سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :9

 

تعلقي ڇهوٽڻ (جوڌپور) جي شاعر خير محمد ادريس جي مثنوي*

کٿيرين سان گڏجي ويس کوهه تي،

وڇوڙي جي وائي نه ڪا روح تي،

هيم آس دل ۾، سدا گڏ سندي،

وجهي هي وڇوڙو قضا هيئن ڪندي،

اها يادگيري نه ڪا دل مٿي،

اچي اوچتو ڪو عمر ٿو جُهٽي،

ڏيئي لُوهه لغڙ جيئن جهڙپ سان جهٽي،

اچي اوچتي وئي مٿم ڪا چٽي،

هلي زور زاري اڳيان نا عمر،

آزي ۽ نيازي سهڻي نا سٻر،

ڪيم روڄ راڙو ۽ واڪا وڏا،

سنگهارن سُئا ڪين منهنجا سڏا،

ويو هوش نڪري مان جيڏين جگر،

ڪيئون ڪانه مارن کي ڊوڙي خبر،

اچي امر جنهن تي ٿو تقدير جو،

هلي ڪونه حيلو ڪو تدبير جو،

ڦٽي ڪرم جنهن جو ٿو طالع بخت،

وجهي تنهن وڇوڙا وڏا ٿو سخت،

نه حيلو وسيلو تنهين سان هلي،

اچي اوچتو ٿو پئي منجهه گَلي،

قابو قيد ۾ مون ڪيائين بندي،

ويچاري ويڙهيچي ڦاسائي ڦندي،

ڪئين ظلم زوريون عمر جا اکر،

سٺم سڀ سر تي مون ظالم زبر،

ريجهي روح منهنجو هري نا همير،

نڪي آڇ مون کي عنبر تون امير،

تنهنجا محل ماڙيون ڀانيان زَيل ٿي،

قيامت قبر جو ويو وَيل ٿي،

ڏسيو ڪوٽ تنهنجو ڏڪي ڏيل ٿو،

ڏکيو مون کي ڏاڍو سانڍڻ سيل ٿيو،

ڏسي ڪوٽ ڪنگرا ڦِسي دل ڦِٿي،

اَلائي آهي ڪهڙي عمر تو رِٿي،

ڪريو مچ ماڙيون دکن دل مٿي،

ڪٿي ديس منهنجو، بندي آءٌ ڪٿي،

رٿائون رٿيل جي رهيون روح ۾،

وڌيون عمر اُڇلي سڀئي کوهه ۾،

اُميدن جي ماڙي اندر ۾ اڏي،

ڪري ترت تڪڙي مٽيءَ ۾ گڏي،

هڪو اڳ وڇوڙو مون کي ديس جو،

ٻيو قلم قهري عمر ڪيس جو،

مٿي تي مڱايل مون ماروءَ کٿي،

سنگهارين سرتين هيم جا ڪَٿي،

لڄايان نه لوئي اَباڻا عمر،

نڪي ديس پنهنجو، نڪي آءٌ وڳر،

آهيان کيت جي آءٌ مڱايل مڱ،

عمر ڪين ملندو اهو توکي سڱ،

هزارين هلائين مٿم جي ظلم،

قبوليان نه توکي، خدا جو قسم،

ڏکن ۽ بکن ۾ وڃان جي پچي،

ذرو ڪين مارن ڪنديس آءٌ ڪچي،

ڏيان ڪين ڏوٿين ذرو عيب تل،

عمر مون کي آڇين حڪومت ڪل،

ڏيان ڪين ڏيهين، ذرو ڪو ٽڪو،

لهي داغ ڌوتي ڦٽي نا ڦڪو،

وينديس قيد ۾ آءٌ ڳري ۽ مري،

کڻان ڪين خواري، مٿي تي ڀري،

وڻن ڪين تنهنجا مون کي کيڻ ٿا،

وڍن سي ويچاريءَ تنهنجا ويڻ ٿا،

هجي مر لڱن تي سا لوئي لٽي،

اوڍيان ڪين اطلس نه پايان پٽي،

ڏسو جاڙ جيڏين سهيلين ڪئي،

پڇڻ ڪين آيون وڇوڙي پئي،

مڪو ڪونه مارن سنيهو سلام،

نياپو نشاني نه قاصد ڪلام،

ويڙهيچا وساري ويٺا مون وڃي،

ڪٽيان قيد ۾ ٿي بُکي ۽ اُڃي،

لڌي سار سانگين نڪا ڪيائون نهار،

مٿان ڏوهه مون تي ڏنائون ميار،

انهيءَ درد دوکي وڌي دل ڦٽي،

ويٺا ڇو ويڙهيچا سي مارو مٽي،

سندم سڪ ساڻيهه سڪايو سرير،

لکيو ڪونه لاهي پڙهيو توڙي پير،

قلم ريت جنهن سان قضائي وهيو،

چڱائي مدائي بهانو ٺهيو،

عمر ڀاءُ توکي سڏيان ٿي ادا،

هوندءِ من ميري ته ڏسندءِ خدا،

ٻڌي باس باسي مون تان پير جي،

لهن لوهه مون تان ڪندس کير جي

سنڀاريان ۽ ساريان سنگهارن گهڻو،

لکيو قيد ۾ مون عمر وٽ ڪڻو،

هجي اَنّ پاڻي اباڻو لکيل،

سمهان ڪين ساعت هتي آءٌ بکيل،

ڪاٽيم قيد ڪاڙها، بدن ۾ بکون،

سانگياڻيءَ جي سر تي ڏيهاڻي ڏکون،

نڪو ڇوٽڪارو نه پوئتي ورڻ،

انهيءَ درد دل کي وروءَ ۾ وڌي،

رَسي روح جي ساڻ ماروءَ ٻڌي،

وساري نه وسرن وطن مون کي وڻ،

اُهي ماڳ ماڻهو، ڌناريون ۽ ڌڻ،

سدا مون سيبائن چنگهارون چڙن،

پنهواريون پيارين تنواريون تڙن،

ٿڌا ريٽ ريلون سمهڻ ۾ سٺو،

ڪري ڪين آرام، انهن تي ڏٺو،

سمهين ڪين سيجن مٿي کٽ تي،

وڇاڻو وڇاڻي ڏسين پٽ تي،

ڪريو ياد جيڏيون پون پور سي،

وڍين ٿا ويچاري ساڻيهه سور سي،

ويا جي ويڙهيچا ڪاهي مال کي،

وڃي ڏينهن ويجها ٿيا سال کي،

مندون موٽي آيون وري مينهن وٺا،

ڪاهي مال مارو، ڪلي ٿا ڪٺا،

مون جيڏيون مليرم، وطن ويس ۾،

آءٌ هت بندياڻي عمر ڪيس ۾،

حياتيءَ ۾ هيڪر جي مارن ملان،

وڃي درد دل جو سمورو سلان،

پڙاڏو کنوڻ جو پري کان پسي،

ستا سُور جاڳيا پئي دل ڦسي،

وٺا مينهن مارن سندي ڏيهه ۾،

اباڻن غريبن سندي ڏيهه ۾،

ڪيا دور در تي عجب رنگ کلي،

اُڀاري سي اوڀڙ قسم سڀ ڪلي،

سونهي واهه ساوڪ درن تي سٺي،

ڳنڍيرون ڳمولون پيا پٽ ڦُٽي،

مکڻي، مانڌاڻي، مريڙو، مرٽ،

ڀٽن پاس ڀنگرو ۽ ڀنگري ڀرٽ،

کٽونبا ۽ کنڀيون ٿيا کوڙ سي،

پٽيو پن پِپُن جا رڌن ٻوڙ سي،

اکرو، بکرو، آسونٽا اپر،

ڪڍي سنگ سيڻون، ٿيون سلرون سڌر،

ڪڍيو هت ڪونڍير کيئن ٿا رڌي،

ورهائين ويڙهيچون ويچاريون وڌي،

ٿيا خوب کرسڻ، ٻورهاڙا ٻهون،

چرن ٿيون چڪن ۾ پنهوارن پهون،

ڪلورا ۽ ڪوري ۽ ويڪر وليون،

سونهن ٿيون سوايون ڇٻر سان ڇنيون،

سڪي ساهه منهنجو پيئڻ لاءِ پلر،

کيئڻ منجهه خاصو آهي لوڻڪ للر،

سڪا وڻ ساوا جي ساڻيهه سندا،

ڪري سڱر سائو ڪري پيا ڪنڊا،

ٿيا پاڪ پيرون ۽ پسيون پڪا،

سڪائي سنگهارن نه مان ڏي مڪا،

پچي پٽ پئڙا ڪلي سڀ قسم،

سنڀالي سگهان نا تني جا اسم،

اهي سڀ آسون اُميدون اٿم،

ڪري مهر قادر ڪا مالڪ مٿم،

عمر قيد ڪڙڪي ميان ڪو مٿئي،

سانگياڻي کي ساڙو ڏنو ڇو اٿئي،

ويندي آهه عرشن مٿي مون چڙهي،

”رب اني مغلويئون“ پڄائيم پڙهي،

بندين بي ڏوهيون تون ورن کان وٺي،

اها آهه عبادت ميان تو مٺي،

خدا پاڪ ماريو پڇي ٿو خبر،

هجي مر هيڻو ڪي ظالم سخت،

سڏائين ٿو سلطان، بالا تو بخت،

عدل ڪونه آهي تون ظالم سخت،

هتي  ظلم زورا جني ٿي ڪيا،

اُسن ۾ اوطاقي وڃي سي ٿيا،

هزارين هليا ويا ڇڏي دولتون،

ڪئين باغ بنگلا سٺيون عورتون،

ستا سيج ڪريو مٿي کٽ جي،

وڃي تن وسايا ڪلر پٽ جي،

سڪندر ۽ دارا هليا ويا هتان،

رهڻ جو نه رايو رکين دل متان،

اجل اوچتو ٿو سُتل کي سڏي،

وجهيو سو وڇوڙا ٿو گوندر گڏي،

هئا هاءِ هاڃا ڪيا قهر جن،

نه پويان نشاني لڀي ڪابه تن،

نشاني آهه نيڪي هميشہ حيات،

ٻيو سڀ فاني سوا ذات پاڪ،

ڪيا ظلم زورا جني قهر ٿي،

لڏايا ڇڏايا جني شهر ٿي،

ويا اوءِ خالي ويچارا سڃا،

بکن ۽ ڏکن ۾ اگهاڙا اُڇا،

ڪني کي ڪفن هو لکيو نا لکيو،

ڪني کي مليو ٿي ڏکيو ۽ سکيو،

ڪٿان آئي قادر مڪرليم مٽي،

ڪٿان توڙئون تقدير منهنجي ڦٽي،

ڀري مٺ مٽيءَ جي مڪرلِي ملڪ،

ڪئي رب پيدا تنهين مان خلق،

جنهن جي مٽي آ، جني کان کنئي،

اها صورت اتهين وڃي ٿي ڊهي،

متان مون مٽي آ کنئي ڪوٽ کان،

عمر مير واري انهيءَ ڳوٺ کان،

قضا قيد آڻي تڏهن هت ڪيو،

نبيرو نياءَ جو نه ڪنهن کان ٿيو،

ڇٺيءَ ۾ ڇٺي ڪا لکي سور جي،

ويا در سندا داد اجھ پورجي،

ڪٿي ديس منهنجو، ڪٿي مٽ سندم،

خبر ڪانه آهي قبر ڪٿ ڪندم،

ڀانيان ڀالوا ڏي وڃان آءٌ وري،

سڙي هت سورن ۾ ٿينديس آءٌ چري،

سوين سال سڪندي ٿيا ڪوٽ ۾،

ڏکن جي ڏيهاڻي آهيان چوٽ ۾،

نه آيم اباڻا نڪي لوهه لٿا،

مري هاڻ وينديس عمر تو هٿا،

مري منجهه ماڙين پڄن مون پساهه،

عمر آهي توکي اها التجاء،

ڪفن مون کي کٿيءَ جو ڍڪج لاش کي،

ٻورهاڙي، ٻيرين جا ڏيئي واس ڪي،

ڏجان لاش منهنجو، سنگهارن سڏي،

متان تون اڙائين تني کي ڦڏي،

تڏهن موت منهنجو موچارو ٿئي،

وري مڙه ملير ۾ ويچارو ٿئي،

گهرائج سرتيون سنگهاريون سندم،

غسل ۽ ڪفن جي پاڻهي سي ڪندم،

پلر ۾ پسائج مليري مٽي،

ڪنان ميٽ جي مون گهڻي آ سٺي،

پڙهن تان نمازون مڙئي مِٽ مٿم،

پڇاڙي جي پارت اِهائي اٿم،

لٽن لاش منهنجو ڌري جي ڌنار،

وڃن غم گوندر لهي سڀ لاچار،

ڏين خير ختما پڙهي ڪُل قريب،

ڪري مهر مالڪ ڇٽي من غريب،

حيلا ۽ وسيلا ڇڏيائين سڀ کڻي،

يڪي سر ياور پڪارئين ڌڻي،

کڻي هٿ خدا ڏي پنيائين دعا،

ويچاريءَ جا واحد سڏڙا سئا،

ميٽي ڪير مس اِي لکيو لوح جو،

نه بخشيندڙ توکان سواءِ ڏوهه جو،

منهنجون بخش باري خطائون کمي،

لاهين لوهه مون تان هي گوندر غمي،

ملائج مارن سان ساڻيهه ۾ سگهي،

ٿئي آس پوري لهي تن تنگهي،

حجت ڪين هيڻي ڪا قادر ڪري،

”استغفرالله ربي“ پڪاريو پڙهي،

ويا قيد ڪٽجي لهي لوهه سي،

ڪيس معاف مالڪ سندس ڏوهه جي،

عمر کان ٿي آجي وطن ڏي وري،

ڏسي وڻ ويڙهيون ڦوڳن ۾ ڦري،

ڪَٽيا قيد قادر ٿي ڪلمون پڙهي،

پڙهي ڏس مؤمن، رهي نا اَڙِي،

ڪيم درد دل جو نظم ۾ نقل،

سمجهڻ ڪي سالڪ دانائي عقل،

نه ايذاء عمر جو مون مارئيءَ چيو،

پنهنجو درد دل جو مون ظاهر ڪيو،

اچي درد دل تي سو زورو ڪيو،

ڪڍي آهه اندرين مون ٿورو ڪيو،

ڏسي حال هيڻو دکويل ”درس“،

ڪندو مهر مالڪ مٿم رب ترس،

ٻيو مير مرسل محمد نبي،

ڇپر ۾ ڇڏيندو نه ڪامل ڪڀي،

سچا بار صادق ٿيا چارئي چڱا،

محابي انهن جي مهر ٿو مڱا،

امام ۽ اصحاب ۽ طابع تني،

پلؤ توکي پايان جو مڙني غني،

گهران دان ايمان بخشش امن،

ديني ۽ دنياوي سڀني ڪمن،

دران تنهنجي داور نه خالي ويو،

جهليو ڀان جهولي پڪاري پيو،

’خير محمد‘ خطائون ڪندو معاف ڪل،

پڙهو پاڪ ڪلمون رکي صاف دل،

لا اِلا الالله محمد رسول الله.


*  خير محمد پٽ محمد عالم درس، عمر 55 سال کن، اصل ويٺل ڳوٺ ڏيپلو، تعلقو ڇُهوٽڻ، جوڌپور رياست. سال 1965ع واري پاڪستان- هندستان لڙائي ۾ ٻي گهر ٿي لڏي آيو. حال رهندڙ ڳوٺ ولي محمد درس تعلقو ٽنڊوالهيار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org