- بيت جلال ووگهڙ جا
1- ساراهه ڪجي هڪ صاحب جي، ٻئي جي جوڙ ته ڪين
جڳاءِ
رکي اُميد الله ۾، پنهنجي واحد کي به وڏاءِ
اَٿئي ڀِلي ڪِرت ڪريم جي، پنهنجي جيءَ ۾ جوش
جنباءِ
رک ڪنهين جو ڪينڪي، ٻيو خيال به ري خداءِ:
هو مَلُ هوندو ماٿيلي ۾، جنهن جنگ جوڙائي جاءِ
ڪوٽ جوڙايائين ڪُنگرا، لک تنهين تي لاءِ
پوءِ هي وَکر وينس ڪُل واءِ، آهي ڪوڙي منشا مخلوق
جي.
2- ڪوڙي منشا مخلوق جي، کنئي ڪافر ڪوڏَ ڪَمان
هن کي لک لشڪر جا هئا طنَبُن ساڻ طولان
سالِڪ صوبا سِينڱ سان، هئا پرس وڏا پهلوان
قابو ڪوٽ قلعي ۾، سوگها هئا سامان
پوءِ هن دفتر تئون ديوان، ڪيئي حڪم هلائي ويا
حاڪِمِي.
3- ڪيئي حاڪم هلائي ويا حاڪمي، نازڪ نهاري
ڪمند کاڌو هو ڪوٽ ۾، ڪنهن مِروُن ڀي ڪاري
اهڙي جُلهه جلال چئي، وير نه وساري
راجا چڙهيو آيو رُخ مان، سڀ ساز به سينگاري
هو سنئون ڪڍ وِيس سير مون، تک منجهؤن تاري
ته ڪَڻو ڪَلا جو ڳڌئين، وڃي مرون کؤن ماري
پوءِ دنيا درس دريا ۾، هن سڀ رکي ساري
مَڻيون مُومل هٿ ۾، هِن وِير ڏنو واري
سوگهو سانڀيجانءِ ساهه ۾، رَک جيءَ اندر جاري
ڪنهن کي ڏجانءِ ڪينڪي، توڙي مَلُ وِجهئِي ماري
پوءِ لَڙهه لڳي لاري، ٿيو هو جُنگ جَسمِي جاءِ تي.
4- ٿيو جُنگ جسمي جاءِ تي، اچي پنهنجي وِير وٿاڻ
خان ٿيو خوش هئو، راجا منجهه رهاڻ
لڪايائين پئي لوڪ کئون، ڀري خزانن کاڻ
پوءِ وَٽ مومل مَڻيي ڪاڻ، آيو فهميدو فقير ٿي.
5- آيو فهميدو فقير ٿي، اچي ويٺو دُود دُکائي دَر
نَڪِي کائي، نڪي پِيئي، نَڪِي گهُري وڃي ٻئي گهر
گِرفت ڪري نه گودڙيو، بِکيا ۾ بازر
ڏينهن ٻَه ٽي ڪي لنگهي ويا، ڀُوميي کي نه بَر
فاقي منجهه فقير جي اچي والِي ڪَئِي وَرَ
مَڻيو مُومل کئون ڳِڌائِين، ڪَري پيناڪ اهڙيءَ پَر
پوءِ پيهي پاڻيءَ ۾ ويو، ڪين جُوان لَهي وِيو جَر
ڪين مٿي مُلڪن تي ويو، بيحد چڙهي بَر
تن جبلن مؤن، جلال چئي، وِيو ڏيهه ڇڏي ڏونگر
تنهن کانپوءِ خبر، اچي راجا ساڻ رجوع ڪَيئون.
6- راجا ساڻ رجوع ڪَيئون، ڪئي حاڪم هوءِ هلان
ته ڪڍو مومل ملڪ مئون، ڪڍو ڀُونءِ بلان
ڪيو روانيون راجا نند ڏي، ڀَري خزانن کَلان
پوءِ هن جايون جوڙايون جود مؤن، مٿي ڪاڪ ڪلان
ته جيڪي اٿم جيءَ ۾، ڪنهن کي سُور سلان
پوءِ جهڙي حال هلان، ته به ڏينديس پئسا پڄائي
پانهنجا.
7- ڏينديس پئسا پُڄائي پانهنجا، پئِي ھٽ ۾ جا ٻول
اچن پانههَ پُرس پري کئون، هاتڪ پاتيون هول
هٿيار گُنبيسوُن هٿن ۾، بانڪَن کي بَرڇول
ساز مڙيئي سون جا، چِينِي چرخ چَنبول
پَين وڃي پَتنگ ٿيا، آرَڏ ۾ ارڏول
جيڪو جُنگ لنگهيندو جاءِ ۾، ڀَڃي ڀِٿهين جا ڀول
پوءِ ٻهڳڻ ڪَئِي ٻول، ته ڏينديم سِر تنهن کي سَٽ
۾.
8. چوڙيليُون چَمن ۾، ٿيون ڪن گَنوريون گول
ڪَڙيون ڪَٺمالان هار هسيَون هُينِ موتين جا مڻڪول
ٻانهوٽا ٻانهن ۾، هُن نَڪن منجهه نبول
ڪَنور چوندن ٿيون ڪاڪ جا، ڏِين جهوٽا ڀريون جهول
گُل گينوَر گُجريون، هِنِ رام جَنگي رابول
پوءِ وڃي ڳوٺن ۾ پئي ڳول، ته اهڙي پارين آدمِي.
9- اهڙي پارين آدمي، هلي ٿيا ته همير
ڪَيو ٻُڌائن ڪيترو، ناتر کي به نظير
نڪري ويڙن وِچ تي، ٿا واڪيو پُڇن وِير
هڪڙو درس دغا جو دريا آ، ٻيو سُنگ سَٽي ٿي سِير
ڀولا ڀئو ڀِتين کؤن گهڻا، ٻيو نانگ ڪارا کئون نِير
کَٽان کوٽ خِريب جون، تِکا هيٺون تير
هڪڙا جُنگ جَلي ويا جاءِ تي، ٻيا ڦِري ٿيا ته فقير
آءٌ ڀِي وَڃان پنهنجي وطن تي، وَس نه وران وِير
هاڻي تن ۾ جهلي تِير، ٿي نڪتس نانگو نينهن جو.
10- نڪتو نانگو نينهن جو، طعام ڇڏيائين توڙاءِ
هِيري ۽ جواهر جو هو جوڳيءَ تي جَڙاءُ
سامي سهڻو هو سون کؤن، آڏَت جي به اُهاءِ
پوءِ لهو سُڌ سماءُ، ته جوڳي ڪهڙي جُوءِ جو.
11- جوڳيءَ کؤن، جلال چئي، پُڇيو ڀَري وڃي ڀير
کٿوري خوشبوءِ ۾ تنهنجا سڀئي ٻهڪيا سير
اهڙي ڪامڻ ڪير، جنهن توکي جوڳي جادو لائيو؟
12- جوڳي جادو لائيو، ٿي دانہ سان ديماڪ
سالڪ صوبا ڪيترا، هُيس عَملو ئي هُشناڪ
گَنوَ ليٽايائين گازڙيا، ڪيائين خان مڙيئي خاڪ
خزانا کڻي ويئي، جيڪي هُئا اُڙدن جا املاڪ
نانگي شاهه مُراد جون، ڏنيون هئائين تاڙيون لائي
طاق
پوءِ فهم کسايا فيراق، جڏهنن جوءِ ڇڏي ٻي جوءِ
هليا.
13- جوءِ ڇڏي ٻي جُوءِ تي، ساڻ همير هليا
ڪاهيون آيا ڪاڪ تي، جهلئي ڪين جهليا
ٿيا مقابل مومل جي، اچي رانول روءِ رليا
پوءِ پرين پرس پليا، جڏهن ناتر نيڻ نهاريا.
14- ناتر نيڻ نهاريا، سمجهي ٿيا سوڙها
عاقل بيهي رهيا اُس ۾، گهوٽ ڇڏي گهوڙا
پوءِ ٻُجهي ٿيا ٻوڙا، ته ڪهڙي ويڌن وير ورائيو.
15- ڪهڙي ويڌن ورائيو، اوهان وير! رهو ويهي
منشا اوهان جي من ۾، آهي ڪامل ڙي ڪيهي
محلن منجهه ملوڪ ڪو، پُرس ڏسي پيهي
اُها مومل مٿي هئي، جنهن ڪاڻ آيا هو ڪاڪ ۾.
16- سنڀري اٿيو سومرو، ڪري جُنگ منجهئون ني جوڙ
ڪامل بيٺس ڪاڪ تي، مرڪڻ ٻڌي موڙ
وِڇُن وير ورائيو، سَپن رکيس سوڙ
مرڪڻ کاڌيون موڙ، ٿو موٽيو اچيئي مينڌرا.
17- ڇڪي ڏيئي سينهڙي، وڃي خان کنيو هو کڳ
بيحد بلائن جو وڃي وير ڏٺو هو وڳ
پوءِ هي ڀي موٽي پيو مَڳ، هُن دِرنگُ نه جهليو
داسڙي.
18- ڀَڙڪو ڏيئي ڀَٽي اُٿيو، ٻَڌي حاڪم ڪل هٿيار
پر هٽيو سو هيبت ڏسي، ڪيائين ورڻ جي وار
موٽي سو مهندار، اچي ساجهر سنگتين کي مليو.
19- تڏ مرڪڻ اٿيو مينڌرو سورهيه ٿيو سوار
ٻولائي ٻانهيءَ سان، ڪيئاين گويا هيءَ گفتار
سڌي هل سانئڻ ڏي وهم ڇڏي ويچار
ات ناتر آڏو نڪري ڪئي وڌڻ جي وار
ته چهبڪ چُور چَري کي راڻي ڪيا رهوار
پوءِ محڪم جهلي مار، رئندي ويئي رت مؤن.
20- رُئندي ويئي رت مؤن، ڪيو لِڱ مڙيئي لال
ته سِگهو سانئڻ کي ڪيان هن هاتڪ جو به حوال
ته ملهه ماريو ٿِي مينڌري، منهنجي جان ڀڳائين
جؤڏال
جنهن جو ايڏو ٿِي اقبال، سو ڪامل ڀيليندءِ ڪاڪ کي.
21- ڪامل ڀيليندءِ ڪاڪ کي، ٿي سورهيه سٽاڻو
درس لٿو ٿِي در تي، ڏيئي ٿاهر جو ٿاڻو
ڪَنبي ڪاڪ ڪُل ويئي، لُڏيو لوڊاڻو
جنهوري سو، جلال چئي، اچي ڀيليندءِ ڀاڻو
ناتر چئي ناڻو، هاڻي ڪونه آڻيندءِ ڪاڪ ۾.
22- ڪونه آڻيندو ڪاڪ ۾، تڏهن ڀي آهي الاهو الله
ڪيئي ڪڍيم پئي ڪاڪ مؤن، لوڏيون وانگي لاءِ
هڪڙا پُرس موٽايم پوئتي، موڙي مرد مَلاح
هڪڙا جُنگ جَلي ويا جاءِ ۾، ڳوڌا اندر ڳاهه
نَڪا آهي دَرواس دنيا جي، نڪا پئسي جي پرواهه
جيڪا هوندي صاحب جي صلاح، سا ڪرم لوڙيندم ڪاڪ جا.
23- ڪرم لوڙيندينءَ ڪاڪ جا، اَٿئي ميرايون ته مَٺا
جُنگ چوڌاريون جاءِ جي، پئي گوري جان ته گَٺا
سَوين سانوڻ مينهن جان، پئي مَٿئون وِير وَٺا
اڄ موچڙا مَن مينڌري جا، تو پنهنجي سُور سَٺا
پوءِ ويڻ ته مُور مَٺا، ڪوهه ڳالهائين ٿي ڪامڻي.
24- ڪوهه ڳالهائين ٿي ڪامڻي، هُو ڄار وجهئي ٿو ڄاڻ
هوُ ڦسائي ڦُندڻيءَ جان، ڀيلي وٺندءِ ڀاڻ
چکائي چَريو ڪندُءِ، ٻهڳڻ توکي ٻاڻ
ووڙيندينءَ ورهين کي، ڪو عشق جو اهڃاڻ
جاني کؤن، جلال چئي، تون پاسي ڪندينءَ نه پاڻ
اجهو محب وجهي ماڻ، ٿو چئنچل چاڙهئي چوٽئين.
25- چئنچل چاڙهئي چوٽئين، ڪري گهُر گهَري
در کوليائين ديوار جا، هڻي طاقن کي تَرِي
ڪَلان هُيس ڪوڙ جون، پيس ڪاغذ هيٺ ڪِري
اِها مَڻ مينڌرا هئي سوڍي منجهه سري
پوءِ ڦيري ديدار ڦري، اچي ڪامل ويٺس ڪاڪ تي.
26- ڪامل ويٺس ڪاڪ تي، اتي ڪيو ڪونڌ ڪلام
بيهاري بندگيءَ ۾ ڇڏيو، تو دوست وجهي دام
تنهنجي نينهن ڦٽائي ننڊڙي، منهنجي اکين جو آرام
پوءِ ذوق پاليو جام، ڪامل پيارين ڪاڪ جو.
27- پياري پيالو ڪاڪ جو، ٿِي چَڪنِي ٻي چَڪچور
اٿي ناتر نياز منجهون، ڪري دلبر جو دستور
وَرندِي تنهن وَر جي، ڏي سگهو زامَ ضرور
پوءِ واٽ گڏي وهلور، راڻي سندي راهه تي.
28- راڻي سندي راهه تي، ڪنور ڀي ڪيريُون
آڻي آسر ويل کي، ڏين فجر کي ڦيريون
چُڙا چَئوٺن تي، ڀڳائون ڀيرُون
زينت جون، جلال چئي، ڇنائون ڇيريُون
پوءِ ڪاڪ وڃين ڪيريون، اڄ سوڍا ڪهڙي سُور کئون.
29- سوڍا ڪهڙي سُور کؤن، تو رڙهي ڳڌو هو راهه
ماڙيءَ ۾ من مينڌرا، تو ڏٺو هو مدخواه
ته مارڻ سو مينڌرا، هو توکي مير مباح
وڃي هلائجانءَ هٽڙيون، ڪجانءِ گڏهن جوني گاهه
پوءِ گوندر ريءَ گراهه، کائيندين ڪين خوشيءَ ڪري.
30- کائيندو ڇو نه خوشي ڪري، هُئين خريبڻ کوٽي
سمهاريائي سيج تي، هڪڙا ڏڱر ٻيا ڏوٽي
کريب ڪيئي کوٽي، تڏهن ڪانڌ ڇڏي ويئي ڪاڪ ۾.
31- ڪانڌ ڇڏي ويئين ڪاڪ ۾، ٿئين ها ڪونڌ ڪڻا
سڀ وڃايئي ولها، جيڪا هئي تو ۾ محب! مڻا
مان توکي ڪيئن وڻان، لنگهائي ڇڏيم هاتڪ لک هٿن
سان.
3- بيت لال محمد انڍڙ جا
1-
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سميع
وحده واحد، جوڙيون جنهن جميع
جنهن آ ڪيو ”ڪُن“ سان، قائم چرخو هيءُ
خَلَقَ الاَدَمَ عَلَيٰ صُورَته عهد ڪيائين ايءُ
مهند آ مرسلن جي، محمّد مِٺڙو ميءُ
لَولاَڪَ لَمّا خَلَقتُ الاَفلاَڪَ، پٿاريئين پِر
ٿيءُ
وسيلو بي وسيلن جو، ٿيو والي منجهئون ويءُ
لائق ڪري، لال چئي ٺاهيئين اهي ٺيءُ
ضامن آهه ضعيفن جو، حشر منجهه حقيءَ
رکندو پت راضي ٿي، پاڻهي هُت پيءُ
ڏسان وڃي ڏيهه ڌڻي جُکي ٿو پيو جيءُ
آسرو عجيبن ۾، اٿم هردم هيءُ
لڳو نيش، لال چئي نشانبر ڪو نيہ
سدا سرڪ ثمر آهي، سرس سنئون ٿيو سيءُ
محبت سندو مينههُ، وٺو آخر وڙ ڪري.
2- ساراهيان سچو ڌڻي، قادر ربّ ڪريم
وَحدَه لاَشرِيڪَ لَہُ، هادي حق حڪيم
بيشڪ آهي برابر، قائم پاڻ قديم
دانا بينا، دهر ۾، عالم آهه عليم
قُل هُوَالله اَحَدُ، آهي اَحد عظيم
لَم يَلد ولَم يُو لَدُ، موليٰ پاڻ مقيم
مهر ڀريو آهه ملڪ تي، رازق سوئي رحيم
ڪري ٿو ڪُلني تي، نعمتون نعيم
لاهي ڇڏيئين، لال چئي، ڀولا ڀرم ڀيم
احمد مان احد ٿيو منجهؤن نقطي ميم
سو آهه شافع حشر جو، ڪوثر جو قسيم
ڪندو راهه چڱيءَ تي، محڪم مستقيم
ڪري قرب ڪريم، اچي لائق ڪندو لحد ۾.
3- ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار
جوڙيو جنهن جهان جو، چرخو هي چوڌار
ڏئي ٿو ڏان ڏڏن کي، هيڻن کي هر بار
ڏوڙا ڏان ڏئي ٿو، ڪري ڪين پچار
دشمن توڙي دوست سان، وجهي نه ويچار
ماڻهو، مرون، مرگهه ڀي گهمن پيا گينوار
هڪڙا پيادا پنڌ ۾، ٻيا محفلن ۾ منٺار
هڪڙا کائن ٻوڙ پلاءُ، ٻيا ڳڀي لئي ڳيجهار
هڪڙن وٽ نوڪر نشانبر، ٻيا ماريا وهم ويچار
ڪي ڪُتا پالين ڪست مان، ڪي ماني لئه مونجهار
ڪي وتن ويڳاڻا وصل لئي، ڪي دم نه ٿين ڌار
ڪن تي قرب ڪريم جو، ڪي ڏاريا هن ڏهڪار
ڪي وسوڙل ويندا رهيا، ڪي راضي ٿيا رهوار
قادر جي قدرت جو، آهي پتو نڪو پار
قادر جي قدرت جو بيحد آ ڀلڪار
قادر جي قدرت جا، عجب جيها اسرار
قصو ٻڌايانءِ قرب جو، ٻُڌ گوش ڌري گفتار
محبت جي مَنجهه جي، ساري لهج سنڀار
”نند“ نالي راجا هو، مرد ته مڻيادار
حڪومت جو هوڪو هئس، چؤطرفين چوڌار
هرجا هليس حڪم پئي ڌڌڪو ۽ ڌوڪار
لائق هئو، لال چئي، ويتر ويرو تار
هيڻن جو همراهه هو، هرجائي هربار
اڻ ٿڪ هو اصل کؤن، سخا ۾ سردار
پُٽ هئس ڪونه ڪو، ڌيئن جو ته ڌنار
انهيءَ پر اندر ۾ هيس اهائي پچار
وڏي ڪنهن ويچار، مرد رهيو پئي مونجهه ۾.
4- مرد رهيو پئي مونجهه ۾، هيس اندر ۾ اُڌماٽ
لڳي ويس، لال چئي، لنُو لنوُ منجهه لپاٽ
ڌيئان هيون دانَہ کي، اوچيون اوچي ڳاٽ
مومل، سومل، سهجان، سوڍي، گينواريون منجهه گهاٽ
پٽ لاءِ پياسي هو، ويٺو وڃي منجهه واٽ
مومل پياري پٽن کان، هيس وڍ وڌاٽ
حڪومت حوالي هيس، ڇوهون انهيءَ ڇاٽ
ان کي هئي ازل کئون عشق جي اوساٽ
چَرِي ٿي چُري پئي، لڳيس چاڪ چماٽ
قرب وڌس ڪيري کڻي، کُلي ويس ڪپاٽ
ويٺس گوندر گهَر ڪري، درد لاتس دڙٻاٽ
ڳڻتين ڳهيلي ڪئي، جهوريءَ هنيس جهاٽ
مُننهن مان وييس ماٽ، سِر آيس سور سڄڻ جا.
5- دنيا هئي دانہَ کي، بيحد بيشمار
زر، جواهر، هيرا، لعلون، چاندي وڌ چمڪار
وجهي پاڻ ئي پيتين ۾ ڏيئي ڪلف قرار
کڻائي کريب سان، ٿيو نديءَ تي نروار
ڏند هڪ ڏانءَ ڀريو، جنهن جو هيس آڌار
کڻي ڏند هٿ ۾ آئيو سِير وٺي سردار
پاڻي سارو پَٽ ٿيو، ٿي ڌرتي کڙي ڌار
کوٽي خوب خوشي سان، پيٽ ندي ڪنهن پار
دولت کڻي دانَهه وڌي، الله جي آڌار
آيو هلي هيج مان، ندي ڇڏي نار
دريا ڀي دولت تي، لاتي دڙ جهجهي ڌڌڪار
پئي هليو پرت سان، رکي سرت سنڀار
پيءُ جي ته ڌيئن مان، هئي مومل هڪ مختار
ڏنس ڏند پڻس کڻي، بنان سوچ سنڀار
ته رکندي ڍڪي دولَ هيءُ، وڏي ڪنهن ويچار
ڏس الله جا اسرار، جو رِٿان سڀ رُلي ويون.
6- مومل منڌ عجيب هئي، بيرون از بيان
سخاوت ۾ سهڻيءَ جو ڪو ثاني نه هو انسان
سوالي نه خالي ٿئي، وڃي ورتيون دان
موليٰ لڳ مايا جا، پي ڏنئين هر دم ڏان
پيءُ جي پڙٻاٽن جي، ڪل رکيائين ڪان
ٻڌي سٽاءِ سورهيه جي، هليو هڪڙو کئون هيجان
رسيو ماڙيءَ هيٺان مومل جي، دُرس ڪارڻ دان
هنئين سئن سامي اچي، عين اُنهيءَ امڪان
ته گهر جي ڏند ڏکيءَ کي، نه ته ضعيفان ٿيندي زيان
جنهن۾ جب جيهو اسرار آهه، سو مڱي ٿو مستان
مومل! ڪر مهر هيءَ، ڏيندءِ ڏاتر ڏوڙا ڏان
ڪندءِ سولي سرس سجان، ڪر مانگ پوري منگي جي.
7- ٻُڌي ماگ اها منگتي جي، جڏهن مومل موچاري
سُڻي صدا سائل جي، لڳس ڪانُ ته ڪاپاري
پيس ڪُڻڪ ڪن تي، ٿي ويتر ويچاري
مُنجهي پئي هن مامري، سس ته سوڀاري
ڏيان ڏند ڏکويل کي، ڪهڙي حال مان هيڪاري!
بابي جي بغداد جي ٿي سرس سجهي ساري
ماري ڪندو ميڻ سو، جڏهن پونديس ڪل ڪاري
ويهي رهي ويچار ۾، ڳڻتي اِن ڳاري
فقير ڀي ڦيڪي پيو، جيئن ڦيڪي ڦيڪاري
دانهن ڪري پيو درد کؤن، جنهن دانهه ڌُتاري
لڙي پئي، لال چئي، بس مومل موچاري
سڏي صاف سائل کي، ڪَيئين ڳالهه اها ساري
ته چپ ڪر هن چوٻول کان، ٻُڌن نه ڪي چاري
تنهنجي تات طلب تاري، ٿي ڪريان پوري پلڪ ۾.
8- ٿي ڪريانءِ پوري پلڪ ۾، ڪروڌ نه تون واءِ واءِ!
ماٺ ڪر موليٰ واسطي، مُونجهان ڪول مٽاءِ
خاطر ڪر، خير سان ويندين، خالي ڪين هِتاءِ
تنهنجي صَدا سَر ٿيندي، جي والي وڙ ڪنداءِ
مانگ تنهنجي منگتا! ٿي ڪيان پوري ڪنهن پراءِ
پر وهلان ٿي دل ۾، بابي جي ته ڀراءِ
ڪندو ڪاري ڪهڙي، جي پيءَ ڪئي ته پڇاءِ
سهنديس سور سڀئي سر تي، مونجهان ڪُل مٿاءِ
تنهنجي صَدا سُڻي ڪري، ڪيئن وهان پوءِ هن جاءِ
هاڻي اچ ته اسم الله، ڏيانءِ ڏند کڻي ڪري.
9- ڏنس ڏند کڻي، هن مومل متوالي
پتو نه پيس پيءُ جو، ڪَيئين پيتي ڀي پالهي
ڪري مهر منگتي تي، ڪَيئين سَرهو سوالي
ڏيئي ڏند ڏکيل کي، خوش رکيئين خالي
کڻي ڏند کوٽ ڪري، موٽيو موالي
هي پيو هيج مان، چهري ڪري چالي
منجهئون پيٽ مهراڻ جي، ڏنس ڏند کڻي ڏالي
ڪڍي هليو ڪست مان، دولت سڀ دالي
لاهي ڇڏي لالچي گودڙي گُلالي
ٿيس عنايت الله جي، نرتئون نرالي
بُرٺ ڀَريس ڀانڊا سڀئي،وڙ ڪيس والي
ميڙي ڪُل مالي، وڃي پهتو پنهنجي گهر ۾.
10- پهتو پنهنجي گهر ۾، وڃي ٺاهه ٺڳيءَ ٺاهي
مومل ويٺي ماٺ ۾، ويڙهو وسائي
راجا جو راض ٿيو، ته اچان ملڪيت ڪڍائي
ڪيئين گُهر گُجر کان، ته ڏي ڏند ورائي
مومل ته ڇڏي فقير کان، هئي ڦڪڙي ڦُرائي
لاڳ انهيءَ لال چئي، پئي لڇي لنوائي
ڪهڙي پَر پوري ڪيان، وڌو گهُر انهيءَ گهائي
ڏنم ڏند ڏکيل کي، مان هٿئون هيجائي
پوندي ڪَل بابل کي، ته نيندو نُرڪائي
ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، ڪهڙو ٺاهه وجهان ٺاهي
پاڻ هٿئون پائي، ويهي رهي ويسلي.
11- ويٺي رهي ويسلي، ٿي وينگس ويڳاڻي
پهلئون کنڀئين پُرجهيِ، پير نه پڄاڻي
پيئي منڌ مامري ۾، ڄاڻ نڪي ڄاڻي
ڏنئين ڏند ڏکيل لئي، سَرسئون سڃاڻي
کائڻ ويس کسجي، پلجي ويس پاڻي
خبر پيس کريب جي، ٿي نڌر نماڻي
آکان پا ابي کي، مان آهيان اياڻي
ڄائي پڇاڻي، وڌم ڳَيَڙُ پنهنجي ڳچيءَ ۾.
12- وڌءِ ڳَيڙ پاڻ ڳچيءَ ۾، ڇڏ مَ همّت هيڪاري
اٿي چؤ ابي کي، ڳالهه سچي ساري
ڇڏي ڏي ڇوهه ۾، مومل مونجهاري
لڪائي، لال چئي، ڪر نه ڪوڙي گفتاري
پيل هٿ پنهنجي جي، ٿي هيءَ ڪار سُڄي ڪاري
اٿي سَموهه سرت سان، ساجهر سوڀاري!
پڇاڙيءَ جو پيءَ کي، هَنيئي ڪان ته ڪاپاري
ڪهڙي پر پيناگر، تنهنجي دلڙي ڌتاري
ڏنس تو ڏند جي، ڇاکئون ڏيکاري
آيئي سرت نه سمجهه ڪا، هوري آن هاري
ڀري گهر ٻين جو، ڪئي بابو بکياري
هاڻ هل، سليونس هلي، هيءَ مام ته موچاري
چي: وڃي چؤ ابي کي، هيءُ حال ته هيڪاري
مُنهن چڙهي طرح ڪنهين، ڪيان نه همواري
هيڌي ڪِيس قهر جي، مون کي ڪَل نه پئي ڪاري
اڏامي عقل ويو، مان سرت نه سنڀاري
هاني حاتي پيءَ جي، مان ڳڻتين ۾ ڳاري
ڦاٿي پند فقير جي، هيءَ هوري هيڪاري
سوڍي، سهجان ساڻ ڪري، ڪر ابي انتظاري
ته ميڙي ڏينديس مال گهڻو، ڪر نه بابل! بيزاري
معاف ڪر موليٰ لڳ هيءَ خاص خطاڪاري
وجهه نه وَڌِڪ ويڇا ڪاي، هاڻي هيڪاري
ڌڪي ڪڍ نه در کئون، هيءَ انڌي آزاري
لاهي ڇڏ، لال چئي، هي ڪوپ ته قهاري
مام مڙئي معلوم ٿي، هان مونجهه انهيءَ ماري
هاڻي بار کڻي باري، وڃ ٽاري ڇڏ تون ٽار هي.
13- هلي سُري ساجهر سان، سومل سرت ڀري
وجهي پاند ڳچيءَ ۾، چلتي ساڻ چُري
آکيائين ابي کي، خوبئون ڳالهه کري
ڪاوڙ ڇڏ قبلا! تون، لاهج ڀول ڀري
سَئنَ تي سناسيءَ کي، ڏني مومل ڏند ذري
دانهن ڪيئين پئي دل کئون، ويو لاهوتي نه لڙي
لکيل هئي ليکِ ائين، سا آخر ڪار پَڙي
ائين انگ ازل جو، ويو قلم وري
هاڻي ڪر نه ويجهڙي، تون دردن جي دري
ڏند گهنا هن ڏيهه ۾ ملندا مفت وري
لاهي ڇڏج، لال چئي، سورن جي ته سري
مان ڀي ڪيان ڪوشش ٿي، لهنديس ڏند لڙي
هاني سُڪي تون سڙي، وجهه نه مامرو من ۾
14- وجهان نه مامرو من ۾، هيڏو ڪيِس ٿيو
لڪل ڏند لکن جو، ائين ڪيئن ويو!
ڦرائي فقير ڪَيئين، ٻئي جو گهر ڀريو
سينو آهه سورن ۾، سوم! صاف سڙيو
سياڻي هو مومل کي، صفا مون سمجهيو
هيڏي قهر ڪلور جو، مونکي پرو ڪونه پيو
کڻي ويو خزانو ڪو، هئي هئي هيئن هَيو!
هاڻي مومل جو ته مٿو، مان ڀي ماري ڪيان مُڃ ٿو.
15- مارج مَ مومل کي، هِن پر هاڻ هڻي
ٿيو وِسارو ويسليءَ کئون، واحد کي به وڻي
انهيءَ پر، انڍڙچئي، لکي ليکِ ڌڻي
هن ڀي سوالي خالي نه ڪيو ڏنو ڏند کڻي
ٿيو ڀئو نه ڀوريءَ کي ته ڪندوپيءَ پني
هاڻي ڳوڙها ڳلن تي پيا ڇوهئون ٿَس ڇڻي
تون ڀي سَت سيل رک، ڏيندو دان ڌڻي
اڄ ئي اُڻيون ٿيون، ائين ترت تڻي
ڏينديونسين ورائي توکي، خزانو ته کڻي
رکيئين سمجهه نه سارَ ڪا، هئي هڪ ڄڻي
پر قضا وس قادر جي، ڇا ڪري ڪامڻي!
هڻي بابا! هيءَ بڻي، ڇڏ ڪاوڙ ڪڍي قلب مان.
16- چئي: ڪاوڙ ڪڍان قلب مان، ڪئن سومل صاف سڌر!
مومل ڪيو مامرو، مون سان ڪيس قهر
ڏنو ڏند کڻي ائين، ناڪس نيچ نڌر
پَتو پيو نه پِٽيل کي، هن حالت جو هيڪر
هاڻي ڪَرين منٿون ٿي تون سومل سراسر
منهنجي به ڳَڻ ڳُڻن ڀري! ثابت سرس ڪر
پئسو ناهه پاند ۾، ڪيئن هلان چئو، آخر!
کِلن نه ماڻهو ملڪ جا، هن حالت تي هن پَر
بس، ملڪن منجهه مشر، ٿيو مومل جو هي مامرو.
17- ٿيو مومل لئي هي مامرو، پئي لوڪ پچار
ڇڏي گهر آبي جو، ڍُرڪي انهيءَ ڍار
ويٺي کولي واٽ تي، وِرهه جو واپار
ڪونڌر ڦُري ڪيترا، جيئن رکي دُرس ڌُتار
پوري ڪيان پيءُ جي، دولت ۽ دينار
ڪَهي ڪاڪ مٿان اچي، چمن رکيئين چوڌار
سومل سهجان، سوڍيءَ ڀي، گڏ ڪَيس گذار
ويٺيون ڪنڌيءَ ڪاڪ جي، رکي طلسم تار
آئي وِئي جي اڳتئون پيئون ڦِرن ڦيريدار
ڌتارين پيون رليون، مرد ته مڻيادار
ڪُهڻ لئي ڪُڏي پيون، سونهن ڀريا سردار
بڻيا هن بازار ۾، ڪيئي خريدار
رکي سُر صلاح هيءَ، ويٺيون ڀيڻيون چار:
ته ماڻيندو مومل اهو، جيڪو تري ايندوتار
مومل جو آ مڙس اهو، هڪڙو منجهه هزار
لاهي سانگو، لال چئي، جيڪو پهچي ٿي هن پار
ترتئون انهيءَ تار، رکيو ريب رنن کڻي.
18- رکيو ريب رنن کڻي، ڇڏيئون ٽَڳا سڀ ٽوڙي
ليڪا لڄ شرم جا، ويٺيون اڄ ٻوڙي
دنيا خاطر داسڙي، پَئِي دهلي ۽ دوڙي
ويٺي ڪنڌيءَ ڪاڪ جي، کُپ صفا کوڙي
کڻي نيڻ نماڻا، چڙهي گهاوَڻ جي گهوڙي
جاءِ اها جوڙي، ويلي آخر وَٽ تي.
19- ويٺي آخر وٽ تي، اچي مومل موچاري
ڪُهڻ جي محلات جي،پئي پَر ۾ پچاري
موهيا تنهن منڌ لکين، ڏيئي دانهه دلداري
هَنيون نوڪان نينهن جون، نشانبر ناري
محبت ۾ مستان ٿيا، تات رکي تاري
پنڌ ڪري پرينءَ جي، پيا پَسن پاٿاري
مومل رکي دل ۾، ترت طرحداري
ٺاهي ٺاهه ٺڳيءَ جو، ويٺي ويچاري
ڦاسايا هن ڦندي ۾، هزارين هاري
وئي گڏيندي واري سان، دولتَ پيءُ واري
کٽي کيپ کري ٿي، ناحق نرواري
آندا پئي ان اٽڪائي، ڦيري ڦيڪاري
ڪُٺا ڪونڌر ڪيترا، چوريءَ چوڌاري
گهاريا گهوٽ گهڻيرا، گهورن سان گهاري
ائينهري هيڪاري، مومل مايا موڪ ڪئي.
20- مومل مايا موڪ ڪئي، ٺاهي مُنڌ مڪان
ٻڌي ستاهه سورهه جي آيا جُنگ جوان
مومل ماڻڻ لئي هليا، شهزادا به شگان
ڪونڌر ڪيئي ڪُسجي ويا، جوش وڏي جولان
ڪي دهلجي دور ٿيا، شاهي ڇڏي شان
ڪي ڦُرائي ڦِري هليا، پاڻ وڏي پيمان
ڪي ٻُڌي ڳالهه ٻهڳڻ جي، دُرس ٿيا ديوان
مَيا وتن موج سان، مگن ۽ مستان
لڳين لَنءُ، لال چئي، غم ڪيا غلطان
وين وِرهه وڪوڙي، گوندر ٿين گذران
وساري ويهي رهيا، مرتبو ۽ مان
آيا در عجيب جي، لاءِ دوا درمان
پر ڪَيُنِ فراق ڦڪيءَ تا، ويتر وڌ وَڌان
ويهاري درد دل ۾ دُرس ٿيا ديوان
لڳين ميخان محبت جون، برهه ڪيا بيگان
اهڙا ڪيئي انسان، هن ڦُريا پئي ڦندي سان.
21- مومل جي مصلحت جي، ڪوڪ پئي ڪوهن
هلي پياسي حُب مان ٻُڌو جتئون جن
ڪاهي رسيا ڪاڪ تي، محبت رکي من
مجاور محلات جا ٿي، ٿاڪ انهيءَ ٿهرن
قدرت ڏس قادر جي، پئي ڳالهه اها ڳوٺن
اچن پيا عجيب در، شهل وڏي شرطن
ڦُري مايا مڙن کان، مايون ٿيون مرڪن
سسي ڪپي تن، ڪيئون ڪنگرا ڪوٽ جا.
22- ڪنگرا ڪيئون ڪوٽ جا، نشانبر نروار
لائي ويٺيون، لال چئي، چانڊاڻيون چوڌار
همير ڀي حُب سان هلي چڙهيو شيل شڪار
ٽلندو آيو ٽٻن تان گهمندو منجهه گينوار
غفلت ۾ گينوارجي، ڪيئين ”ماٿلي“ ڀرمار
مارڻ ڪاڻ هرڻ جي، جيءَ ۾ هيس جار
ملي ويڙس مُنهن ۾، پرت ڀريو پينار
جو وِڦلي پيو ويتر اهو روئي زاروزار
لڳيل هيس، لال چئي، ڪنهن جي لنءُ لغار
جنهن ماريس باهه برهه جي، اندر منجهه آزار
ڇڏي شوق شهر جا، رکيئين جهنگل سندو جار
ڏسي حال ڏکويل جو، ويس وسري شوق شڪار
سمجهي ويو سرت سان، ته آهي برهه جو بيمار
ويجهو اچي وَلهو، بيٺس لاهڻ بار
چي: ڪير آهين،ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ڪرين ڪار؟
ڏَسج نالو ذات تون، نشانبر نروار
حال ڪيئي ههڙا ڇو، سلج لڳ ستار
لڳيئي ناوڪ نينهن جي، يا اٿئي ٻيو آزار؟
پرت ڀريا پينار! اچ ويهه ته ونڊيون ڳالهڙيون.
23- چئي: ويهه ته ونڊيون ڳالهڙيون، آهيان شاهي ٻار
ٻُڌي ساهه سورهه جي، لڳي طلب اندر ۾ تار
مومل جي محبت جي، پَئي اندر منجهه اُجهڪار
اُٿئي ويٺي عجيب جي، هُني گهڻيري گفتار
اکئين ننڊ ڦٽي وئي، نينهن لڳو نروار
وڻي ڪين ويتر ٻيو، ماڻهو ريءَ مهندار
هلي پيس حب سان، ته ڏسان دوساڻي درٻار
لڳو منڊ، لال چئي، ڪيو قابض قرب قرار
آيس در عجيب جي، طرح انهيءَ تڪرار
پهتس نه پر ڪنهينَ، وَس وڏي ويچار
دڳ تان موٽيس دهلي، بڻجي ڦيريدار
ههڙا حال حبيب ڪيا، پرت ڪيو پينار
سڄڻ جي سونهن جي، آ هردم سرت سنڀار
نماڻي کي نصيب ٿيو نه دلبر جو ديدار
ويو هوش وَٽِ وٺي، ڌيان به ويو ٿي ڌار
پڇايان پانڌين کان، پرينءَ جا پيو پار
لهان ڪٿي، لال چئي، محب مٺو منٺار
ڦُري جنهن فقيرڪيو، سو سونهن ڀريو سردار
ڏسان شال ڏيهه ڌڻي، سرتين جو سينگار
جنهن جي محبت موهيو، آهه لڳي لوڇ لغار
مان وري پيس واٽ ڏسي، عجب جيها اسرار
ڀولا، نانگ، بلائو، هيون بيحد بيشمار
ڏِٺي جن جي ڏَر ڳڌو، سي چُّري پيا چوڌار
اُٿي پيا اڳ پوءِ کان، ڌُوڌو ۽ ڌڌڪار
پهتس ڪين پرينءَ وٽ، موٽيس ٿي مُّردار
اهڙي ئي آچار، ٿو رُلان پيو روهه ۾.
24- هِرکي پيو همير هيءَ ٻڌي ظاهر زباني
سُڻي ٻول فقير جا، ٿيس دلڙي ديواني
مومل جي مجاز جي، لڳيس ناوڪ نيشاني
دانهن ڪيئين، دلبر جي ڏسان پاڪ ته پيشاني
وٺي ايئن وزير هليو، جيئن اچي طغياني
پاڻهي پريشآني، خريديئين خوشيءَ سان
25- خريديئين خوشيءَ سان، هليو رکي حب همير
مومل جي محبت جا، تن ۾ لڳيس تير
جوش جلايس جيءَ کي، جاءِ ڪري ويس جهير
لنگهي پيو، لال چئي، سُرتئون وٺي سير
ڪهي آيو ڪاڪ تي، نيڻئون وهائي نير
آيو در عجِيب جي، سوين سُکين پير
ملڻ لئي محبوب جي، هُس اندر منجهه اڪير
لڳيس باهه برهه جي، دردن ڪيو دلگير
مهل انهيءَ ئي مير، لڌي ماڙي اچي مومل جي.
26- ماڙي ڏسي مومل جي، شاهه ڪيا شڪران
ڏٺئين پاڻ اکين سان، دلبرجا دربان
مومل جي محبت ڪيا، مڙئي هئا مستان پر ڊنا ڊاءِ
همير جي، ڪڇيائون پئي ڪان
لڇيا پئي، لال چئي، هر دم هئا حيران
سوڍو سورهه ساڻ هيس، مرد اُتي مردان
همير هليو حب رکي، جوش وڏي جولان
مومل ماڻيندس مهل ڪنهين، طلب اها هُس تان
ٽپي پيو ٽپ ڏئي، گهڙيو منجهه گهمسان
لاهي سر جو آسرو، آيو منجهه امتحان
اچي آري عشق جي، پيڙو جنگ جوان
پاڻ بچائي پهچي جيڪو مومل جي ته مڪان
مومل ملڻي تنهن کي هڻي شوق وڏي سان شان
همير به هو هڪ ڄڻو، ڏٺئين چهچٽا چالان
ڪڙڪا ڪيئي ڪن پيس، ڌوڪارا دهمان
دانهون درد فراق جون، نشانبر نيشان
وڌيو وک نه اڳتي، ٿيو غم اندر غلطان
ڏٺئين وڏي وس سان، چاهه سندو چوگان
پر هلڻ کون هٽڪي ويو، بيٺو ٿي بي ڌيان
تَڪي پيو طرح انهيءَ، بي سروَ بي سامان
ڀڄِڻ کئون بيزار ٿيو، هٿ کنيئين کئون جانِ
وَستي نه هيس ويجهڙي، ڪل برپٽ هو بَيبان
نه ڏسي واٽ وڌڻ جي، موٽيو جهلي مان
اهڙي ئي امڪان، هليو پُٺتي ”همير“ ٿي.
27- هليو پٺتي همير ٿي، صاحب سوڀارو
سوڍي جو سائين کڻي ورايو وارو
وريا ڪُلئي واٽ تان، ٿيو مينڌرو موچارو
لکيل انگ ازل کان، هو سرس ائين سارو
مڙني منجهان مينڌري، نَر هنيو نعرو
همير وريو لڄي ٿي، ويتر ويچارو
موٽيو پنهنجي ملڪ تي، ڪُڙم ڪري ڪارو
سوڍي سورهه سِر ڏنو، سانگ ڇڏي سارو
لال رکي لارو، مومل ماڻي مينڌري.
28- مينڌرو، همير جو هو وهه واهه وير وزير
واري سان وهي پيو، ثابت رکي سير
سنڀري هليو سرت سان، ناميون نَر نذير
عشق ڏنس اُتهين، ثابت صاف سڌير
ٻَڌي سندرو سِڪ جو، ٿيو دانهه نا دلگير
ڪاهي پيو ڪُڏ ڪري، مهل انهيءَ مهمير
مومل جي مجاز جو جوش ٿيس جائگير
ٿيس ماڙ محي الدين حضرت پيران پير
آسري الله جي، وسڪي پيو وير
محبت جي ميدان ۾، وڃي پيئندو کنڊون کير
ماڻيندو مومل کي، سوڍو لنگهي سير
هلي پيو هڪ ڄڻو، انهيءَ ويل امير
ساٿي کنيئين نه ساڻ ڪو، محبت هڪ مشير
لنگهي پيو، لال چئي، عشق جو ته اسير
لوڏي ٻانهن لڙي هليو، مرد ائين مهمير
ڪيس ماڙ مولي! کڻي، پرت به رکيس پير
ڌاري قرب قدير، ڪاهي هليو ڪاڪ تي.
. هيءَ روايت نور محمد سومري، (ويٺل ڳوٺ
ڪَٽا، تعلقو اُٻاڙو) جي زباني قلمبند ڪئي
وئي. جلال ووگهڙ، ڳوٺ بوهِي (تعلقو پنو
عاقل) جو ويٺل هو. سنه 1860ع ۾ هڱورن ۾ سيد
شاهه محمد شاهه وٽ ڪچهري ٿي جنهن ۾ سگهڙ
عبدالله ڪلهوڙي ويٺل ڳوٺ صالحاڻي لڳ پنو
عاقل، (ان وقت سندس عمر 75 سال) چيو ته: آءٌ
ٻارڙو هوس جو مون جلال ووگهڙ کي ڏٺو هو. ان
وقت هو پوڙهو هو. هو درويش ۽ شاعر هو. بڪار
جي شاهه مردان شاهه سان صحبت هيس، جنهن وٽان
هن گهڻو فيض پرايو. ا. هه. هن زباني مان
اندازو ٿئي ٿو ته جلال اٽڪل 1895ع ڌاري وفات
ڪئي.
. اُتر(تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن کان
مليل.
|