءَ پاسي نباب
تنهن ”ڪاڻي“ ڪؤنت ڪُڏي ڪري ڪُهي ڪئي ڪباب
پوءِ اکين آڻيو آب، پئي مُنڌ ڳالهائي ماءِ سان.
همير بادشاهه کي راڻو مومل وٽ ڪڏهن وٺي ويو؟
ٻه رايا آهن: هڪ اهو ته اڃان ڪاڪ تي ئي هئا جو
راڻو، مومل سان ملي موٽي آيو ۽ سڄي ڳالهه ڪري
ٻڌايائين، جنهن تي همير چيس ته: جي ائين آهي ته
پوءِ مون کي به مومل ڏيکار.
مومل ڏيکارڻ لاءِ همير کي راڻو، مومل جي محل ۾
ميهار بنائي وٺي ويو. اتي مومل آڏو پنهنجي گهٽتائي
ٿيڻ سببان همير ٻاهر نڪرڻ سان چارڻي کي ٻَڌائي وٺي
آيو ۽ اچي قيد ۾ رکيائينس. ٻي روايت موجب چارئي
ساٿي ڪاڪ تان موٽي آيا، پر پوءِ همير بادشاهه کي
باک پئي ته راڻو ڪاڪ تي وڃي ٿو. پوءِ سچي
ڪرايائينس ۽ چيائين ته هڪ ڀيرو مومل مون کي ڏيکار.
پوءِ راڻو، همير کي ميهار بنائي وٺي ويو، جنهن
سببان همي رڏٺو ته سندس هتڪ ٿي آهي ۽ پوءِ راڻي کي
قيد ڪيائين. راڻي تي هڪ طرفان همير بادشاهه جو زور
پيو ته کيس مومل ڏيکاري، ٻئي طرفان ڀانيائين ته
مومل سنئون سڌو بادشاهه کي نه ملندي ۽ انهيءَ ڪري
بهاني سان بادشاهه کي وٺي وڃڻ جو پهه ڪيائين. پر
اهو ڪم عقلمندي جو نه ڪيائين: ميهار بدران دوست يا
وڏو سوداگر ڪري وٺي وڃيس ها ته بادشاهه جو شان
رهجي اچي ها. راڻي جيڪا سِٽ سٽي، ان مان نه رڳو
همير کي پوءِ مٺيان لڳي، پر مومل به راڻي کي جتايو
ته تو اهو ڪم ڪَچو ڪيو:
راڻا نه ڄانتوءِ، وڏي ويڻ وِرسئين،
ست ڀتيرو سومرو، ڪوجهو ڪري آندوءِ.
راڻو مينڌرو قيد مان ڪيئن نڪتو؟
همير بادشاهه راڻي کي قيد ڪيو هو، پر سندس سياڻپ
جو کيس قدر هو ۽ سندس صلاح جي کيس ضرورت هئي، پر
جنهن طرح راڻو کيس ڪاڪ تي وٺي ويو، سا ڳالهه کانئس
نٿي وسري. ٻئي طرف مينڌري جي ڀيڻ، جنهن جو نالو
”کِلڻ“ هو، سا همير بادشاهه جي گهر ۾ هئي، تنهن
پئي راڻي جون سفارشون ڪيون، جنهن تي لاچار ٿي
بادشاهه کيس چيو ته ”راڻي کي پرولي ڏيندس. پوءِ جي
ڀڳائين ته کيس قيد مان ڪڍندس نه ڀڳائين ته کيس
مارائيندس.“ همير ڪهڙي پرولي راڻي ڏانهن موڪلي، ان
بابت جدا جدا رايا آهن. هڪ روايت موجب رات جو
راڻي، همير بادشاهه سان رهاڻ ۾ هئي جو سندس ٻار
وٺي رنو، تڪڙ سان اٿي ته سندس چُني ڦاٽي پئي. همير
پوءِ اها پرولي راڻي ڏي موڪلي، جو ان جي خبر رڳو
کيس ۽ ٻي راڻيءَ کي هئي. ڀانيئان ته ڪونه ڀڃندو.
پر هي اهڙو واقعو هو جو سندس گهر واري به ڀانيو ته
متان اها پرولي راڻي کي ڏئي، سو ڀاءُ کي اڳ ۾ ئي
آگاهه ڪري ڇڏيائين. همير پاڻ پنهنجي سر اچي پرولي
ڏني ته:
ڪنهن پر چُنيءَ آيو چير؟ ڪنهن پر چُنيءَ آيو چير؟
راڻي جواب ڏنو ته:
تون ٿي راحت رسئين، ٻالڪ گهريو کير، ان پر چنيءَ
آيو چير.
تڏهن همير چيو ته:
سا تنهنجي ڀيڻ!
(يعني اهو عقل تنهنجو ناهي، پر اها تنهنجي ڀيڻ
آهي، جنهن توکي ٻڌايو آهي)
راڻي جواب ڏنو ته:
پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ!
يعني ته پاڻ تي مصيبت آئي سيڻن جو ڪهڙو خيال ڪبو!
تون اسان جو سيڻ آهين، پر مون تي تڪليف هئي،
انهيءَ ڪري منهنجي ڀيڻ به توکان وڌيڪ منهنجو خيال
ڪيو.
ٻيءَ روايت موجب، ”راڻي کِلڻ“ نهايت سهڻي هئي.
ڪنهن موقعي تي ڪُمهلو رات جو همير بادشاهه پنهنجي
نيري گهوڙي تي اندر حويلي ۾ هليو آيو. گهوڙو پاڻ
ٻڌائين. راڻي کِلڻ جيڪا ستي پئي هئي، سان ڪنجري
کان سواءِ چادر اوڍي آئي ۽ گهوڙي کي گاهه ڏنائين
ته سندس جسم تان چادر جو پلئه کڄي ويو جو همير
ڏٺو، پوءِ همير چيس ته: راڻي! شم ٻاري ڇڏيئي!
(يعني تنهنجي سهڻي جسم سوجهرو ڪري ڇڏيو) پوءِ اها
پرولي مينڌري کي ڏنائين، پر ڀيڻس کيس اڳ ۾ ئي خبر
ڪري ڇڏي هئي. همير اچي مينڌريءَ کي چيو ته:
انڌاريءَ اُهاءَ، مون جو ڏٺو مينڌرا!
مينڌري جواب ڏنو ته:
’کِلڻ‘ اولاڻي ڪنجرٖي، متان وڌو نيلي گاهه!
هڪ ٻي روايت موجب، همير اچي راڻي کان پڇيو ته موسم
ڪهڙي آهي؟ راڻي چيو ته چيٽ جو مهينو آهي. همير
پڇيو ته ڪيئن سمجهيئي؟ چيائين ته: ڀؤنر پيا اچن
وڃن، جنهن مان ڀانيان ٿو ته ملڪ ڦُٽو آهي. ٻيءَ
راويت موجب راڻي بيت ۾ جواب ڏنو ته:
هير، تَڙِ پلا مرن، ايٽِي ڏَڌڙيان، همير! آهرون
ڦُلاريون
وير نه ڄاڻان ڪهڙي، پر مون کي ڇانيون سيباڻيون.
يعني ته هن وقت درياهه ۾ پلا مرن ٿا، مٽرن جون
ڦريون پچي ويون آهن، آهُريون ڦلارجي ويون آهن،
هينئر وقت الائجي ڪهڙو آهي، پر مند اها آهي جو
(سيارو گذري چڪو آهي ۽ اُس بدران) ڇانوَ وڻي ٿي.
پوءِ همير بادشاهه، مينڌري کي قيد مان ڪڍيو.
راڻو ڪاڪ تي ڪهڙي ريت ويندو هو؟
ڪاڪ کان موٽي اچڻ کان پوءِ، جيستائين همير بادشاهه
کي شڪ هو هو ته راڻي، مومل واري راز کي لڪايو آهي،
تيستائين مٿس ڪرڙي نظر رکي وئي ۽ فقط رات جا چار
پهر کيس گهر گهارڻ جي اجازت مليل هئي. راڻو انهيءَ
عرصي ۾ پنهنجي هڪ ڀلي اُٺ تي چڙهي راتو رات هڪ سؤ
ڪوهه ڪري ڪاڪ مان ٿي ايندو هو.
ٻي هڪ روايت موجب ، قيد مان نڪرڻ کانپوءِ همير
بادشاهه منع ڪيس ته ڪاڪ تي متان وڃين، راڻو پوءِ
به اُٺ تي چڙهي ويندو هو، جنهن جي خبر همير کي
پئي، جنهن اُٺ کي ڪهائي ڇڏيو. اڃا به ٻي هڪ روايت
موجب بادشاهه جي طرفان مٿس ايتري چوڪسي ڪانه هئي،
پر راڻو پاڻ پرڻيل هو، انهي ڪري خود سندس گهرواري
جي مٿس چوڪسي هئي. هڪ رات راڻو ڪاڪ تان وهنجي آيو
هو ۽ صبح جو اڃا سندس وار آلا هئا، جن مان ڪاڪ جو
ڳاڙهو پاڻي پئي سِميو. اهو سندس گهرواريءَ ڏٺو
جنهن پنهنجي سس کي سڻايو ته:
پٽي! پُٽوءِ پر گهر هنڍڻو، ڪري شيل شڪار
ڪني ويريين وَڍيو، ڪني ڏنيس مارَ
ڪئن جئن منجهه ڪپار، رت ريلا ڪيو نڪري.
اها ڳالهه پوءِ راڻي جي پيءَ کي ٻڌايائون، جنهن جو
نالو ڪن راويتن ۾ ”ڪبير“ ڪري ڄاڻايل آهي. ڪبير
پوءِ ان اُٺ کي ڪهائي ڇڏيو ۽ راڻو وري ٻئي اُٺ تي
وڃڻ لڳو، پر ڪاڪ تان ڀيرو نه ڀڳائين.
ڪن روايتن ۾ ائين آهي ته پهريائين راڻو هڪ ڀلي
(نر) اُٺ تي چڙهي ويندو هو، جنهن جو نالو ”چيڪلو“
هو. جڏهن همير يا ڪبير ”چيڪلو“ اُٺ ڪهايو ته پوءِ
ان جي ڀيڻ هڪ مادي ٽِرهاڻ اُٺ هئي، جنهن تي چڙهي
ويو، جيڪا ڪاڪ محل ۾ ان ساڳيءَ جاءِ تي وڃي
جهڪايائين، جتي ”چيڪلو“ اُٺ جهڪائيندو هو:
”جاٿي جهڪندو هو اُٺ ’چيڪلو‘
اتي جُهڪِي توڏ ٽرهاڻ“
گهڻين روايتن ۾ ائين آهي ته پهريائين هڪ ڀلي
ڏاچيءَ تي چڙهي ويندو هو. جڏهن ان کي ڪهايائون ته
پوءِ ان جي ڪنواٽ تي چڙهي ويو، جيڪو ماءُ کان به
تکو هو. شيخ ابراهيم جي بيت ۾ ڏاچيءَ جو نالو
”گهِڻيا“ ڄاڻايل آهي:
”گؤنرو اُٺ ”گهِڻيا“ جو، تڏهن سهجان سينگاريو“
( ص – 71)
مومل سان گڏ ڪير ستل هو، ۽ راڻي کي ڪيئن شڪ جاڳيو؟
مڙني روايتن ۾ ائين آهي ته مومل سان گڏ سومل ستل
هئي، پر مرداڻو ويس ڪري سُتي هئي، هڪڙين روايتن
موجب، گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا، جو قيد ۾ هجڻ سببان
راڻو ڪاڪ تي ڪونه آيو هو، ۽ انهيءَ فراق ۾ مومل کي
ننڊ ڪانه ٿي آئي. پوءِ پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ سومل
کي مومل چيو ته هوءِ راڻي وارو ويس ڪري ساڻس گڏ
ساڳي کٽ تي سمهي. يا سومل پاڻ اها ڳالهه سوچي ۽
مومل کي آٿت ڏيڻ لاءِ راڻي وارو ويس ڪري ساڻس گڏ
ستي. ٻين روايتن مطابق سومل ڄاڻي واڻي اهو ڊوهه
ڪيو. جڏهن مومل، مينڌري سان نينهن لائي هميشه ڪاڪ
وسائي ويهي رهي، ته ماڻس کي ويچار ٿيو، ۽ ماٿيلي
مان سومل کي روانو ڪيائين ته ڪنهن طرح مومل کي
مينڌري کان نکيڙي موٽئي ماٿيلي وٺي اچي. سومل پوءِ
اها سٽ سٽيِ، جو پاڻ روزانو مردانو ويس ڪري مومل
سان سمهندي هئي ۽ ٻاهران پنهنجو هڪ ميهار بيهاري
ڇڏيندي هئي، جيڪو راڻي کي چيو ته ”اڄ مومل وٽ سندس
يار سيتل آيو آهي.“ جنهن رات راڻو آيو ته ٻاهران
ان ميهار اهو ٻڌايس. اهڙي طرح راڻي کي اڳواٽ اهو
شڪ جاڳيو، ۽ پوءِ اندر اچي جو مرداني ويس وارو
ماڻهو مومل سان گڏ ستل ڏٺائين ته ويتر پڪ ٿيس ته
مومل ڊوهي آهي ۽ ساڻس سچي ناهي. ٻي هڪ روايت موجب
اهو ڪنواٽ (يا اها ٽِرهاڻ) جنهن تي راڻو پوءِ
چڙهيو، سو اهڙو تِکو هو جو اوتريئي ئي وقت ۾
پنجاهه ڪوهه ڪاڪ کان اڳتي ٽِپي ويو. اونداهي رات ۾
راڻي جو مٿو منجهي ويو. اتي هڪ ميهار ( يا ڳنوار
يا ٻڪرار) ”ڦوڳسين“ نالي مليس، جنهن ڏس ڏنس ته ڪاڪ
پوئتي ڇڏي آيو آهين. هي ملڪ سيتل راءُ جو آهي،
جيڪو اڄ ڪاڪ تي ويو آهي. اهڙيءَ طرح راڻي کي شڪ
جاڳيو ۽ ڪاڪ محل ۾ مرد ماڻهو کي مومل سان ستل ڏسي
پڪ ٿيس ته اهو سيتل آهي. ڪن راوين جو خيال ۾ راڻي
جو پنجاهه ڪوهه اڳتي نڪري وڃڻ، اونداهي رات ۾
منجهڻ ۽ ڦوڳسين کان پڇڻ، اهو پڻ سڄو سومل جو سحر
هو.
ڪن روايتن موجب جڏهن راڻو، همير بادشاهه کان لِڪي
ايندو هو، تڌهن مومل چيو هوس ته تيرهين ۽ چوڏهين
رات جو نه اچجان، باقي ٻين راتين ۾ ڀل پيو
اچجانءِ.
اڳي ئي مومل، مينڌرا، جڏهن ڏسي رات ڏنياءِ
تيرهين چوڏهين چڱي نه اٿئي، ٻيو آڻيهي پيو آءُ
هن ڀيري راڻو چوڏهين رات جو آيو، جو مومل سان ڪو
”مرد“ ستل ڏٺائين. ڪي چون ٿا ته راڻي کي مومل
تيرهين ـــ چوڏهين تي اچڻ کان انهيءَ ڪري جهليو هو
ته چؤڏس چٽائي ۾ متان لَکجي نه پوي، انهيءَ ڪري
اونداهين ۾ اچي ”اونداهي آهي، اجهو عاشقن جو“. ٻين
روايتن ۾ اهي ته مومل کي جادو ۽ ڊوهه جو علم هو،
سو ويهي ويچاريائين ته متان ڪو راڻي سان ڊوهه ڪري.
پوءِ تِٿون ڪڍيائين ۽ راڻي کي چيائين ته: راڻا!
”ڪاري چوڏس“ (15 کان 29 تائين) ۾ نه اچجان“ انهيءَ
ڪري راڻو هميشه چِٽي چوڏس ۾ ڪاڪ تي ويندو هو. پر
ساڳئي وقت مومل ۾ اهو دليل به ويٺس ته مومل ڪاري
چوڏس ۾ اچڻ کان جو جهليو آهي، سو انهيءَ ۾ ڪا
ڳالهه آهي! پوءِ اها رات اٺاويهين اونداهي هئي، جو
راڻو ارادي سان انهيءَ رات روانو ٿيو. رات جو
رلندڙ توڙي چور چوندا آهن ته اٺاويهين رات ڳري
آهي. انهيءَ ڳري رات ۾ اچڻ سببان، سومل جو سحر
راڻي کي لڳو، جو هو منجهي ويو ۽ اڳواٽ بيهاريل
خابرن کيس اها ئي خبر ڏني ته مومل وٽ سيتل اڄ رات
آيل آهي.
ڪن راوين انهيءَ ڳالهه کي ورجايو آهي ته مومل جي
سيتل سان سينڌ هئي هنن راڻي جي واتان مومل کي سيتل
جا مهڻا ڏياريا آهن ته:
ڪَهُون کولي ڪنجري، سُتئينءَ سيتل ساڻ
ايڏا غير گماڻ، تنهنجا ڍوليي کڻي ڍڪيا.
مومل مزمانن جا هيئن نه ڀڃجن حق
هڪ اوجاڳا اکين جا، ٻيا لتاڙيم لَڪ
چادر پايو کٽ، ستينءَ سيتل راوَ سان!
پر اڪثر راوين انهيءَ ڳالهه کي وزن ڪونه ڏنو آهي.
سگهڙ شاهو نوحاڻي
پنهنجي هيٺين بيت ۾ خاص طرح انهيءَ ڳالهه کي رد
ڪيو آهي ته ڪو مومل جو سيتل سان ناتو هو:
ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله
روحانيت رسول جي هئي اصل کان اصلا
حضرت آدم هڪڙو، ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا
فائق فريقون ڪيون تنهن مان جوڙي جهانا
ڪي نِرمل نيڪ نبي ها، ڪي بزرگ ڀلارا
سوڍيون سَوَ هزار هيون، پر مومل مَٽ نه ڪا
پيءُ جنهين جو پاتشاهه هو راجا نند راءَ
هُن جِي وَڙ وڏي هئي والدان، جنهن جو نرمل هونسبا
ڪانَ سُبحان ڪاپڙي، هو ڀَل ڪُلهيرِيءَ ڀاءُ
هن جو ڀڙ ڀتار هو، ٺَڪر وڏي ٺاهه
ٻيا گهٽ وڌ ڳالهيون ڪن گهڻا، اهو سندو عام اُٺاءُ
انهيءَ قل ڪتاب ۾، اسان سِيتل ڪين سُئا
مهندان ڏينهن محشر جي، هن جو ٿيندو، نوحاڻي چئي،
نياءُ
گهوري گهوٽ مٿاءَ، ڏِيل وڌو هئين ڏاگهه ۾.
قصي جي ڪردارن بابت رايا
سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن نه فقط سنڌ جي ڪُهنن قصن ۽
داستانن کي سوڌيو سنواريون، ڳايو ۽ مشهور ڪيو آهي،
پر انهن کي پچاريندي قصن جي مختلف ڪردارن بابت پڻ
پنهنجا رايا ڏنا آهن ، جيئن سگهڙن جي رهاڻ جي مکيه
موضوع ٿي رهيا آهن. هن موقعي جي مانجهي راڻي
مينڌري توڙي مانجهياڻي مومل کي ڪن سگهڙن ساراهيو
آهي ته ٻين مٿن حرف رکيو آهي. هن پوئين دور جي هڪ
سگهڙ سائينداد فقير کان پڇايائون ته: ”فقير! تو
راڻي مومل کي ڇو نه ڳايو؟“
جنهن ڌن ڪارڻ ڌيءُ ڪڍي، سو راجا هئو رَڪُ
مڙسي مومل ڪانه ڪئي جو ڀري وِهه جو ڦڪ
سُرهي سوڍي نه ڪئي، نه ته هڻيس ها هڪ ڌڪ
ٽنهي ڪونهي نڪ، ڪنهن کي ساراهيان، سائينداد چئي.
فقير سائينداد ته سڀني کي ڪَچو ڪيو، پر راڻي
مينڌري جو ڪردار آڳاٽي وقت کان وٺي سگهڙن جي زير
بحث رهيو آهي. راڻي جڏهن مومل سان ڪو ”مرد“ ستل
ڏٺو هو ته ٻنهي کي اتي ماري ها، يا انهيءَ مرد کي
مار ي ها. جي ماٺ ڪري مُڙڻو هوس ته پوءِ ايترو صبر
ڪري ها جو مومل کي کڻي جاڳائي ها ته اڇي ڪاري پڌري
ٿي پئي ها. شاعر ڪبير شاهه ٿو چوي ته:
ڀينر ٻئي جان ڀيڙيون هيون ماريءَ منجهه محل
تنهن سان سُتي سيج تي هئي سهج ڪري سومل
ڪاجا مدي مومل من جنه ڇند ڪيا ٿي ڇل
ڪانڌ بنا جا ڪوڙي ٿي رکي بوتو منجهه بغل
سا ڏکي مر ڏهاڳ جو حال گذاري هل
اصل عزازيل کي هئي پڌري اها پل
جان آيو ڪامل سائين ڪاڪ جو منجهان اوز اُڇل
تان ٻِٽ ڏٺائين ٻه ڄڻا رمز ڪنهين سان رل
هي لڪڻ لاڙي هليو ڏيئي ميي کي موڪل
سو راڻو رُنڍ رکي ويو وڏي خوف خلل
پر حرف رکن ٿا هيڪڙو، توتي آڻيو ڪي عاقل
جُڻ هيئي نار نڪاح جي، تِنهنجي اِيءَ نه ڪياءِ
اٽڪل
جي تو مُنڌ جاڳائي مينڌرا هاتڪ ڪري هڪل
ته مڙيوئي معلوم ٿيا، توتي ان جا عيب عمل
پر سوڍا تنهنجي ڀي ساهه ۾ سُر سڪڻ ڪيا سل
هوءَ ڀي اُٿي عجيبن لئي ناز منجهان نرمل
ته ٿي ويل منهنجي ورجي اُٿي ڪانڌ ڪريان ڪاڪل
تان، هئي مُٺياس ڌري ويو مينڌرو ڪامَ ڪنڌيءَ سين
جهل
سا رويو رت ريهون ڪري، ٿي ڳوڙها ڳاڙي ڳل
ڀيڻ وڙهي ٿي ڀيڻ سان، جوش منجهارا جل
ته ڙي ڪامڻ! ڪبير شاهه چئي توکي آندو ڪنهن اجل
ماريئي کي مومل، جنهن سان سُتئينءَ سومل سيج تي.
ڪي ٻيا عاقل پڻ ڪبير شاهه وانگر راڻي تي ميار رکن
ٿا، جيئن ته حفيظ تيوڻو چوي ٿو ته:
مڙس نه هئين مينڌرا، هئين ڄٽاڻو ڄٽ
مومل جي ماڙيءَ ۾ ڪونه هو ڪوُڪٽ
مڙس هوئِي هيڪڙو سو ماري ڪرڻو هوءِ مٽ
هاڻي لاهه لونگي، ٻڌ ڌوتيو، هر هئين ڪهڙو پَٽ
هِت لڄائيي ڪاڪ کي، هُت لڄايئي ڍٽ
ساهمي تراڙو هٽ، آهي مرڪ تنهنجو مينڌرا!
شاعر وٽ باکڙي چيو آهي ته:
مڙس به هئين مينڌرا، پر ڪم ڄٽاڻو ڪيوءِ
مڙس مثل ماڙيءَ ۾ جڏهن ڏوران ٿي ڏٺوءِ
تڏهن وڌي وک ”وٽ“ چوءِ، پر ۾ پڇڻ هوءِ
ته ذات به تنهنجي ظاهر ٿئي، نالو به نڇاريوءِ
ماڻو به سريئي مينڌرا، هٿ ٿورو به ٿيوءِ
هاڻي ڪُر کي ڪٽ ڏنوءِ، ان موٽڻ سين مينڌرا!
مگر ڪبير شاهه پنهنجي ٻئي هڪ بيت ۾ راڻي تان ميار
لاهي مومل تي رکي ٿو ته:
راڻي ريب رياءِ، مومل ماڙيءَ ۾ ڏٺو
ٻٽ ڏٺائين ٻه ڄڻا، تڏ گهوٽ وڏو ٿيو گهاءِ
مرد هئو ڪه زال هئي، تنهن جو ڄاڻ ڄاڻي خداء
پر حق رٺو ٿي حق سان، وچ وڏو پيو واءُ
مومل ڏئي ٿو مهڻو سڀڪو سوڍي کي به سياء
ڙي ڪامڻ، ڪبير شاهه چئي، تو ڪئن رسايو راءُ
پوءِ دل ڳڻي داناءُ، موٽي ويو مينڌرو.
ناحق نؤد عقل سين تو ترت ڪيو ترتوت
ڪامڻ ڪاڪ ڪنڌن ۾، ڪؤنر ڪيئي ٿي قوت
منڊي چرخ چلٽ جو مڪر ڪيئي مضبوط
تان راڻي هڪڙي راند سين تنهنجا ناٽ ڪيا نابوت
ڙي هوئِي پارڻ پيچ پريت جو، سندرو سڪ ثابوت
ٿيندئي بت ڀڀوت، جيئن تو عاشق ساڻ اَلَٽ ڪيو.
ڪنهن ٻئي سگهڙ پڻ چيو آهي ته:
ڪو جو ڪٽر ڪاڪ مان راڻي، روح رهيو
مينڌرو محلات ۾ وري ڪونه ويو
سوڍي شڪ پيو، پوءِ مومل کڻي مصريون ٿِي
قصي جي قدامت ۽ مشهوري
مٿي هن قصي جي تاريخي پس منظر بابت ڏنل راين مان
معلوم ٿيو ته هي قصو ٻارهين صدي جي وچ کان وٺي
چوڏهين صدي جي شروع واري دؤر ۾ اُسريو ۽ ٿوري عرصي
اندر ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. چوڏهين پندرهين صدي ۾
سنڌ جي سڄاڻ ڀٽن ڀانن ۽ منگتن مڱڻهارن هن قصي کي
ڳايو، ۽ سورهين صدي ۾ شاعرن هن کي اعليٰ شاعريءَ
جو موضوع بنايو. مثلاً مومل ــــ راڻو، جي مضمون ۾
شايع ڪري ( 1538- 1623) جو هيٺيون معنوي بيت ملي
ٿو ته:
ڪاڪ وڻني ساڻ، اوٺين نه اورڳي،
جي گڻ هونِ گهڻا، راڻا توءِ روندا وئا.
سورهين صدي جي پوئين نصف ۾ ٺٽي جي شاعر محمد مقيم
پڻ ”ترنم عشق“ جي عنوان سان مومل- راڻي جي قصي کي
منظوم ڪيو.
ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ مير علي شير قانع هن قصي کي
مختصر طور ”تحفة الڪرام“ ۾ بيان ڪيو. سترهين ۽
ارڙهين صديءَ ۾ ميين شاهه عنايت ۽ ڀٽائي صاحب
”مومل- راڻي“ جي مضمون کي پنهنجي اعليٰ شاعريءَ جو
موضوع بنايو. عوامي شاعرن مان يعقوب کٽي (ميان نور
محمد جي دؤر ۾) هن سڄي قصي کي بيتن ۾ جوڙيو. ان
کان پوءِ ارڙهين صدي جي آخر يا اوڻويهين صدي جي
شروع ۾ لس ٻيلي جي شاعرن شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه
هن قصي کي پنهنجي عوامي شاعريءَ جو عنوان بنايو.
خداداد خان پنهنجي ڪتاب ”وقائع جيسلمير“ ۾ پير ڏني
گاذر جو جوڙيل ”مومل- راڻي جي قصي“ جو ذڪر ڪيو
آهي، ۽ هي شاعر پڻ انهي پوئين دؤر جو هو. انهي دؤر
۾ لس ٻيلي جو ٻيو هڪ شاعر مبارڪ گنگو (ويٺل سماند،
لڳ لياري) ٿي گذريو، جنهن پڻ مومل- راڻي جي قصي
بابت بيت چيا.
ڪتابن ۾ اشاعت جي لحاظ سان هي قصو پهريون ڀيرو
مختصر طور رچرڊ برٽن جي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌوءَ جي
وادي ۾ وسندڙ قومون“ ۾ 1851ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو.
36 سالن کانپوءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم سن 1887ع ۾
”مومل- راڻي جو قصو، اصل حفيظ وارو“ مرتب ڪيو جيڪو
ڪراچي مان ڇپيو. ان کانپوءِ حفيظ وارو قصو مسلسل
طور ڇپجندو رهيو جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيو ۽ پڻ
نڙ- بيت جي ڪچهرين ۾ ڳايو ويو.
مواد ۽ ترتيب
مواد سهڙيندي مومل- راڻي جي قصي جون جدا جدا
روايتون مليون، جن کي اسان ڀيٽيو ۽ اهي روايتون
جيڪي هڪٻئي سان ملن ٿيون، تن کي يڪجاءِ ڪيو. اهڙي
طرح هن قصي جون پنج مستقل روايتون قائم ڪيون ويون،
جن کي آڏو رکي اسان سڄي مواد کي مرتب ڪيو آهي.
”روايت- 1“ تحفة الڪرام مان ورتل آهي. ”روايت- 2“
۾ هن قصي بابت سڀ کان آڳاٽي ۾ آڳاٽا ”ڳاهن وارا“
بيت ڏنل آهين، (جيڪي هن روايت جي منڍ ۾ ڏنل آهن ۽
ڳاهن جي صورت ۾ ٻه تِڪا آهن.) ”روايت- 3“ ۽
”روايت- 4“ جو مدار سنڌ جي مختلف عوامي شاعرن جي
بيتن تي آهي، جيڪي ورڇي رکيا ويا آهن، پر انهي ورڇ
۾ البت ردبدل جي ضرورت آهي، پنجين روايت نثر ۾
آهي، جنهن ۾ ڳاهن وارا بيت پڻ شامل آهن، اها روايت
سٽاءُ جي لحاظ سان جدا حيثيت رکي ٿي.
انهيءَ سڄي مواد ۽ انهن سڀني روايتن کي پڙهڻ بعد
هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته مومل- راڻي جي قصي جو تَر
۽ بَر ڪشادو آهي. مومل جي پيءُ راجا نند جو خزانو
گڏ ڪرڻ ۽ درياءُ ۾ لڪائڻ، جادوگر سامي جو اچڻ ۽
اهو خزانو چورائڻ، ۽ راجا نند جو مومل تي ڏمر ۽
مومل جو ڪاڪ محل اڏائڻ ۽ ڪئين راءِ رُلائي سندن
ملڪيت ڦٻائڻ وار اٽاڙا سنڌ جي ڪهنين ڪهاڻين جا
يادگار آهن. ٻئي لحاظ سان، هي هڪ عجيب افسانو آهي،
جنهن ۾ مومل جي طلسمي ڪاڪ محل ۽ چئن ساٿين جي ان
تي چڙهائي، ”سانگ وارو سٽاءُ“ ۽ ماحول جي رنگيني
پيدا ڪن ٿا . راڻي جو چانگي چڙهي مومل ماڻڻ، مجازي
ماحول جو نمايان نشان بنجي ٿو، ۽ راڻي جو رسڻ ۽
مومل جون منٿون، سماجي ماحول سن گڏ عشقيہ داستان
جو باب بنجن ٿا.
ن - ب
”ڀٽ ڏيٿري“ يا ”ڊٻ ڏيٿري“ ميرپور ماٿيلي کان
پنجيتاليهه ميل ڏکڻ طرف آهي، جتان مهاتما ٻڌ
جون مورتيون ۽ ٻيا آثار لڌا آهن، ان مان ظاهر
آهي ته ”ڊٻ ڏيٿري“ واري بستي آڳاٽي وقت ۾ آباد
هئي.
هن خطي جا راوي اڪثر انهيءَ خيال جا آهن،
تاريخ 15 ڊسمبر 1974ع ۾ ڳوٺ گلو پتافي (تعلقو
ميرپور ماٿيلو) ۾ ڪيل ڪچهري ۾ راڻي جي اُٺ جي
تکائي ۽ لڊاڻي واري پنڌ جو ذڪر نڪتو. سگهڙ
راوي عبدالستار (”صحب جو“ مهر) ٻڌايو ته
عمرڪوٽ کان لڊاڻو ڇهن گهٽ هڪ سئو ڪوهه پري
آهي.
شاهو پٽ حاجي پاڙو سنجراڻي نوحاڻي، ويٺل
ڪُنب جو، وڏي بيماري( 1918ع) ۾ وفات ڪيائين.
وڏو سگهڙ ۽ داناءُ هو. مولوين کي ماٺ ڪرائي
ڇڏيندو هو.
تاريخ 28 جنوري 1959ع تي ڳوٺ پانڌي هڱوري ۾
ٻيڙي فقير ڪنڀار وٽ ڪيل ڪچهري ۾ راڻي ۽ مومل
جي ڪردارن بابت ڳالهه هلي، جنهن تي سگهڙ مرحوم
علي شير جاگيراڻي، فقير سائينداد جو اهو بيت
شاهدي طور آندو.
”شاهه ڪري بلڙي واري جو ڪلام“ تحقيق مرحوم
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، بمبئي، 1356
هه/1937ع، ص 66. غالباً صحيح لفظ ”اوڙکي“
(ڏٺي) آهي ۽ نه ”اورڳي“
”سنڌ جي ادبي تاريخ، دور برطانيا کان اڳ“
ڀاڱو پهروين (مؤلف محمد صديق ميمڻ) ۾، ”سنڌ جو
علمي عروج“ باب هيٺ ”ترنم عشق (مومل ـــ راڻو)
محمد مقيم ٺٽي جو“ حوالو ڏنل آهي. چئي نٿو
سگهجي ته اها مثنوي فارسي يا سنڌي نظم ۾ هئي.
تاريخ طاهري مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر مقيم،
مرزا جاني بيگ جي دؤر ۾ هو، ۽هو فارسي توڙي
سنڌي زبان جو شاعر هو. کيس سنڌ جي مقامي قصن
جي به خبر هئي، جو سنه 1001هه/1592ع ۾ اڪبر
بادشاهه جي دربار ۾ جڏهن عمر ـــ مارئي جي قصي
جو ذڪر نڪتو ته مرزا جاني بيگ، مقيم شاعر کي
سڏيو، پر هو اتفاق سان ان قصي کي صحيح نموني ۾
بيان نه ڪري سگهيو (تاريخ طاهري، تصحيح بنده
راقم، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ سن 1384 هه/
1964ع، ص 36)
ڏسو ضميمو، ص 391. بعد ۾ گريئرسن پنهنجي
ڪتاب ”هند جو لساني جائزو“ (جلد 8) ۾، برٽن جي
روايت جو حوالو ڏنو، ۽ پڻ ڊاڪٽر گربخشاڻي
پنهنجي مرتب ڪيل ”شاهه جي رسالي“ ۾ هن قصي
بابت برٽن قلمبند ڪيل روايت وارا بيت نقل ڪيا.
|