- بيت يعقوب کٽيءَ جا
1- مومل جي ماڙيءَ ۾، آهي رُڻ جُهڻ راڄ دُئار
سو گام مڙوئي گوجرو، جڳٽ ڪن جُهار
پاڻان اچيو پدمڻيون، هٻيليون ٻڌن هار
پرهه جو پچار آهي، راڻي سندي راڄ ۾.
2- راڻي سندي راڄ ۾، ٿا پرهه پچارون ڪن
ته مومل ۽ مينڌري، مورُ نه گڏيو هو من
هن ٿي جر جال هارِيو، هن درد وڏائي دن
ڪري ڪَچايون ڪَن، ويو اڄ وِلٽجي ولهو.
3- ويو ولٽجي وَلهو، جڏهن راءُ رمي راڻو
مينڌرو مومل سين، منڍي بيٺو ماڻو
اڃا مون آڻو، ڍارو ڍٽ ڌڻين سان.
4- ڍارو ڍٽ ڌڻين سان، اڃان مون آهي
مومل ويس مَٽايو، ٿي زنانا لاهي
مردانا ويس مَلوڪن جا، ٿي سهجؤن سبائي
چيلهه ڪٽارو قيمتي، تنهن تي هيرو هارائي
تهنار ۽ مُهنار سوٽي مُٺئين، لانچ لڱن لائي،
پٽڪا پيٽا پٽ جا، ٿي ٻانهن ٻڌائي،
سوار پيادا پاڻ سان، ٿي چاڪر چَلائي
ڪاڪؤن ڪُڏائي مُنهن ’مامطور‘ ڏي.
5- ڪيائين منهن ’مامطور‘ ڏي، جڏهن پرهه ڏنائين پير
اچيو پڇنس پارکو، تون ڪامل! آهين ڪير؟
مس نه تنهنجي منهن ۾، تنهنجي ڀِرن اُبتو
ڀير
جهڙي ترويش تنهنجي، تهڙي گهوٽ نه ٻئي سان گهير
تون وياءُ وڏيرن جو، ڪر آهِين مُلڪ جو مَهمير؟
وٺڻ آئين وير، ڪر پسڻ آئين پارکو؟
6- آءٌ شاه سوداگر آهيان، مون سين نه وير وڻي
آءٌ اصل کئون آهيان مست مال ڌڻي
آءٌ ويچيندس وکري، گهاٽي ۽ گهڻي
جن مٿن منجهه مڻي، وٺان وکر انهن کان.
7- آءٌ شاه سوداگر آهيان، مون سين نه وير وڻاءِ
”مروَل“ نام منهنجو،”زرمي“ ذات سڻياءِ
منهنجي چت اهو ڪيو چاه، ته وڃي سودو ڪيان سنڌ ۾.
8- سودو ڪريان سنڌ جو، آءٌ متاع ڏيئي مال
تون نه اسان کي آڇئين، سندا گهر دلال
هيڪ نشاني ٻانهن ۾، پنهنجي پرين اوهان ۾ پال
اوڏانهن ڪنداسين اهال، جيڏهن هنڌ حويليون حجرا.
9- اتي نجوميءَ نيئي ڪيون، سُڌيون سوڍي ساڻ
ته اڄ سوداگر آئيو، ڪو مئي متو مهراڻ
سوڍا انهي ساڻ، تون ڪا محبت ونڊين مينڌرا.
10- ايءَ سڻندي ڳالهڙي، هو به ولهاڙيو تنهن وير
کڻي چوپڙ چاه مان، هليو سوڍو شير
هنڌ کٽولا ڇنڊيا، تن سوڍي لاءِ سوير
چوپڙ ڪڏهن چاه مان، ڍاريو ڍارن ڍير
ڇهلائي مان ڇنڊيو وجهي، جنهن جو پٽ نه لڳي ٿو پير
مومل سَليو هي ڪير، پر سوڍي سڌ نه سڄڻين.
11- سوڍي سڌ نه سڄڻين، جڏهن ڍارو ڍاريائين
داءُ هڻندي ٻانهن پنهنجي، جڏهن خوش ٿي کنيائين
چڪاسي گهر چوپڙ جا، سوگهٽ سوٺيائين
هيڪ نشاني ٻانهن ۾، تنهن کي لسڻ ليکيائين
پوءِ ڍارو هٿانئين، تنهن جو ڪِري پيو پٽ تي.
12- ڪِري پيو پٽ تي ويهي ڳاڙهو ڳاڙيائين
جر هاري جوش مان، ويهي رتو رنائين
محبت منجهان مرول تڏهن پر ۾ پڇيائين
ته ڪهڙا وڍ وجود ۾، توکي گهاءَ ٿا گهائين
ڪهڙا ڏيس ڏوراڻا سپرين، توکي ياد پيا آهين
نٿو سوڍا سڻائين، ٿو رويو روئين هيترو.
13-
مرول پڇيو مينڌري کان ته اڄ تون روئين ڪڄاڙي لاءِ
تو ڪو وڍ وجود ۾، جان ڏسِ ڏوراڻو گهاءُ
جان ڏس ڏوراڻا سپرين، اچ ڪي سڄڻ سنبهياءُ
راڻا! اُنِين لاءِ، ٿو لوچيو روئين هيترو.
14- سوڍي چيو، هن سور جي، خبر پڇين ٿو يار
هيڪ نشاني ٻانهن تي، پرين آن منجهه پار
ڏسي ڏِيل ڏهيُون ٿيو، منهنجو کامي منجهه خمار
ڪاڳر جي قلوب جا، سي ٿيم آٽجي اڱار
راڻو رانيو گُجرئين، اتي هيجان ٻڌيو هار
ٻولي ٻي نه پچار، ات هو مور مڙوئي مينڌرو.
15- هيڪ نظارو ڪاڪ جو، توکي سوڍا! ٿو ساري
ساهه اوڏانهين سپرين! ڪيئن ويٺين وساري
16- اهو ڦٽ فراق جو، توکي ڪهڙيءَ پر پيو
مومل جي ماڙيءَ ۾، تو ڏٺو ڪير ٻيو
منڌ! جاڳائي مڙني کي، تو سهي ڪرڻو هو
آچاريئي اُهو، جو مور نه ڪجي مينڌرا.
17- ڳڀوراڻي ڳالهه تي، ڪي راڻا رسن راءَ
جوش اُڌميا جان مؤن، مومل دل منجها
ڪاڳر جي قلوب جا، واريءَ جيئن وڌياءِ
مَلڪ ڏٺائين موت جو، ات ربّاني راه
مينڌري مهنداءِ، مومل اُت مري رهي.
18- ات ڪچهريءَ مان هڪڙي، کڻي ايئن اُتيو
ته مومل مُئي ڙي مينڌرا! جنهن جو توسان هيج هئو
هاڻي ڀانيون ڀاڳ سندوءِ، جي مُئي جيارين مينڌرا.
19- رويو راڻي کي چئِي ٿي ناتر ڀريو نيڻ
ڪين ڏسندين ڪٿهين، ڪي سچت اهڙا سيڻ
ڪَڙا ڏيئي ويڻ، مومل ماريئي مينڌرا.
20- ايءَ سڻيندي ڳالهڙي، ڪيئين دانهو دانهن
مون نه سڃاتا سپرين، هئي متيون موڙهيون مان
مون نه ڀانيو مون پرين، ايندا ڪي هيڏانهن
وٽي وار وانگوڙا ڪري، ڳچي ڏنائين ٻانهن
سر تان لاهي شملو، کڻي جدا ڪيائين جان
کٿوري ۽ خوشبوءِ جي، آيس تاک تهان
ات سڃاتائين سپرين، چٽي اکين سان
ڪريو اُلٽيو آنهن، مومل پاسي مينڌرو.
21- مومل ۽ مينڌرو، مئا ٻئي ملوڪ
گولين، داين، گجرين، بيٺي دانهيو ڌوڪ
هاڪِ ور جي هوڪ، پيئي ملڪ مامطور ۾.
22- ملڪ مامطور ۾، ٿا هَي هَي ڪن همير
سيٽي ٻڌائين سندرو، تنهن ناتر وڌا نير
پڇو پڙهيا پير، ته ڪنهن ور اِهين قضيو.
23- ڪنهن ور اهين قضيو، تنهن جا پڙهيا ڪن پچار
ته اهي ئي خون کٽي ويا هئا موکي ۽ متار
ياد ڪجئين، يعقوب چئي، خوبيءَ خبردار
ڪر ڪلمي جي پچار، ٿئي ميڙو محمد مير سان.
لاالہٰ الاالله محمد رسول الله
2-
بيت ابراهيم شيخ
1- وڏي سگهه ستار کي، جو بلند باري راءُ
جڳائي جنهه صاحب کي، سڀڪا ساراهاءِ
اهو سنو سٻاجهاءُ، آئِين قصو ويهي ڪاڪ جو.
2- سَندو سنڌ همير هو، سومرو سردار
سو ڪامل دل قوي هو، وير عقل وينجهار
ڪمي هيس ڪانه ڪا، دل وڏيءَ دلدار
قابل دُرّ ڪمان جو،سورهه سلحيدار
يارن سندو يار، تنهن جو شوق شڪار سين.
3- يار ته هئس ٽي، هو چوٿون پاڻان يار يقين جو
اقل شوق شڪار سين هو توڙان تني کي
قول ڪيائون ڪي، تن ويهي ٻڌا وعدا.
4- داناءِ پٽ ڌماچ جو، هو سينهڙو سڌير
ڏونئر ڀٽاڻي ڏيس ۾، سُڄي سالڪ وير
هوراڻو راءُ وزير، سنڌ سڄاندل پارکو
5 - پهه ڪيائين پاڻ ۾، چئني چونڪ سِهي
ويهي تن ويچار ڪيو، ته ڪو واهه وڇوڙآيون وِي
تنهه رکايون رکوال کي، اين مصلحت اِي
هڪ ڪنديون روجهون گُهر پي، ٻيا ايندا جال مرون جر
پاس تي.
6- تن ويءَ ڇوڙايو واه، منع ڪيائون ماڙهن کي
ته ايڏهن مت وڃي ڪو آدمي، مَ ڪو مِرون ماريجاءُ
جا ڪي مروي مٿاهون ٿئي، گل ڦل سائو گاهه
روجهون پسي ريج کي، وري ڪن ويساهه
اوهين سرت ڪري سڻجاءُ، ايڏان مت وڃي ڪو آدمي.
7- تڏهن پهه ڪيائون پاڻ ۾، اها مصلحت آهه
ڪڏهن سيل ڪنداسون سال ۾، ڪڏهن ڇهين ماهه
جنهن تان ايندو اُٺاءُ، رند روجهي سر پانهجي.
8- مورجي ويءُ وڏو ٿيو، روجهون روز اچن
سي گهونٽ لتاڙيو گاهه جا، چوپا ڪيو چرن
بي اُلڪيون”براهم“ چئي، ڪونهي اُڊو اُنِ
چاريءَ چاريائون ڪري، اچي سڌ ڏني ساهُن
ته ڪوه ويٺا آهيو ويسلا، ٿيون روجهون روز رمن
هاڻي سندو شڪارين، ڪونهي اوسو اُنِ کي.
9- جيڪي اول آخر ڏينہ، سو مَعلُم سڀ مالڪ کي
واهِي آيو وِيءُ جو، اچيو چوي ائين
ته گس گهميو گاهه تي، ڪن روجهون راتو ڏينہ
جا ڪِي موسم وٺن مينہ، تان روجهه نه رهندو هيڪڙو.
10- تڏهه چڙهيا چارئي يار، اُٿيا شوق شڪار جي
ويڙهي ويٺا ويءُ کي، چؤمکيا چوڌار
وڃي سِر واهه جي، ڪِي هڪل ۽ هونگار
سي ٻڌي ڪا ٻرڪار، ڀئي ڀڳيون بر سامهيون.
11- تِئان روجهه رمي راڻي تان، اول جو آيو
تنهه ڪاوڙ مان ڪهڪاڻ کي چهبڪ چکايو
هيبت هاڪ هڪل ڪري، تنهه عاقل اُٺايو
بر مِرو، ”براهم“ چئي، نيئي دانهه ڌڳايو
رڻ غازي گهايو، ٻڌو مرون مينڌري
12- ڇهه ڏون اَٿي ڪوهن، اڌ ڳاهُوءَ پنڌ آئيو
مٿي بر”براهم“ چئي، پهتو پرس چون
زهه ڪمان زورن، مِرو ٻڌو مينڌري.
13- مِرو ٻڌي مينڌرو جان ويٺو وير وريام
ساڻ همير سومرو، ڏونئر ڀُٽاڻي، سينهڙو سجان
تن ٽنهي وائي وات ۾، اهو پهه پرياڻ
جي هو راڻو مسلمان، ته چڱو وير وزير هو.
14- اها راڻي رمز رهاڻ، اچي مَعلم ٿي مينڌري
مرد اچي ميدان ۾، جڏهن پهتس پاڻ
تڏهن سلام ورايو سومري، راوت راڻي ساڻ
تان ڪانه رکيائين ڪاڻ، اڳيان مُنهه نه ورايو
مينڌري.
15- تڏهه ڏاڍو ڏمر ڏک، ٿيو سٽاڻو سومري
ته جنہ يار ياور نه ڪيو، مون ڏانہ واري مُک
ٿو رکي اهو ئي رک. ڪري پاڻان بهنئش برابريون.
16- تڏهه يارن چيس: يار! ته تون رک مَ ڏمر ڏيل ۾
تون سنڌ همير سومرو، ٻيا تو منجهه طمعدار
آريو ڪِجَن اُن تي، جي سمجهن سمجهدار
پرچي پرچڻهار، رک راڻو راضي راوَ تون
17- رڻ منجهه رات پيانِ، تيئن ويٺا راوت رڻ ۾
موج انهي مذڪور ۾، جا وهامي ويان
تان پريان ٿي پيدا ٿيو، ڪو بابو مان بيبان
اُتو همير سومري ته اچي مرد ڪَهيو ميدان
ڪهڙا سندس ڪپڙا، ڪهڙي صولت شان
ڪهه ڙي راڻا! ري گمان، اي سوڍا، سڌ سلاءِ مون.
18- تڏهن چيو راڻي مينڌري، سڻ تون راجا راءِ
اِي ڪهيو اچي ڪاپڙي، ڏوريين ڏيهه منجهاءَ
گيڙوءَ رتس ڪپڙا، گهائن مٿي گهاءَ
ڀَڀُئِي بابوءَ هٿ ۾، پيرن ڪاٺوڙاءَ
ڳاڙيندو ڳوڙهاءَ، اچي رتو راول ڪاپڙي.
19- پرهه جو پيدا ٿيو، سامي سورج روءِ
تنہ راسيون کوڙيون روپ جون، سهجرسين صبوح
سر ساڌوءَ سهرا، باس ڦلن خوشبوءِ
بابوءَ بات ”براهم“ چئي، هو مڙيئي هُوءِ
رمي راڻي پڇيو، راول روءِ بروءِ
اي جندان ڏَسيو حُوءِ، ڪيئن ڪڪوريين ڪاپڙي.
20- پرهه جو پيدا ٿيو، سامي سورج جينءَ
تنہ راسيون کوڙيون روپ جون، نيڻ ٽمائي نينہ
برهه ۾”براهم“ چئي ٿا ساڌو سڏڪن سينہ
رمي راڻي پڇيو، آديسيءَ کي اِينءَ
ڪههُ ڪڪوريين ڪينءَ، ڪا ڏونہ اچين ٿو ڪاپڙي.
21- پرهه جو پيدا ٿيو، سامي سورج ويس
زرد ڪمر بند ڪاپڙي، مٿس تاج مقيس
مالهه ڦُلن سر ساڌئين، لالائيءَ لِبيس
رمي راڻي تان پڇيو، آديسي آديس
اها بات ”براهم“ چئي کليو پڇي کيس:
ڏَس اُهائي ڏيس، جتان رچي رانول آئيين.
22-
چئي: ٿيس رچي رنگ رتول، ڪهي آيس ڪاڪ مان
مون ٿي لشڪر لک لُٽائيا، جن سين ٻڌو هوم ٻول
ڪلنگي ڪُل ڪپار ۾، سر هزارين هول
منجهن ڪونه رهيو نر ڪٿهين، جو موالي مان ڪول
پاريو ڪامڻ پنهنجو قول، تنہ پدمڻي پيمال ڪيا.
23- هوءِ سڀ هت ٿيام، آءُ وريس پاڻ وطن تي
ڪئين هنر هلايم حرفتون، تان ڪنہ ڪل ڪانه چليام
ڀاتم ٻه پئُون ٻارنهه پُوندام، تان ٽڙيون وڃو ٽِڪ
پوي.
24- هاڻي جوڳي آيين جيءُ، راڻي رانول کي اُتو
ڪِ لُڪَ لهسيو آهيين، ڪِ سامي کاڌوءِ سيءُ
چئي: سڻ سالِڪُ سمجهدار، عرض همارو اِيءُ
ڪِ محبت جي ميدان مان، حال پرايم هيءُ
اُٿي پاڻي پيءُ، جانڪين آب اُڃايو آهيين.
25- تڏهن دلداري ڏيئي، سامي کان سوڍي پڇيو
هن ڀي ور وٽو هٿ ڪيو، هُن ڀي ڇِهگر ڇِوڙيئي
پسي ريلا رت جا، ٿي پانڌُو ڪَر پيئي
چئي: لوهُو تنهنجي لاڳ ۾، آهي اڳيئي
ساڌوءَ سڀ سماءُ ڪيو، ٻهگڻ وٽ ٻيهي
چئي: مون سين مڙيئي آهي ڪڪو پاڻي ڪاڪ جو.
26- جڏهن پيتائين پاڻي، ڪڪوريءَ ڪاڪ جو
تڏهن چيس همير سومري ته: ڄاتوءِ نه ڄاڻي
ايءَ جا آئي مهماڻي، تنہ منجهان جات جدا ڪيئي.
27- ڪنہ جنہ ڍانڍي ڍور جو رت پيتوءِ راڻا
اي سوڍا سياڻا، تو ڪِ بابُوءَ برّ بگاڙيو.
28- تڏهن ڏڪي
ڏمريو ايئن، اچي قهر پيوسين ڪاپڙي
چئي: سمي سچ سڻاءِ مون، جنهه منجهه جوٺ نه جيئن
هيءُ ڪڪوريو ڪيئن، ڪهڙو پاڻي ڪاپڙي؟
29- تان چئي: ڀائي ڇڏ ڀلڪار، تون هر هر وڙهه مَ
هيترو
پسي ويس وِسَہُ تون، سڻ حقيقت هيڪار
ته مومل ويٺي ماڙيين، ڪري سُرسُتا سؤوار
لوءِ لوڊاڻو لالُ سو وهي آب اَتارَ
اُتاهون آرَگچي گہ آيچَلين، رڻ کٿوري خنڪار
لالائيءَ لغارَ، هيءُ ڪڪو پاڻي ڪاڪ جو.
30- اي ميان! ڪهڙو وطن سندوءِ، هئين ڪاٿي رانول
راهَڪُو
ڪيسينءَ ماريئي منزلون، ڪيسيِنءَ قصد ڪِيوءِ
ڪِ هئا سامي سنگت يار تو، ڪِ سِر خود پنڌ پيوءِ
جيڪي ڏوريندي ڏٺوءِ، سو سڀ سامي سچ سڻاءِ تون.
31- ڪابول ۽ ڪشمير مان آءٌ هلي آيس همير
مون سين پُرسن پنج هزار هئا، جي عاقل مرد امير
سي بيگ بهادر بانڪا، دولہ ڌنڌاگير
ٻارنهن سَوَ ٻٽيهه هئا، جِن بوتن بار بهير
اسب عيراقي ان جا، مٿن مرد چڱا مهمير
جن کي تيغون ترڪش تير، سڀ ساهوُ سلاحن سير
وڻ ويرا ٿي واسيا، انجي عطر ساڻ عنبير
سي ڪاهي ڪاڪ ڪنڌين ۾، اچي ويجها ويٺا وير
اڳيان ناتر نگوسار ڪري، ڪي حرفت ساڻ حقير
اُت رهيا ناز نظير، آهين ڪاڪ ڪنڌيين قبرون.
32- تان چئي: رات هئو روشن، ڪو اُهس اُونهين پار
تي
نام سچي جو ڳِنُ، ته وڄون وٺيون ڪينڪي.
33- چئي: رات چڙهي چوڏول ۾، تن ٿي ڪيا بَحَرين
کليو بانا
اور هلايو آپڻي، ٿي ماريائون مزمانا
باغن وچ بناوَسِين، تن ٿي ڪيا شغل ۽ شانا
پسي تجلائي تن جي، ٿيئي حَمُون حير بانا
ايڏهين وڄن ڪانه وآسَيانا، هئي روءِ روشنائي تن
جي.
34- رات چڙهي چوڏول ۾، تن ٿي ڪيا رنگ رهاڻيون رس
روپ
وڳا عطر عنبير مان، دامَنِ لائين ڌُوپ
پانَ کاون، لالي لاون، چڱا ڦڳاوَن چُوپ
بَهُوت بّر ”براهم“ چئي، تن تي ڏَسايا ڏُوپ
هئي وِڄئُنِ ڪانه وَسوپ، هيءَ روءِ روشنائي تن جي.
35- سبزي گل گلاب جا، سبزي ويس سندانِ
سبزي کٽون کَٽُلا، سبزي وڇاڻانِ
سبزي ڀتيون بنگلا، سبزي مُنارانِ
سبزي آرَٽ اُني جا، سبزي دبو سانِ
سبزي ٻانهيون ٻانهن ۾، سبزي ٻانهو ٽانِ
سبزي سبز سندوقچين، جَڙيا جَمروُدانِ
سبزي باغ ”براهم“ چئي، ميوا موڪ پڪانِ
مون تان ڪِي تعريفان، جي ٿيون ڪَتَن ڪنواريون ڪاڪ
۾.
36- چڱو ويهڻ سندونِ، چڱي طبع تن جي
هنڌ حويليون حجرا، چڱو طول تڪيونِ
عطر سان عمارتان، ماڙيءَ مشڪ مَليونِ
قابو ڪوٽ قلعونِ، اِن پر آٿَو ايڏهين.
37- جوڳي جا ڏنيان، خبر تنہ خوشحاليا
ڪهه ڪاپڙي، ٻول تون، اهي اهڃاڻان
ته پسون ڪنواريون ڪاڪ جون ڏسون صلابت سنديان
پسون محل منارا ماڙيون، پسون رتا رنگ محلان
پسون باغ ”براهم“ چئي، پسون اڱڻ آبُوسان
تان ڪي ويجهي ولاتان، اوءَ کُتا ڏَس کڻي ڏيون.
38-
تان چئي: ڪِجاه وڃڻ سين وس، ائين ويهڻ وسر مَ ڪريو
ٽيهه ڪوهن پنڌ منزل، آءٌ جو ڏيانوَ ڏس
طرف الهندي باغ جي گهوڙن گاهه سرس
ڪاڪ لهندئو ڪَس، لوءِ لوڊاڻي ڪنڌيين.
39- جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، سڀيئي سونهن
بنايون ”براهم“ چئي، ڪاڪ اوطاقون ان
اڳيان چڱا سهڄڻ سوڍئين، ٻي ويتر سونہ سندين
ٻيٽيون راجا نند جون، جي ويس ڪريو وهسن
پينگهون بنايو پٽ جون، لونگين لام لڏن
مهندان ملوڪن، ناتر ناز نائيو.
40- جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، ساهو سلحدار
چڙهن شوق شڪار جي، مانجهي مرد متار
مڙني محاسبا ڪيا، ناتر سين نروار
سوڍي سلطانن جي، ڪي در مٿي ڌمڪار
پٽن ڍٽ پچار، هي اڳي ڍاٽي ناٽي
ڪاڪ جا.
41- جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، ساهو وير وريام
چڙهن شوق شڪار جي مانجهي مرد مدام
عاقل اڪابر اُمراءِ، پوري قول ڪلام
بهادر”براهم“ چئي آهن اَهڙي کي انجام
تن آڻي وڌا ڪاهي ڪيڪاڻ ڪاڪ ۾ لاهي لوهه لغام
سي جال پين ٿا جام، اڳي ڍاٽِي ناٽِي ڪاڪ جا.
42- جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، عاقل عقل عظيم
چڙهن شوق شڪار جي، ڪنہ جنہ فڪر فهيم
پڇي بابو بر”براهم“ چئي، ڪيائون نرت نظيم
ڪاهي گهڙيا ڪاڪ ۾، قدرت ساڻ ڪريم
داناهه سورهه دعوتي، مانجهي مرد مقيم
هئا سڀ حڪيم، اڳي ڍاٽي ناٽي ڪاڪ جا.
43- هئا ناتر ناز نگين،
دائي دهشت کان ڌڳي
سا ڪنبيو ڪري ڪَهوَ تان، جا هئي ڳوري حسن حسين
هيڪر منڌ حيران ٿي، پسي سجل سندين
چئي: ڪير آهيو ڪنہ ڏيس جا، اَئين افضل مرد امين
هتي لشڪر لکِ لُٽائيا، گجر ڪري غمگين
سا ڪاڪ ڇڏينديوَ ڪين، هتي ويهڻ واريو ڪينڪي.
44- چون:
ويهنداسين وري، ڪاڪ ڇڏيون ٿا ڪينڪي
سُياسين سوڍين جي، خبر خوب کري
اسين پرڀون آياسين پنڌ ڪري، چارئي يار چڙهي
گجر جي گذران جي، ٿي سڄي ڳالهه ڳري
ته ڀي موٽون مطلق ڪينڪي، جياسين پئي نه سڌ سري
جي هجي حور پري، ته پڻ آهي منڌ ساڻ مقابلو
45-
تان چئي: آهي حورن جي حساب، ڪر پري ذات پدمڻي
تنہ بهوت ماريا منڌ محبتي، هت نائي نر نواب
اُتهين پهچي ڪنہ نه ڪيا، نه ڪن سوال جواب
سا سوڍي ڪري ٿي سُرسُتو
دم ڳئوري سين داب
مُک جِيسُ مهتاب، تنهن جي وڻڪ وڄان ئي وتري.
46- چئي: سوڍي رنگ سُرنگ، گجر گن گيان ۾
سونہ سسيهلان اڳري، اُڊرلهه جيهس انگ
سا هڻي حاليتن کي، کڻيو خنجر نَين ختنگ
اُتهين گل ڇڏيو گلرنگ، اچو پون ڀونر ڀِنڀيلجو.
47- جي پسو تنہ جي سونہ، هيڪر اکڙين سين
ته ويٺا هٿ ورونہ، ڪريو ڪاڪ ڪنڌين ۾.
48- نڪا تُل نه طور تنہ جو، نڪا شان شبيہ
هڻي حاليتن کي، ڪهير ڪانَ قوي
تنہ ماري منڌ مات ڪيا، هت غازي مرد غني
هئا ڪنڌيءَ ڪاڪ ولي، پر خواب ستا ڪن خاڪ ۾.
49- چون: دائي داٻ ۾َ رک،ڪين ڏڪون ٿا ڏيل ۾
فند، فڪر، فن حرفتو، هاڻ هني جا پرک
هت ڀي ڪمي آهي ڪانه ڪا، هت وڃي رضا رک
تڏه ٿين بَرکُ، جڏ تون ڪمائيءَ ۾ قابو وهين.
50- تڏه ناتر ناز ڪري، وٽ مومل ويئي
ته ڪوڙين هِت ڪيترا ٿا اچن اڳيئي
پر جي آيا هير هميرسين، سوار
پسين سيئي
ته متيون مڙيئي، هوند وڄا وڃئي وسري.
51- چئي: دهلجيو دائي، تون ڇا ڪنبيو ڪرين ڪَهوَ
تان
ڪوڙين ڏٺئي نه ڪيترا، جي هئا آڳر اِنهائي
جي ناحق مري نانهه ٿيا، خاڪ وين کائي
ان جون گهورون گهر لائي، ڪندا ڪاڪ ڪنڌي ئون قبرون.
52-
تاچئي: مومل ڇڏ ماڻو، هن سين حاجت حرفت ناهه ڪا
هي ڪاهي گهڙيا ڪاڪ ۾، ٿا لُڻين لوڊاڻو
سي ڏسجن ٿا هاڻو، تن جو موٽڻ مس ٿئي.
53- آهينِ چڱا
چارئي يار، مٿن چڱا قيمت ڳؤري ڪپڙا
چڱا ساهو سارندو گهڻو، ڪٻيڻن چڱا چيلهه هٿيار
چڱا عقل عظيم گهڻو، دلاور دهدار
اهڙي شڪل سوار،
مون ڪٿ نه ڏٺا ڪڏهن.
54- تڏه سڻي حقيقت ساءِ، ٿي مومل مشاهدو ٿيو
تنہ سوڍيءَ ڪيو سُرسُتو، هنر حرفت ڪاءِ
چُئو چندن چِڪِہُ ڪري ميٽ مليو منڌ پاءِ
ايءَ نصيحت ناتر کي، سوڍي ٿي سمجهاءِ
کنگهيو کانگهارا ڪيو، اَندر ميٽ اُٺاءِ
ڀريو ڪؤنرا ڪامڻي، هيڪر منڌ هلاءِ
چئي: پهچ نيئي پهچاءِ، وڃ ويسر ڪج ڪا مَ ڪا.
55- چار ڏندڻ چايانِ، ڦڻيون چار چندن جون
سڀ ڪم جوڙ جمع ڪري، هيڪند هلايان
نيئِي روءِ رکيانِ، اڳيان دائي دلاسو ڪري.
56- چي: آءُ
وي دائي ڪيون ڪَهين، ٻائي تنہ نازُ ڪيو
ڪنہ پر هلڻي ڪنہ پر چلڻي، تنہ پدمڻي پرواز ڪيو
پر اِي جا مُڪائين دعوت دائي ان به اندر راز ڪيو
خود شان پسي، ڪمان ڪَسي، اِن تان گوءِ گُجر غماز
ڪيو
خودي بازي کيلَ”براهم“ چئي، اِن ڀي بلند آواز ڪيو
پوءِ تنہ ناتر ناز ڪيو، مهاندان ملوڪن کي.
57- ٻيا کلي ٿيا خوشحال، پر راني رمز عيان ڪي
تنہ بلغم ميٽ ”براهم“ چئي، ڪڍيا ڦولهيندي في الحال
تنہ هڻي مُنہ ٿڪ دائي موڪلي، ڪِي بي آبِي بيحال
تنہ لُڙڪ وهائي لال، وڃي مومل سين مذڪور ڪيو.
58- چئي: هنر حرفت هن سان، ڪنهه جو ناهي ڪم
رکيو ٽري ڪينڪي، مومل موت قدم
واري ويهه وهم، هن سين حاجت حرفت ناهه ڪا.
59- تڏهه مومل، سومل، سهج، سليمت، ساڏنہ،
صالحان، مرادان مذڪور ڪيو
ته وٽي وِڳُچائي اُن کي، نيئي ڏورا پَٽَ ڏيو
هن کي سمجهائيندو سو پرين، کَٽي ٿانہِ ٿيو
ناتر سو نيو، وٽن پاؤ ڀري پٽ جو.
60- هاڻي سمجهايو هيءُ، جو مومل مُزرو چائيو
سوڀ کٽي وٽ سوڊين، ويٺا ماڻيو ويءُ
تانڀي جانِ جثو ۽ جيءُ، اُن ساهُن تان سر صدقي
ڏيان.
61- ويٺا ٿا وِڳچن، پَٽُ اڳيان ڪيو پاڻ کي
جان راڻو ٻهران آئيو، تان ٿا تنہ منجهه هٿ هڻن
اڳي پاٽوري ڪونه ڏٺو، اي پر نه هميرن
هئي هئي آنهجي عقل کي، اڃان ٿا گڻ گهڻا گهرجن
اڳيان ويهي اُن، تنہ وڍي پَٽُ پرزا ڪيو.
62- چئي: پيڍ وٽيو اشڪول،
وٽيو سَرڪُون ساهوئا
اٿيو مومل جي مارڪي، آهِنيوُن ڪاڪ ويهڻ جا قول
تن ٻيهِي ٻڌا ٻول، سي دائي وڃي در حال ڪيا.
63- مومل موٽائي، تنہ دم دائي موڪلي
ته آءُ تون سو ڪوٺائي، جو منجهه مير امير هُئي.
64- تڏ ڪَهي دائي ويهو وائي، ڪرو ڀلائِي ڀائي
جِس ڪُون آمر آئي، اُس ڪون سوڍيءَ ايڪ سڏايا.
65- تڏه چست چيو يارن، ته وانءُ تون همير سومرا
ڪج ڪوتاهي ڪا مَ ڪا، اڳيان عقل مقابل اُن
هُني جي حرفت جي ٿا ڳالهه ڳريائي ڪن
وڏا طالع تن، جي ماڻيندا مومل کي.
66- مهند نڱئي ناتر، پٺ منجهه همير سومرو
سو وک کڻي تان نه وڌي، وڃي قدم کڻيو ڪمتر
سو پانہءُ پڄي نه سگهيو، ان جي ميهه مڪر
سا گولي ڪچي ڪري ٿي عاقل کي ابتر
ان کي ورهه وجهي ويتر، پاڻ نسنگ ويئي نڪري.
67- ٿلي همير سومرو، جان آڳاهون آيو
فِٽڪ جو فَلاح ڏسي، ٿي گازي گُجايو
هتي دوربينيءَ مان ديدار ڪري، مومل مک لايو
تان آهي مشڪل منجهايو، سنڌ همير سومرو.
68- وري سو وير، تان پٺيون مومل دائي موڪلي
ته آن ۾ جو اشراف هئي، سو اچي ور ٻيو
هن مان ڪين ٿيو، ائين ڇا سڪڻ جون سڌون ڪريو.
69- ناتر ٻولي نروار ڪَهي، اڀيو ان اڳياءُ
جي آن منجهه راجا راءُ، سو مومل ايڪ منگائيا.
70- ڏسي هيڻي حال همير، ٿي ڏونئر ڀُٽاڻي ڏمريو
سو موڪل مڙني کان مڱي، ماڙيءَ هليو مير
اڳ ۾ ناتر نه رکي خاطر، وڃي وک وک گهٽايو وير
هو عاقل مرد امير، پر گوليءَ گسائي ڇڏيو.
71- سو جان وڃي اڳاهون، تان ڏاڍو درياهه ۾
فِٽڪ فراموش ڪيو، ان جو عقل اتاهون
هتي دوربينيءَ مان ديدار ڪري، جان ڏوران ڏٺائون
تان آهي پڳ پڳ پراهون، وڃي قدم قدم ڪم کڻيو.
72- سو وري ويووٽن، تان پٺيئون مومل دائي موڪلي
اڳيان ڏسيو ڏونئر کي، ويٺا خان کلن
مهاندان ملوڪن، رسي دائي ڳوري دم دماغ سين.
73- ناتر ڪهيو، ڇا رهيو، عقل آنهجي مقابل ڪين ٿيو
هڪ ته کلو همير تان، ٻيو ٿا ڏونئر ڏوراپا ڏيو
هاڻي اچي وَرُ ٽيو، آن مان گجر ايڪ گهرائيا
.
هن متن جو مدار لاڙ مان مليل ٻن روايتن تي
آهي، هڪڙي روايت محمد طالب لوهار”ل“ (تعلقو
ٽنڊو باگو) کان ۽ٻي روايت حاميد خان رند”ح“
کان ملي. چون ٿا ته يعقوب ۽ مشهور شاعر جلال
کٽي ڀائر هئا. انهيءَ لحاظ سان يعقوب کٽي،
ميان نور محمد جي دور ۾ ٿي گذريو. هي بيت،
مومل راڻي ڏانهن وڃي ٿي، اتان شروع ٿين ٿا.
شيخ ابراهيم پٽ شير حمر، لس ٻيلي ۾ شيخن جي
ڳوٺ جو رهاڪو هو. ڄام مير خان اول
(1786-1818ع) جي دور حڪومت ۾ ٿي گذريو. مختلف
روايتن موجب سندس ڄم سنه 1730ع ۾ ٿيو هوندو.
لس ٻيلي جي شاعريءَ کي عروج تي آندائين. وقت
جي حاڪمن وٽ سندس قدر هوندو هو. ڄام مير خان
اول جي درٻار ۾ سنڌ جي شاعر ڪبير شاهه سان
سندس مشهور مقابلو ٿيو. سندس بيت، قافين جي
پختگي ۽ مضمون جي جدت سببان اهميت رکن ٿا.
. اشڪول، اشڪيل- ڏاوَڻ، پَيند، ڏاڻُ،
نِيَرُ.
|