جنهن ڏينهن مومل جي ماڙيءَ ۾ راڻي پير پاتو هو،
تڏهن کان وٺي مومل پنهنجي ماءُ ڏي ڪو احوال ڪونه
موڪليو هو. تنهن وري سومل کي سمجهائي مومل جي
حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. سومل، سومل جي وڏي
ڀيڻ هئي. تنهن مومل کان سمورو حال احوال وٺي، خيال
ڪيو ته ڇونه مومل کي راڻي کان جدا ڪري، پنهنجي ملڪ
ڏانهن موٽائي وڃان. سو هڪڙو ماڻهو سيکاري راڻي جي
گس تي ويهاري ڇڏيائين ۽ پاڻ وري مردانا ڪپڙا ڍڪي،
مومل سان گڏ سمهي رهي.
قدرت سان انهيءَ رات راڻو به گَس کان ڀُلجي وڃي
اوجهڙ ۾ پيو. مُنهن سامهون ميهار جي ويس ۾ اُهوئي
ماڻهو نظر آيس، جيڪي سومل سيکاري روانو ڪيو هو.
راڻي اُن کي انهيءَ جوءِ جو ماڻهو ڄاڻي مومل جي
ماڙيءَ جو گس پڇيو. تنهن تي هن شخص جواب ڏنو ته:
اهائي مومل ٿو پڇين، جيڪا راجا نند جي ڌيءَ آهي، ۽
جنهن جو سامي سيتل يار آهي! اها ڳالهه ٻڌي راڻي کي
اندر ۾ وڍ پئجي ويا. مرندي ڪُسندي هائوڪار ڪيائين.
تڏهن ميهار هٿ سان اوڀر ڏي اشارو ڪري چيس ته:
انهيءَ طرف اٿئي- هاڻي اچي رسيو آهين.
راڻي اُوڦٽو ميهار جي واتان مومل جي لاءِ اها خبر
ٻڌي غيرت وچان ڪاراٽجي ويو. مومل ڏانهن هليو ته
سهي، پر شڪ اندر ۾ چڀڪار لائي ڏنس. نيٺ ڪاهي اچي
ڪاڪ تي رسيو. راڻي کان اوجهڙ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو
هو. مومل سان ملڻ جي ويل ٽري ويئي، تنهن کي به ننڊ
اچي ويئي، سا سومل جي ڀر ۾ سمهي رهي. راڻو در جي
تاڙي لاهي اندر آيو. سيج تي مومل سان گڏ مرداني
ويس ۾ سومل کي ستل ڏسي شَڪ مان ڦري پَڪ ٿيس. دل ۾
غيرت جو ڪٽر آڻي، نشاني طور پنهنجو لَڪڻ مومل جي
ڪَڇ ۾ رکي، چانگي تي چڙهي موٽي
آيو.
صبح جو سوير، اڃان منهن مير هئي ته مومل ننڊ مان
سجاڳ ٿي. ڀرسان ڪانڌ جي رکيل ڪام ڏسڻ ۾ آيس. يڪدم
شمع ٻاري لڪڻ کي جاچي ڏٺائين. راڻي جو لڪڻ سڃاڻي
پڪ ٿيس ته راڻو رات آيو هو. ڊوڙي دروازي تي آئي ته
اُتي به اُٺ جي پيرن جا تازا نشان ڏسڻ ۾ آيس.
هيڪاري ٿيس ته راڻو آيو هو پر ڪاوڙجي موٽي ويو.
بيهي پوءِ درد مان دانهون ڪِري ڌرتيءَ تي ڪِري
پيئي ۽ رات ڏينهن راڻي جي تات ۽ روڄ راڙي ۾ پئجي
ويئي.
مومل ڏاهي ته گهڻي هئي، پر سومل جي سياڻپ اڳيان
سندس نه چلي. ٻه- چار راتيون راڻي جي انتظار
ڪيائين. پر راڻو نه آيو. ڳوڙها ڳاڙيندي رات وهامي
ويندي هيس. آخرڪار راڻي ڏانهن نياپو موڪليائين ته،
سوڍا! تو سواءِ سِڪ سمهڻ نٿي ڏي. خبر نه آهي ته
ڪهڙي سبب رُٺو آهين! تڏهن راڻي چوائي موڪليس، ته
آءُ انجام تي آيس، پر توکي سيتل سان ستل ڏٺم. هيڪر
خيال آيم ته تلوار سان ٻنهي کي ماري هليو وڃان،
پرخواري جي خوف کان پنهنجي ڪام تنهنجي ڪڇ ۾ رکي،
توکي حرفي ڪري هليو آيس.
مومل کي جڏهن حقيقت جي خبر پئي، تڏهن هنيون هارجي
ويس، زاروزار روئِي راڻي ڏي چوائي موڪليائين ته،
راڻا! توسان حجت جا اکر ڪانه ٿي ڳالهايان، پر سچ
ٿي چوان. آءٌ سومل سان ستي پيئي هيس. هُن سڙي جي
اندر جي ڪل ڪانه پيم ته ڪهڙي سبب کان مردانا ڪپڙا
پائي، مون سان گڏ ٿي سمهي. پر هينئر خبر پيم ته
منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ وير وجهڻ لاءِ ائين ڪيائين.
راڻا، ٻيا عيب مون ۾ گهڻا آهن، انهن جو مهڻو ڏين
ته ڀلي ڏي، پر حق جو حرف مون تي نه رک.
راڻي کي مومل جو جواب مليو، پر هن جي دل مان ڪٽر
نه لٿو. سمجهيائين ته مومل ڪوڙ ٿي ڪري. تڏهن چوائي
موڪليائينس ته: مومل! توکي انهيءَ مام ۾ مري وڃڻ
گهربو هو. پر جڏهن چِٽو چوائي موڪليم تڏهن ته ڪوڙ
سان پڄاڻي ڪري ڇڏيئي. هاڻي مون ڪاڪ تان دل کنئي.
اڄ کان منهنجو ۽ تنهنجو ناتو ٽُٽو. پر مومل وري به
چوائي موڪليس ته، راڻا! چوندا آهن ته ”خون ۽ کٿوري
ڪونه لڪي.“ منهنجي ڪنهن سان ڪَچي هجي ها ته لڪي
ڪانه رهي ها. سمجهان ٿي ته ڪنهن دشمن توکي ڪوڙ
ٻڌائي مون کان برغلايو آهي. خدا حق وڪيل آهي. ڪوڙ
سچ جي کيس سموري خبر آهي. اُهو پاڻ ٻنهي جي وچان
آهي. آءٌ توکان سواءِ ٻيو سڀڪو مرد ڀاءُ ڪري ٿي
ڀانئيان، تنهنڪري رسامو ڇڏي هليو اچ ته روح
رهاڻيون ڪريون.
پر راڻي جي ”نه کي نَو ڪوٽ“. دل تي شڪ ويهي رهيو
هوس، سو مومل کي چوائي موڪليائين، ته ڇِني وري
ڪانه ڳنڍبي- توڙي هزارين حيلا هلائين ۽ مڪر ڪرين،
منهنجي توڙ تائين اِها ڳالهه اٿئي. مون پنهنجن
اکين سان توکي سيج تي سيتل سان گڏ ستل ڏٺو آهي،
پوءِ به تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪريان! هاڻي اهي
تال مڪر توکي ڦٻيا، مون تنهنجي دعويٰ ڇڏي.
مومل، راڻي کي پرچائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا، پر هن
ڪنهن طرح پرچڻ جي ڪانه ڪئي. ويتر طعنن ۽ مهڻن سان
مومل کي مارڻ لڳو. تڏهن مومل به چوائي موڪليس ته
راڻا! جڏهن توکي مون نڀاهڻي نه هئي ۽ پريت جو ناتو
ٽوڙڻو هو، تڏهن ائين بهانا بنائي، مون تي اجايو
حرف نه رکين ها. سمجهان ٿي ته تو ۾ عقل جي رتي به
ڪانهي، نه ته توتي واجب هو ته کٽ تي دشمن سُتل ڏسي
اُن سان مقابلو ڪرين ها. پر اُٽلندو ساهه جي خوف
کان ڊڄي پوئين پيرين موٽي وئين. هڪڙو مڙس هو،
توکان ڏاڍو ڪونه ٿئي ها، ماري مَٽ ڪرينس ها. پر جي
ان کان ڊنين ٿي، ته ننگ جي غيرت کان پاڻ کي ماري
وجهين ها! پر تو ۾ ڪا اباڻي آلَ آهي. هاڻي توکي
ائين جڳائي جو وَٽ کڻي وڃي هٽ هلاءِ، جيڪو تنهنجو
اصل مرڪ آهي.
راڻي چوائي موڪليس ته، مومل! جڏهن ڏسين ٿي ته راڻو
هٿن مان ويو، تڏهن ٿي طعنا هڻين ۽ تڪرار ڪرين. آءٌ
هَٽ- واڻيو نه، پر ڄمندي ڄام آهيان. ننڍي هوندي
کان عقل جو اڪابر آهيان، ويرين سان وڙهڻ ۽ شينهن
جي شڪار ۾ عمر گذاري اٿم. آءٌ ڪنهن سبب کان توکي
جيئرو ڇڏي آيو آهيان. مومل به جواب ڏنس، ته تون جي
عقلوند امير آهين ته گهٽ آءٌ به ڪانه آهيان. تو
جهڙا ڪئين مون وٽ ڪَمي آهن، جن تي حڪم ٿي هلايان.
راڻا! جڏهن لکئي توسان اڙايو اٿم، تڏهن ٿو تون مون
سان مذاقون ڪرين!
قصو ڪوتاهه، مومل، راڻي کي گهڻي ئي منٿون ڪيون،
ماڻهو موڪليا ۽ قاصد هلايا ته:”مينڌرا! مون کي
ائين ڌار نه ڪر، سڄي عمر ساهيڙيون طعنا ڏيندم.“ پر
راڻي جو جواب اهوئي ته،” هاڻي وڃي گذار، ساڳين
ساهيڙين سان.“ قاصد نا اُميد ٿي موٽي آيو. پر راڻي
موٽڻ جي ڪانه ڪئي. مومل جون سڀ منٿون اجايون ويون.
مومل کي سرتين، ڀيڻن ۽ ماءُ جي مهڻن سک سمهڻ نه
ڏنو. آخر ارادو ڪيائين ته ڪنهن حيلي راڻي سان
روبرو ٿي، خطا بخشائي، سندس دل تان شڪ لاهيان، ۽
سڄي عمر سندس ٻانهي ٿي گذاريان.
سو هڪڙي ڏينهن جوڳين وارو لباس ڍڪي اچي ڍٽ ۾
نڪتي. در در تي صدا هڻندي، بيک وٺندي، راڻي جي در
تي آئي. صدا هنيائين، راڻو ٻاهر نڪري آيو. مومل جي
مهانڊي، جوڳيءَ جي صورت ڏسي، روح کي ڇڪي آيس، ڪجهه
شڪ به ٿيس ته متان ساڳي مومل هجي. سو کيس وڏيءَ حب
سان وٺي آڻي محلات ۾ ويهاريائين، ۽ خبرچار پڇيائين
ته، ڪاپڙي! تون اصل جو آڌوتي آهين يا ڪنهن سبب کان
بيک بنايو اٿئي؟ تڏهن مومل جواب ڏنو، ته آءٌ نڪي
جوڳي، نڪي گوسائين چيلو آهيان، پر قسمت آڻي ڪاڪ تي
ڇڏيم. اُتان مومل جي عشق ۾ جوڳي ٿيو آهيان. هاڻي
ڪا دعا ڪر ته ڌڻي من مومل سان ميلو ڪري.
راڻي خود انهيءَ گس جو گهايل هو، تنهن کي جوڳيءَ
جا پار پتا دل سان لڳي آيا. سو وڏيءَ حب سان
چيائين ته، جوڳي! توکي جس هجي جو حُب مان هلي هن
ديس ۾ آيو آهين. هاڻي منهنجو مهمان ٿي ڪي ٿورا
ڏينهن مون وٽ گهار ته ڪي روح رهاڻيون ڪري من تان
ڪس لاهيان، جو آءٌ خود انهي کاڻيءَ جو کانيل
آهيان.
مومل چيو ته، راڻا! اسين جوڳي، هڪڙي هنڌ اسان کي
سک ڪونه اچي. اڄ هِتي، سڀاڻي هُتي. پر راڻي نه
ڇڏيس. چيائينس ته، اي مسافر! توکي الله آندو آهي،
ٻئي به ڪنهن هنڌ وڃي صدائون هڻندين، تنهن کان هتي
ويٺو کاءُ پيءُ.
مومل کي ته کپندي اها ڳالهه هئي، سو راڻي جي زور
ڀرڻ تي رهجي پئي. راڻو ڪچهريءَ مان موٽي، ته هي
ٻيئي پاڻ ۾ ويهي کل خوشي ڪن ۽ ڍاري راند رهن. هڪڙي
ڏينهن راند ڪندي، پڇاڙيءَ جي داءُ تي، مومل ڍارو
اُڇلي ڏاهه ڏني ته:
”هاريو ته به گهر آپڻي، کٽيو ته واه واه!“
يعني: جي هارايم ته به گهر پنهنجو آهي، ۽ جي کٽيم
ته به ڀلو. داءُ سولو پيو. مومل خوشيءَ مان هٿ
وڌائي ڍارو ٿي کنيو ته اُڇل ۾ ٻانهن تان ڪپڙو کڄي
ويس. مومل جي ٻانهن تي لسڻ جو نشان هو، اُهو ظاهر
ٿي پيو. راڻي جي نظر جڏهن انهيءَ نشان تي پئي، ۽
خبر پيس ته جوڳيءَ جي لباس ۾ خود مومل آهي، تڏهن
ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ محلات مان نڪري هليو ويو.
مومل، راڻي کي پنهنجي سچائي جي سُنهن ساک ڏيڻ، ۽
کيس پرچائڻ ۾ وسئون ڪين گهٽايو، پر راڻو نه پرتو.
مومل به ڏٺو ته جنهن لاءِ ڪاڪ ڇڏيم، ڀيڻون ۽
سرتيون ڇڏيم، جوڳياڻي ٿي وٽس آيس، تڏهن به پنهنجو
نٿو ڪري، نه هيڏانهن جي رهيس نه هوڏانهن جي. هاڻي
انهيءَ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي. اهو خيال ڪري،
ڏاگهه ٺهرائي، پاڻ پوري ڪرڻ لاءِ تيار ٿي. راڻي کي
جڏهن خبر پئي ته مومل ڏاگهه ٿي چڙهي، سو ڊوڙي آيو.
ان وقت مومل مچ ۾ ٽِپي ڏيڻ لاءِ تيار هئي. راڻي کي
اکين ۾ پاڻي تري آيو. ڳوڙها ڳاڙيندي مومل کي
چيائين، ته مون رسامو ڇڏيو، هاڻي اچ ته پاڻ ۾
پرچون. مومل جواب ڏنس ته، مينڌرا! مس مس توسان ٿي
پريت پڪي ٿئي. هاڻي جي هيءُ وجهه وڃايان ته قيامت
تائين ڪَچي ٿيان. ائين چئي مچ ۾ کڻي ٽپ ڏنائين.
اتي راڻي کي پڪ ٿي ته مومل جي مون سان پڪي پريت
هئي. هوءَ حق تي هئي، نه ته مرڻ ڪونه قبولي ها. دل
۾ ڏاڍو ارمان ٿيس چيائين، ته هن زال ذات ٿي ڪري
سِڪ جي سچائي ثابت ڪئي. آءٌ ته مرد آهيان. پوءِ
پاڻ کي به مچ جي حوالي ڪيائين. اهڙيءَ طرح ٻيئي
عاشق هڪٻئي تان سِر گهوري، هميشه لاءِ هڪ ٿي ويا.
1-
بيت حفيظ تيوڻي جا
حفيظ تيوڻي جي چيل بيتن جي منڍ ۾ ڏنل
مختصر مومل جي ڳالهه
مومل هڪڙي راجا نند نالي حاڪم جي ڌيءُ هئي. هن کي
ست ڀينر ٻيون هيون، جن مان هن جي دل هڪڙي ڀيڻ سومل
نالي سان گهڻي هوندي هئي. جهڙيءَ طرح مومل جي دل
سومل سان هئي تهڙي ريت راجا نند مومل جي پيءَ جي
دل مومل سان سڀني ڌيئرن کئون وڌيڪ هئي. راجا نند
وٽ جيڪو خزانو هو سو درياهه ۾ پوري رکندو هو. جڏهن
راجا نند کي خزاني جي ضرورت پوندي هئي، تڏهن
درياهه کي سُڪائي منجهانس خزانو ڪڍندو هو. هن کي
هڪڙو اهڙو ڌاتوءَ جو ٽڪر ڪرامتي هو، جو جڏهن خزانو
رکڻ ويندو هو ۽ درياهه جي جيتري ڀاڱي تائين پاڻي
سڪائڻو هوندو هوس اوتري ڀاڱي تائين اهو ڌاتو جو
ٽڪر ڦيريندو هو ته پاڻي سُڪي ويندو هو. پوءِ
بادشاهه پنهنجو خزانو پوري اهو ڌاتو پاڻ سان کڻي
ايندو هو، ۽ ٻي هڪڙي وٽس ڪَل هئي وري جڏهن انهيءَ
خزاني جي مٿئون کڻي گهمائيندو هو ته پاڻي هليو
ويندو هو ۽ پاڻ اهي برڪتي شيون پاڻ وٽ رکندو هو.
هڪڙي وقت بادشاهه کي ٻاهر وڃڻو پيو سو اهي ٻيئي
برڪتي شيون خزاني جون پنهنجي پياري ڌيءَ مومل وٽ
رکي ويو. مومل وٽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ هڪڙو فقير
آيو، جنهن مومل کان اچي خيرات گهري ته مونکي اها
ڌاتوءَ جي ٽڪري خيرات ۾ ڏي. مومل کي به انهيءَ
ڌاتوءِ جي اسرار جي خبر ڪانه هئي، تنهن فقير کي
کڻي ڏني (ڪذا) ۽ هوڏانهن جڏهن مومل جي پيءُ موٽي
آيو، اچي کائونس ڌاتو گهريائين، تنهن چيس، مون اهو
فقير کي ڏئي ڇڏيو. بادشاهه کي انهيءَ وقت ڏاڍو رنج
۽ ڏک ٿيو. مومل کي اُڦٽ مارڻ تي هو مگر کيس رحم
اچي ويو، تنهن دل تان لاهي ڇڏيس.
مومل کي ڏاڍو ڏک ٿيو سو وڃي پنهنجي پياري ڀيڻ سومل
سان صلاح ڪيائين ۽ سومل صلاح ڏنيس ته بابي جو تو
خزانو ناس ڪيو آهي، تنهنڪري مان توکي صلاح ٿي ڏيان
ته تون پنهنجي سهڻي صورت جي شڪل جي تصوير ٺاهي ڏي
ته مان اها عجب طرح سان ڪم آڻينديس جو توکي هڪڙو
جادو جو درياهه رنگا رنگي ٺاهي ٿي ڏيان جنهن جو
نالو ڪاڪ رکنديس ۽ ٻيا جادو جا شينهن ۽ خوفناڪ
جانور ٺاهي بيهارينديس، تنهنجي شڪل دروازي جي
ٻاهران ٽنگي ڇڏينديس ۽ ظاهر ڪنديس ته مومل انهيءَ
شخص سان شادي ڪندي جو ڪاڪ وارو درياهه لنگهي مومل
سان وڃي ملاقات ڪندو. انهيءَ سهڻي صورت تي گهڻا ئي
عاشق ٿيندا جي ايندا مگر تو تائين پهچي ڪين
سگهندا. مان رستي تي سڀ مان خزانو ڦري ڇڏيندوسان.
انهيءَ ريت بابي جي وڃايل خزاني جيترو ڌن گڏ ڪري
ڏينداسونس ته بابو خوش ٿيندو.
اها صلاح سٽي مومل ۽ سومل شهر کان ٻاهر نڪري مٿئين
ريت وارو جادوگريءَ جو درياهه ٺاهي ۽ شينهن وغيره
جانور رکي وڃي انهيءَ شهر جاءِ تي رهڻ لڳيون. سومل
گهڻن ئي شهرن ۾ مشهور ڪرايو ته مومل شادي ڪرڻ واري
آهي جيڪو ڪاڪ جو درياهه لنگهي ساڻس ملاقات ڪري
سگهندو، ان سان شادي ڪندي. انهيءَ لُڙ تي گهڻائي
سوداگر وڏا وڏا خزانا کڻي شان شوڪت سان ايندا هئا.
جڏهن ڪاڪ جي درياهه ڏي ويندا هئا ته جادوءَ جي
باندرن ۽ شينهن کان ڊڄي متاع مال ڇڏي اٿي پٺتي
ڀڄندا هئا. انهيءَ ريت هنن گهڻو خزانو گڏ ڪيو.
ڪنهن وقت همير بادشاهه پنهنجي سياڻي وزير راڻي ۽
ٻين سردارن سان گڏجي ڪاڪ تي ڪاهي آيو. اچي سومل
کان پڇيائون، ته اسين مومل ڏي وينداسين. تنهن چين،
ته مومل هڪ سان شادي ڪندي نه گهڻن سان، تنهنڪري
هڪڙو هڪڙو ٿي وڃييس. انهيءَ طرح اول همير ويو،
پوءِ ٻيا سردار ويا. سڀئي هڪٻئي پٺيان پڻ ڦرائيندا
دانهون ڪندا ويا. نيٺ راڻي کي وارو آيو. راڻو به
ڪاڪ تي ڪاهي آيو، جڏهن درياءُ وٽ اچي بيٺو،
هوڏانهن جانورن جون دانهون رڙيون ٿي ٻڌائين، مگر
هيءُ ڊنو ڪين. درياهه جي ڪناري تي بيهي جيڪا ساڻس
سونٽي هئي سا درياهه تي رکي ڏٺائين ته سونٽي کي
پاڻي ڪونه لڳو: سمجهائين ته هي جادوگري آهي. سو
بي- ڀؤ ٿي لنگهي وڃي مومل جي ماڙيءَ ۾ پهتو جي
هڪٻئي جون سهڻيون صورتون ڏسي رات پنهنجي تات ڪري
سچا عاشق معشوق بڻجي پيا.
صبح جو راڻو پنهنجي سنگت سان مليو، انهن کي ڪوڙ
ڪري اچي چيائين، ته مان به ٿاٻا کائي موٽي آيس.
اها ڳالهه ٻڌي همير سردارن ۽ راڻي سميت موٽي
پنهنجي ملڪ آيو. راڻي کي گهڻي بيقراري هئي. هو رات
جو وجهه وٺي ڪڏهن ڪڏهن مومل سان ملي ايندو هو.
هيڏانهن مومل جي پيءُ جي ڪنين اها ڳالهه پئي جنهن
مومل کي سخت بند رکيو. هڪ ڏينهن همير کي راڻي جي
سڌ پئي جو همير راڻي کي بند رکيو. اهڙيءَ طرح ٻيئي
عاشق معشوق ڏسڻ کان بند رهيا ۽ سوز فراق ۾ گهڻائي
بيت چيائين.
اسان وٽ ايتري تاريخ رکيل هئي جو ڇاپي ۾ آندي وئي.
بيت حفيظ تيوڻي جا
1- صفت تنهن صاحب جي، جڳ اُپايو جنهن
پاڻ جوڙي ڪم پانهنجا ٻئي ناهه ڪرامت ڪنهن
هندو راجا نند هو، ڪنهن ڀونءِ ڪڏهن
عجب ڏند مرونءَ جو هيو هٿ ۾ تنهن
رکيائين خزانو لڪائي وچ درياهه بِنهن
ويندو هو وري هو انهيءَ جاءِ جڏهن
تاٿئون سو تڏهن، ساعت ۾ سڪي وڃي.
2- ٻيٽيون راجا نند جون هيون اڻگيليون اَجهل
نوئين ناز ڀريون ٿي مرڪيون منجهه محل
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ڪن البيليون انگل
خاطر ڏند خنزير جي ڪنهن ستاين سائل
سو سڏي سواليءَ کي ڏنو موچاريءَ مومل
راجا ساڻ رهاڻ ۾ سڀ سَلي سومل
راوَ رُنا رت گاڏوان ڳوڙها مٿئون ڳل
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو جهُمي کان جَهَل
موٽڻ انهيءَ مال جي، ڪامڻ جوڙي ڪل
ناتر وڏي ناز سان ٿي ٽڪي منجهه ٽهل
سڀ شعور شهل، سائڻ تنهن کي سيکاريا.
3- سڀ سکي سائڻ کان، جيڪي انگ عقل
معلوم ٿيس مشاهدا، سندا نينهن نقل
پوکيائين پريت جا، خوب کٿوريون گل
مومل جي ماڙيءَ تي ڦورون ڏين ڦل
مومل جي ماڙيءَ تي، وڏا شور شغل
سڀ ظاهر ۽ باطل، هن بازيگر بنائيا.
4- بازيگر بنائيا، طرح گهڻيريءَ تار
شيشي تي شعور سان، جڙيائين جنسار
لڳي چينچمن کي چورنگي چوڌار
گهڻي گهوڙيسوار جي، هئي وٽ اتاهون وار
طرح انهيءَ، تيوڻو چوي، ٿيا آب منجهئون اسرار
ميرا مير هزار، ٿي هلي آيا هاڪ تي.
5- هئي انهيءَ هاڪ جي، هر ڪنهن حيراني
چوڪنڊيارا ڪاڪ کي وئي شينهن ٻڌي ٻانهي
ناتر نمونو ڪيو نقل نيشاني
ڪائي ته ڪاغذ جي ڪل کي ڪاني
ڪجهه ڪنهن کي ڪانه هئي سڌ اها ساني
ٿي ويا ۽ ورياني، ڏورانهيءَ ڏهڪار کئون.
6- ڏسي هرڪو ڏورئون، ٿي ڏڪيو منجهه ڏهڪار
ڪڪوري ڪاڪ وهي، نينهن سندي نروار
پاڻي سر کنڊ گاڏئون هو قاتل ڪيف قهار
گهوڙو ۽ هسوار، ٿي گڏ گَنوايائين غار ۾.
7- گڏ گنوايائين غار ۾، ٿي مشاطر ساڻ شڪل
ويٺي انهيءَ واجهه تي، رکي خاص خلل
خبر خونياڻيءَ جي پئي، مُلڪين هاڪ هڪل
پَريءَ انهيءَ پور ۾، ڪيئي دهوڙيا دَل
ڪي ڪهيو وڃن ڪاڪ تي، ڪي موٽيا وڃن مل
ڪل ڪنهن کي ڪانه هئي، انت سندي اٽڪل
ڪامڻ ڪيا ڪيترا، قتل ساڻ ڪجل
ڏائڻ ڏاڍي ڏانوَ سان، ٿي وري وير وڍيل
ڪانه پوي ٿي ڪَل، هن جي هنر جي، حفيظ چئي.
8- ڏاتر ڏانن جو ڌڻي، بخشي بخش بصير
ڪين منجهان ڪيميا ڪري، باري بينظير
آهه حمايت هاشمي، ماندن جو من- ڌير
مدد مڙني ڪندو، واهر وڏو پير
ٻڌم حڪايت هڪڙي، سڻجو سو تفسير
ته ارڏو ”عمرڪوٽ“ ۾، ڪو حاڪم چون”همير“
ذات سڏائي ”سومرو“، ملڪ مٿاهون مير
”راڻو“ تنهن جي راڄ ۾، وڏو هو ته وزير
”ڏؤنر ڀٽي“ ڏاڍو چون، ٻي ڀي ٻاون وير
”ڌماچاڻي شينهڙو“ ، ٽيون سالڪ سرت سڌير
گڏ کائن کنڊون کير، ڪن چوڄ چئوياريون پاڻ ۾
9- گڏ گذارن گام ۾، بانڪا بي پرواهه
کاڻيون خزانن جون، سهسين لک سپاهه
اڪابر عقل جا هئا، سوڍا منجهه صلاح
شهزادن کي شينهن جي، ڪا ڏُوري پوي ٿي ڏاهه
عاقل وڃن اتهين، ڪري ڪاهون ڪاهه
چڙهي منجهؤن چاهه، اتر پاسي اسهيا.
10- الله آهر اُسهيا، تنگ ڪشي تازن
جوان وڌا ڪنهن جوُءِ تي، ڀُلائي ڀاڳن
پڌري تي پيدا ٿيو، ڪو سامي سورج وَن
مرد مثل مهتاب جي، ڏوران ڏٺو تن
نهاريو نانگي ڏي ٿا، وير گهڻو وهسن
اچي ٿيو اوڏڙو، ڪهي سو ڪوپن
خان کيڪاريو خبرون، ٿا تنهين کئون به پڇن
ته ”تون ڪڪوريو ڪن، ڪير آهين، ڪاڏي وڃيين؟“
11- چئي، مُنهنجي نه پئو مامري، سڄڻ منجهه سورن
مون سان مرد مٿير ها، پنج سئو پُرسن
حاڪم حڪومت جا هئا درس سندا ديسن
نَوَ لک ناڻي مال جا هئا هٿِ سندن
ڇٽيهه ڪروڙيون ساڻ هيون سڀني سان صوبن
اُٺ ٻيلي ٻانها گهڻا، خدمت منجهه کپن
اسلح ۽ سامان جو، توڙ نه مٿو تن
ويٺي ٻه- ٽي ورهيه ٿيا، مٿي ڪاڪ ڪنڌن
هئا سي هڪ قبلي، چوٿين پاس چمن
خونڻ سي کپائيا، گهوٽ سوڌا گهوڙن
وري وريو ڪونه ڪو، موٽي تي ماڳن
گُجَر گَنوائي ڇڏيا، لٽي لال لکن
اڃا اوڙڪ اهڙا، ڪئين ٿا به ڪُسن
مومل جي ميدان ۾، ويا ڪين ورن
هادي ڄاڻي هيڪڙو، آهيان آءٌ به منجهان اُن
ڏَڌو ساڻ ڏکن، ٿو موٽيو وڃان ماڳ تي.
12- پوءِ هو اُڀي ٿي هليا، پڇي پنڌ پهي
قابو ٿيا ڪاڪ کي، وهندو نِت وهي
اچي بيٺا پَهي تي،ڪري سڌ سهي
پيا رات رهي، بانڪا انهيءَ باغ ۾.
13- رات گذري ڏينهن ٿيو، سج ڪڍي سيلي
ناتر وڏي ناز سان، آئي البيلي
گولي گجر جي اڳيان هئي چست چٽي چيلي
پسي خوءِ کيا يٿا، روءِ ته رنگيلي
چيائون ته، ”اها آهي مومل ربَ ميلي“
فهمؤن فراموش ٿيا، وين سُرت به سويلي
حسن جي هراس ۾، ڌَڌ ڪريا دَهلي
راڻي رمز سهي ڪري، اٽڪل اکيلي
چئي: ”پاڻ آئين سر پانهنجي، ڪي سندس سهيلي
ٻائي ٿيءُ ٻيلي، پلڪ نه پاسي ٿيءٌ تون.“
14- چئي: آءٌ ٻانهي، ٻايون ٻيون جوڙ وڏي جَهنوَر
مون جهڙيون مون کان گهڻيون، هن جون دايون مٿي در
منڌ نه ماڻهن جهڙي، آهي عين پري اَپسر
مومل جي محل جي آهي ڪانه ڪنهين کي ڪر
مور نه ماڙيءَ کئون مَٽي ويو ڪو هن ڀر
جڏهن ٿي جلوو ڪري، ڪامڻ ساهي ڪر
ته چنڊ وانگر چمڪاٽ ٿين، تجلا منجهه تجر
پئي نه پيشاني تي اٿس، نر جي ڪا نظر
اڻ ڏٺي ڪِري پون ماڻهو ٿيو مُضطر
ڪيئي وتن ڪيترا، سِڪ ۾ سوداگر
حڪايت، حفيظ ڇئي، ٿَوَ کَرِي هيءَ خبر
اوهان جهڙا ان کي ڇا ڏسندا ڇوڪر
آهيو مهمان اسان جا، ڪو دم دلاور
من نيڪي ڪريو نينگر، کائي وڃو کنڊ خونچا.
15- ائين چئي اُٿلي وئي، صفت ڪري ساري
ناتر ڏِنينِ ناز جي، ڏاڍي ڏيکاري
سُڻي چارئي چڪي ويا، لڳين بيحد بيماري
ڳالهه ٻڌي ڳئورا ٿيا، برهه منجهه باري
اپر اداسي ٿيا، سي شائق شڪاري
ٻانهي ٻائيتال وڌا، ڏيئي چُرچُوٽ چؤڌاري
وڏي وِڪُر ۾ پيا، هيڪر هزاري
پَهه پڇائين پاڻ ۾، ٿا جلدئون جهونجهاري
ته مور نه موٽڻ جي ڪيون، ڪا پوئتي پوئواري
ملڻ ريءَ مري وڃون، اتي عمر ساري
ديکون تان دلڙي ٺري، اها مومل موچاري
جنهن کي ڏاتر ڏيارِي، آهي مِلڪ انهيءَ جي.
16- هوءَ به ميٽ کڻي موٽي آئي، وهلو تنهين وير
اچڻ سان آزيون ڪري، ٻڌي ڇل ڇڳير:
تڙ ڪري تازا ٿيو، ٻيو شَڪ نه آڻيو شير
آيا آهيو آس ڪري، حُب جنهن جي هير
سا گُجر ايندي گَڊ تي، صبح وير سوير
مُنهن کوليندي مهتاب جان، ٿيندو چنڊ چمن چؤڦير
صورت سگهڙ جي ڏسي، پٽ نه پوندوَ پير
پَئُن سَٽ پوندؤ پِڙ ۾، ڀڙڪا ڪري ڀير
وايون ڪندوَ وِلڙيون، وجهي دام دلير
يا ته وڙهندئو پاڻ ۾، وڏا پائي وير
يا ته کائيندؤ کوکڙا، ويٺا ٻيرين هيٺئون ٻير
يا ڪل ڦاڙيندؤ ڪپڙا، ڍرڪي ٿيندو ڍير
ٻي ڪانَ هڻندي ڪير، مومل ري مجاز جا.
17- هي وهنجي وري آئيا، موٽي اتي مر
ٻڌي ڳالهه ٻانهي جي،، ٿين ڏاڍو ڏر
ڦري آئي ڦورو کڻي، گُهمي پنهنجي گهر
چئي ته: ويهه سمجهائي ڏيو، وهلو ڪڍي ور
وٺي وينگيس کان، ٿا هلائين هنر
تند نه لڀي تن کان، وڏو ٿين وِڪر
ڦوري ڦاسائي وڌا، لڳن پَلڪ پهر
سوڍو اتي سانڀرو، هو نه هَڪيو هيڪر
راڻو اچي رسيو، بنان خوف خطر
مينڌري معلوم ڪيو، سندو منڌ مڪر
ڦورو تنهن ڦندڻ ڪيو، ڪڇي سو ڪهڄر
مير مکڻهارو ڪيو ساري تنهن مان سر
پوءِ ڪري ڏور ڏمر، پيو گهوٽ گهوڙي کي وجهي.
18- پسي موٽي پوئتي، هيءَ ناتر نظارو
هلي هٿ ڇڙا ڪري، ڦُڙائي ڦارو
ٻهڳڻ ٻائيءَ سان ڪيو وڃي ايئين اظهارو
ته مائي! مهمانن سان ٿو ڪونه چلي چارو
ويٺا اٿئي باغ ۾، سي نَرَ هنيو نارو
اٿئي سڀئي سهڻا، مُچ ئي موچارو
بانڪا ٻرن ٿا باهه جان، ڪونه منجهن ڪارو
هيرو هٿيارن تي، ٿَنِ جوهر جڙيل سارو
سونا ڇَٽ مٿن تي، جِندين جِنسارو
هٿين پيرين ان جي لعلن لهڪاريو
ماڻڪ موتين جو پئي، ڇولين ڇمڪارو
چنڊ وانگر چمڪا ڏئي تن جو تجلارو
آتش کئون اڳرواٿن ابر اجارو
پر چوٿون آهي چئن ۾، هڪ مرد موچارو
جوان وڏي جلوي سان، سهڻو سوڀارو
سورهيه صورت سڦرو، ڪُوپو ڪرارو
اَڻ لکو آهس آک ۾ ڪو فائق ڦليارو
واهه ٺهي وينگس جو تنهين سان تارو
ڦورو ڦندڻ ڪيو، وڍي وچارو
بيٺو گهوڙي کي وجهي، مُنهن تي مکڻهارو
سو ڪونه رهندءِ ڪل مون هاڙهو هيڪارو
ڪري ناميو نظارو، اچي ڪؤنر چونڊيدُءِ ڪاڪ جا.
19- مومل کي ماٺ لڳي، سُڻي قصو سارو
ٻُڌڻ سان ٻيڻو پيس دل ۾ دهڪارو
منڌ سندي ماڙي ۾ ٿيو بلند بوهيارو
سڏي تنهن سهيلين کي، ڪيو اهو اشارو
اديون عهد اصل کئون منهنجو اهو اقرارو
ته مرد منهنجي کٽ تي جو پير ڏئي پهرارو
آهي حق انهيءَ سان، منهنجو مهارو
پوءِ گلا گلارو، متان ڪا مون کي ڪري.
20- ٻهڳڻ ٻانهي کي چيو، ٻيهر ٻولائي
ته ماني مهمانن ڏي، وڃ ٺهه پهه ٺهائي
کِلندي کپائي، آءُ هنر سان هاڙهن کي.
21- سا کاڄ کڻي خونچا، وئي ستت سنباهي
وٺي تن وينگس کان ڌريو پلئه پائي
سوڍي سنگتين کي چيو: ”متان ڪو کائي
ترسو تڪڙ نه ڪريو، وهم ويهو لاهي
اول اوهان کي ڏيان، مان ونڊي وراهي“
پر خانن کي کائڻ جي، طلب ڏنو تائي
سو هرڪو هن جي هٿ ڏي، ويٺو واجهائي،
سالڪ وڌو سگ کي، لقمو لڪائي
سو سگ ٽنگون ساهي، ڳهڻ سان ڪري پيو.
22- ڪوڪٽ ڪيهون ڪَلب جون، ٻڌيون ٻاون گير
سُر پسي سُست ٿيا، دم تنهين دلگير
ڏسڻ سان ڏاڍي لڳي هيبت کي به همير
چئي: کُهه کنڊون، ٻَن خونچا، کُهِه کُٽيءَ جا کير“
کاڄ هنيائون کڏ ۾، اڇي انب انجير
مٿي هُيَن نه موت جي لکيل ڪا تقدير
بازي ساڻ بچي ويا، ڀڃي شرط شرير
پهچائج پليت کئون پوئتي وڏا پير!
هيءَ گهوٽ گهائي ٿي ڪيترا عقل ساڻ امير
ڪي ڪهي ڇڏي ڪاڪ تي، ڪي ڦُري ڪري فقير
ڪري ڪبي ڪيتري، تنهن تتي جي تدبير
ساڻ بچائي سِير، موٽو تان موٽي هلون.
23- تڏهن راڻي چيو راوَ کي، وَرائي وينجها:
ته ورڻ واڍوڙين جو ڪرڻ نانءُ خوار
پوءِ موٽڻ جي پاڻ تي، مرد نه ڏين ميار
ڪو کڻي ڪائي رکي توڪّل تي تبار
”ونَحنُ اَقَرّبُ اليه مِن حبل الوَريد“ وٿ نه آهي
وار
آهن سدائين صحيح سوڀون هٿ ستار
تون پاتشاهي پانهنجا ڪر اسان سان اقرار:
ته ڪاوڙجي ڪونه ڪرين، دشمنو دلدار
کَٽي ڪِ کسي وٺين، زوري کان ڀتار
اهي مِلڪ تُنهنجي، پهرئين ساڻ آچار
وڃ چڙهي چوٽ ڏي، ٻه ڀيرا ٻيهار
تهان پوءِ ٻين کي، موڪل ڏي مختيار
پوءِ جنهن کي ڏياري ڏاتار، آهي مِلڪ انهيءَ جي.
24- هو کاڄ ڏيئي کسڪي ويئي، ڏڪندي ڏُکي ئي
وري آئي واجهه تي، ڦيرڻ ڦيرو ڏئي
خوش کڙا هئا کاڄ ري جهڙا جتيئي
ويٺا ڏٺائين وڳڙيا، تهڙا تتيئي
موٽي سا ماڙي ڏي، وِجهلندِي ويئي
منهن ويڙهي معذور جان، وڃي پاسيري پيئي
تڏهن گجر گولي کي چيو سڏي اتيئي:
سُتئينءَ ڪهڙي سور کان، وڃ خبر ڏيئي
چئي: ”مائي هن منهن سان، ڳالهه ڪريان ڪيهي!
سچ چوانءِ سامهون، جي چِڙ نه لڳيئي
آيس آءٌ ماني وڃي ڏانوَ ڪري ڏيئي
وري ويس واجهه تي تڪڙي اتيئي
ته خوش ڏٺم سي کاڄ ري سالم سڀيئي
هنن جي حرفت جي، ڪاڪل نه مون پيئي
مِهَن مَڪَر معلوم ٿين، منهنجا مڙيئي
آهن حريف هوشورَ چونڊيل چاريئي
چست تني سان نه چلي هنر هڏيئي
آيا اڳي ڀي گهڻا، ڪاڪ مٿي ڪيئي
ماريم مَهاڏا ڪيو، ٿي پڙ کان پريئي
سيکاريُئي ساڻ ڪري، مون کي ناحق ننڍيئي
ڊرڀ ويڙهايم ڊوهه جا، جوراڻا جيئي
زاير ڪٺم زهر سان، ري حملي هتيئي
سوين کپايم صورتون، ڪري مڪر مڙيئي
حق ڏيندو سين هنن کي، ٻُڌ جانءِ، ٻيئي
هُئينءَ جوسياڻي جن جي سُوڏ گڏيئي سيئي
هاڻي صبح سنجهيئي، ڪَنءِ مرد مقابلو.
25- ٻهڳڻ ٻانهي جي ٻڌي، ڪيا سائين کي سوال
ته: ”مالڪ! معلومي اٿئي، سڀئي عيب افعال
مون منجه ڏنگ ڏانو گهڻا، تون ڀلا! ڪج ڪي ڀال
ڪوڙو ڪاغذ ڪچ جو، ڪوڙي ڪائي ڪال
ڍڪجانءِ ڍڪ ڌڻي، تون لڄ پرور لال
ڪانڌ اگهاڙا نه ڪرين شُڀَّ اسان جا شال
مردن ساڻ مقابلو، مِهري ڇا مجال!
نڪو لشڪر هٿ ۾، نڪا سپر ڍال!
مُنهن نه وجهج مون ڌڻي اهڙا دُز دَجال
کُهه خزانا هنن جا، کهه مُٺن جا مال
ڇڏي ڪُونڌ ڪُلال، مُنجهي من موٽي وڃن.“
26 - پوءِ سڏي ٻانهي کي چَيئين: وڃ وٽَن في الحال
هيڻي ٻول نه، هوش رک، متان ماريا ڪن مقال
سٽ سانگا، ٿيءُ سامُهِين، ٻيا خطرا ڇڏ خيال
ڪر سَتيا، ٻڌ سندرو، ڌُوڻي ڏينِ ڌمال
ڪري هڪ هڪ آڻ تون، طرح ڪنهين سان تال
اهڙي سان احوال، کڻي ترت نبيرو تن ڪريون.
27- ناتر هلي نڪري، تڏهن موٽي ماڙي کانءُ
وڃي واڍوڙين کي، گهور ڏنائين گهاءُ
مرڪي مهمانن کي، چيو منڌ منجهاءُ:
ته: حال توهان مان هيڪڙو، اچي اسان ڏانہ
ته پوي سڌ سماءُ، لڳي جنگ جلوو ٿئي.
28- تڏهن صوبن صاحب کي چيو سڀني صلاحي:
ته ونءُ چڙهي تون چوٽ ڏي تنهنجي آڳ اڳي آهي
تڏهن اٿي خان کڙو ٿيو، پير جُتي پائي
سورهيه ٻڌو سندرو، سڪ منجها ساهي
وجهي سنج سمند تي، آيا سنباهي
مالڪ چڙهيو سمند تي، وَنگڙي ورائي
گهوڙو گهٽي کؤن هليو ڪاڪ مٿان ڪاهي
ناتر وٺي نُختو، هلي هٿ لائي
وچ ته وَرنَهه کي چيو ٻانهي ٻولائي:
”وٺڻ واڳ واجب مون، نرن جي ناهي
مِهري ڪَنجڪي مرد سان، جوڙ نه جڳائي“
تڏهن پانَوَ بيٺو پوئتي، تازي ترسائي،
چيائينس چٽو ڪري، وري ورجائي:
ته ”هل جاسوسڻ جلد مون، وکڙي وڌائي.“
سا ڇڏي واڳ ڇڄي هلي، دائي دڳ لائي
ڇٽڪي ڏاڍي ڇوهه مؤن، جئن واءُ تکو وائي
پوءِ گولي گُسائي، وئي وهلو تن وڪڙن مئون.
29- گولي گسائي وئي، لڪري دانَههَ سان دَرڙو
مير منجهي مالدو ٿيو، سخت سُسي سوڙهو
بيٺو بدحواس ٿي خان کُنڊو کوڙو
ڪَرڳل ڪَلن جي ٻُڌي، ٻهڳڻ ٿيو ٻوڙو
ٻنهي پارين نه پُنو، ڏک لڳس ڏوڙو
وٺي بيٺو وچ تي وڏو وڇوڙو
پُرجهي موٽيو پوئتي مَڳ ڏيئي موڙو
پٺيءَ پيرين پانهنجو ٿيو، عاشق آهوڙو
رند ٽُڪيو رستو لهي، وَرنَههُ واڍوڙو
سو ٿِڙندو ٿاڦڙندو اچي انڌن جان اوڙو
پوءِ گهوٽ وٺي گهوڙو، اچي پانَ پَڌري چڙهيو.
30- پانوَ کي پڌري ۾ جان گذري اڌ گهڙي
سامهون سنگتين ڏي ڏسي، ڳوڙها پيس ڳڙي
ناتر نظارو ڪري، اچي پوئتان ٿي کڙي
نهاري تنهن نار ڏي، سالڪ ويو سڙي
چئي: ”عاقل اڳي نه هئس جو موٽيس پوءِ مڙي
مومل جي ماڙي کي، اڃان ڏيندس چوٽ چڙهي
دهوڙي درياهه ۾، ڪندس دُف دَڙي“
سو ڪاهي هليو ڪاڪ تي، سورن سبق پڙهي
تپائي تازي کي، تنهن ڏني ترت تڙي
گولي تنهن سان گام ۾، وئي گڏ گهڙي
اٺايو اوڏانہ وڃي، جيڏانہ جيءُ جڙي
شينهن شهه گوشن جي وڇي ماڻي مير مڙهي
ڪَل چُري، ڪڙڪو ٿيو، متي ڌُم ڌڙي
تنگ ٽُٽو تازي جو، پيو ٽهڻ منجهه ٽُڙي
گهوڙو گهٽي سان لڳي، موٽيو پوءِ مُڙي
ناتر ٻيهر نڪتي، ڇو هي گهاءِ ڇڙي
پاوَنگ پڄي نه سگهيو، پٺيءَ تنهن پڙي
مانجهي موٽيو پوئتي، ڪري خانکڙي
حق ڏونہ حفيظ چئي، هئي ائين جوڙ جڙي
مومل جي ماڙي کي ڏيئي هليو ٻُنڊ ٻُڙي
اچي پرين پڌري تي چڙهيو ٿڙي ٿاڦڙي
لَڄا منجهه لُڙهي، اچي صاحب ڀيڙو صوبن ٿيو.
31- تڏهن صوبن صاحب کي چيو: ”سائين ڳالهه سڻاءِ!
ڪر ڪنڌ هيٺ نه قبلا! تون ڳاٺ کڻي ڳالهاءِ
ڪچي ڪندو ڪو نڪو، ڪنهن جي ڪوهِن جاءِ
ڪر حقيقت حق جي، ٻولي خان ٻڌاءِ
ستت آئين سگهڙو، وٿ نه وڌِيئه ڪاءِ
ڀڄي موٽئين ڀَوَ کئون، ڪر ملي مُنڌَ ڏٺياءِ
هاڻي دلاسو دلجاءِ، ٻول ته ٻين کي ٿئي.“
32- چئي: ”ڳالهه نه ڳَرهڻ جهڙي آءٌ ڪريان ڪڄاڙو
مومل جي ماڙي کي، آهي ورن سان واڙو
سُڌ نه سَنوَت جهڙي، آهي سوري سواڙو
ڪري ويم وچ تئون ٻانهي ٻيلهاڙو
بيهي رهيس بند جي، ٿي بر ۾ بي- ماڙو
سج نه لڀي سوجهرو، جئن اوندهه انڌارو
چنڊ نه چانڊوڪي ڪري، تجلي نه تارو
ڪَل قبلي جي نه پوي، ٻيو وهي جر به جالارو
اتر اُمارو ڪريان ته ٿئي ڏکڻ ڏيکارو
جي اٿلي اولهه ڏي وڃان، ته ڄڻ آهيان اوڀارو
گهمرا گهٽين سان ڏنم، جئن نِيهه ڦِري ناڙو
ائين سَٽيم پاڻ کي، جيئن تند سٽي تاڙو
اندر اوٻاٽيون وڃي، جيئن قبر جو ڪاڙهو
لاهي لٽاڪو لٽن جو، ٿيس الف اگهاڙو
مٿئون مرن جو پوي بيحد بگهياڙو
واٽ ورڻ جي نه لڀي، نه ڪو چرڻ جو چارو
ٻنهي ڀيرين ٻُڌجئو، ٿيم ڪيڏو ڪيڏارو
نيچي پاس نصيب ۾ نه هو نظارو
منجهي موٽيس پوئتي، لهي ڪري لاڙو
ڀڄي آيس ڀائرو، ڀَلو جهلي ڀاڙو
هِت سو اٿوَ هيترو هن ڌرتي تي ڌاڙو
مرو ڪهڙي مرض کئون، سر ۾ اٿوَ ساڙو
تتا آهيو گهر کئون، ڪِ ٻڌي لڳَو ٻاڙو
ڇڏي پِٽي جو پاڙو، موٽو تان موٽي هلون.“
33- جڏهن مير مٿيون ڪيو بانڪن ساڻ بيان
من ۾ مڙني کي پيو جوش وڏو جولان
ڦِرين روءِ، ڦِڪا ٿيا، هلڻ ۾ حيران
تڏ سوڍي سڀني کي چيو، سڻائي ساڌان:
”ترسو، تڪڙ نه ڪريو، ٻيهو ٻڌي ايمان
ڀولو سڀ ڀڃي هلون، لاهي غير گمان
مانَ ڪنهين کي موليٰ دل تي ڏياري دان.“
تڏهن تنگ ڇوڙي، ترسي پيا، سڻي شير شغان
وهم جهلي ويهي رهيا، ٿانهَر وٺي ٿان
ناتر اچي نڪتي، گوڙ ڪري گهمسان
چيائين ته: ”اُتي اچي ڪو جلدي ساڻ جوان
اوهان جي انصاف جو، آهي اسان کي ارمان!
اچو ۽ اُٿليا وڃو، وچ تئون ٿيا ويران!
ان مڙسي سان ميدان، ڪئين ماڻيندئو مومل جو“!
34- تڏهن ڏؤنر ڏڪي اُٿيو، کڻي کنو خان
پهري پوش ڪو ٿيو، سيني-
بند سُجان
چڙهي چيني تي هليو، جوش ڪري جولان
سِڌ وٺي سولو ٿيو، پانوَ پهلوان
گولي ڪڍ گڏيو وڃي، نَرُ ٽپيو نشان
راوَت اچي اُت رسيو، جتي مردن جو ميدان
ڪَل چُري، ڪڙڪو ٿيو، گروڙيون گهمسان
ٺهه ٺهه ٺڪاوَن جا ٿيا، ڌَڌڪارا دوفان
دانَههُ بيٺو دهلي، دَور پسي دهمان
ناتر ويس نڪري، تاٿئون ڪري تان
پاوَنگ پٺيءَ تنهن جي، پيو پرائي ارمان
چِيني چيو نه ڪيو، هليو نه حيوان
ڦاسي فڪر ۾ پيو، ڪري جُهدُ جوان
هوش هنر سڀ هارجي ٿيس گوهين ۾ غلطان
گهوڙي ڪيو هو گهوٽ کي ذري گهٽ زيان
موٽڻ لاءِ ماندو ٿيو، فائق فريشان
تو آهون، اِلاهون ڪري، سنڀالي سبحان
ته: ”ڪونه لهندو هن ڪل جو، ريءَ آگي امتحان
بندو ڇڏائج بند مئون، امن ساڻ امان
لنگهائج لطف سان تون مونکي مهربان!“
ٿِڙندو ٿاٻَڙندو وڃي ڪيائين ڌرتيءَ منجهه ڌيان
دم تنهين درميان، اچي سنگتين سان سوڙهو ٿيو.
35- ڏاهي پڇيو ڏؤنر کان:”ادا ڏي اخبار
پوري بَڪج پانهنجي، يارَن اڳيون يار!
جدا جالي نه سگهي ڌڙ سسي کان ڌار
مُنهن تي چوڻ مناسبي، پر پٺ آهه پچار.
ستت موٽئين سگهڙو، وِٿ نه وِڌيئه وار
ملي ڏٺئي منڌ کي، ڪ موٽئين جهلي مار
پسون تو پرڪار، کُلُ ته ڪا خبر پوي.“
36- چئي: خبر هن خواري جي، ڪريان آءٌ ڪيهي
واٽ بيگاني بڇڙي، جوراڻي جيهي
پيس منهن مِرُن جي هت دَهِڪي ٿي ديهِي
ڪاڪ پسندو ڪونڪو، تنهن پِٽي جي پيهي
توڙي انهي آسري، آئين ورهيه رهو ويهي
کائي ڪندوَ کِرکڻا اتي اُڏيهي
مَرندئو مِهڻي هابَ ٿي، پري پرڏيهي
هِت عَقوبت ايهي، پسندو اوهين ايتري.
37- جڏ ڏيئي ڏؤنر بس ڪئي، خبر پنهنجي خان
ٻَئي ٻوڙٽ ۾ پيا، وڏي جار جوان
ڌُڏي ڌارو ڌار ٿيا، اتي کان ايمان
اٿي عمرڪوٽ ڏي، تن سنبرايا سامان
سنبت سر انجام ۾، راڻي ڦَرِي ران
وَرُ ڏيئي ويهي رهيو، موٽي تي ميدان
چئي: جيئري انهيءَ جاءِ تئون، ايڏانهن هلندس آن نه
ڀڃي هلندس ڀاڻ تي، هن ڌُوتي جا دهمان
خاوند کِلن کان رکي، اتي ماري مانَ
وڃو، جي ويهي رهو، منهنجي ڪاوڙ اٿو ڪانه.“
هو ڀي ٻڌي ٻولي ٻيهي رهيا، کُپي ويٺا خان
ته گولي آئي گجندي، ترتئون ڪري تان
بانهي چين:”ٻوگهلا! آهيو نسورا نادان
عقل اوهان کئون ويو، ٿيئو مڙيئي مستان
آهيو ڪنهين پار جا، بدو بي ايمان
يا ته ويندئو پانهنجي، هِت جند جلائي جوان
يا ته ورندئو پوئتي، گڏيا منجهه گمان
ڪَل پوي ٿي ڪانه، اوهان جي اسرار جي.“
. سليمان فقير جي بيتن موجب: مومل جوڳيءَ جو
ويس ڪري راڻي وٽ آئي. راڻي کيس سڃاتو. مومل
گهڻيون ئي منٿون ڪيس، پر راڻي معاف نه ڪيس،
۽ ڇڏي هليو ويس. پوءِ مومل اُتي محل اڏائي
ويٺي. پوءِ روزانو ٺهي جُڙي اچي چوڏول تي
ويهندي هئي. آخرڪار راڻي جي دل ۾ سندس لاءِ
عشق جاڳيو، ۽ کيس معاف ڪيائين. پر مومل چيس،
ته تو مون کي معاف ڪيو، مون لک لڌا. هاڻي
توکان جدائي ڪانهي. پوءِ وڃي ڏاگهه چڙهي،
راڻو به سهي نه سگهيو ۽ مچ ۾ ٽپو ڏنائين.
. ” قصو مومل ۽ مينڌري (جو)، اصل چيل ميان
حفيظ تيوڻي جو، گڏ ڪيل منشي مير محمد جو“،
ڇپايل منشي پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب
شڪارپور، دفعو -1(غالباَ سنه 1910ع؟) ليٿو
آريه سٽيم پريس لاهور. پوئين سرورق تي
عبارت: ” (قصو) حفيظ تيوڻي وارو جو سڄي سنڌ
۾ سچو عاشق ٿي گذريو آهي، ان جو شعر گهڻن
صاحبن هٿ ڪري ڪيترائي ڀيرا ڇپايو آهي. مون
وٽ به ”سڌريل مومل مينڌرو“ گهڻن ڏينهن کان
رکيل هو، سو واجب سمجهيو ويو پڌرو ڪرڻ –
درمحمد“ (اندر ڪل 115 بيت) ”مختصر مومل جي
ڳالهه“ هن ڇپيل ڪتابڙي جي شروع ۾ مهاڳ طور
ڏنل آهي.
. هنن بيتن جو متن سگهڙن جي زباني روايتن ۽
ٻن ڇاپن کي ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي. اهي ڇاپا
هي آهن:(1) ”مومل – راڻي جو قصو، اصل حفيظ
وارو“ گڏ ڪيل خانبهادر مرزا قليچ بيگ فريدون
بيگ ڊپٽي ڪليڪٽر جو، سنه 1887ع (ڇاپو ڏهون،
پوڪرداس ائنڊ سنس ڪراچي 1947ع) (2) ”ديوان
حفيظ“ مرتب قربان علي نقشبندي(ڇپايل محمد
يوسف ائنڊ برادرس حيدرآباد، سال 1953ع).
حفيظ جو اصل نالو لال بخش هو. ماڻهو کيس
”لالو فقير“ ڪري سڏيندا هئا. ذات جو ”تيوڻو“
ويٺل ڳوٺ ڏاتو تيوڻو تعلقي وارهه جو هو.
حفيظ اڻ پڙهيل هو، ٻالپڻ کان وٺي ڦوهه جواني
تائين مينهون چاريندو هو. مينهن سان ايتري
محبت هوندي هيس جو انهن کي مومل، هير، سهڻي
۽ سسئي وغيره جي نالن سان سڏيندو هو.
جوانيءَ ۾ کيس ماتا نڪتي، جنهن ۾ هو نابين
ٿي پيو. گهر ۾ رهندي عاجز ٿي پيو، انهيءَ
سبب هو پير عبدالله شاهه گودڙئي جي درگاهه
تي وڃي سوالي ٿي رهيو. اتي خواب ڏٺائين ۽
ارشاد ٿيس ته” تنهنجي دعا قبول پيئي، هاڻي
موٽ وڃ: تون ”لالو فقير“ نه ، پر ”حفيظ
آهين“ . اتان ڳوٺ آيو ۽ شاهه گودڙئي جي
ساراهه ۾ شعر چيائين. سندس ڪام مثنوي، ڪافين
۽ مومل راڻو، سهڻي ميهر جي قصن جي بيتن تي
مشتمل آهي. شعر ۾ پنهنجو نالو”حفيظ“ ۽
”تيوڻو“ ۽ ”لالو“ ڪم اندو اٿس. اندازي موجب
60- 61 ورهين جي ڄمار ۾ 1890ع ڌاري وفات
ڪيائين.
|