روايت-4
راجا نند جي خزاني، مرونءَ جي ڏند ۽ سامي سِيتل جي
ٽاڻن واري ڳالهه
ڪنهن زماني ۾، سنڌ جي ماٿيلي واري حصي تي
راجا نند نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن
راجا نند شڪار تي چڙهيو ته جهنگ ۾ منهن سامهون
هڪڙو مرون نظر آيس. گهوڙو کڻي ان جي پٺيان ڇڏيائين
۽ مرون ڀڄندو وڃي درياءُ ۾ گهڙيو. راجا نند ڏٺو ته
مرون ڀڄندو وڃي ۽ پاڻي کيس گس ڏيندو وڃي. راجا نند
به گهوڙو انهيءَ گس تي ڪاهي وڃي پار پهتو. مرون
درياءِ مان نڪتو ته پويان پاڻي گڏجي ويو. آخرڪار
راجا نند مرونءَ کي ماريو ۽ پڪ ٿيس ته اهو خريب
مرونءَ ۾ آهي، سو ان کي گهوڙي تي کڻي پوئتي موٽيو.
راجا نند درياءِ ۾ گهڙيو ته وري به پاڻيءَ مان گس
ٿي پيو. درياءِ اُڪري، مرونءَ کي ڪپ تي رکيائين ۽
ان جو عضوو. عضوو وڍيندو پاڻيءَ ۾ وجهندو ويو، تان
جو مرونءَ جو هڪڙو ڏند اُڇليائين ته پاڻي اها جاءِ
ڇڏي ڏني. راجا نند اهو ڏند
کڻي قابو ڪيو، ۽ موٽي اچي محلات ڀيڙو ٿيو. هاڻي
راجا خيال ڪيو ته ڇو نه سمورو خزانو درياءِ جي پيٽ
۾ لڪائي ڇڏيان، جيئن ڪنهن به دشمن کي هٿ نه اچي سو
ٿورو ٿورو ڪري سمورو خزانو درياءَ جي پيٽ ۾ لڪائي
ڇڏيائين، ۽ انهيءَ راز جي ڪنهن کي به سڌ نه
ڏنائين.
راجا نند کي ست ڌيئون هيون: سومل، صحت، سليمت،
سهجان، سوڍي، مرادي ۽ مومل. جهڙيون هيون عقلوند
تهڙيون هيون حسنوند. پر سومل جا سڀني کان وڏي هئي،
سا عقل ۾ سڀني کان اڪابر هئي ۽ مومل جا مڙني ۾
ننڍي هئي سا وري سونهن ۾ سڀني کان سرس هئي. انهيءَ
ڪري راجا نند جو راض به هو مومل تي. هڪ ڏينهن راجا
نند خيال ڪيو ته متان مون کان ڏند وڃائجي وڃي
تنهڪري ڇونه ڏند ڪٿي هٿيڪو ڪري رکان، اهو پهه
پچائي مومل کي سڏي ڏند سندس حوالي ڪيائين، ۽
چيائينس ته: اهو ڪنهن کي به نه ڏج، پوءِ ڀل ڇونه
تنهنجي سڳي ڀيڻ سومل توکان گهري. مومل وراڻي ڏنيس
ته:
بابا، توکان مٺو مون کي ڪير! تون اُلڪو نه ڪر، هن
ڏند کي آءٌ پنهنجي ساهه کان مٺو ڪري ڀانئينديس.
ائين پيءُ کي خاطري ڏيئي، مومل يڪدم وينجهار
گهرائي، مرونءَ جو ڏند پنهنجي نوَ لکي هار ۾
پُوئائي، ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. کيس ڏند جي اصل انت
جي ڪا ڪل ڪانه هئي. تڏهن به پيءُ جي تاڪيد ڪري،
مومل ان کي ساهه سان سانڍڻ لڳي.
هڪڙي ڏينهن مومل پنهنجن ڀينرن ۽ سرتين سان گڏجي
تلاءُ تي وهنجڻ ويئي. مومل تلاءَ ۾ گهڙي ته تلاءُ
جو پاڻي سڪي ويو. اهو حال ڏسي سڀ اچي حيران ٿيون،
۽ پڇڻ لڳيون ته: مومل، اهو ڪهڙو اسرار آهي؟ تڏهن
سومل چيو ته: اهو منڊ يا مومل ۾ آهي يا وري نوَ
لکي هار ۾. اهڙيءَ طرح هار جي سڀني کي سڌ پيئي، پر
راجا نند جي خزاني جي ڪنهن کي به پروڙ نه پيئي.
اوچل ڪوٽ
۾ سيتل راءُ نالي هڪڙو جادوگر رهندو هو، تنهن کي
جادو وسيلي راجا نند جي خزاني جي خبر پئجي ويئي.
سو ساميءَ جو ويس ڪري، سهي سنڀري هڪڙي ڏينهن اچي
راجا نند جي شهر ۾ سهڙيو. شهر کان ٻاهران دونهي
دکائي ويهي رهيو. هڪڙي ڏينهن راجا نند شڪار تي
چڙهيو، سامي وجهه ڏسي، صبح جو سج اڀرئي کان به اڳ
بادشاهي ويس وڳا پائي، مومل جي ماڙيءَ هيٺان اچي
سَين هنئي. ٻانهي نڪري آئي. سامي سيتل سهڻو هو، ۽
سندس صورت سون وانگر تجلا ڏنا. ٻانهي هن جي سونهن
پسي حيران ٿي ويئي، ۽ چيائينس ته: سامي صبح جو
ايترو سويل اچي سَين هنئي اٿئي! پر هاڻي آيو آهين
ته بِکيا وٺي وڃ. سامي جواب ڏنس ته: آءٌ پري کان
پنڌ ڪري، ڪشالا ڪڍي هتي آيو آهيان، دل ۾ آس اٿم ته
مومل جي هٿان هار جي بِکيا وٺندس. ٻانهي موٽي وڃي
مومل کي حقيقت ٻڌائي. تڏهن مومل ڪاوڙجي ٻانهيءَ کي
چيو ته: وڃي ساميءَ جو نالو نشان پڇي اچ. ٻانهي
ويئي پر سامي پنهنجو نالو نشان نه ٻڌايو، ۽
ٻانهيءَ کي چيائين ته مومل کي وڃي چئو ته تنهنجي
دروازي تان ڪوبه سوالي خالي نه ويو آهي، آءٌ به
توکان ڌڻيءَ جي نانءُ تي هار جي خيرات ٿو گهران،
باقي منهنجي نالي نشان کي ڇا ڪنديئن! هار ڏيڻو
اٿئي ته ڏي. ائين چئي سامي به منهن رکي هليو ويو ۽
شهر جي ٻاهران پنهنجي آستاني تي ويٺو.
ٻانهي موٽي محلات ۾ آئي، ۽ سامي جيئن چيو هئس،
تيئن اچي مومل کي ٻڌايائين. مومل جي ڀيڻن، ساميءَ
جا پار پتا پڇيا، ٻانهي چيو ته: سامي مون به سوين
ڏٺا، پر ههڙو عمر نه ڏٺم. سندس سونهن اڳيان سج چنڊ
شرمسار آهن. ائين چوان ته سامي سڄو سون آهي ته به
ڳالهه گهٽ آهي. ٻانهي جي واتان ساميءَ جي سونهن جي
ساراهه ٻڌي نَوَ ئي ڀينرون سامي کي ڏسڻ لاءِ گهوڙن
تي چڙهي نڪتيون. ۽ شهر جي ٻاهران سامي کي سندس
آستاني تي ويٺل ڏسي موٽيون. ساميءَ جي جهڙي ڳالهه
ٻڌي هئائون، انهيءَ کان وڌ ڏٺائون. سنديس صورت جي
ڌڄا سج چنڊ کان به اڳري هئي. سومل چيو: يا ته ڪو
جادوگر آهي، يا ڪو عقلوند. موٽي محلات ۾ آيون، پر
مومل، ساميءَ جي سونهن تي موهت ٿي پئي.
رات جو مومل خواب ۾ ڏٺو ته بادشاهي پئي بيران ٿئي.
ڇرڪ ڀري ننڊ مان اُٿي. صبح جو سڀني کان انهيءَ
خواب جو مطلب پڇيائين. پر ڪنهن به نه ٻڌايس. اتي
خيال آيس ته منهنجي در تان ڪوبه سوالي ڪڏهن خالي
نه ويو آهي. ڪالهه ساميءَ ڌڻي جي نالي تي صدا
هنئي، انکي موٽايو اٿم، متان انهيءَ ڪري اسان تي
ڪا مصيبت ايندي هجي! وري خيال آيس ته پيءُ سان
انجام ڪيو هئم ته هار ڪنهن کي به نه ڏينديس. هاڻي
ڳالهه ته ڏاڍي ڳري ٿي. هڪڙي پاسي ڌڻيءَ جو نالو، ۽
ٻئي پاسي پيءُ سان انجام! نيٺ فيصلو ڪيائين ته:
درويش جي پاراتي ڪري بادشاهي ناس ٿئي، اسين دربدر
ٿيون، انهيءَ مان ڪهڙو فائدو! بادشاهي سلامت آهي
ته اهڙا ڪئين هار ٺهي سگهن ٿا. اهو ويچار ڪري
ٻانهيءَ کي چيائين ته: وڃي سامي کي وٺي آءُ ته
پنهنجي هٿن سان هار جي بکيا ڏيانس.
پوءِ ٻانهي، سامي کي وٺي آڻي محلات جي در تي
بيهاريو. مومل، ٻانهيءَ کي چيو ته: سامي کي لڪائي،
محلات ۾ اندر وٺي اچ ته آءٌ کيس هار اهڙيءَ طرح
لڪڇپ ۾ ڏينديس جيئن ٻئي ڪنهن کي به ڪل نه پوي.
سامي محلات ۾ آيو. سندس حسن ڏسي مومل دل کسائي
ويٺي. سندس روح سامي سان ڳنڍجي ويو. پوءِ ته
ساميءَ جي آجيان ۾ عطر اوتائي، کيس وٺي آڻي پنهنجي
پلنگ تي ويهاريائين. مومل، سامي جي ست ڏينهن
مهماني ڪئي ۽ ست ئي ڏينهن ساڻس روح رهاڻيون ڪيون.
هڪ گهڙي به پاڻ کان پاسي نه ڪيائينس. اٺين ڏينهن
سامي، وري اچڻ جو انجام ڪري مومل کان موڪلايو.
موڪلائڻ وقت مومل کان هار گهريائين. مومل چيو ته:
ههڙي ساميءَ تان هار ته ڇا، پر سر به قربان آهي.
ائين چئي هار سندس حوالي ڪيائين. سامي به هار وٺي،
سڌو درياءَ تي آيو ۽ راجا نند جو سمورو خزانو کڻي
راهي ٿيو.
راجا نند شڪار تان موٽيو. ٻئي ڏينهن کي خزاني ڏسڻ
جو خيال ٿيو. مومل کان مرونءَ وارو ڏند گهريائين.
مومل هار ڳولڻ جو بهانو ڪري نٽائي وئي. مومل کي پڪ
ٿي بابي کي خبر پئي ته مارائي ڇڏيندو. سو سومل
صلاح ڏنيس ته ابي سان سچي ڳالهه سَلُ، باقي خزانو
سو گڏ ڪري ڏينديونسين. پر مومل پيءَ جي آڏو نه
وئي. تنهن تي سومل وڃي پيءُ کي سموري حقيقت ٻڌائي.
راجا نند ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو. سومل جو منهن ڏسڻ به
نه وڻيس. مومل ڏاڍي پشيمان ٿي، ۽ سومل سان صلاح
ڪيائين ته هاڻ ڇا ڪجي. سومل صلاح ڏني ته: ڪنهن نه
ڪنهن طرح ايترو خزانو گڏ ڪري، پيءُ کي آڻي ڏجي.
پوءِ ته راجا نند کان موڪل وٺي ڪاڪ نديءَ جي ڪناري
تي، هڪڙي ماڙي اڏائي، مومل ۽ سومل ۽ سندس ٻانهي
”ناتر“، انهيءَ ماڙيءَ ۾ اچي رهيون.
سومل عقل جي اڪابر هئي، تنهن ماڙيءَ جي چوڌاري
جادوءَ جو ٽڪساٽ اهڙيءَ طرح منڊي ڇڏيو، جنهن جي
ڪنهن کي به ڪل ڪانه ٿي پئي. گلن ڦلن جو باغيچو
بنائي، ان جي وچان هڪڙي سوڙهي سرنگهه کڻائي
ڇڏيائين، جيڪا جادوءَ جي ڪَلُن ۽ جانورن جي وچان
لنگهي ماڙيءَ ڏانهن تي وئي. ماڙيءَ جي چئني ڪُنڊن
تي چار شينهن ويهاريائين. ناتر به نالي ۾ ٻانهي
هئي پر سونهن ۾ ڪنهن طرح شهزادين کان گهٽ نه هئي.
ويتر جو سومل کيس ڪئين اٽڪلون سيکاريون هيون، سو
ناز نخرن سان گهڻن جي دل گهائي وجهندي هئي.
ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي اهو سمورو مانڊاڻ منڊي اعلان
ڪيائين ته: جيڪو به شخص باغ مان اُڪري صحيح سلامت
ماڙيءَ تي پهچندو، تنهن سان مومل شادي ڪندي. اهو
هوڪو ٻڌي ڪٿان ڪٿان جا سورهيه جوان، مال خزانا کڻي
اچي خيما کوڙيندا هئا. مومل به روز صبح جو هار
سينگار ڪري، هڪڙي لحظي لاءِ ماڙيءَ جي دريءَ کان
اچي بيهندي هئي. اُن وقت ماڙيءَ هيٺان سندس مشتاقن
جو ميڙو لڳي ويندو هو. مومل جي حسن جو اُهاءُ پسي
ڪيترا ويچارا چريا ٿي، ڪپڙا ڦاڙي، جهنگ منهن کڻي
ڪندا هئا. ڪي وري رڳو ديدار پسڻ لاءِ فقير ٿي اُتي
ئي ويهي رهندا هئا. ڪي وري گهوڙي سوڌا ڪاڪ نديءَ ۾
ٽپي، پاڻ کي ٻوڙي ماريندا هئا ته ڪي وري هٿيار
پنوهار پهري، مومل جي ماڙيءَ تائين پهچڻ جو قصد
ڪندي، جادوءَ جي ڪَلئُن ۽ خونخوار جانورن جي وچ ۾
وڃي پوندا هئا، ۽ آّخرڪار خراب ٿي، مال اسباب
ڦرائي، سُڃا ٿي موٽي ويندا هئا.
مومل جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلي ويئي هئي، سو
عاشقن جي بهير کُٽڻ جي ڪانه هئي. هڪڙا مَري مَٽ
ٿين ته ٻيا اڳئي هڪيا بيٺا آهن. مومل به اُنهن جو
خزانو ميڙي چونڊي پيءَ ڏانهن پئي موڪليندي هئي.
اُن وقت ۾ عمرڪوٽ جو حاڪم ”همير سومرو“ هو. سندس
ٽي وزير هئا: راڻو مينڌرو سوڍو، ڏؤنر ڀٽي ۽ شينهڙو
ڌماچاڻي. ٽيئي ڄڻا عقل جا اڪابر هئا، پر راڻو مڙني
کان ڪثر هو، ۽ وڏو وزير به اُهو ئي هو. سنديس ڀيڻ
پڻ همير جي گهر ۾ هئي. همير جي پنهنجن وزيرن سان
ياراني هئي. هميشه چارئي ڄڻا هر ڪم ۾ گڏ هوندا
هئا، ۽ هڪٻئي جي صلاح کانسواءِ نه هلندا هئا.
هڪڙي ڀيري، سندن بادشاهي جي اُتر پاسي ڪنهن شينهن
جي خبر ملين، جنهن بادشاهيءَ ۾ باهه ٻاري ڏني هئي،
چارئي ڄڻا صلاح ڪري تازي گهوڙن تي سنج ڪشي اُنهي
شينهن جي شڪار تي روانا ٿيا. هلندي هلندي سج
لاڙائو ٿيو ته هڪڙو سامي مُنهن ۾ ملين.
سامي تمام حُسن وند هو، سندس مُنهن سج وانگر پئي
ٻريو. چئني ڄڻن گهوڙا روڪيا. ساميءَ جي صورت مان
سهي ڪيائون ته سامي ناهي، فقط لباس سامين جو ڍڪيو
اٿس.
سو پڇيائونس ته: سامي!ڪير آهين، ڪٿان پيو اچين، ۽
ڪيڏانهن پيو وڃين؟ صورت سامين جهڙي ڪانه اٿئي،
تڏهن ٿا پڇنس ته ڪيئن ۽ ڪهڙي فقيري ورتي اٿيئي؟
سامي ڏاڍو نٽايو، پر پوءِ هنن جي زور ڀرڻ تي
چيائين ته: آءٌ به اوهان جهڙو بادشاهه هئس. مومل
جي ماڻڻ لاءِ نَو لک ناڻو، پنج سؤ همراهه، اُٺ
گهوڙا ساڻ ڪري، ڪاڪ تي وڃي ويٺس. ٻه- ٽي ورهيه
اُتي ويٺو رهيس، ۽ منهنجا سڀئي ساٿي آهستي آهستي
ٿي مومل جي ماڙيءَ ۾ ڦاسي مرندا ويا. تان جو سمورو
مال اسباب لٽائي، باقي آءٌ اڪيلو وڃي رهيس. هاڻي
مومل سان ملڻ جي اُميد لاهي، فقيريءَ جو ويس ڍڪي،
پنهنجي ماڳ موٽيو ٿو وڃان.
همير سومري، مومل جي سونهن جي خبر ساميءَ جي واتان
ٻڌي، مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي، يارن سميت کڻي ڪاڪ تي رخ
رکيو. صلاح ڪيائون ته پاڻ به هلي ٿا قسمت آزمايون.
گهوڙن کي هڪلي سج لٿي مهل اچي ڪاڪ نديءَ تي پهتا.
مومل جي ماڙي کي تَڪي، گهوڙن تان سنج لاهي ويهي
رهيا.
رات گذر ٿي، صبح جو سج ڪني مس ڪڍي ته مومل جي
ٻانهي ناتر، ناز سان ٽلندي وٽن آئي. سمجهائون ته
مومل اِها آهي، ڇاڪاڻ ته ناتر به اهڙي سهڻي هئي جو
هنن يارن جا حواس ئي خطا ٿي ويا. اِتي راڻي، ناتر
جي رَئي مان سهي ڪيو ته هيءَ ٻانهي آهي. سو يارن
کي ٺونٺ هڻي هوشيار ڪري، ناتر کي هڪ ڪيائين ته:
مومل کي وڃي اسان جو اطلاع ڏي. ناتر جواب ڏنو ته:
مومل جو ته فقط نالو ٻڌو اٿوَ. مون جهڙيون سوين
سندس رڳو ٻانهيون آهن. حور پري به سندس مَٽ ڪانهي.
اوهين رڳو مونکي ڏسي دهلجي ويا آهيو، سو مومل سان
مقابلو ته اڃان پري آهي. جتي ڪئين سورهيه سنڀري
آيا، پر مومل جي محلات جي ڪَر ڪوبه لهي نه سگهيو
آهي. اوهين اڃان ڇوڪرا آهيو، تنهنڪري منهنجي صلاح
مڃو ته هروڀرو پنهنجو سر نه وڃايو. مومل جي پچر
ڇڏي، اڄوڪي رات اسان جي مهماني کائي، صبح جو جتي
جا آهيو، اوڏانهن موٽي وڃو.
ناتر جي واتان مومل جي سونهن جي ساراهه ٻڌي ويتر
شوق وڌين ۽ مٿان ناتر جي مهڻي ته هيڪاري اندر ۾ آڳ
لڳائي ڇڏين. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته: ٻانهي چئي ته
سچ ٿي، جو سامي به ساڳي ڳالهه ڪئي هئي، پر هاڻي
آيا آهيون ته مردن لاءِ موٽڻ مهڻو آهي. ڇو نه واري
سان هرڪو قسمت آزمائي. پوءِ جنهن کي مومل ملي اُهو
ماڻي.
ٿوري دير گذري ته ناتر ميٽ جو وٽو کڻي آئي ۽
چيائين ته: اُٿي وهنجي سهنجي تازا ٿيو. پر همير
چيس ته: اهي سڀ ڳالهيون پوءِ، پهريائين اسان کي
مومل ملائي. ناتر چيو ته: ملڻ ته پري رهيو، پر رڳو
ڏسڻ سان ئي وايون بَطال ٿي ويندوَ. يا ته پاڻ ۾
وير وجهي وڙهي مرندو. يا ته چريا ٿي، ڪپڙا ڦاڙي
جهنگ منهن ڪندو. تنهنڪري انهيءَ ڳالهه تان لهي
وڃو. پر جي نٿا مُڙو ته صبح جو سوير، ڪوٽ جي دريءَ
کان مومل مُنهن ڏيکاريندي. پوءِ اوهان جي مرضي.
ناتر ائين چئي، تيل ميٽ هنن کي ڏيئي، موٽي وئي. هي
به چارئي يار وهنجي سهنجي ٺهي جڙي اچي ويٺا. گهڙي
کن گذري ته ناتر وري وٽن آئي، ۽ کين مُنجهيل سُٽ
جو ڦورو ڏيئي چيائين ته: مومل هي سُٽ اوهان ڏي
موڪيلو آهي. چوي ٿي ته: واندا ويٺا آهيو، سُلجهائي
ڏيو. راڻو اُن مهل تنبوءَ کان ٻاهر هو. همير، ناتر
کان سُٽ جو ڦورو ورتو. پوءِ ته ٽيئي يار اچي ڦورو
سلجهائڻ ويٺا. پهر کن گذري وين، پر مُنڌل سٽ سَولو
نه ٿيو. اتي راڻو به اچي نڪتو. تنهن معاملو ڪري،
يڪدم هنن کان سٽ وٺي، وڍي ڪپي ڦندڻ ٺاهي، پنهنجي
گهوڙي کي مکڻهارو ڪري وجهي ڇڏيو.
ناتر اِهو نظارو ڏسي، ڦورو ڦُرائي پوئتي موٽي، ۽
مومل کي اچي چيائين ته: مومل! هي جيڪي چار ڄڻا باغ
۾ ديرو دمايو ويٺا آهن، تن سان ڪوبه چارو ڪونه ٿو
چلي. اڳي جيڪي به عاشق ڪاڪ تي آيا آهن، هي انهن
کان ٻيءَ طرح ٿا ڏسجن جهڙا آهن سهڻا، تهڙا عقل جا
وير. سندن هٿيار پنوهار به جَڙات جَڙيل آهن، شايد
ڪي بادشاهه آهن. پر انهن چئني ۾ هڪڙو مرد تنهنجي
لائق آهي. هو ٻين وصفن ۾ ته مڙني کان اڳرو آهي،
البت اک ۾ اڻ لکو ڦُلو اٿس. تنهنجو موڪليل سُٽ به
انهن وير وڍي ٽُڪي گهوڙي کي مکڻهارو ڪري وڌو آهي.
منهنجي دل چئي ٿي ته اهو جوان تنهنجا سڀ طلسم ڀڃي
توکي ماڻيندو.
اهو قصو ٻڌي مومل کي ماٺ لڳي ويئي، ۽ دل ۾ دهڪاءُ
پئجي ويس. اتي ساهيڙين سرتين کي سڏي چيائين ته:
منهنجو اهو اقرار هو ته جيڪو مرد پهرين منهنجي کٽ
تي پير رکندو، آءٌ انهيءَ جي ٿينديس. متان پوءِ ڪا
اوهان مان مون کي مهڻو ڏئي! پوءِ ٻانهيءَ کي واري
هڪ ڪيائين ته: مهمانن کي خاص ماني کارائي، کين
کِلندي کپائي اچ. پوءِ ناتر همير ۽ سندن يارن جي
ماني ٺهرائي، انهيءَ ۾ وِههُ وجهي، ڍاڪُون ڍڪائي
کڻي آئي، ۽ اچي چيائين ته: ”مومل پنهنجن هٿن سان
هيءُ طعام تيار ڪيو آهي، ويهي کائو.“ ائين چئي،
طعام اُتي رکي، دل ۾ خوش ٿيندي، تڪڙي تڪڙي موٽي
ويئي. همير به هٿ ڌوئي يارن کي چيو ته: ڀلا ڀاڳ
اسان جا، جو مومل جي هٿن جي ماني نصيب ٿي اٿئون.
ڀڄي اچي ڀيڙا ٿيو جو بک ۾ آنڊا پيا وٽجن. تڏهن
راڻي هڪل ڪئي ته: ترسو، تڪڙ نه ڪريو، آءٌ پاڻهي
اوهان کي طعام ونڊي ورهائي ٿو ڏيان. ائين چئي سڄي
طعام مان هڪڙو گرانهه ٺاهي ڪتي کي اُڇلائي ڏنائين.
ڪتو گرانهه کائڻ سان اُتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري پيو.
همير اها حالت ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ ڪاوڙ مان اُٿي
کڙو ٿيو. يارن کي چيائين ته: قسمت زور هئي تڏهن
موت جي مُنهن مان بچيا آهيون. نه ته هن خونياڻيءَ
سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي. هاڻي کڏ ۾ پوي مومل، هلو ته
سر بچائي موٽي هلون. هتي هن خريبڻ سان ڪيترو
پڄنداسون! همير جا ٻيا به يار جيڪي اهو لقاءُ ڏسي
هراسجي ويا هئا، سي به اُٿي گهوڙن تي سنج وجهڻ
لڳا. پر راڻي ورندي ڏني ته: بادشاهه سلامت! موت
لکيل هوندو ته اوس ايندو، باقي هتان هٿين ٺلهو
موٽڻ خواري آهي. سوڀ ستار جي وس آهي، ڀل هرڪو ڪوشش
ڪري، پوءِ جنهن جو ڀاڳ ڀَڙائي. اها ڳالهه ٻڌي همير
ترسيو. تڏهن وري راڻي چيو ته: بادشاهه سلامت!
پهرين وارو توکي آهي. هڪ ڀيرو نه پر ٻه ڀيرا مومل
جي ماڙيءَ تي چڙهائي ڪج. پر بادشاهي اقرار ڏي ته
جيڪڏهن تون مومل تائين نه پهتين، ۽ خدا ٻئي ڪنهن
يار کي سوڀ ڏياري، ته پوءِ متان ڪاوڙجي مومل نه
کسي وٺين. همير سومري بادشاهي اقرار ڏنو.
ايتري ۾ ناتر وري اچي سهڙي، هنن کي جيئرو جاڳندو
ڏسي ڏاڍي حيران ٿي، ۽ وڦلندي موٽي وڃي محل ۾ مُنهن
ويڙهي سمهي رهي. تنهن تي مومل پڇيس ته: مائي! تون
ڪهڙن سورن ۾ پئي آهين؟ چيائين ته: سانئڻ! ڳالهه
سچي ٿي ڪريان ته آءٌ هنن کي ماني ڏيئي موٽي آيس،
وري جڏهن خبرچار لهڻ لاءِ ويس ته چاق چڱا ڀلا ويٺا
هئا. سچ پڇين ته هنن جي حرفت جي مونکي ته ڪل ئي
نٿي پئي. ڪاڪ تي هن کان اڳ مون انهيءَ حيلي سان
ڪيئن ڪونڌر ماري ڇڏيا، پر هنن جي آڏو منهنجي ڪابه
نٿي هلي. هاڻي تون تيار ٿي ويهه، اِنهن مردن سان
مقابلو ضرور ٿيندو. اهو ٻڌي مومل ڌڻي کان دعا
گُهري ته: اي ٻاجهارا ڌڻي! منهنجي عيبن افعالن جي
توکي ڄاڻ آهي. تون ئي لڄ ڍڪڻ وارو آهين. مرد سان
عورت جو ڪهڙو مقابلو! هاڻي اهڙي ڪا من ۾ وجهينِ جو
اتان ئي موٽي وڃن. پوءِ ناتر کي سڏي چيائين ته:
هيڻي نه ٿي، هوش سنڀال. ٻاهر وڃي هڪ هڪ ڪري کين
وٺي اچ ته فيصلو ڪريون.
ناتر ماڙيءَ مان نڪري هنن وٽ آئي، ۽ مرڪي چيائين
ته: توهان مان هڪ هڪ ٿي مٿي هلي ته سندس همت جو
پتو پوي. تڏهن سمورن ساٿين همير کي چيو ته: سائين!
تنهنجي آڳ اول آهي، پهرين تون چڙهه. همير به يڪدم
سمند گهوڙي تي سنج رکي ڪاڪ ڏي ڪاهيو. سندس آڏو
ناتر هئي، پر ڪاڪ جي مانڊاڻ وٽ پهچي، هوءَ ڪنهن
حيلي سان اُتان کسڪي وئي ۽ همير گهوڙو جهلي هٻڪي
اُتي بيهي رهيو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، پر ڪٿان
به گهڻي نظر نه آيس، جهوتون هنيائين ته مرڳو ڪپڙا
ڦاڙائي، پاڻ کي ڦٽي وڌائين. لاچار پٺتي موٽيو ۽
ٿڙندو، ٿاٻڙندو اچي پنهنجي ماڳ تي پهتو. سامهون
سنگتين کي ويٺل ڏسي، اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيس. اڃان
يارن خبر چارئي ئي ڪانه ورتس ته ناتر به ناز سان
ٽلندي اُتي آئي. همير، ناتر کي ڏسي جوش مان ڀڙڪو
کائي اٿيو ۽ چيائين ته: ”مومل جي ماڙيءَ تي هڪڙي
ڪاهه اڃا به ڪندس“ ناتر به کلي کڻي گهوڙي جي واڳ
کان ورتو. همير ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي، ناتر سان
گڏ هلڻ لڳو، ۽ ناتر وري به اچي سرنگهه ۾ داخل ٿي.
سرنگهه ۾ اوندهه انڌوڪار اهڙي هئي جو نه گس جي خبر
ته نه طرف جو پتو. اوچتو شينهن ۽ جانورن جي گجڪار
ٿي، ۽ گهوڙي ٽاهه کائي پوئتي موٽڻ جي ڪئي ته تنگ
ٽُٽي پيو، ۽ همير ڦهڪو وڃي پٽ تي ڪيو. انهيءَ وچ ۾
ناتر کيس اتي ئي ڇڏي کسڪي وئي. هڪڙو شينهن جي
گجگوڙ، ٻيو ڪَلن جو ڪڙڪو، تن حواس گم ڪري ڇڏيس.
ڪٿان وڃڻ جي واٽ ئي نه پئي لڀيس. مس وري موٽي اچي
ميدان تي چڙهيو. دوستن کي ڏٺائين ته ڪنڌ کڻي هيٺ
ڪيائين. ويجهو آيو ته پڇيائونس:”همير ڇا وهيو ڇا
واپريو؟ خبر چار ڏي ته مومل ماڻي آئين يا ڀئو کان
سگهو ئي ڀڄي آئين.“ همير خيال ڪيو ته جي سچ
ڳالهائيندس ته يار کلندا، سو پنهنجي عيب لڪائڻ
لاءِ جواب ڏنائين ته” ادا! ماڻيم ڪانه، باقي
ماڙيءَ کي وڃي پهتو هئس. مومل دري کان بيٺي هئي
تنهن جو ديدار ڪري آيو آهيان. بخمل جا ڪپڙا پيل
هئس، ۽ سندس منهن مشعال وانگر پئي ٻريو. سندس
سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان! پر ادا! هن خونياڻيءَ
منهنجي مارڻ لاءِ ڪئين حيلا هلايا. قسمت زور هيم
جو بچي آيو آهيان. منهنجي مڃو ته مومل جي پچر ڇڏي
موٽي هلو.“
همير جي حقيقت ٻڌي سڀيئي هلڻ لاءِ تيار ٿيا، پر
راڻي چيو ته: تڪڙ نه ڪريو، ايمان ٻڌو، من خدا کڻي
ڪنهن کي سوڀ ڏئي! راڻي جو چوڻ دل سان هنڍائي،
گهوڙن جا تنگ ڇوڙي لهي پيا. گهڙي به ڪانه گذري ته
ناتر وري به ناز سان ٽلندي آئي، ۽ همير کي طعنو
هڻندي چيائين ته ”اسان کي ارمان آهي جو اوهان اڌ
پنڌ تان موٽي ٿا اچو. انهيءَ مڙسي سان ڪيئن سوڀ
کٽندو؟ هاڻي اوهان مان وري ڪو ٻيو اُٿي هلڻ جي
تيار ڪري.“ تڏهن ڏؤنر ڀٽي ڪاوڙ مان کَنو کڻي،
چِيني گهوڙي تي چڙهي، هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ناتر به
گهوڙي جي واڳ جهلي، کيس وٺي آڻي طلسم واري ميدان ۾
داخل ڪيو. ميدان ۾ گهڙندي ئي ڪَل چُرّي، ڪڙڪو ٿيو،
۽ گوڙ گهمسان مچي ويا. از غيبي ٺڪاوَن ۽ خوفناڪ
جانورن جي گوڙين تي مڙس دهلجي بيهي رهيو. ويتر جو
ناتر به وجهه وٺي کسڪي وئي، سو ٻه به ويس ته ڇهه
به ويس. گهوڙي کي گهڻو هڪليائين، پر اهو به اڳتي
هلڻ جي بدران نَرا کڻي پٺتي ورڻ لڳو. گهوڙي ذري
گهٽ مڙس کي ماريو هو، سو لاچار ٿي پوئتي موٽيو ۽
ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي يارن ڀيڙو ٿيو.
راڻي کيس ستت ئي موٽندو ڏسي چيو ته:”ادا، سگهي خبر
ڏي ته تون به مومل سان ملي آئين يا مار جهلي، مرڻ
جي ڊپ کان ڀڄي آيو آهين؟ کُل ته ڪا خبر پوي!“ ڏؤنر
ڀٽي خيال ڪيو ته جي چوندس ته بڇڙو ٿي موٽي آيو
آهيان ته يار ٺٺوليون ڪندا، تنهنڪري خواريءَ جي ڊپ
کان وٺي ٻٽاڪ هنيائين ته: ادا! آءٌ به وڃي مومل جي
ماڙيءَ جي دروازي کي پهتو هئس، پر قسمت نه ڀڙايم.
اُتان ئي موٽي آيس. مومل ماڻيم سا ڪانه، باقي
پريان سندس ديدار آءٌ به ڪري آيو آهيان. چيائونس
ته ”ڀلا مومل جا پار ڏي.“ چيائين ته”ڳاڙها بخمل جا
ڪپڙا پيل اٿس، جن تي هيرن موتين جي جڙات ٿيل آهي.
دروازي تي ٻانهي منهنجي لاءِ طعام کڻي آئي، اهو
کائي، خيال ڪيم ته هتي ئي موت کان مس بچي اچي رسيو
آهيان، باقي جي محلات ۾ گهڙيس ته موت ٺهيو رکيو
آهي، سو اُتان ئي مومل کي ڏسي موٽ کاڌم، پر ادا!
جي سچ پڇو ته توڙي ورهيه ويٺا هجو، پر مرڻ کان
پوءِ به ڪاڪ ڪڏهن نه پسي سگهندو.“ هن جي اها ڳالهه
ٻڌي همير ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو، ان سان گڏ ڏؤنر
ڀٽي، شينهڙو ڌماچاڻي به اُٿيا ۽ گهوڙن تي سنج وجهي
عمرڪوٽ ڏانهن موٽڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. تڏهن راڻي
چين ته: ائين ڀڄي هلڻ مان خواري ٿيندي، اڃان به
قسمت آزمائينداسين. انهن ئي ڳالهين ۾ هئا ته مٿان
ناتر به اچي سهڙي. هنن کي چيائين ته: يا ته اوهان
کان عقل ڇڏائي ويو آهي يا ته اصل کان ئي بي همٿ
آهيو، جو اڌ پنڌ تان موٽيو اچو!
ناتر جي انهيءَ طعني تي وري شينهڙو ڌماچاڻي هٿيار
پنوهار کڻي اُٿيو ۽ سنجاف گهوڙي تي سنج وجهي، ها
هُر ڪندو گوليءَ سان گڏ روانو ٿيو. هي مڙس به جڏهن
انهيءَ هنڌ پهتو، جتي مِرُن جو محشر مَتل هو، ته
اوچتو ڌم ڌمچر مچي وئي. گوڙ گهمسان ۾ وايون بتال
ٿي ويس. وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو.
ايتري ۾ ناتر به کائنس کسڪي رواني ٿي وئي. آخر
لانگ ورائي گهوڙي تان لهي پيو ۽ نيزو هٿ ۾ ڪري،
مِرُن ۽ جانورن جي وچان لنگهي، وڃي مومل جي ماڙيءَ
وٽ پهتو. ماڙيءَ جي چئني پاسن کان پاڻي نظر آيس،
جنهن ۾ ڇولين جا ڪڙڪا پئي پيا. ڇولين جي ڌڌڪار تي
دل لاهي بيهي رهيو: نه اُتان ڪا وڃڻ جي واٽ لڌس، ۽
نه ئي وري ماڙي کي ڪو دري دروازو نظر آيس، جنهن
مان رڳو مومل کي پري کان ڏسي سگهي. عقل هلائي جڏهن
ٿَڪو، تڏهن نااميد ٿي رکيئين پيرن تي زور. دل ۾
چيائين ته: اهڙي عورت ئي گهوري، جنهن پٺيان جيءُ
کي جوکو رسي. واءُ وانگي پوئتي موٽيو ۽ اچي سنگتين
وٽ رسيو. راڻي چيس ته ”اڳيان ڪهڙو آزار آهي، جو
سڀئي سهڪندا موٽيو اچو؟ هاڻي ڏي خبر ته تون به
مومل ماڻي آئين يا اڌ واٽ تان ڀڄي آيو آهين؟“
شينهڙي خيال ڪيو ته اڳ ۾ ٻه يار مومل کي ڏسي آيا
آهن، آءٌ چوان ٿو ته مومل کي ڏسڻ کانسواءِ موٽي
آيو آهيان ته ڳالهه ڪسي ٿي پوندي. سو هن به وٺي
ٻٽاڪ هنئي ته”ادا! پري کان مومل جو ديدار آءٌ به
ڪري آيو آهيان. ماڙيءَ جي دريءَ مان ڏٺم ته مومل
ريشمي ڪپڙا پهريو، هار سينگار ڪريو، پلنگ تي ويٺي
هئي. سندس سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.! اهڙي حور پري
روءِ زمين تي ڪانه هوندي! پر يار! مومل تائين پهچڻ
واري سرنگهه جي سفر کان سوري ڀلي آهي. جي مرڻو
اَٿوَ ته هلي ڪٿي مڙس ٿي مرو، باقي هتي وڻن ۾ وات
وجهي مرڻ مان ڪهڙو فائدو! کڏ ۾ پوي مومل ته بَٺ ۾
سندس سونهن. هيءَ زحمت جهڙي زال شال نه ڪنهن جي
پُکي پوي! جيئرا هونداسين ته هڪڙي جي عيوض ست ست
سوڍيون هلي پرڻباسين. هاڻ سنبت ڪريو ته هلون، هتي
هڪڙي گهڙي به ترسڻ نه جڳائي.“
اتي همير سومرو، ڏؤنر ڀٽي ۽ شينهڙو ڌماچاڻي هٿيار
پنوهار ٻڌي اُٿيا ۽ گهوڙا سنجي هلڻ لاءِ تيار ٿيا.
پر راڻو ويٺو ئي رهيو. همير چيس ته:”جڏهن اسين
ٽيئي بانڪا بهادر ناڪام ٿي موٽيا آهيون، تڏهن تون
ڪهڙي طرح انهيءَ خوفناڪ مانڊاڻ مان پار پوندين؟
مفت ۾ مري ويندين تنهنڪري هلڻو اٿئي ته هل، نه ته
اسان جي الله واهي اٿئي.“ ته به راڻو ڪڇيو ئي
ڪونه، ماٺڙي ڪيو ويٺو رهيو. جڏهن ٽنهي ڄڻن ڏٺو ته
راڻو هلڻ جي نٿو ڪري، تڏهن اُٿي هلڻ لڳا. اتي راڻي
کين سڏ ڪري چيوته: ”چارئي گڏجي آيا آهيون،
هلنداسون به گڏجي. اهو اوهان سان انجام آهي. باقي
اهو ڪهڙو دستور آهي جو ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.“ اوهين
پنهنجي قسمت آزمائي، مون کي اڌ ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃو!
آءُ به پنهنجي قسمت آزمايان. سڀيئي مَٽ سَٽ ٿيون،
پوءِ گهوڙن تي چڙهي ڏينهڪ ئي هلي پنهنجي ماڳ
رسنداسون.“ راڻي جي اها گفتار ٻڌي ٽنهي يارن دل ۾
خيال ڪيو ته: ”چئي سچ ٿو، اسين پنهنجي جوش ۾ سنگتي
کي وساري ٿي هلياسين.“ پوءِ موٽي آيا، ۽ راڻي کي
چيائون ته:”ادا، چئين سچ ٿو.“ پوءِ گهوڙن تان سنج
لاهي بالم ٿي ويهي رهيا.
اڃا پاڻ ۾ کل ڀوڳ پئي ڪيائون ته مٿان ناتر به اچي
نڪتي. اڳئين کان وڌيڪ ناز نخرو ڏيکاري هنن کي
چيائين ته: اوهان جي اندر جي به ڪل ئي ڪانه ٿي
پئي. ٻٽاڪون ته گهڻيون پئي هنيوَ، پر پوءِ ڀاڄوڪڙن
وانگر ڀڄي آئيو. هاڻي يا ته پڇر ڇڏي هليا وڃو، يا
ته مڙس ماڻهو ٿي اچو. تڏهن سوڍو ٽپ ڏيئي اُٿيو.
نِيري گهوڙي تي سنج وجهي سوار ٿيو، ۽ ناتر سان
گڏجي هلڻ لڳو. دل ۾ ڌڻي کي ٻاڏائڻ لڳو ته: سائين!
سنگتين جي آڏو منهنجي عزت رهجي اچي! ائين چئي
سرنگهه ۾ گهڙيو، ۽ حشمت سان هلندو اچي اُنهي ميدان
۾ پهتو، جتي ڪَلن جو مانڊاڻ منڊيل هو. راڻي جو
رَسڻ ۽ گوڙ گهمسان شروع ٿيڻ: خوفناڪ آوازن راڻي جا
ڪن ڪڍي وڌا. اوندهه انڌوڪار ٿي ويئي. ڪابه شيءِ
نظر نٿي آيس. هڪڙي پاسي شينهن ۽ چراغن جي ڌڌڪر ته
ٻئي پاسي هاٿين جون رڙيون. مٿان پکين جي ڪوڪار ته
زمين تي وري نانگن ۽ بلائن جون ڦوڪون. کَن پل ۾
لکين جانورن جو لشڪر ويڙهي ويس. ڪٿان به وڃڻ جي
واٽ ئي نه پئي لڀيس. جانورن جي انهيءَ لشڪر ۽ انهن
جي رڙين ڪوڪن ۾ راڻو به حال ته حيران ٿي بيهي
رهيو.
ٻانهي ناتر جو دستو هو ته اُنهيءَ هنڌ اچي غائب ٿي
ويندي هئي. جنهن کي ساڻ وٺي ايندي هئي، سو يا ته
جانورن ۽ نانگن بلائن جي هيبت کان اُتي جو اُتي
مري پوندو هو، يا ته خوار خراب ٿي موٽي ويندو هو.
راڻي کي به غافل ڏسي ناتر ڀڄڻ لاءِ گوهي ڏني پر
راڻي به جهڙپ هڻي کيس جهلڻ جي ڪئي. راڻي جو هٿ
ناتر جي سڳين ۾ وڃي پيو، ۽ وارن کي ڇڪ اچڻ سان
ناتر ڪِري پئي. راڻو جو گهوڙي تي سوار هو، سو
انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾ باهڙجي گهوڙي تان ڪِري پيو،
سڳيون هٿ مان ڇڏائي ويس. ناتر اهو وجهه ڏسي، ڀڙڪو
کائي، سرنگهه ۾ ڪنهن پاسي گم ٿي وڃي ماڙيءَ ۾
نڪتي.
راڻو پاڻ سنڀالي يڪدم اُٿي کڙو ٿيو، پر تيسين ناتر
سندس نظر کان غائب ٿي وئي، پوءِ ته راڻو گهوڙي تي
سوار ٿي، اُنهيءَ پاسي هلڻ لڳو، جيڏانهن
ناتر وئي هئي. ڪاريهر نانگن ڪَر کنيو، سندس پيرن ۾
پئي ڦوڪون ڏنيون. پر هن خيال ڪيو ته موٽڻ جي خواري
کان مرڻ ڀلو آهي. سو جانورن کي لتاڙيندو، هلندو
هلندو اچي ڪاڪ ڪنڌيءَ پهتو. ڏسي ته پاڻي سمنڊ
وانگر ڇوليون پيو ڏئي، ۽ هزارين واڳون، سيسر ۽
لڌڙا پيا ٻاڪارين.
راڻو هيڪر ته اُنهن کي ڏسي دهلجي ويو، پر پوءِ
جڏهن چِتائي ڏٺائين، تڏهن شڪ پيس ته اهو پاڻي ۽
جانورن جو ڏيکاءُ، سموري کيڏ ٿي ڀانئجي. آزمودي
لهڻ لاءِ کيسي مان سوپاري ڪڍي، کڻي پاڻيءَ ۾
اُڇلايائين ته اُها پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ بدران ائين وڃي
ڪِري، جيئن ڪائي ته کل کڙڪو ڪري. اهو تلاءُ ڪائي
جي آرسي سان اهڙي ڪاريگريءَ سان ٺاهيل هو، جو ڄڻ
ته سچ پچ پاڻي هجي. ڪيترائي سورهيه ٻيا سڀ لڪ
لتاڙي، جڏهن اُتي پهچندا هئا، تڏهن پاڻي جي ڌڌڪي ۽
آفتن جي رڙين جي ڊپ کان موٽي ويندا هئا. پر راڻو،
سياڻپ سان سمورو راز معلوم ڪري، گهوڙن تان لهي
پيو، ۽ گهوڙي کي واڳ کان وٺي، پاڻيءَ تان صحيح
سلامت هلندو اچي مومل جي ماڙيءَ وٽ پهتو. اوندهه
انڌوڪار ۾ پري کان ماڙيءَ جو دروازو ڏسجڻ ۾ ئي
ڪونه ٿي آيو. پر ويجهو اچڻ سان دروازو ڏسي، اُتي
اچي بيهي رهيو. مومل ۽ سندس ساهيڙين، ماڙيءَ جي
دريءَ مان راڻي جو مشاهدو ويٺي ڏٺو، جڏهن ڏٺائون
ته راڻو سموري مانڊاڻ مان اُڪري اچي ماڙيءَ جي
دروازي تي پهتو آهي، تڏهن ناتر کي موڪليائين، جنهن
دروازو کولي، راڻي کي وٺي آڻي ماڙيءَ جي وچ ۾
بيهاريو.
مومل جون سڀ سهيليون سونهن ۾ هڪٻئي کان وڌيڪ هيون.
گهٽ ڪنهن ۾ ڪانه هئي. سڀني کان هڪجهڙو ويس، هڪجهڙو
سينگار. خبر ئي نه پوي ته ساڻ ڪهڙي ۽ ٻانهي ڪهڙي!
ناتر کلي چيس ته” راڻا! پنهنجي مومل ڳولي لهه!“
راڻو مُنجهي بيهي رهيو. ايتري ۾ هڪڙو ڀونئرو، مومل
جي مٿان اچي ڀِرڻ لڳو. راڻي سهي ڪيو ته اهائي مومل
آهي. پوءِ وڌي وڃي ٻانهن مان جهليائينس. اتي مومل
نماڻي ٿي چيس ته:”تو سمورا شرط پورا ڪيا ۽ هاڻي
آءٌ تنهنجي آهيان.“
مومل ڇا ڪيو هو جو اندر ماڙيءَ ۾ ڇهه کوهه کڻائي،
انهن جي تَريءَ ۾ ڀالا ۽ نيزا کوڙائي، اُنهن جي
مٿان ڪچي سُٽ جا اُڻيل پلنگ رکائي ڇڏيا هئا، جڏهن
ڪو به ماڻهو انهن پلنگن تي ويهندو هو، تڏهن وڃي
کوهه جي تَري ۾ پوندو هو. ڀالا ۽ نيزا سندس جسم
مان آرپار لنگهي پوندا هئا. فقط ستون پلنگ صحيح
هو، جنهن تي مومل پاڻ ويهندي هئي. مومل پاڻ اتي
ويٺي ۽ راڻي کي ٻين پلنگن مان هڪڙي تي ويهڻ جو
اشارو ڪيائين. پلنگ ڏسي راڻي کي ٿورو شڪ جاڳيو.
خيال ڪيائين ته جنهن خونياڻي سوين سورهيه ماريا
آهن، تنهن هتي به متان ڪو فريب رکيو هجي. سو ڇا
ڪيائين جو نيزي جي نوڪ سان، پلنگ جي وچ تي ٿورو
زور ڏنائين ته پلنگ وڃي کوهه ۾ ڪِريو. اهڙيءَ ريت
ڇهئي پلنگ ڇِني، ستين پلنگ تي مومل ساڻ گڏ بالم ٿي
ويهي رهيو. مومل، راڻي جي سورهيائي تي اڳئي عاشق
ٿي چڪي هئي، ويتر سندس چترائي ڏسي، هيڪاري سندس
محبت ۾ سوگهي ٿي ويئي، اتي راڻي کي ڳڙهاٽي ڏنائين
۽ چيائين ته: اڄ کان وٺي آءٌ تنهنجي ٻانهي آهيان.“
مومل جي ماڙي، عاج ۽ چندن جي چٽن سان سهڻي
سينگاريل هئي. راڻو مومل کي ماڻي ڏاڍو خوش ٿيو،
ماڙيءَ ۾ پڻ خوشيون ٿي ويون. سڀني سهيلين راڻي کي
مبارڪون ڏنيون. راڻي ۽ مومل اڃان پاڻ ۾ رهاڻ ئي
ڪانه ڪئي ته مٿان اَسُر اچي ٿيو. جڏهن راڻو، هٿيار
پنوهار کڻي، گهوڙي تي چڙهڻ لاءِ تيار ٿيو، تڏهن
مومل ڊوڙي آئي ۽ منهن ۾ شور وجهي، راڻي کان تلوار
کسي، چيائين ته مونکي اڪيلو هتي ڇڏي ڪيڏانهن ٿو
وڃين؟ راڻي جواب ڏنو ته، مومل! آءٌ همير سومري جو
وڏو وزير آهيان. همير، ٻن ٻين وزيرن ساڻ ٻاهر ويٺو
آهي. آءٌ وعدو ٿو ڪريان ته انهن کي روانو ڪري، ترت
ئي ٿو تو وٽ موٽي اچان. تڏهن مومل چيو ته، راڻا!
هاڻي هڪ گهڙي به توکان سواءِ آرام نه ايندم. جي
دير ڪيئي ته آءٌ پاڻ ماري وجهنديس ۽ پوءِ اجايا هٿ
هڻندين. راڻو مومل کي سُنهن ويساهه ۽ دلاسا
دلبريون ڏيئي گهوڙي تي چڙهي، مومل کان موڪلائي اچي
سنگتين وٽ پهتو.
هن کان اڳ ٻيا سڀيئي سنگتي، مومل جي ماڙيءَ مان
جان بچائي جلد موٽيا هئا، پر راڻي کي جو سڄي رات
گذري وئي هئي، سو پڪ ٿين ته راڻو وڃي مومل سان
گڏيو. سو راڻي کي ڏسندي ئي همير هڪل ڪئي، ته اچڻ ۾
اويل ڪيئي، متان مومل ماڻين آئين؟ راڻي سوال مان
سهي ڪيو ته همير ڪاوڙيو ويٺو آهي: جي سچي ڪندس ته
متان مارائي ڇڏيم، يا مومل کسي وٺيم، تنهنڪري ڪوڙ
ڪري چيائين ته، سائين! ٻن پئي ماڙي ته کڏ ۾ پئي
مومل! جنهن کي سر جو سانگو نه هجي، سو انهيءَ
خونياڻي سان هٿ اٽڪائي! آءٌ به اوهان وانگر سڄي
رات سرنگهه ۾ سَٽون ڏيئي، پرهه ڦٽيءَ جو موٽي آيو
آهيان، جيستائين جيئرو هوندس ته وري مومل جي وائي
وات مان نه ڪڍندس. هاڻي اُٿو ساجهر هلي پنهنجي وطن
ڀيڙا ٿيون. راڻي جي روداد ٻڌي، چائري گهوڙن تي
چڙهي روانا ٿيا ۽ آخر اچي عمرڪوٽ پهتا. پر اها
ڪنهن کي به خبر ئي ڪانه رهي ته ڪا راڻي، مومل ماڻي
آهي.
پوءِ البت راڻي جي هلت- چلت مان همير کي شڪ پئجي
ويو هو ته راڻو، مومل وٽ وڃي پهتو آهي، پر اسان
کان ڳالهه لِڪائي. ويتر جو مومل جي سونهن جي
ساراهه ٻڌي هئائين، سو اندر ۾ آنڌ - مانڌ هئس. نه
ڪچهري ڪري، نه طعام کائي، نه راڻي سان پورو منهن
ڏيئي ڳالهائي، ۽ نه وري سندس سلام جهلي. ڪي ڏينهن
ائين گذريا. آخر راڻي کان همير جي اها رَوَش سَٺي
نه ٿي، سو هڪڙي ڏينهن همير کي اڪيلو ڏسي، هٿ ٻڌي
عرض ڪيائين ته، سائين! مون کي برابر ڊپ وچان اوهان
سان ڪوڙ ڳالهايو هو. آءٌ مومل سان ملي آيو آهيان.
ڏُڌو کير وري ٿڻين ڪونه پوندو. هاڻي جيڪا سزا ڏيڻي
هجنئي سان ڏي. پوءِ راڻي کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي.
اتي همير پنهنجي دل مان راڻي ڏانهن غير ڪڍي، کيس
چيو، ته مون کان تنهنجي حق ۾ ڪَچي ڪڏهن ڪانه
ٿيندي. اڄ کان وٺي مومل منهنجي نياڻي آهي. پر هڪڙي
ڳالهه آهي جو مومل هڪوار پنهنجي اکين سان ڏسان.
راڻي خوش ٿي همير کي چيو ته: سائين! تون بادشاهه
آهين، متان مومل هراسجي تنهنجي سامهون نه اچي،
تنهنڪري تون ڌنارن جو ويس ڪري، ڏانگ کڻي مون سان
گڏجي هل ته توکي مومل ڏيکاريان. همير اهو شرط قبول
ڪيو.
پوءِ راڻو ۽ همير صلاح ڪري اُٺ تي ٻيلهه چڙهيا ۽
ڪاڪ تي پهچي ساجهر ئي اچي سرنگهه ۾ گهڙيا، اُتي
اُٺ تان لهي همير پنهنجي پوشاڪ بدلائي ڌنارن جو
ويس ڪيو،
۽ ڏانگ هٿ ۾ کڻي، اُٺ کي مهار کان ڇڪي وڃي مومل جي
ماڙيءَ اڳيان جهُڪايو. همير اُتي ئي بيهي رهيو ۽
راڻو ٽپ ڏيئي اُٺ تان لهي ماڙيءَ تي چڙهي ويو.
مومل سندس اُڪير ۾ ويڳاڻي ويٺي هئي، تنهن ساڻس ملي
سِڪ لاٿي. مومل، راڻي جي انتظار ۾ ماڙيءَ جي دريءَ
کان ويٺي هئي، تنهن همير کي به ايندي ڏٺو هو. جڏهن
راڻي سان رهاڻ ڪري دل خوش ڪيائين، تڏهن همير جي
يادگيري پيس، سو راڻي کان پڇيائين ته، مينڌرا! اهو
ڪنجڪي پاڻ سان ڪير آندو اٿئي؟ نڪو جَت ٿو ڏسجي،
نڪوئي فقير ٿو لڳي! مُنهن مهانڊي مان ته وڏي بخت
وارو شخص ٿو معلوم ٿئي! تڏهن مينڌري مرڪي جواب
ڏنس، ته هي شخص منهنجو ميهار آهي، ٻانهيءَ جو ٻار
هو، جو ننڍو ڪري نپايو هئوسين، تڏهن هن ۾ اميراڻا
ارڪان آهن.
مومل کي راڻي جي جواب مان خاطري ڪانه ٿي، سو اُٿي
همير وٽ آئي، ۽ چيائينس ته، ميان ميهار! هلي مينهن
ته ڏُهي ڏي! همير ويچارو مومل جو حڪم بجا آڻي
اُٿيو ۽ وڃي مينهن ڏُهڻ ويٺو. پر ڇا لڳي بادشاهه،
ڇا لڳي ميهارڪو ڪم! ڪُڇي به نه سگهي، بس، مينهن
ڏُهندي ڏُهندي نازڪ هٿن ۾ ڇلڻا پئجي ويس، ۽ رت وهڻ
لڳس. کير ڏهي ٻانهي جي حوالي ڪري، وري اچي اُٺ وٽ
ويٺو. مومل ۽ راڻو پنهنجي رهاڻ ۾ پورا هئا. سڄو
ڏينهن گذرين، مٿان سومهڻي به گذري وئي.
همير، مومل کي ڏٺو ته سهي، پر سندس حُسن ڏسي،
پنهنجي اندر سان اورڻ لڳو ته” ههڙي حُسن- وند،
حُورن ۾ به مشڪل سان لڀندي! مومل جي مٿان سئو
سوڍيون قربان ڪري ڇڏجن! ههڙي حور جي مٿان ته مونکي
لشڪر مارائڻ کپندو هو! راڻي اهڙي ڪُڌائي ڪئي آهي
جو کيس جيئرو نه ڇڏڻ گهرجي!“ راڻي، همير جو اهو
ڀڻڪو ٻڌي ڪن کڙا ڪيا. همير کي ڪاوڙيل ڏسي، مومل
کان موڪلائڻ لڳو. مومل، راڻي کي رات ٽڪڻ لاءِ
گهڻيون ئي منٿون ڪيون، پر راڻو، همير کي وٺي روانو
ٿيو. سرنگهه مان نڪري سولا ٿيا ته همير ڪاوڙ ۾
ڪاراٽجي، راڻي کي طعنن مهڻ سان تائي کنيو ۽ عمرڪوٽ
پهچي کيس کڻي قيد ۾ هنيائين.
ست ڏينهن ست راتيون راڻو قيد ۾ هو.
راڻي جي ڀيڻ همير سان پرڻيل هئي. صورت ۽ سيرت ۾
همير جي ٻين راڻين کان برک هئي. همير جو به مٿس
راض هو. تنهن ڀاءُ کي قيد ۾ ڏسي، همير کي محلات ۾
گهرايو ۽ کيس چيائين، ته منهنجي ڀاءُ کي قيد مان
ڪڍي جيئدان ڏي. تڏهن همير چيس ته، ٻائي! هڪڙي شرط
سان راڻي کي ڇڏيندس. اهو هيءُ ته اُن رات واري
پنهنجي رهاڻ جي پرولي ڏيندوسانس، ڀڳائين ته ڇُٽو،
نه ته ڦاهي چڙهندو. همير جو فيصلو ٻڌي راڻيءَ سڄي
رات واري حقيقت پنهنجي ڀاءُ تائين پهچائي. ٻئي
ڏينهن همير، راڻي کي قيد مان ڪڍائي پنهنجي ڪچهري ۾
گهرايو ۽ پرولي ڏنائينس ته:
”چُئنيءَ آيو چير، سو ڏٺم پنهنجي ڏانوَ ۾“
راڻي پرولي ٻڌي جواب ڏنو ته:
”تون ٿي راحت رسئين، تڌهن ٻال مڱيو ٿي کير
چاڪ چُنيءَ کي چير، تڏانهن آيو تڪڙو.“
حقيقت هن ريت هئي ته هڪڙيءَ رات همير بادشاهه
راڻيءَ سان رهاڻ ۾ هو ته اوچتو سندس ٿڃ پياڪ ٻارڙو
جاڳي پيو ۽ روئڻ لڳو. راڻِي، همير کي ڇڏي تڪڙ مان
اُٿي ٻارڙي ڏانهن ڊوڙي ته سندس پوتيءَ کي ڇِڪ آئي،
۽ ڦاٽي پيئي. همير بادشاهه انهيءَ واقعي جي اهڃاڻ
پروليءَ جي صورت ۾ راڻي کي ڏنو، جنهن جو هن پورو
جواب ڏنو. راڻي جو جواب ٻڌي همير کِلي ڏنو، ۽
مٿانئس بند معاف ڪري کيس جيئدان ڏنائين ۽ اڳئين
کان به وڌيڪ عزت ڏيئي پنهنجو وزير مقرر ڪيائين.
همير جي قيد مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ، راڻو روزانو
رات جو هڪڙي اُٺ تي چڙهي مومل ڏي ويندو هو، ۽
اَسُر جو موٽي اچي سمهي رهندو هو. سڀني کي خبر هئي
ته راڻي، مومل ماڻي آهي. پر اها ڪنهن کي خبر ڪانه
هئي ته راڻو روزانو رات جو اُن وٽ وڃي ٿو. هڪڙيءَ
رات راڻي زال ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏسي ته راڻو آهي ئي
ڪونه. ان بعد روز رات جو راڻي کي پنهنجي هنڌ تي نه
ڏسي، پنهنجي سَهُري ”ڪبير“ سان خبر ڪيائين، جنهن
پنهنجي نُنهن کان نشانيون ورتيون. نُنهن ٻڌايس، ته
راڻو صبح جو وهنجي ٿو ته سندس جسم تي لڳل ڳاڙهي
مِٽي، پاڻيءَ ۾ ملي رت جهڙي ٿيو پوي. اهو اُهڃاڻ
ٻڌي ڪبير سهي ڪيو ته اها مِٽي ڪاڪ جي آهي. تنهن
پنهنجن جتن کي گهرائي خبر پڇي، ته راڻو ڪيڏيءَ مهل
۽ ڪهڙي اُٺِ تي وڃي ٿو؟ جتن چيو، ته رات جي ٽئين
پهر ۾، راڻو وڳ ۾ اچي، پنهنجي اُٺ تي چڙهي ڪيڏانهن
ٿو وڃي، سا اسان کي خبر ڪانهي، باقي اسين اُنهيءَ
اُٺ کي وري اَسُر جو وڳ ۾ چرندي ڏسون ٿا. تڏهن
ڪبير انهيءَ مهل ئي اُٺ گهرائي پنهنجي روبرو ڪهائي
ڇڏي. چيائين، ته وڳ ۾ ٻي ڪا اهڙي اُٺ آهي ئي ڪانه
جنهن تي راڻو رات وچ ۾ ڪاڪ تان ٿي ايندو.
سوڍو به رات سنڀري، دستور موجب وڳ ۾ آيو. اُٺ
ڳوليائين پر نه لڌي، تڏهن جت کي سڏڻ لڳو. انهيءَ
وڳ جو سنڀاليندڙ ٻوڙو جت هو. آخرڪار انهيءَ سوڍي
جا سڏ ٻڌي، چيو ته، راڻا! اُٺ تنهنجي پيءَ ڪهائي
ڇڏي. باقي اُن جو توڏو آهي، جيڪو ڪئين ڀيرا ماءُ
سان گڏ ڪاڪ گهمي آيو آهي. اُهو به ماءُ جهڙو ئي
هلڻ جو ڇوهو آهي. راڻي چيس ته، ته اهوئي پلاڻي ڏي.
جت يڪدم توڏو پلاڻي، مهار وجهي، راڻي جي حوالي
ڪيو. راڻو چانگي تي چڙهيو ته ماءُ کان به ٻه رتيون
وڌيڪ نظر آيس. راڻو جلدي ئي وڃي ڪاڪ ۾ پهتو ۽ مومل
سان ملاقات ڪري رات وچ ۾ موٽي آيو. راڻي کي
جيتوڻيڪ اُٺ جي مارجڻ جو ڏاڍو ڏُک لهي ويس. پوءِ
ته روزانو رات جو لڪچوريءَ انهيءَ گئونري تي پيو
ايندو ويندو هو.
.
پانڌي پَهنور جي بيتن موجب، سندس نالو راجا
ڀوج هو ۽ هُو ٻاهڙ مير جو حاڪم هو.
.
گل محمد کوسي جي بيتن موجب: مرونءَ جي هڪ
هڏي.
.
ٻي هڪ روايت موجب: سيتل سامي هنگلاج جو ويٺل
هو.
.
لال محمد انڍڙ جي بيتن موجب: چار ڀيڻيون
مومل، سومل، سهجان ۽ سوڍي ڪاڪ تي اچي رهيون.
. لال محمد انڍڙ جي بيتن موجب: هرڻ جي پٺيان
”ماٿيلي“ طرف وڃي نڪتا، جتي جوڳيءَ سان سندن
ملاقات ٿي ۽ مومل جي خبر ٻڌائون. پانڌي
پنهور ۽ گل محمد کوسي جي بيتن موجب: مومل جي
حسن جي هاڪ ٻڌي، ڪاڪ ڏي ڪاهيائون. واٽ تي
رات پئجي وين. هڪڙي روجهه ماري ڊاٻو ڪيائون.
صبح جو اُتر پاسي کان سامي ايندو ڏٺائون،
جنهن ان مومل جي حسن جي خبر ملين.
. گل محمد کوسي جي بيتن موجب: راڻي، هڪڙو
لڪڻ لڪائي کنيو هو. ناتر جڏهن گوهي ڏئي ڀڄڻ
جي ڪئي، ته راڻي چوٽيءَ کان جهلي لڪڻ سان
سٽڻ لڳس. نيٺ ناتر طلسمي کريب ۽ مومل تائين
رسڻ جو رستو ڏسيس.
. لال محمد انڍڙ جي بيتن موجب: راڻي موٽي اچي
سنگت سان سچي ڪئي، ته مومل ماڻي آيو آهيان.
جنهن تي همير سومرو ڪاوڙيو ۽ دل ۾ دغا پيدا
ٿيس.
. پانڌي پنهور جي بيتن موجب: جڏهن راڻي،
مومل ماڻي، تڏهن ست ڏينهن وٽس رهيو. اٺين
ڏينهن مومل چيس ته مونکي همير ڏيکار. پوءِ
همير وٽ آيو، ۽ چيائينس ته توکي مومل سڏايو
آهي، پر ميهار ٿي هل. همير، راڻي سان گڏجي
ويو. مومل سڃاتس چي، هي ميهار نه آهي، پر ڪو
سومرو آهي ۽ منهنجو ڀاءُ آهي، پر راڻا! تو
هن سان رڻ ڪري ڇڏيو جو هن ويس ۾ هتي وٺي آيو
آهينس.
. لال محمد انڍڙ جي بيتن موجب: همير راڻي کي
ڪاٺ ۾ وڌو. اُتي به راڻي کي مومل کانسواءِ
سُک نٿي آيو. آخرڪار ڪنهن حيلي بنديخاني جي
داروغن کي پاڻ سان ملائي، رات جو نڪري اُٺ
تي چڙهي، مومل سان وڃي ملاقات ڪندو هو، ۽
پرهه ڦُٽيءَ کان اڳ موٽي ايندو هو.
|