سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :1

مومل راڻو

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

مهاڳ

سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز سن 1955۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’سنڌي لغت آفيس‘ سان گڏ ’لوڪ ادب‘ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي، ۽ ڪارن مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957 ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا، انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪين عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.

 هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون،جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينہ ’فوڪ لور‘ (Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها عام ملڪي تمدن جو هي ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگي جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي. ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻولي جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه سگهيو آهي. ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ ته اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البت جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اُميد ته آئنده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودو توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.

مجموعي طور سان هي ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ٽيٽيهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايت کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، جون 1965ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو. هيءَ ڪتاب هن کان گهڻو اڳ ڇپجي ها، مگر بدقسمتي سان لوڪ ادب جي تجويز کي بند ڪيو ويو. هن ڪتاب جي اشاعت پڻ روڪجي ويئي. 25 اپريل 1968ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جي سفارش تي، سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب تجويز کي پايه تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اها ذميواي بنده کي سونپي. جون 1968ع کان ڪم شروع ڪيو ويو، پر چئن مهينن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. وري 18 جون 1969ع تي بورڊ لوڪ ادب جي تجويز عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن کان خط پهتو ته دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي. باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هڪ مخلص ڪارڪن کي پهچن ٿيون ۽ جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪندي سهڻيون پيون آهن، بنده هي ڳرو بار ٽيون ڀيرو پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي، انهيءَ لاءِ اوترو سهيڙي ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ ادب“ جي چاليهن جلدن کي مڪمل ڪيو وڃي.

بهرحال توڪل جو ترهو ٻڌي، ڪم شروع ڪيو ويو، پر اڃا هيءَ ڪتاب ڇپجي رهيو هو جو ”لوڪ ادب تجويز“ وري زير بحث آئي ۽ ڪي مهينا اڳ سن 1973ع ۾ هن تحقيقي ڪم کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن وقت تائين رٿيل چاليهن جلدن مان جملي ٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن ۽ هيءَ ايڪٽيهون جلد آهي جو شايع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اڳتي هلي هن ڪم کي هلائڻ جو فيصلو ٿيو ۽ حياتي وفا ڪئي ته باقي رهيل ڪتابن بابت مواد گڏ ڪري هن تحقيقي ڪارنامي کي توڙ پهچايو ويندو.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ۽ محمد يوسف شيخ هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ ڪتاب جي مسودي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءُ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد

22-2-1974ع

خادم العلم

نبي بخش

باسمہ تعاليٰ

ام للانسان ما تمنيٰ فللّٰہ الاخر والاوليٰ

مقدمو

تاريخي لحاظ سان مومل ـــ راڻي جو داستان ’سومرن جي دور جو داستان‘ آهي، ۽ جغرافيائي لحاظ سان ٿر  ــ ڍٽ ــ ماٿيلي واري سنڌ جي اُڀرندين ڀاڱي جو افسانو آهي. راڻي جو رسامو مومل جون منٿون هن داستان جو مکيه باب آهن، مگر ان کان سواءِ هن قصي جي تر ۽ بر ۾ ٻيا به ڪيترائي دلچسپ سلسلا سمايل آهن، جيڪي قصي جي مکيه ڪردارن جي تاريخي، سماجي ۽ ذهني پس منظر سان تعلق رکن ٿا. راڻي جي چانگي تي چڙهي رات جو وڃي مومل سان ملڻ، سنڌ ۽ محبت ۽ مجاز واري ماحول جو مڃيل اهڃاڻ آهي. مگر ”مومل جو طلسمي محل“ سنڌي تخيل جو هڪ اهڙو آڳاٽو ۽ انوکو شاهڪار آهي، جو ان جي تعبير موجوده سائنسي دور۾، ڪنهن حد تائين فقط”ڊِزني لينڊ“ ۾ ئي نظر اچي ٿي.[1]

جغرافيائي پس منظر

جغرافيائي لحاظ سان هن قصي جي سرزمين سنڌ جو سڄو اڀرندو ڀاڱو، يعني اتران ماٿيلي کان وٺي هيٺ ڏکڻ ۾ ڍٽ ۽ عمرڪوٽ تائين ۽ اڃان به اوڀر طرف جيسلمير جي اراضي ۾ لوڊاڻي ۽ ڪاڪ تائين پکڙيل آهن. ماٿيلي جو آڳاٽو تاريخي شهر، گهوٽڪي کان اٺ ميل کن اولهه- ڏکڻ طرف هڪ مٿانهين دڙي تي ٻڌل آهي، جنهنڪري ئي شايد مٿس ”ماٿيلو“ نالو پيو.ٿرپارڪر ضلعي ۾ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ کان اوڀر وارو سڄو پاسو ڍٽ ۾ شامل آهي. ڍٽ ۽ سنڌ جي سرحد تي مهراڻي جو مشهور تاريخي شهر واقع آهي. ڪاڪ لوڊاڻو ٻئي هن وقت جيسلمير جي حدن اندر آهن، جن بابت جدا جدا ڪچهرين ۾ اسان کي هيٺيان اکين ڏٺا اڃاڻ مليا:[2]

 

مرحوم سردار خدا بخش خان پتافي خبر ڪئي ته: 1907ع ۾ هو پاڻ جيسلمير طرف ويو هو ۽ لوڊاڻو ڏٺائين، جيڪو ”ميرپور ماٿيلي“ شهر کان اٽڪل پنجاهه ميل کن ڏکڻ، اوڀر ٿيندو. اتي هڪ کوهه هو، جنهن ۾ پاڻي ڪونه هو، پر ان جي ڀرسان لين جا وڻ هئا. انهن کانسواءِ ٻن ڪنڊيءَ جي وڻن جا تمام ڊگها ٿڙ (هڪ سئو فوٽ کن ڊگها) بيٺل هئا، جن جي چوٽين ۾ لوهه جا ڪڙا پيل هئا. چون ٿا ته مومل انهن ڪنڊن ۾ پينگهه ٻڌي لڏندي هئي. اتي هڪ جهوپڙي هئي، جنهن ۾ ٻه ڀاٽي ماڻهو رهندا هئا، جيڪي اتي جا رکوال هئا ۽ ڪنڊن جي سنڀال پئي ڪيائون ا. هه.[3]

ٻئي ڪنهن ماڻهو خبرڪئي ته: لڊاڻي جو ڳوٺ جيسلمير کان نوَ ـــ ڏهه ميل اتر طرف اڃان تائين موجود آهي. هتي هندن جو وڏو تيرٿ ”جئه نارائڻ جو مندر“ آهي جنهن ۾ نارائڻ جي مورتي رکيل آهي. مومل جي ماڙيءَ جا نشان، لوڊاڻي کان سڏ پنڌ تي، ڪاڪ نئن جي ڪنڌيءَ تي آهن.

سگهڙ لڇمڻ ڀنڀري خبر ڪئي ته: ڪاڪ جوماڳ جيسلمير کان پنج ڪوهه کن پري آهي، جتي ڏاڪڻ سان هڪ کوهه آهي، سم جا چشما آهن، جن جو پاڻي کارو ۽ ڳاڙهي رنگ جو آهي. سڪل وڻن جا ٿڙ بيٺل آهن. پراڻو ڪوٽ آهي جنهن تي وڃڻ لاءِ ڦيري سان ڏاڪڻ آهي. اندر پٿر جي هڪ پڪي جاءِ جا کنڊر آهن جيڪي چون ٿا ته مومل جي ماڙي هئي، اتي مڙس جيڏي هڪ کڏ آهي، جتي خوني کوهه هوندو هو.[4]

شاهن فقير ميراثي خبر ڪئي ته: جيسلمير کان پنج ڪوهه کن اولهه طرف ”ڇتريل جو تڙ“ آهي، جتي ڪاڪ نئن آهي. تڙ کان اوڀر طرف مومل جي ماڙي جا نشان آهن: اها پٿر جي جاءِ آهي، جنهن کي صفو ۽ دالان آهي. ماڙي جو منهن ڏکڻ طرف آهي ان ماڙيءَ کان اوڀر لڳو لڳ چاڙهين سان کوهه آهي. اڳ هت سڃ هئي پر پاڪستان کانپوءِ اتي هندن جي فوج رهڻ لڳي آهي.[5]

”ڇتريل جو تڙ“ تي جهنجهه ذات جا مسلمان ڀاٽي فقير رهن ٿا.

”آرڪسن“ Erskine ، ”ٽاڊ“ Tod ۽ ٻين مولفن هنن ماڳن جي تاريخي پسمنظر بابت لکيو آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. جغرافيائي اهڃاڻ هن طرح ڏٺا اٿن ته: لودرو (لڊاڻو) جيسلمير کان پنج ڪوهه کن اتر- اولهه طرف آهي ۽ هاڻي هڪ ڦٽل کنڊر آهي. اصل کان ان ۾ ٽي وڏا مندر هئا، جيڪي اڄ تائين موجود آهن ماڻهو اتي ڀيٽا لاءِ ايندا آهن. ڪاڪ نئن، لودري واري ٽڪر مان هڪ چشمي مان نڪري ٿي ۽ اڄ تائين وهي ٿي. ان جي ڪنڌيءَ تي پٿر جي هڪ ڊٺل جاءِ آهي، جنهن کي ماڻهو ”مومل جي ماڙي“ ڪري سڏين

تاريخي پس منظر

بادشاهه همير سومرو ۽ سندس حڪومت جو دؤر، وزير راڻو مينڌرو ۽سنڌ جا سوڍا، شهر ماٿيلو جتي مومل جي پيءَ راجا نند جي حڪومت هئي، لوڊاڻو ۽ ڪاڪ جتي مومل جي ماڙي هئي- اهي سڀيئي سلسلا هن قصي جي نيم تاريخي پس منظر جي ساک ڀرين ٿا. هيٺ اسان انهن مان هر هڪ جي تاريخي يا نيم ــ تاريخي اهڃاڻن کي مختصر طور بيان ڪنداسون، انهيءَ لاءِ ته هن قصي ابتدا ۽ اها اوسر واري سمي جو اندازو ٿي سگهي.

بادشاهه همير سومري جو دؤر: سنڌ جي سومرن بادشاهن ۾ همير نالي هڪ کان وڌيڪ حڪمران ٿي گذريا آهن. هڪ وڏو ۽ پهريون همير سومرو هو جنهن ڪڇ ۽ گجرات طرف فتحون حاصل ڪيون، پڻ سومرن جو سڀ کان پويون بادشاهه همير سومرو هو، جيڪو دودي جو پُٽ هو، ۽ جنهن جي حڪومت جو خاتمو سنه 1365ع ڌاري ٿيو.سومرن بادشاهن رُوپاه (لڳ ڪڍڻ)، وڳهه ڪوٽ (رهموڪي بازار جي پريان)، ماهمتور (يعني محمد طور، لڳ شاهه ڪپور تعلقو جاتي) ۽ عمرڪوٽ هئا. عمرڪوٽ غالباً سومرن جي بلڪل پوئين دؤر ۾ گادي جو شهر ٿيو. هن قصي جي ڪن روايتن ۾”همير“ مان مراد ”همير پهريون“ (يا ڪو وچون؟) ورتو ويو آهي، ۽ شايد انهيءَ لحاظ سان ئي عمرڪوٽ جي بدران ”ماهمتور“ شهر جو نالو آندو ويو آهي. سگهڙ شاعر يعقوب کٽي جي جوڙيل قصي ۾ آهي ته: راڻو جڏهن مومل کان رُسي ويو ته پوءِ هو همير بادشاهه جي حاضري ۾ شهر ماهمتور ۾ وڃي گذارڻ لڳو، ۽ مومل به کيس مڃائڻ لاءِ مردانو ويس ڪري اتي وئي ۽ پنهنجو نالو مٽائي پاڻ کي ”مَروَل“ سڏايائين:[6]

مومل ويس مٽائي ٿي زنانا لاهي

پوتيون، پهراڻ، پٽڪا ٿي پرهڻ پرهائي

ڪاتيون، خنجر، کرکڻا، ٿي سهجان سنباهي

آڻيو اُٺ اَستريون، ٿي مال مَين پائي

سا ڪاڪئون ڪڏائي موٽي ماهمتور ڏي.

***

موٽي ماهمتور ڏي، پِرتئو ڀري پير

اچئو پڇن ايلچي، ڪنان ”مَروَل“ شير

ته: مَس نه تنهنجي مُنهن ۾، ڀروئن ابتو ڀير

وياءِ وڏيرن جو تون ڪامل آهين ڪير؟

ڪِ واريندي وير، ڪِ پسڻ آئين پارکو؟

آخر جڏهن مومل ۽ راڻو ٻئي جلي خاڪ ٿيا ته اها خبر وڃي همير سومري جي گادي جي شهر ماهمتور تائين پهتي:

مومل ۽ مينڌرو، ٻئي مئا مير ملوڪ

گولين ، داين، گجرين، بيٺي دانهي ڌوڪ

هاڪَ وَرَ جي هُوڪَ، پئي مُلڪ ماهمتور ۾.

قصي جي سٽاء مان البت ڀانئجي ٿو ته اهو سومرن جو پويون بادشاهه همير هو، جيڪو 1352-1365ع واري عرصي ۾ حڪمران هو، پر ان وقت سمن جو زور هو ۽ همير جي حڪومت جو زوال هو. همير جي حڪومت انهيءَ آخري زوال واري وقت کان ڪافي اڳ شروع ٿي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو ننڍي هوندي (سنه 1310ع ڌاري) حڪمران ٿيو هجي. وزيرن سان گڏ شڪار تي وڃڻ، اتان ڪاڪ تي چڙهائي ڪرڻ، ۽ پوءِ ڌنار بنجي مومل جي منهن پوڻ مان پڻ همير جي الهڙ جواني جو اهڃاڻ ملي ٿو. هي پويون همير اڳين سمورن بادشاهن جي ڀيٽ ۾ ايڏو همت وارو ڪونه هو، ۽ ”مومل- راڻي“ جي قصي ۾ پڻ سندس ڪردار ڪوتاه نظر اچي ٿو. جيڪڏهن هن قصي وارو همير بادشاهه، پويون همير صدي عيسوي جي اوائل يعني ته 1315-1330ع واري عرضي اندر ٿيو هوندو.

راڻو مينڌرو ۽ سوڍا: مينڌرو سندس نالو هو ۽ ذات جو هو سوڍو هو. ”راڻو“ انهيءَ ڪري سڏيائون جو هڪ ته بادشاهه همير سومري جو وزير هو ۽ ٻيو ته پنهنجي سوڍن واري گهراڻي جو سردار هو. راڻو مينڌرو ڪڏهن ٿي گذريو تنهن جي پوري پَڪ ڪانهي، پرخود سوڍن راڻن جي پنهنجي روايت موجب، هو موجوده راڻي چندن سنگهه کان چاليهه پيڙهيون مٿي هو سروپيي فقير ٻڌايو ته سنڌ ۾ سوڍا اصل مالوا ۽ اجين کان پهريائين ٻاهڙ مير لڳ ”ڪيراڙو“ ۾ آيا، جتان سوڍي ”ڌارا ورسي“ جي پُٽ ”ڏُرجَن سَل“ اچي ڍاٽ ۽ عمرڪوٽ وسايو. ڍاٽي سوڍا سڀئي ڏرجن سل جو اولاد آهن، جن مان عمرڪوٽ وارا ”سُرتاڻ سوڍا“ آهن، يعني ته سندن پاڙو ”سرتاڻ“ (سلطان) آهي. [7]

هن روايت موجب راڻو مينڌرو، ”ڏرجن سَل“ جي اولاد مان هو. اڄ کان وٺي چاليهن پيڙهين جو حساب جيڪڏهن ويهه ورهيه پيڙهي سان ٻڌجي ته راڻي مينڌري جو دور اڄ کان اٺ سئو ورهيه اڳ ٿيندو ۽ جي پنڌرهن ورهيه پيڙهي ڪري ٻڌجي ته اهو دؤر اڄ کان ڇهه سئو ورهيه اڳ جو ٿيندو. يعني ٿلهي ليکي راڻي مينڌري جو دور 1175-1375ع واري عرصي ۾ ٿيندو. پر ٻي هڪ روايت موجب سوڍا 1282 سنبت يعني سنه 1225ع ۾ عمرڪوٽ ۽ ڍاٽ واري اراضي ۾ آيا. انهيءَ اهڃاڻ موجب راڻي سوڍي جو دور 1282ع- 1370ع بيهندو.

راجا نند ۽ شهر ماٿيلو: هن قصي جي عام مشهور روايت موجب، مومل جو پيءَ راجا ”نند“ ماٿيلي جو حاڪم هو. ماٿيلو سنڌ جو هڪ آڳاٽو شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جو بنياد سنه 495ع ڌاري راءِ گهراڻي جي دور ۾ پيو. پوءِ اتي جا پويان حڪمن هن ڪوٽ کي اڏيندا رهيا، تان جو سنه 1395ع ڌاري هي ڪوٽ جڙي راس ٿيو. انهيءَ زماني ۾ راجا نند هتي جو حاڪم هو. اها روايت انگريز مصنب ائبٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ آندي آهي.

ماٿيلي جي ڪوٽ ۽ ان جي حڪمرانن بابت خود ماٿيلي طرف مڪاني روايت ۾ هيٺيون بيت ملي ٿو:

پهِلي سِرَ ڪوٽ کي هنئي ڄام پَڙَن

ٿورا ڏينهن ٿهيمن، پوءِ وارو ورياهن

ڪوٽ اُسري راس ٿئو، نَوَسا سال ورهين

تنهان پوءِ چون، حڪم راجا نند جو.[8]

”نوَ سا سال ورهين“ مان مراد جيڪڏهن نوَ سؤ هجري آهي ته اهو سمن جو پويون دور ۽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو وقت هو. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت ماٿيلي جي قديم قلعي جي مرمت ڪري ان کي وڌائي جوڙي راس ڪيو ويو هجي. عيسوي سنه جي لحاظ سان اهو 15 صدي عيسوي وارو دور ٿيندو. پر جي نو سئو نسبت (عيسوي 843ع) ٻَڌجي ته پوءِ اهو عيسوي نائين صدي وارو دور ٿيندو. غالباً هن بيت ۾ سمن واري دور جي حڪمرانن جو ذڪر آهي، سمن جي حڪومت 1350ع ڌاري شروع ٿي. مومل ــ راڻي جو افسانو اڳ جو آهي ۽ انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو اصل ۾ هن بيت جي آخري سٽ غالباً هن طرح هئي ته:

”تنهان اڳ چون، حڪم راجا نند جو“

يعني ته راجا نند سمن واري دؤر (1350-1520ع) کان اڳ سومرن جي دور ۾ ٿي گذريو.

شهر لُڊاڻو: يارهين صدي جي شروع ۾ ”لَدروَه“ قلعي جو ذڪر سلطان محمود غزنوي جي فتوحات ۾ ملي ٿي. ”سومناٿ“ تي چڙهائي وقت، سلطان محمود تاريخ 2 شوال 416هه (26 نومبر 1025ع) تي ملتان مان روانو ٿيو ۽ منزلون ڪري، پهريون قلعو جيڪو فتح ڪيائين سو جادون ڀَٽِي جي گادي ”قلعو لودوروا“ هو.[9] شاعر حڪيم فرخي سيستاني جيڪو سلطان محمود جي لشڪر سان گڏ هو، تنهن پنهنجي هڪ قصيدي ۾ قلعي ”لَدروَه“ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:

نخست ”لَدروَه“ کز روي برج و باره آن

چو کوه کوه فرو ريخت آهن و مرمر

حصار او قوي و باره حصار قوي

حصاريان همہ برسانِ شير شرزه نر[10]

هن حوالي مان ثابت ٿيو ته ”لدروا“ يا ”لوڊاڻو“ اڳ جو هو ۽ جيسلمير شهرجو بنياد (1156ع) پوءِ پيو.

’راجپوتانه گزيٽئر‘ (جلد 3- الف) توڙي ٽاڊ جي ڪتاب ”راجستان“ (جلد- 2) جي حوالن موجب[11] شهر ”لوڊرو“ ڏهين کان ٻارهين صدي عيسوي تائين ڀٽي راجپوتن جي گادي جو هنڌ هو. اصل ”لودر“ راجپوتن جو ٻڌايل هو، جي پرمار راجپوتن جي نسل مان هئا. لودرن جي ڏينهن ۾ هي شهر نهايت برسيل هو ۽ ان کي ٻارهن دروازا ها.

لوڊاڻي شهر بابت انهن حوالن مان پڻ ظاهر آهي ته هن شهر جي آبادي جو عرصو ڪم ازڪم 1000 -1200ع وارو هو.

مٿين مڙني حوالن مان نتيجو نڪري ٿو ته جيڪڏهن وڏو همير سومرو بادشاهه ڳڻجي ته هن افساني جي ابتدا 12 صدي عيسوي ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ جڪڏهن پويون همير سومرو بادشاهه تسليم ڪجي ته پوءِ هن داستان جي اوسر 14 صدي عيسوي جي اوائل ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي.

قصي جي ڪردارن جي سڃاڻپ: مٿي اسان همير سومري بادشاهه ۽ سندس وزير راڻي مينڌري جي سڃاڻپ ڪرائي آيا آهيون. ٻيا ٻه ساٿي جيڪي ساڻن هئا، سي پڻ همير بادشاهه جا وزير هئا: هڪ ڏنئور ڀَٽياڻِي، يعني نالو سندس ”ڏونئر“ پٽ ”ڀَٽِي“ جو، 7 ٻيو سِينهڙو يا شينهڙو ڌماچاڻي يعني نالو سندس ”شينهڙو“ پٽ ”ڌماچ“ جو.

هڪ بيت ۾ سندس پار پتا ڏنل آهن ته:

هليو همير سومرو، ”عمر ڪوٽ“ منجهان

ڌماچاڻي سينهڙو، چڙهيو چؤڪنڊيا“

ڏونئر ڏهڪي اُٿيو، ”گنجي پٽ“ منجها

ماري گڏين مينڌرو جو آيو ڍوليو ”ڍٽ“ مٿا.

يعني ته ڌماچاڻي ”چئوڪنڊي“ (يا چؤڪنڊ، يا ڪنڊ) جو هو، ۽ ڏونئر ڀٽياڻي ”گنجي پَٽ“ جو هو. گنجي پٽ نالي سان تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ هڪ ديهه اڃا تائين موجود آهي.

 

جنهن شخص همير بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي مومل ۽ ڪاڪ جو ڏس ڏنو سو ڪير هو؟  ”تحفة الڪرام“ موجب هو، هڪ سيلاني جوڳي هو، جنهن مومل جي حسن ۽ جمال جي تعريف ڪري، همير بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي مومل جي ملاقات لاءِ هرکايو. شيخ ابراهيم پنهنجي قصي ۾ هن کي ڪابل ۽ ڪشمير طرف جو ڪاپڙي ڪري ڄاڻايو آهي، ۽ سندس صورت ۽ ويس جا پار پتا ڏنا آهن ته: چيلهه ۾ زرد ڪمربند، مٿي تي مقيس جي تاج ۽ گلن جي مالها وغيره هئس (ص 50) ٻي هڪ روايت موجب هو ”گرناري گودڙيو“ هو ۽ چيائين ته : نالو ”بابو“ اٿم (ص 170).

مگر هن قصي جي ٻين مڙني روايتن موجب هو ڪو جوڳي يا سامي فقير ڪونه هو، پر وڏو حاڪم، امير يا سوداگر هو، جيڪو ڪاڪ تي سڀڪجهه لٽائي، پنهنجا ماڻهو مارائي نا اميدي ۽ اندوه ۾ آخر گيڙو ويس ڪري، بن ـــ واسي بنيو هو. سندس اصل نسل بابت هيٺيون جدا جدا روايتون آهن:

هو پنهنجي ملڪ جو بادشاهه هو ۽ پنهنجي لاءِ لشڪر وارو هو. سندس نالو”ڪاهو“ (ڳاهو؟) يا ”جو ڀُون“ هو جراڙ جو پٽ هو:

آءٌ آهيان ڪاپڙي ڪشمير جو، ڪاهو پٽ جراڙ

مون سان چڙهندا هئا، مير منڌرا، پرسن پنج هزار

 

سامي سامي نه ڪريو، آءٌ آهيان جو ڀون پٽ جراڙ

جئن توسين ٽي ڄڻا، تئن مون سين پُرسين پنج هزار[12]

هو ”ندام“ بادشاهه جو پٽ ۽ ”ڳاهي“ جي ملڪ جو هو، ۽ مومل لاءِ ڪاڪ تي سڀڪجهه لٽائي نانگو فقير بنيو (ص 155)

ٻي هڪ روايت موجب هو ”ڄام ڪرن“ هو، جو سڀڪجهه لٽائي اچي، ”ڇٽي پير“ جي پاڙي ۾ نانگو فقير ٿي ويٺو هو.[13] هو جيسلمير جو راءُ سوني تخت جو مالڪ هو، پر لک لٽائي، سامي فقير ٿيو هو (ص 118، 275، 318)

هو هڪ وڏو سوداگر هو. سندس نالو”مَروَل“ ۽ ذات جو ”زرمي“ هو. همير بادشاهه سان چؤپڙ راند ڪيائين ۽ پوءِ کيس مومل جو ڏس ڏنائين (ص43).

هو هڪ صوبو سردار هو ۽ وڏو امير ۽ تونگر هو. (ص 96، 275)

جنهن سامي حرفت سان مومل کان ڏند، هڏو يا مڻيو ورتو سو ڪير هو؟ ڪن روايتن ۾ نالو ڏنل ڪونهي پر رڳو ايترو ڄاڻايل آهي ته ڪو ”سوالي“ هو ، يا ڪو ”گودڙيو فقير“ هو، يا ڪو ”سامي“ هو، جنهن اچي سَئِن هَنئي ۽ سوال ڪيو. ٻين روايتن موجب هي سامي جادوگر هو ۽ سندس نالو سيتل راءُ هو، جنهن مومل ۽ سومل کي جادو سيکاريو هو ۽ پوءِ حرفت سان مومل کان اهو هار کڻي ويو جنهن ۾ ڏند يا مڻيو هو.

گيڙو ويس گودڙيون، بيٺو لُنگ پٽيون لاهي

ناد، مُرليون، ستُرندا، بيٺو ٺهه پهه منجهه ٺاهي

سڀئي گُن سومل کي بيٺو سامي سيکائي.

سامي سيتل راءُ ڪاٿي جو هو، ان بابت جدا جدا روايتون آهن: هڪ روايت موجب هو جيسلمير جو هو (ص 89) ٻي روايت موجب هو هنگلاج مان هليو هو يا ڪابل کان ڪهي آيو هو (ص 310) ٽين روايت موجب هو اوچل ڪوٽ جو هو، ۽ ڪشمور مان ڪَهي آيو هو (ص 340، 342) چوٿين روايت موجب سامي سيتل راءُ هڪ وڏو جادوگر هو ۽ ڪابل ۽ قنڌار کان اُڏامي اچي لٿو هو.( ص 370-371) .

مومل جو حسب نسب: ان بابت جدا روايتن ۾ جدا جدا اهڃاڻ ڏنل آهن، جيتوڻيڪ گهڻين روايتن ۾ ائين ئي ڄاڻايل آهي ته مومل راٺوڙ هئي ۽ ماٿيلي جي راجا نند جي ڌيءَ هئي، سندس ماءُ جو نالو ”گنگ راڻي“ هو:

”گنگ راڻي سچ ويائي، جنهن کؤن مومل ڄائي“

تحفة الڪرام جي مصنف ۽ ڪن ٻين روايتن مطابق مومل گجر هئي:

”گام مڙيئي گوجرو، جت راٺوڙيون رهن“

هڪ روايت ۾ کيس گجر توڙي ”ڀَٽڻ“ (ڀاٽڻ) سڏيو ويو آهي:

ٻارهان تيرهان تنهن جون بهتر اکيون بان

گجر هڻي گهيرون ڪيا آهو جا اوسان

نوَ سا گوپيون تنهن جون هيون شرط وڏي شان سان

تهڙي ڪنهن وٽ هئي ڪانه، جهڙو ڀير”ڀٽڻ“ جو.

خليفي نبي بخش صاحب پنهنجي هڪ بيت ۾ مومل کي ”نادول“ جي ڪري ڄاڻايو آهي:

”اڄ ناد ولا نِڱيون، آيون ڪاڪ ڪهي“

جيئن ته ”نادول“ جا حڪمران چوَهاڻ هئا، انهيءَ ڪري هن اهڃاڻ موجب ڄڻ مومل چوهاڻ هئي. ٻي هڪ روايت موجب مومل اصل ۾ هڪ پريزادي هئي، جنهن جا کنڀ جهُري ويا هئا. نند راجا شڪار تي ويو ۽ اتان پريزادي مومل کي کڻي آيو ۽ اچي پنهنجي ڌيءَ ڪري سانڍيائين. ٻي روايت موجب هڪ فقير جي دعا ۽ پوڄا سان مومل پيدا ٿي، جنهن کان پوءِ راجا ڀوڄ وٺي آڻي پنهنجن ٻين ڇهن ڌين سان گڏ رهايو. اڃان به ٻي هڪ روايت موجب مومل، راجا رتن جي ڌيءَ هئي ۽ سندس ماءُ جو نالو ”سامان“ ۽ ناني جو نالو ”پُورڻ“ هو. رتن راٺوڙ، ماٿيلي جي ٺَڪُر (جاگيردار) هو.

ڳالهه جا ڪي اختلافي اهڃاڻ:

مومل جي قصي جو تر ۽ بر ويڪرو آهي ۽ ان ۾ سانگ جي سٽاء (ڊرامائي رٿا) جو گوناگون پهلو سمايل آهن. هر موقعي ۽ واقعي بابت سگهڙن پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا آهن، جن مان خاص طرح مومل جو ڪاڪ تي اچڻ، راڻي جو همير بادشاهه کي مومل وٽ وٺي وڃڻ، راڻي جو ڪاڪ تي اچڻ ۽ مومل کي ڪنهن سان گڏ ستل ڏسڻ ۽ مومل جي ڏاگهه تي چڙهڻ بابت مختلف روايتن ۾ اختلافي اهڃاڻ ڏنل آهن، جن تي هيٺ مختصر طور روشني وجهجي ٿي.

مومل ماٿيلي مان ڪاڪ تي ڪيئن آئي؟  عام مشهور روايتن موجب راجا نند کي ست ڌيئرون هيون، جن مان مومل مڙني ۾ وڏي هئي. حفيظ تيوڻي جي روايت موجب راجا نند کي نَوَ ڌيون هيون. مختلف روايتن ۾ جيڪي نالا ملن ٿا، سي سڀئي گڏجن ته نَوَ بيهن ٿا:1- مومل، 2- سومل، 3- سهج يا سهجان 4- سوڍي، 5 - سليمت 6- صحت 7- ساڏِهان 8- صالحان 9- مرادي يا مرادان. مومل ماٿيلي ۾ ئي ڄائي، نپني ۽ وڏي ٿي. مومل ۽ سومل جي هڪٻئي سان گهڻي پريت هئي ۽ هو هر حال ۽ ڳالهه ۾ هڪٻئي سان گڏ هيون. سامي سيتل کي ٻنهي گڏجي جادو سکيو هو. هڪ روايت موجب سومل جي چوڻ تي ئي مومل اهو هار، ڏند ي مڻيو سيت سامي کي ڏنو هو، جڏهن مومل ماٿيلو ڇڏيو ته سومل به ساڻس گڏ رواني ٿي.


 


[1]   ”ڊزني لينڊ“ (Disney Land) آمريڪا جي شهر”لاس اينجلس“ کان ٻاهر هڪ وڏي شاهي ”تماشي گاه“ آهي، جنهن ۾ ٻين جڙتو عجائبات سان گڏ آفريڪا جي هڪ ندي آهي، جنهن جڏهن ٻيڙيءَ تي چڙهي سير لاءِ هلجي ٿو ته ڪناري سان هاٿي هڏڪارون ڪن ٿا ته اندر ندي مان وري هِپا حيوان پنهنجون هشمتون ڏيکارين ٿا.

[2]   ماٿيلو - ماٿي + لوءِ، يعني مٿاهون ڳوٺ. پڻ ٿي سگهي ٿو ته ”ماٿي“ نالي ڪنهن ماڻهو جو ٻڌايل هجي ۽ انهيءَ ڪري ”ماٿي لوءِ“ سڏجڻ لڳو.

[3]   ويٺل ڳوٺ فتح علي پتافي. 10 فيبروري1962ع تي ساڻس ڪچهري ٿي، ۽ان وقت سندس عمر 86سال هئي.

[4]   ڳوٺ نور محمد شباڻي ، لڳ نارو، تعلقو روهڙي ۾ ساڻس ڪچهري ٿي.

[5]   ساڻس25 آگسٽ سنه 1960ع تي ڳوٺ قلاتي ٻرڙا، تعلقي روهڙي ۾ ڪچهري ٿي.

[6]   ڏسو”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ (ڇاپو 1962ع) ص 71

[7]   ننگر پارڪرجي سڄاڻ سگهڙ سَروپيي فقير ڍاٽي(29 فيبروري 1960 تي ڪيل هڪ ڪچهري ۾) ٻڌايو ته :”چندن سنگهه جي پيءَ ارجن سنگهه (سروپيي فقير کي) ٻڌايو ته راڻو مينڌرو مون کان اوڻيتاليهه پيڙهيو مٿي هو.“

[8]   سگهڙ شاعر زنگو عرف غمٽار مهر، تنهن هي بيت اسان کي (3نومبر 1967ع تي ڳوٺ جيوڻ خان پتافي، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ڪيل ڪچهري ۾) ائين ٻڌايو”پهلي“ (يعني پهرين) ماٿيلي وارن جو محارو آهي. هي ساڳيو بيت ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي اخبار تعليم جنوري 1930ع ۾ ”محمد رمضان نائب ماستر“ طرفان هن طرح ڏنل آهي:

پهرين سر ماٿيلي کي هنئي ڄام پَڙَنِ

ٿورا ڏينهن ٿهيم هئا، وارو وريو ورياهن

ڪوٽ به اُسري راس ٿيونَو سئو ورهين

تنهن کان پوءِ چون ته راڄ شروع ٿيو راجا نند جو.

[9]   ڏسو ڊاڪٽر محمد ناظم جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب” سلطان محمود جي زندگي ۽ زمانو لاهوري ڇاپو، سنه 1931ع، ص 116.

[10]   ديوان حڪيم فرخ سيوستاني، تصحيح دکتر محمد دبير سياقي،چاپ دوم 1349ع، تهران ، ص 68.

[11]   ڏسو ”شاهه جو رسالو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو ائڊيشن، جلد 3، ص 237.

[12]   ٺٽي ۾ 15 جنوري 1963ع تي هڪ وڏي ڪچهري هن ڳالهه بابت ٿي، جنهن ۾ مرحوم محمد اسماعيل خان نون اهو بيت ائين پڙهيو.

[13]   هڪ روايت موجب هو ڪاڪ تي خزانا لٽائي، آخر ويراڳيٿي اچي ميان ڇٽي پير(سهڻي جي قصي جي ڪردار) جي پاڙي ۾ ريو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مقام(سعيد آباد کان 6 ميل پري آهي”نانگي پير جو مقام“ سڏجي. ٻيءَ روايت موجب، هو ”ڄام ڪرن“ هو جو ڪاڪ تي سڀ ڪجهه لٽائي، نانگو ٿ اچي ويٺو هو ۽ اهو نانگي پير وارو مقام ڄام ڪرن جو آهي.

 

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org