سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :6

- تڏه اُتو سينهڙي سُبحان، ته آءٌ هن هنڌان ئي نه چران

جاموٽايو مشڪل ڪري، سامونک ڪنوار گهرجي ئي ڪانه

ان سوڍيءَ جي شان، گهڻا ڦڪا ڦيري ڇڏيا.

75- تڏه ڪري ٽنهي پاڻ پرياڻ، سوڍو سمجهائي موڪليو

ته وانءُ ناترسين نڪري، آهين ساڌو سڌ سبحان

جان ڪو مهت رسيوءِ مان، تان جو کٽي سو کٽ وِهي.

76- تڏه ٿيو راڻو راه رفيق، پردائي دست جهليو وڃي

تنهه ٿي ڪيا وڌا وس وڃڻ جا، تان هو ساڻس نزڪ نزيڪ

تنہ راڻي ناتر نه ڇڏي، جانڪو آيس اڳئون آب عميق

جن تي راضي رب شفيق، وار نه ونگو تن جو.

77- فٽڪ تي في الحال، وڃي سوڍي سوپاري هنئي

تنہ فن مڪر معلوم ڪيو، دم تنهين در حال

ٿيو ساڍو سِڌُ سر حال، ان ناتر راهه روان ڪي.

78- دائي وڃي تنہ دم، مومل وٽ مذڪور ڪيو

اچي راڻو رميو، قابو ڪؤنر قدم

ڇڏ طولان تنہ سين، پاڻا گُجر پوندينءَ غم

پانجي شان شرم، تنہ کي پٿر وار وڇاءِ تون.

79- سو لنگهائين ڪائو، جت مشڪل ڪم محال هو

ڀري پير ”براهم“ چئي، جان آگاهون آيو

تان سوڙهي ڳريءَ سنهڙي، هو اڳيان اونڌائو

ٽن فَرَهي ٽن چاڻڪي، جان دانہ دل لايو

تان جَمَ جزارون جود آتشي هن هو هنر هلايو

سو نيزي ساڻ نگاهه ڪري، وڌائين وِڇُٽايو

اُتهن ڀَلي بچايو، سو پهرين پؤڙيءَ آئيو.

80- اڳيان اَسد ايئن، ٿي ڏٺا ساهوءَ سامهان

سي وات اُپٽيو ڪرين وائي، واگهه اُهائي، ڳانڀ ڳئي ٿئي جيئنِ

ڏند ڪڍيو ڏين ڏيکر ڏاڍو ڏَهڪر ڪُڙها قابو شينہ

هيبت هاڪ هڪل هيڪر هُن جي، تن کي ڏيا تيئن

هن فهميدي فهم فڪر ڪيو، فن من ڦولي ڳولي هتي ڪيسر آيا ڪيئن

تنہ چنچل چنبن سينءَ، ڦاڙي سڀ ڦٽا ڪيا.

81- اڳيان پڙيون پنجيہ[1]، ڪن ٿي چوڏهن چيون

اڳيان تن آنڌار هو، واٽون تنهه چاليهه

راڻي رخ رکي وٺتو صاحب ربّ سميع

سو لحظي منجهه لنگهي ويو، نه ٿيس جوکو جيءَ

داناه دل قويَ، اچي سوڍي سلام واريو.

82- پر هئي کٽ مٿي سر کوهه، تنہ تي جواهر جڙاءُ هو

ڪي دائيءَ ڳجهوئي ڳالهيو، هن رمز پروڙي روح

تنہ منجهان شڪ شبوهه، ادب ساڻ اڀي رهيو.

83- هڻي نيزو منجهه نوار، تنہ کٽ کيرائي کوهه ۾،

سا ڪڙ ڪڙ ڪري ڪڙڪو، پيئي منجهه پاتار

سؤ لڱين سؤ وار، راڻو راند کٽي ويو.

84- پسي راڻي سندو رنگ، ٿي مومل مشاهدو ٿيو

چئي: ڪونه ڏٺوسون ڪڏهين، ههڙو عقل جو اڙٻنگ

جيئن پوي باهه پتنگ، تيئن احدي لنگهي آئيو.

85- راڻي روءِ بروءِ، اچي ڪيو مومل اڳيان مارڪو

عشق جي آلاپ جي، بوند کنيائون بوءِ

هوءِ مڙيئي هوءِ، هيڪند محلن هوءِ ٿي.

86- گجر جي گذران جي ڪنہ کي نه هئي ڪل

هزارين هليو ويا، مرد مَهائين مَل

تيلانہ ماڻيئين مومل، جيلانہ هئي طالع ليکي توهه جي.

87- لٿا گوندر غم، پِرين پرچيا پاڻ ۾

ويا سڀ وهم، جني ٿي جاڙون ڪيون.

88- دهل دماما دڦڪون، واڄٽ وڄائين

سرنايون ۽ سُرندڙا، تارون توارين[2]

رنگ رس ريجهه رهاڻ ٿي، گهورون گهورائين

ڪماچا ۽ ڪينرا، سُر ڪيو سنوارين

ٻيٺا ٻُرائين، سڀي ساز نياز سين.

89- پچائين پڪوان، رڌين حلوا سيويون

سنبوسا ۽ سارڻا، نت نت پچائين نان

ڪرين پلاه ۽ ڪَليا، خونچن ڀي خُرمان[3]

دُسارا ۽ دُهرا، آڻيو ڌرين درميان

ليکي ليکيون ڪنہ بيان، تن ويهي خاصا کيڻ رنڌائيا.

90- سوني ساههِ طلاءِ ڪي تِلڪِي، تنہ سِر موتي مڙهايا

بئنسر، بولا، نٿ، نموري، سينڌ ٽِڪي جواهر جڙايا

جهڳمڳ جهومڪ، جهالريون، گجر ھاڻِ ڳڻايا

دُرّ، ڪُرَ، دُهرا، دُر ٻُچا، روپَ ڳهن رنگ لايا

ڏيڍيان، ڪوڪِيان، پئڪن پنڙا، سِڌوڪانَ جهلايا

مُرڪيان، مُهريان آور مِٺڙا، سِر سونا ڏاوڻ ڏايا

ڏَر، توڏَر، چاڳ، بُتڪيون، ڏاڻيون، مينڍا موتِي مُک ڳتايا

نُورا، ڀُورا، نانگُلا، هار، هَسين ڳرپايا

ڪَنڍيان، ٻنڌيان، ٻار کيان، تائيٿ سهجان ساهه سنڀايا

پئچان، سڳيان، واهُ وَنگِيَڙا، پوڄ پٽهڙيون چمڪَلين سر چايا

ايک داڻيان ديکو دُسري، طوسي طلسي طوق بڇايا

ڪٺمالان قيمت ڳورين، تن ٿي لعلون سر لٽڪايا

ڪنگڻ، ڪڙولا، ڪَتريا، تنهه لئي وڌ واڍولا آيا

بوريندا ”براهم“ چئي، جهان چڱي جهڻڪايا

ٻَهون ٻانهِيون ٻانهوٽَن سوهڻين، بازوبند بنايا

جهرمر، جهانجهر، پيرن ڪڙيان، پاءِ زيبان، گهنگهرا

گُجريون وچ تني وچڙايا

نُهڙا، بڇوئان، بَهُوت مُنڊيان، گُجرين گهاٽ گهڙايا

مانگهه، ڦُليان، ڇاپين ڇلا، چُوڙا چلڪ چِٽايا

بيحد بهوت بڇايا، گلم غلاف ۽ گاديون.

91- زريون، بخمل، بافتا، اطلس آڻائين

زرباف، زرينا ذوق مان، ويٺا ورائين

ڪيمخوابان ڪڍيو، ڏسن ڏيکارين

گلبند گج گوجرا، وٽ راڻين رکائين

تنہ کي پُڄيو پَرهائينِ، ڳوريءَ قيمت ڪپڙا.

92- عطر مشڪ عنبير ڪي، کيل کٿوري خوش باس

چُئو چندن چڪهه ڪري، آندائون اخلاص

ڪافور ۽ ڪيوڙي، ويتر ڪيا واس

خاصي کٽ خلاص، آندي سونهڻي سيج بندن سين.

93- ٿيا سِر کٽ ويهي خوشحال، ڏس ايڏا ڪرم ڪريم جا

جوسيءَ جاٽ تمام ڪي، باب پڙهي برحال

ٻئي دوس ويٺا دلخواه ٿي، منجهه سونيءَ سکپال

ديک ڀلي جا ڀال، ٿئي مومل مل ڪر مينڌرو.

94- گنگ راڻي سچ ويائي، جنہ کؤن مومل ڄائي

ورتي ايءَ وائي، ائين سوڍي ساٺ ڪجن ٿا.

95- جيئن سوڍي ڪجن ساٺ، تيئن ٿيون گهورون پون گوٽ تان

پوڄ ٿيا سڀ پاٺ، وسن موتي ماڻڪ مينہ جيئن.

96- جواهر  ياقود، ڪر پاڻيٺن پالوٽ ڪي

اڀا منگن منگتا، جوڙيو ساز سرود

ماڳ مومل موجود، راڻو ريجهه رهاڻ ۾.

97- ڀلي آئين پِيّ، جيءُ آئين جئين پرين

هُسِ راڻا باطل ريءَ، ٿيس سوڍا سنُ ڏٺي تو.

98-    ڀلي آئين نچ، جيءُ آئين جيئن گهڻو

هُسِ راڻا باطل رِچُ، ٿيس سوڍا سون ڏٺي تو.

99-    ڀلي آئين ڪانڌ، نماڻيءَ جي نجهري

پکي پراڻا پاند، تو اچڻ سين آجا ٿيا.

100- ڀلي آئين دوس، جيءُ آئين جيئن پرين

اندوها افسوس، تو ڏٺي سڀ ڏور ٿيا.

101- ڀلي آئين ور، جيءُ آئين جيئن گهڻو.

اڄ هنڌ حويليون گهر، ويتر سونهن ماڙيون مينڌرا.

102- جيءُ آڄوڪِي ويرَ، جيءُ تون اڱڻ آئين سپرين

پيءَ تُمارا پير، چمي هوند چشمن ڌريان.

103- جيءُ اڄوڪو دم، جيءُ تون اڱڻ آئين سپرين

غصو گوندر غم، لحظي منجهه لهي ويو.

104- لٿا گوندر، غم گيا، ورهه مڙيئي ويا

سهسين سک ٿيا، اچيو ڏين مبارکيون مينڌري.

105- جيئن ڏين مبارکيون مينڌري، تيئن سرهيون ٿين ساليون

خوش ٿيو پڇن خبرون، ڳڻ ڳنن ڳالهيون

اڳيان وهسن اُن جي، کلن خوشحاليون

شد پٽا شاليون، آڻيو گهورون گهورين گهوٽ تان.

106- ايڏو ئي الله، جو اهڙا احسان ڪري

عاشق معشوقن کي، ٿو پرچائي پتشاه

ڪين منجهان ڪِي ڪري، بخشي مال متاع

جو بازي بيپرواه، تنہ قادر تان قربان ٿيان.

107- الله جل جلالہُ، سندا ڪم ڪلتار

ارڙهن ڪروڙيون عالمين، خلقيو خلقڻهار

تنہ ساراه ڪريان سبحان جي، جنہ جوڙي جوڙ جبار

واحد جي واکاڻ کي، ليکو ناهه شمار

سڻو ڏيانوَ پار، سندا راڻي همير سومري.

108- جيڪي لنگهين ڏينهن، سا خبر سڀ خالق کي

ناهه ڪتابي ڳالهڙي، جا چونڊي چوان تيئن

ماڙهن وجهي مامري، عشق صلابت ايئن

منجهه نسوري نينهن، ٻيلي وياس وسري.

109- هئو مومل پکي پاڙهيو، طوطي سان تيمار

سو قابل هو ڪلام جو، مت چڱيءَ موچار

سو قفسان ڪڍي ڇڏيو، مومل مڻيادار

ڀري باغن جان وڃي، هلي او هيڪار

تان ٿا ڇنڊين پلاڻين گهوڙا، ٻڌن چيلهه هٿيار

هوءِ راڻي جا يار، تن کي هَل هَل وائي وات ۾.

110- اتو همير سومري ته ٿيو ساڄا سينهڙا ڏؤنئر

ڪاڪ ماڻياسين ڪونئر، هاڻ ڍاٽيا! رسو ڍٽ کي.

111- طوطو وري ويو، اڳيان مومل مينڌري

سڻي حقيقت هن جي، اچي ڳالهيون ڳرهڻ ٿيو

تنهنجن يارن پنڌ پيو، هاني موٽ سارينئي مينڌرا.

112- تڏهن ٿو پڇي مومل کان، ته ڏينہ گذاريم ڪيترا

مون کي ڪل نه ڪا، ته ڪي ساڻم سنگت يار هئا.

113- چئي: مون کي ناهه پروڙ، جان ليکي ڏيئين ڏينهڙا

آءٌ پاڻ محبت جي مذڪور، نينہ نهوڙي آهيان.

114- تڏهن وٺي ويو وٽن، ڪي هنر هزارين حرفتون

اچي سوڍي سلام ورايو، مانهندان ملوڪن

اُٿيا ساهو سامهان، ”عليم“ واريو اُن

خوش ٿيو خان کلن، چون اَچ ادا ڀلي ڪري آئين.

115- سڀ ڏجاهون پار، چئج حقيقت حال جي

ڪِ اوراڙان اوري ورئين، ڪِ پهتين کي پرار

ڪا سڌ سندي سوڌيين، پياءِ ڪن پڪار

چئو چڱيان ٿي يار، ته ڪي مومل ماڻي آئين؟

116- چئي: هي جيڪي ڏينہ لڳام، سي هئم هلاڪيءَ جندڙو

هني جي حرفت سين، ٿي هنر هلايام

رات راتوڪي سپرين، اچي محب مليام

گوندر سڀ گيام، وره ويا وسري.

117- تڏهن مبارڪون ڏيئي، اچي ويٺس ويجهڙا

خوش ٿيو پڇن خبرون، تنہ کي ساهو سڀيئي

جنہ پر مومل ماڻي آئين، سا ٻڌايو ٻيهي

جي سندا سهڄڻ سوڍيين، سڻايو سيئي

تهدل يار يقين جا، آهيون اصل اڳيئي

هاڻ نه ته هيڪر نيئي، مومل پَساهيو مينڌرا.

118- چئي: ٿيءُ نه هيڻي حال همير، اهي لائق لٽا لاهه تون

کڻ کٿو، ٻڌ بيٺ تون، ايءُ ويس مٽائج وير

تون پانءُ اچج پٺ ۾، آءٌ مهند وڃان ٿو مير

هت وڃي چوندس ائين امير، ته منهنجو مومل ميهر آئيو.

119- تڏهه کٿا کرسا کهرا، پوڄ پرهائين

راڻي سين رفيق ٿي، هليو هنڌائين

سونيئي سوڍي وير ويهاريو، جئن ڀت ڀرائين

پاڻ وڃي مينڌري، مذڪور ڪيو، مومل مهندائين

چئي: منهنجو مومل ميهر آيو، ڪوڏرئون ڏيهائين

سُڌارتورو سفرو، اهئين اتائين

چڱيون چاري ڪُنڍڙيون، سدا سهجائين

تنهين جي تعريف جو ڪين اڃان ٻهون ٻوليائين

اهو جو آڻائين، ته ڏاڍو وير ڏهڻ جو.

120- چئي: مر ڀلي اچي سوءِ آءٌ ٿي مينهن ميڙايان هيڪڙي

جو اُهه نه رڄي، ٿڻ نه کڄي، جنہ سين سيڙهه سنيائي پوءِ

ڏڌي کير برڪت ٿئي، ور نه ڪرائي ڪوءِ

اٿيو آڌيءَ رات جو، چڱا هونگر چوءِ

سو ور هتي ئي هوءِ، چاري ڪنڍيون ڪاڪ ۾.

121- جان سڏائي سلطان، آندو راڻي مينڌري

جان آيو وير وٿاڻ ۾، تان گجر ناهه گمان

شرف وڏو هوس شان، پر هڻيِ راڻي راءُ ضعيف ڪيو.

122- مينهن ميڙائي مينڌري، ورنہ تيڏيءَ وار

اچي ڏُهه مينهن ڏس تون، سرت ڪري سردار

کڻي نيڻ نهاريو، مومل مڻيادار

تان ڏڌو کير کَہ کئون، ريلا رت اپار

هن جي نُنہ نُنہ کئون نت نبار، پسو لوهو لال ڳڙي پيو.

123- مومل چئي: من ۾ رکيو مٻيرُ، ڪياءِ نه موچاري مينڌرا

تون ڪيئن هيڻي حال همير آڻيين جو جو شينهه دلاور شير

پرڳڻي پتشاهه جو، ڍاٽي ڍٽ دلير

گُڏي لاهين گهٽ مان، جن سين وجهي وير

جنہ جي پاڳ سبتو ورڙو، مُڇ ابتو اُمير

سو ڪيئن نه سڃاڻي ڪير، جو تون ڪوجهين آڻين ڪپڙين!

124- تڏه مشڪل مير ملوڪ ٿيو، پيو وسوسي وريام

مڙوئي معلوم ڪيو، پنهنجو تابينو تمام

اتهين راوت رنجايو گهڻو پنهنجو ننگ پروڙي نام

چئي: هڏ ڪونه ڀلو ٿيم ڪامُ، پاڻان کٿي خرابي ڪِي.

125- وهلو ويو وري، اڳيان ٻهڳڻ ٻيليين

ڏسي ڪپت ڪوجهين ڪپڙين، پاڻان ڳوڙها پيس ڳري

هڏ پيون موت مري، پر موت اوڏو هو مير کي.

126- چئي: ڀلو موت هئوم، هن هيڻي ئي حال کئون

پسو پيشماني جندڙو، پسي جيئن پيوم

ڪهڙو ڪم ڪيوم، کُہ مومل ٻن ماڙيون.

127- موج انهين مذڪور، هو راوت رنجايو گهڻو

اچي سوڍي سلام واريو، هلي پاڻ حضور

سو جابر جهلايو جبرسين، مير نه ڇڏيو مُور

سوڍو انهي سور، ٻيلي ٻنڌي ڇڏيو.

128- ساهوُ اٿي سنڀريا، پنڌ پوريائون پار

راڻي وس وڏا ڪيا، سِڌَ لکيءَ سؤ وار

حيلو هليس ڪونه ڪو، وس نه ٿيس وار

سُپَت سدا سَنَري، ڪُپَت ناهه قرار

راڻو کڻي رميا، ڪري ڪاڪ جُهار

هو رَجبُوتي رانديار، پر ڪنہ کوٽيءَ وير وٺائيو.

129- ساڄا ٿي سنبريا، ڪي تياري تن

موٽيا پانجي ملڪ تي، وريا وير وطن

ڪهي ڪشالو ڪري، آيا ماري منزلن

سندي همير سومري، ڳالهه ڳري ٿا ڪن

ته ڏاڍي ڏک ڏمريو، مٿي راڻي راءُ چون

جي جهڙي پوک پوکيندا، سي تهڙي لاب لڻن

اهڙي اُهڃاڻن، نيئي وير وڌائون واهه ۾.

130- وير وجهي منجهه واه، تن لپيٽي لائي ڇڏيو

ته جنہ پر ڪرڻي تنہ پر ڀرڻي، مر ٿو سور سٽاڻا کاءِ

داتا جي درٻار جا، سا عجب جهڙي آهه

هڏ نه همير سومري گهُنڊي گهُٽان لاهه

ڪڏه راضي راڄيو، ڪڏه ڪهل نه پوئيس ڪاءِ

جني جي هئي صبح مٺي ساه، تن کي ڪٽر ڪلفت جو پيو.

131- راڻو کوهه رنجور، ڏک  ڏجهاري ڏينهڙا

وره وڪوڙيو کڻي، ڏاڍي ضعف ضرور

هڪ ڦوڙائو سڄڻين، ٻيو ڏکڀائي ٿيس ڏور

مومل جي مذڪور، نينہ کجائي نانہ ڪيو.

132- مومل ويٺي ماڙيين، ساريو ور ساري

ڏاڍي ڦيٽ فراق جي، محبت وڌي ماري

ساريو سنگت ڏينهڙا، ٿي جهڄي جهينگاري

پڇيو بره”براهم“ چئي،  ٿي غمن گذاري

چئي: شال ايندم اوتاري، جنہ جي هينئڙو سيڪ حليم ڪيو.

133- هيءَ هت ڏاڍي منجهه ڏکن، هن هت وڏو وره وهائيو

ڦُوڙائي جا ڏينهڙا شال ڪنہ تان ڪيم اچن

مومل ماري مينڌري، هت راڻو هميرن

هيءَ هت هڻي هئي ڪيو هٿڙا، هو هت ڪڙهي ڪرتوتن

الله آساتن، شال هون هيڪاندا ڏينهڙا.

134- سارو سال محال، مشڪل لنگهايو مينڌري

ساڻس نه ڪيو سومري، ڪو ڀلائيءَ جو ڀال

نه ڪو قيل نه قال، هلي حيلو ڪونه همير سين.

135- پر ڪڏه ڪڏه ڪي، پڇندو هوس کوهه مٿان بيهي خبرون

ثابت سلي سي، چوندو هو حاضر سڀ همير کي.

136- اهڙي ئي آچار، سوڍي سال تمام ٿيو

سو ٻهڳڻ پِيڙَو ٻَهار، حڪم ساڻ حڪيم جي.

137- ڪڍيو همير سومري، مٿس راضي ٿيو رحمان

راضي ٿيو راڄيو، سنمک ٿيو سلطان

لٿو غير گمان، ٿيا موٽي تهدل يار يقين جا.

138- پر اُتس هيئن همير، ته ڪاڪ وڃين مت ڪڏهين

ايءُ وهم وساري ويهه تون، منع ڪيس مير

تان پي سونچو منجهه سرير، هو ڪامل ڪاڍو ڪاڪ جو.

139- ڪا اُٺِ هئي افضل، سندي راڻي مينڌري

سا سُواري سٽاڻي گهڻو، تنہ کي ڪانه ڪشالي ڪل

ڪاهه وڃي ٿي راه ۾، جهلئي ڏئي نه جهل

تکي تازيان ئي تيز گهڻو، اَلگاري اُڇل

سا سوڍي سينگاري ٻهون، ڪوڏان چاري قرڦل

تنگ پلاڻيون پاکڙا، بلغاري بخمل

هل ته ملون مومل، ڪاهه ته رسون ڪاڪ کي.

140- سڀڪنہ رات روان، ٿيندو هو مينڌرو مومل ڏانہ

سو ڳجهو ئي ڳجهه ۾ ٿي آيو ويو، ساڌو سِڌُ سبحان

ڪنہ کي معلوم ڪين هو، اهو بات بيان

پر سُڻيو همير سومري، انهي پنڌ پريان

جن کي هئو غير گمان، تن اچي سڀ سڻايس ڳالهڙي.

141- تڏه آڻائي اُٺ، جهلي ڪُهائي ڪست مان

ڏسو ٿي راڻي سين جُٺ، اڳيان کان ڀي اڳري.

142- گؤنئرو اُٺ گهِڻيا جو، تڏهن سهڄان سينگاريو

سنج سڀئي سونهڻا، وڌائينس واريو

گل ڦل ڳانا ڳچئين، تن چؤرنگ چٽڪاريو

ڪري ڪوڏ ڪنواٽ سين، دانہ ديداريو

اهڙي شان شغل سين، پرتئون پکاريو

مرڪڻ مَهاريو، اٿس ڪاڍو ڪاڪ جو.

143- بنان قمچيءَ ڪام، چل چانگا پرين ڏانہ

کڻ قدم، رس ڪاڪ کي، آن گهوريس تو نام

ساعت سالان سِر وهي، مَيا پروڙج مام

هڪ دم حبيبن ري، ته ڪر سال تمام

جتهين باغ باغيچا ”براهم“ چئي، جت چمن ۽ چٽِام

جايون جنت جهڙيون، ميوا موڪ مدام

گل ڦل ڳانا ڳچيءَ پسيو، هر وڻ کڙج لام

ڪنڌيءَ ڪاڪ وهن جي، سي تون جاني پئج جام

آيا ساجن جا سلام، هل ته هونديءَ رات هت هلون.

144- بنان تازياني تيئن، چل چانگا پرين ڏي

هل چمن چر ڪاڪ جا، منٿ جي مڃيئن

جتي گل ڦل پاسي گجرئين، جائيون جنت جيئن

تون ڀرج باغن ”براهم“ چئي، آءٌ پڻ هجان ڪو دم دوسن سيئن

ڪج الله لڳ ايئن، ته هونديءَ رات هت ملون.

145- بنان قمچيءَ ڪاهه، چل چانگا پرين ڏانہ

کڻ قدم رس ڪاڪ کي، ٿيءُ اوڏو لڳ الله

جتي چمن چنبيليون چوڌار، باغن جا بناءَ

اچو ڪن اچڇرون، جت حُرن ذات هُڳاءِ

اُت تون چرج ڪاڪ ڪنڌين ۾، جتي وسن مشڪ مٿاءِ

چئي چوان سڻ يار تون، هل ڏس هوءِ هنڌاءِ

اي بغدي دوس براهم چئي ، تنهنجيءَ وِک وِک اتان واه

هل ته پسي موٽون پرين کي، کڻي کُڙي لوڊاڻاءُ

هيءُ ساههُ، ماندي ساهه، هل ته هوندي رات ملون.

146- ان طرح توڏي، ٿي منزل ماري ڪاڪ جي

نت مومل کي مينڌرو آڻيو سينگاريو سو ڏي

راه مٿي روڏي، گؤنري وڏا گس ڪيا.

147- ورهيه ڏيڍ لنگهيونِ، ٿين پرت زياده پاڻ ۾

ارڙهن مهينا ائين، هيڪند روح هئونِ

قضا ڪم ڪيونِ، تڏه وره وڇوڙين ڏينهڙا.

148- اي روڏا رهزن، پرين پرانهون پنڌ گهڻو

ڪاهه ته رسون ڪاڪ کي، چل چانگا چرچندن

هت دم دوسان دور وهي، هت مومل من سمن

پڙدي اندر پن، واءُ وهيلو وار مون

149- مومل ٿي مَرڪِي، ڳؤرا فڪر فلاح ڪيو

ته ڪونه رکندو ڪڏهين، اُتِمِ بات بڪي

آءُ سومل سمهون سيج تي، پائي پاڳ رکي

اِهو فن فراقت جو، وڇوڙي ورڪِي

ڪامل ڪام ڌري ويو، ڏمر جوش ڏڪي

ته وانءُ تون ڪامڻ ڪوڙي آهيين، ٿيو اُتي حرف حقي

پهريان باب ”براهم“ چئي، تن جي تو ڇا نرت نه ڪِي

جا ڍولي تان نه ڍڪي، تنہ تي پن پيڪاڻو ڪيترو.

150- ويو رسي راڻو، ڪنہ ڏاڍي ڏک ڏمريو

پريس ڄيري ڄندڙو، رڻ کوري کاڻو

نڪي هت ڪاڪ قراريو، نڪي هت وڃي ويهي وساڻو

وڏي گوندر غم پيو، سوڍو سياڻو

ڀڃي گوندر غم پيو، سوڍو سياڻو

ڀڃي ڀڙ ڦٽو ڪيو، مومل جو ماڻو

لوٺو لوڊاڻو، ٻنهي ٻاري ڇڏيو.

151- هئي هئي سنگت ڏينہ جي هئم هيڪاندا پرين سين

بنان موسم مينهه، ويٺي هاڻ وسائيان.

152- ور، تون وري آءُ، هي نه رسڻ ڏينهڙا

سوڍا تنهنجو ساهه، توريان ڪنہ سين نه تري

153- آءٌ مٺيس موٽي، راڻا رس مَ تُس تون

آءٌ کُڻن جي کوٽي، تون کڻ مدارو مينڌرا.

154- مٺيس ور وريج، مون تان خلق ڪام کلاءِ تون

اچي آڌر ڏيج، ته ڪي عيبن کؤن آجي ٿيان.

155- آءٌ راڻا هيءَ رنجور، ڏس مري ٿي مينڌرا!

سوڍا تنهنجي سور، لالڻ لوٺي آهيان.

156- ٻاريس تو ٻهون، اِن سوڍا سڻائيءَ سيئن

ٻيو توکي ڇا چئون، جي ناهه مناسب مينڌرا.

157- مون ۾ عيب اَپار، تون ڍولا ڍڪڻ آهين

صاحب لڳ ستار، ميٽ مدايون مينڌرا.

158- راڻا تنهنجو رنگ، وساريان نه وسري

جو هنيوءِ خوني تير ختنگ، سو چيٺيان چڱو نه ٿئي.

159- ميس جهل مهار، ڇڏ ڪرهو ڇوڙي ڪاڪ ۾

هو چري چندن ڏار، تون ماڻ کٿوري مينڌرا.

160- ضعيفي زاريون، ٿي ور ور ڪريان وينتيون

هر هر هيڪاريون، ماريو وڃين مينڌرا.

161- مينڌرا مياس، تنهنجي محبت ماري آهيان

ڦوڙائي فراق جي، هولن منجهه هُياس

قربانيون ڪياس، جي سوڍا قبوليين.

162- سوڍا تنهنجي سونہ، ماري آهيان مينڌرا

ٻي محبت ناهه ورونہ، تو راڻا ٻاجهون روح کي.

163- جيڪر ڄاتم ايئن، ته ڪيئن سومل سيج سمهاريان

سوڙهه لڳندي سينءَ، ڀيڻ ڀيڙائي نه وڃان.

164- اچي سومل ڏس، جو تنهنجي سمهڻ سور وهائيو

رکي ڪانڌ قرص، رانو رسي هليو.

165- هڻي راڻا هيڪر، اچين ڪامل ڪاهي ڪاڪ تي

ته سر سورن سين ڪر، سيڪيو سورن سيڪيان.

166- سا گهوريان رسڻ ريت، جا تون سوڍا سکيو آهيين

قادر لڳ ڪريت، متان ڪرين مينڌرا.

167- رسڻ ريتيون گهوريان، سوڍا صلح وار

سا پرت پانهجي پار، جا ڪياءِ سڪي پني سڄڻين.

168- کُہ محل، ٻن ماڙيون، کُہ حويليون، ٻَن هنڌ

پسيو مزان مينڌرا، راڻا تنهنجا رند

صاحب لڳ صمد، موٽ مران ٿي مينڌرا.

169- جيءُ ڪالهوڪي رات، ٻن راتوڪي راتڙي

جنہ منجهه پِيءُ رسي پرڀات، ڪامل ڪامَ ڌري ويو.

170- راڻا رسڻ گهوريو، رسي وانءُ مَ راه

توکي معلوم مينڌرا، ڳجهاندر جي ڳاهَ

انهي باب ”براهم“ چئي، سڱ تنهنجي ساهَ

جيڪي ڏوهه گناه، سي معافي ڪِجين مينڌرا.

171- راڻا رس مَ وير، تون سُرت سڊوکو آهيين

اچي پڇي پاڙو ڏس تون، سالڪ مت سڌير

هيم ڪانه مدائي من ۾، جِڪُس طالع ڪي تقدير

جي ڪيم ڪوجها ڪرت ڪبير، سي اچي ميٽ مدايون مينڌرا.

172- ميٽ مدايون مينڌرا، موٽي آءُ ملوڪ

ڏسان ڪونه ڏيهن ۾، تنهنجي شان سلوڪ

هيءَ ڦوڙائي فراق جي، وڌي محب ماري مخلوق

قلب اندر جا ڪُوڪ، سا توکي معلوم مينڌرا.

173- محبت ماڻڪ مُل، پهرئين پور سڀڪنهين

درياهَ جيئن دوسون ڪري، تهڙي شان شغل

جڏه ٿئي پراڻو پِريتڻو، تڏه تو ڪسير تُل

اول جاءِ سڳنڌيين ڦل، پوءِ ڪوماڻي ته قيمت گئي.

174- هئي هئي راڻا هيئن، مون سين ڪر مَ مينڌرا

ڪنڌ کڻنديس ڪاڪ ۾، سڱ سياڪي ڪيئن

جيءُ سي محبت ڏينهن، جي هئم هيڪاندا پرينءَ سين.

175- محبت جي ميدان ۾، مينڌرا مياس

ڦُوڙائي فراق جي، هولن منجهه هياس

ساري لوڪ سياس، ته هن وڏو وره وهائيو.

176- وره وڏا ڪيا وس، جي راڻو رسي هليو

هڪ ڏاڍي ڦيٽ فراق جي، گوندر لايا گس

مون کي جيئڻ مس، توکي ڪهل نه ڪٽر جيتري.

177- پڇي ڪياءِ نه پروڙ، ڏوران ڏسي ڏمريين

پاڻان ماريس مامري، ان سٽاڻي سور

هاڻي ورهن منجهه وهلور، ٿي گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.

178- هئي ههڙي کؤن حال، مو ڀليرو ڀانئيان

راڻا رُسيو ماريين، عذر ڪيو احمال

کہ کوٽا ڏينهڙا، جن ۾ ويجهي نا وصال

کہ کٽون، ٻن پٿرڻيون، سک نه اچن سکپال

کہ کاڄ کنڊون، ٻن مصريون، خوشي ناهن خيال

اچي ڍول ڍلايون ڍڪ تون، ڪر ڀلايون ڀال

هي سڀ حال حوال، توکي معلوم مينڌرا.

179- توکي معلوم مينڌرا، منهنجون مدايون

سي صاحب لڳ سميٽ تون، ڪامل ڪَچايون

پرچ پرين پس پاڻ ڏي، ڪر ڀلا ڀلايون

ڍولا ڍلايون ڍڪج ڍڪڻ آهيين.

180- ڍول ڍلايون ڍڪ تون، ڍڪ ڍلايون ڍول

جي ٻيهي ٻڌاءِ ٻول، سي تون پارج پانهنجا.

181- ٻول پانهنجا پار، ساکن سچو آهين

واڳ اوراهين وار، ته چانگي چندن چاريان.

182- چانگي کي چندن، پائي چاريان پاند ۾

جو محبت ماريوءِ من، سو جاني آءُ جيار تون.

183- تون وارث، تون ولهو، تون پارس، آءٌ لوهه

ڪٽ نه لڳي ڪوءِ، تو لڳي سڀ لال ٿئي.

184- ڪَٽُن ڪيس ڪچي، منجهه ڪسن ڪاري آهيان

مون ۾ جاڙ ججهي، تون صاحب صيقل جو ڌڻي.

185- ساريو رب ڪريان ٿي مينڌرا ماڻا

سوڍا سياڻا، ڪامل ڪاڪ وساءِ تون.

186- ڪامل کانيَئي ڪاڪ، هي سڀ لڊاڻو لهسيو

کامي ٿيس خاڪ، سورن ساڙي آهيان.

187- سورن منجهه سڙي، موٽ مران ٿي مينڌرا

جا لئون لايئي سا نه لهي، جيءَ سين آهه جڙي

خذمت منجهه کڙي، آءُ ته اکين سان اُٿيان.

188- اکين آڏو آءُ، جان جر اکين جهليان

وسي مُک مٿاءِ، جيئن ڪر آگم اوتيا.

189- آگم اوتيائون، اکين آرو پِيءَ جو

ساري سنگت ڏينهڙا، رتو رُنائون

سي ڏينہ ڏٺائون، جن منجهه بوند بِره جي.

190- بِره ڪيو بيران، من منهنجو مينڌرا

سو تهَ ڪين تڳي نه سگهي، هئي هنيون حيريان

سِر سوڍا قربان، ڪريان ڪانڌ قبول تون.

191- سر صدقو ساه، توتان منهنجو مينڌرا

قبول ته قربان ڪريان، پرين روح رڳون ۽ ماه

ڄاڻي هيڪ الله، ته تن من طلب تنهنجي.

192- تن ۾ تات طلب، مون کي تنهنجي مينڌرا

گلا غيبت ڪيتري، ويٺي سڻايان سڀ

راڻا خاطر رب، دوس دلاسو چاءِ تون.

193- تن ۾ طلب تات، مان کي تنهنجي مينڌرا

جا ڪامل ڪام ڌري ويين، پره ڦٽي پرڀات

تنهه ڏهڳ ڏَسائي آهيان، جو راڻا ڏنوءِ رات

سوڍا ٿيم سڪرات، اچي ٿيءُ ڪانڌي ڪانڌ قريب تون.

194- دوس دلاسو چاءِ، آءٌ آسر لڳي آهيان

مون تان ٻاجهه مَ لاهه، آءٌ ٻئي ڪنہ در دوس وڃان.

195- دوس دلاسو ڏيج، آسر ڀري آهيان

وهلو ور وريج، ڏهڳ ڏَسائي آهيان.

196- ڏهڳ ڏسايس جور، جو مان کي ڏنوءِ مينڌرا

هينيڙو وجهي هور، ماري وڃ مَ مينڌرا.

197- راڻا رِيءَ هياس، تو سڱ پڄاڻا سون ٿيس

مٽيءَ تنهنجي مينڌرا، اپر اجارياس

سوڍا سياڪي ۾، تو پڄاڻا پياس

موٽج مير مياس، ڪامل ڌڻي ڪاڪ جا.

198- مون کي هڏ مَ مار، ٻولن ٻڌي آهيان

قول پانهنجا پار، تنهنجو حرف ته هاٿيءَ ڏند جيئن.

199- حرف ته هڪ سندوءِ، ٻڌم ٻولُ سٻول ڪري

ڀاتم هوندم سو هميشہ جيئن، جو ڪامل قول ڪيوءِ

ڪهڙو ڪٽر پيوءِ، جو تهمت ڪيو طعنا ڏيين.

200- تهمت جا طعنا، مارينم مينڌرا

لکج ڪي لطف سين، پرچي پروانا

سوڍا سهانا، موٽ اَماني آهيان.

201- موٽ اَمانِي آهيان، سوڍا ڏينم سُهاڳ

ڏَجهو ڏک ڏهاڳ، لاهه مئيءَ تان مينڌرا.

202- اچين جي هيڪار، موٽي ڪامل ڪاڪ تي

ته ساري سڀ ڄمار، در صاحب سکائون ڏيان.

203- سهسين سکائون، آهنم ڪاڪ وسڻ سين ڪيتريون

من جون مُدعائون، پڄن ته پوريون ڪريان.

204- سوڍا ساهه سندوم، نيوءِ موڙي ٻڌي مينڌرا

هَئي هَئي هنڌ نه اڳوڻي، وسان روح ويوم

رَتو روُنِ اکڙيون، جهوريءَ جهينگاريوم

اچي جانب جياريوم، آءٌ آسن ڀري آهيان.

205- اڃان هينيڙي آس، راڻا تنهنجي روح ۾

پلپل دوس پياس، مونکي تنهنجي مينڌرا.

206- جيئن راڻا رٺين تون، تيئن مون کي ماريوءِ مينڌرا

هَئي ههڙي حال ۾، ٿيو من مونجهائو مون

ڏک ڏولائي کئون، ڪيئن ويهي سوڍا سَتو کِيان.

207- ڪڙي ٿيم ڪاڪ، ووءِ لوڊاڻو وه ٿيو

گؤنري ڦيٽ فراق، ظُهر زمانو آيو.

208- پيئي ڍٽ پچار، راڻُو رسي آئيو

مومل جي ڀتار، ڪهل نه ڪٽر جيتري!

209- مومل چُونِ مئي، جيئن راڻو رسي هليو

ساري لوڪ سئي، ته سوڍِي هئي سهاڳ ۾.

210- لاڏ ڏنس لوڏو، ڏمر ڏسائي ڏور ڪي

ڪنہ وڏي ڳالهه وٺائي، ٿيس عقل ڪين اوڏو

راهه مٿي روڏو، وهلو راڻي واريو.

211- وهلو ويو وري، راڻو رسي ڪاڪ سين

ڍولو ڍٽان نه آيو، ”براهم“ چئي بري

ويندا سڀ مري، شال جيئري جدا ڪو مَ ٿئي.

212- راڻا رسڻ گهوريا، وڃڻ هڏ مَ وار

ڪياءِ جي قول قريب سين، سي ٻول پانهنجا پار

مونکي دو مَ مار، سوڍا سانڀاهو ڪري.

213- سوڍا ڪيم سنڀر، هيءُ هينيڙو هلڻ نه سهي

ڏاتر لڳ ڏمر، متان ڪرين مينڌرا.

214- ڏمر ڏک ڏٺام، تنهنجي ماريس ڪيفت مينڌرا

سيئي سکر ڏينہ سندام، جي سوڍا هئم سهاڳ جا.

215- هر ويلي هردم، هر هينيڙي ساعت وسين

هر گهڙيان بربدن، تيري سجن قربان قدم

اي لبرا دلبر دوئي ابرو اُتو عاشق شدم

ڀلا دوس ”براهم“ چئي سوڍا ساهه سندم

جي ٻيهي ٻول ٻڌم، سي جيئن ٻڌئي تيئن پارج پرين.

216- ٻولن منجهه ٻوليون، ڇا کڻي ڇنڻ جونڪرين

مون کي ڏج مَ مينڌرا، ڏُکن جون ڏوليون

پاند ڀري جهوليون، آندم عيب ڍڪج تون.

217- رويو رويو چوءِ، ٿي پکيءَ پارانڀا ڏئي

ته ڪانگا ڪهي وانءُ تون، جي راڻو راوت هوءِ

ڪج کيانتا خبرون، اڳيان لالن لوءِ

اچي ٿيءُ سنمک سوڍا سپرين، ڪانڌ ڏجين ورُڪوءِ

سا پڳ پڳ وريو پوءِ، چئي وانءُ وسارج ڪيم ڪي.

218- سر وڍيو، ڌڙ ڌار ڪريو، پکيءَ پوءِ پيرن

نج نياپا ڏج تون، ڪانگا قريبن

ته تونس تماري تن ۾، هي اکيون اڃ مرن

ٿي سنمک سوڍا سپرين، مار مَ مشتاقن

هيءَ تون حقيقت حال جي، ڪج معلوم محبوبن

وڃي ڪوٺي آءُ ڪيڻن، ته سِر مڙهائيانءِ سون ۾.

219- تنہ سوڍا سار ٿياس، جا ڏنياءِ ڦيٽ فراق جي

جو ڪهبر ڪانءُ هنيوءِ، تنہ ختنگ کانئياس

هاڻي ميهڻي مارياس، هي نڌڪ ساهه نه نڪري.

220- راڻو ڏٺم ٿي رات، آيم نرمل ننڊ ۾

ڏٺم سوڍو سنرو، ڪر کلي کٿوريءَ وات

محبت پرچي مينڌري، تُسي ڏنيم ڏات

پره ڦٽيءَ پرڀات، جاڳان تان جانب نهين.

221- ستيس رات رڙي، تان سوڍو سُهڻي آئيو

ڪَرَ اچڻ ساڻ اُٿيس، آن ٿيس خذمت منجهه کڙي

جان اچي مليوم مينڌرو، چانگي دوس چڙهي

واهه سا سٻاجهي ننڊڙي، واه سا وير گهڙي

ويڙس قلب ڪَڙهي، جاڳي تان جانب نهين.

222- راڻو رات ڏٺوم، آيم نرمل ننڊ ۾

ساري ليل سوڍي سين، ڳجهاندر ڳرهيوم

من مرادون پُنيون، اندر گهر آيوم

سج جان اُڀريوم، جاڳان تان جانب نهين.

223- ستي ڏٺم سهڻو، تان رات راڻو آيو

ويٺو مُرڪي مينڌرو، خوش ٿي کِلايو

ڪَرَ ٿو ڪري ڪميڻيءَ سين ڳالهيون ڳر لايو

ڀڳو هِيوُن سڄو ٿيو، سُورن سڌايو

ٿي پنڊ پرچايو، سو جاڳان تان جانب نهين.

224- ستيس سويلِي، تان سوڍو سُهڻي آئيو

رات راڻي سين راندڙي، ٿي مون خوشيءَ سان کيلي

جيئن آپ هَسي تيئن او به هسي، تيئن هسي حويلي

جان اُٿيس اَويلِي، جاڳان تان جانب نهين.

225- ڀِنِي بئنسر هَنجهَڙيئين، لُڙڪن ڪَچُوئو لال

روئي روئي اکڙيين، هَئي وڃايم حال

ڏٺم خواب محال، رين سجن دل دوس نهين.

226- راڻا تو نه رِهِاءِ، ڪاڪيان وڃ نه ڪڏه

وَر منهنجا وَلها، ور، ور تون مَ ملهاءِ

ڍول ڍلايون ڍڪ تون، دوس دلاسو چاءِ

ڀِرج دوس، براهم چئي، تان ڪي کُر کِجاءِ

اچي پرچ پرين پرچاءِ، جان پِيرن پوڄائون ڏيان.

227- ججهون آهينم جال، پوڄائون پيرن سِين

واچا وَلِئين جي ڪِي مون ڪالهوڻي ڪالَ

مُون ئِي جي من ۾، جي عرض ڪيم احمال

سوڍا ايندين شال، تان نه ٿيان ڪُوڙي قُبورن سين.

228- ويٺي پوڄان پِير، شال سوڍا سگهو ورين

ور واحد لڳ وَلَها، دوس ٿيس دلگير

گهر گهر ڏينديس کير، جڏهن مون گهر ايندين مينڌرا.

229- ڪاڪ ڪنديس قربان، هي سڀ لوڊاڻو لکي ڏيان

صحي ڀيٽينديس سرتيون، سوڍو سُرت سُبحانُ

سومل کنيائين ساڻ، هلي ناتر سان نڪري.

230- هليو ڪري هُوءِ، پنڌ پُوريائون پارُ سو

سڀ ساريائون منزلون، اچي رسيون راڻي جوُءِ

محلن پاسي مينڌري، ويٺيون روءِ بروءِ

جتِهين سوڍو سنئين صبوح، ڪندو هو دائم ڏندڻ  در تي.

231- اچي منڌ اَڏائي ماڙي، پسڻ خاطر پرينءَ جي

واڍن رازن وس ڪيا، ڪي تُرتئون تياري

تنہ منجهه ساڳ شيشم سرکنڊ هئو چندن چوڌاري

ٿنڀ، ڪامان، شهتير، پٽيون، رکيون رهداري

محڪم جوپ جڙاءُ سين، تن ڪري اونگر اوجاري

تن عطر مشڪ عنبيرسين، ڪري مَلي موچاري

تنهن ۾ بهوت چمن چٽام ٿيو، گل ڦل گلڪاري

ان بائِلُ ڪي، براهم چئي، ٿي ويهڻ جي واري

راڻي رمز عيان ڪي، ته هن سهجان سينگاري

تنهن طاق پائي تاڙي، سو در ٻڌي ٻيو در اُپٽيو.

232- تنهن در تي تيار، ڪمي کنيا ڪامڻي

اتهين ٻي ماڙي منڌ اَڏائي، جوڙ چڱي جنسار

لک ڪني ليکيو، ڪهيو ڪن هزار

تنهن ڪمي ڪمين سين ڪانه ڪي، مان کي ليکو ناهه شمار

ڪري عرض الله کي، ته ڀلا ميڙ ڀتار

تان راڻي رحم نه ڪيو، محبت جو مدار

جڏهن ڪي دُرس ڪمين درڪار، تڏهن ڪيو سوڍي سوگهو در سو.

233- اٿي ٽئي در آيو، مانَ ڪي مومل موٽي وڃي

تان ورڻ واري ڪيئي، اچي در ديکيائين سو

”نارالعشق آحرق من نارالجهنم“ اي سُوراتن سنيهو

زهد زاريون ڪري، تان هن کي ڪهل نه ڪٽرڪو

اچي مِڙي ڪ مورا مُچ ٿيا، جن ڳاڃن ڳاڻيٽو

تن ٿي مومل خاطر محل اڏايا، سڀ ڪم جاري ڪيو

تڏهن راڻي عجب ٿيو، تنهن چوٿون در چتائيو.

234- چوٿين ٿنڀ چڱا ڪري، اُڀا ڪَمِي ڪمدار

تن اُوچ اُتم اعليٰ ڪيا، محل گنبذ موچار

وَر وَر ڪري وينتيون، تن کي تيڏيءَ وار

ته عدد مقابل در جي ڪِجاهُ ديکڻ لاءِ ديدار

سوڍيءَ وس وڏا ڪيا، تان ڏاتيون هٿ ڏاتار

مومل جي ڀتار، ڪهل نه ڪِسر جيتري.

235- سو در پوريائين، جيئن چوٿين چلي آئيو

بَدي ڪر، براهم چئي، نڪي پاڙو پڇائين

نَڪا نيڪ نه بَد ڪا، نه ڪي ٻاڙو ٻُوليائين

نڪا مزماني محبوب کي، ڪوٺي ڪيائين

نڪو دلاسو دلبر کي، ڏسي ڏنائين

سو رُخ رکيائين، جنهن سين مومل موٽي نه ڳَئِي.

236- وڃي منڌ ڪيو ماتام، جيئن مُئن کي ماتام ڪجي

وِره وِڪوڙي نِڪَڻي، ڪيڙس تَن تمام

ڪِي بره بي آرام، مَن وڏي پيس مامري.

337- اچي سئو ڏهوتر جوڳين، کڻي منڌ وري سا ويئي

سرتيون ساهيڙيون پاڻ سين، کنيون سوڍيءَ سڀيئي

ٿي پاڻان اَڳُوئو اُن جو، هيجئُون هَليئي

تن کي ڪاڇا ڪپڙا ڏنا، مومل مڙيئي

جَڙي مُنگهٽ ٻڌا جوڳين ور وارن ڏيئي

ڪَنين مُنڊائون، هٿن تُننبڙيون، ساڄُ سُمرڻيون، سندن سيئي

تن کي رات راڻي جي راڄ ۾، اچي پهرين جا پيئي

سا نِت خبر نيئي، ڪِي ماڻهن معلوم مينڌري.

238- يا وَتُ مليو مُشڪ ملين، يا وت اوڍِين ڇتَن ڇائِيون

ياوَت اوتين زانو ادب سين، يا وت لُڪ لڱن کي لائين

يا وت تَريا ڀُڳيا طعام تيار ڪيو، يا وت تَن کي تَسا ڏين

يا وت شاڪر ڀُوڻن شهرن ۾ خوب خوشحالي،

يا وت جهنگن جهينگارين

يا وت رام ڪَهن ربّ کي راول رويو، يا وت هِت هُت هونگارين

يا وت بابو بَر، براهم چئي، يا وت کليو کيڪارين

هوءِ جي ماريو مَن مارين، هيءُ تن کي پنڌ پورب جو نَه ڪري.

239- چون جوڳي جهجائي، ٿا گهمن جال جهان ۾

پر هي جي آديسي آئيا، واه تنين وائي

ڏسي جب آڳُوئو اُن جو، تنہ جي تکي تجلائي

مڙيئي موچارا گهڻو، سندين صورت سوائي

جهڙي سورج سهَائي، تهڙي راول روءِ ۾.

240- جان اچي جوڳيءَ جو جمال، ڏٺو راڻي رنگ محل ۾

تان مٺو موچارو ٻولڻو، سامي صورت سال

ڏسجي لاکيڻي لکڻين، سرت ساڌو سر حال

من مک محب مهنڊ پرين، بات بابو برحال

پڇائينس پير ڀري تنهن کئون، حال في الحال

تان ڪر مومل جي مثال، ٿي سامي آيس سامهون.

241- جوڳي جال جيئن، توکي هُونِ حياتي ڏينهڙا

من ماريوءِ مهميزسين، جان گهايو گهور ڏئين

باقي ٿانهه ٿڪو ٿورڙو، سو جي ڪريو ناز نئين

اڃان توسين هن هئين، ڪو ڳجهه ڳجهاندر ڳالهيون.

242- ٿي جوڳي جال ڏٺام، پر هيءُ نه ڏٺم حاج ڪو

جيئن من ڪپيوءِ مِقراض سين، ڇڪيءَ بند ڇنام

هنيوءِ خوني تير ختنگ جو، تنهه وت ڏک ڏنام

جي چَريو سو چَنام، تن سورن ڳنڌڻ سور ٿيا.

243- هڪ سورن مٿي سور، تون سرسورن سامي چڙهيو وڍين

اهڳ کان جي اڳرا، پورن مٿي پور

ڏيو گهورن مٿي گهور، مروت سين ماريو وڃيين

244- چاڪ مٿي چاڪن، ٿو ڏيو ڏيل ڏَسائين

ڦٽن مٿي ڦٽڙا، ٿو وڌ ڏين واڍوڙين

تن ماريم مشتاقن، جن جي جيءُ جنازي گاڏئون.

245-جوڳي جاڙ ڪياءِ، ڪين گهٽايوءِ ڪاپڙي!

ٿي ماري محبتن کي صورت سونهن سندياءِ

من ڇپايو ڇِرَسين وڃي، ڪهل نه پويئي ڪاءِ

هاڻي ناتي مٺيءَ ماءِ، ناتي امڙ اوراتن ۾.

246- ڪومن ڪامڻ ڪيوءِ، جيءُ جادوءَ سين جوڳي جهلين

هئي هئي جگر هينئڙو ڪري نانهه نَجُومان نيوءِ

نقش ٻڌي دل دائري، ڪاريءَ ڪانُ هنيوءِ

ڪو سئي اسم سڃوءِ، جو جاري ماري موت جو.

247- جان ڪا ڄاڻين راند، ته آءُ جان چوپڙ ڍارو ڍاريون

هل ويهي هيڪاند، جان ڪو پل ريجهايون راولا!

248- ڪي جي لڳن ڏينهن، منجهه بازيءَ کيل ”براهم“ چئي

محبت سندا مينہ، ويهي تن وسائيا.

249- ڪڏهن راڻي پوي ٽِڪ پنجڻي، ڪڏه ڪَچا ڪارنہ پون

پَون ٻارنہ اٺارنہ اڳيان، اڳ چُٽا مومل چُون

سي ڪئن پڪيون ساريون هُون، جو دهرو داءُ وسيو وڃي.

250- تِرُ مومل کي مُوني تي، هو اصل اڳيئي

تنهن سين راڻي کي رخ راض گهڻو هو ويکيندو ويهي

ڪاجا مومل من پيئي، تنهن کي ڪنهن جنهن ڏانءِ ڏيکاريان.

251- تڏهن پرهه جو پرين سين، ڍاريائين ڍارو

هڻي ريءَ چادر ڪيو، لَمي لامارو

پسي خان خيال پيو، آيس اُٻارو

اُنهين، براهم چئي بيجاءِ ٿيو راڻو ريسارو

مومل مدارو تنهين وير تمام ٿيو.

252- پرهه جو پرين سين، راند ڪري ريڌي

دَست پُڄي زير دامن کي، تنهن وير نانگهيندي

پَسي خان خيال پيو، درس ڪري دِيدِي

وٺيس بوند، براهم چئي، اَپر آلودِي

ضُعف انهي زودي، ڪري راڻو ڪِيهَه ڪِري پيو.

253- ٻنهي ساهه پساهه، هيڪند روح حليم ڪيو

”قالو انا لله وانا اليہ راجعون“، ڄاڻي پاڻ الله

سو آخر اُوڻو نه ٿئي، جو ليکو لوح قلماءَ

مٺو زباناءِ، پڙهو ڪلمو  مومنا!

لا الہٰ اِلا الله محمد رسول الله.


[1] . پنجويهه.

[2] . اصل. سُوندڙا

[3] . اصل: خون چند بي خرمان.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org