سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :27

 

هڪ سگهڙ جي ٻڌايل ڳالهه

نُهٽي جي حاڪم ڀَٽِي اوڏ جي ڌيءُ تمام سهڻي هئي. همير سومري جي ساڻس محبت هئي. همير سومرو شڪار جي بهاني ساڻس ملي ايندو هو. آخرڪار ڳجهه ڳوهه ۾ شادي ڪيائون. ڪَڇ جي راجا کي ڇوڪريءَ جي سونهن جي خبر پئي، تنهن ڀٽي اوڏ سان سڱ ڪيو. راجا، شادي ڪري، ڪنوار کي رٿ ۾ وٺي، ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو.

جڏهن رڻ جي ”ڪنوارٻيٽ“ ۾ پهتا، ته راجا کي خبر پيئي ته ڪنوار کي همير سومري مان پيٽ آهي. راجا اها خبر ٻڌي ڪنوار جي پيءُ کي چيو ته: پوئتي موٽي وڃو، ڪنوار منهنجي ڪم جي ناهي. ڪنوار پيءُ کي چيو ته؛ پوئتي موٽڻ مهڻو آهي. پوءِ کڻي مُنهن ڪيائون، ۽ وڃي ڀالوا ۾ نڪتا. هوڏانهن همير سومرو گذاري ويو.

ڀٽي اوڏ ڀالوا ۾ ٻڪرين جو ڌڻ ڌاري اتي ئي ويهي رهيو. ٿوري گهڻي ڏينهن ڇوڪري ڄائي، جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائون. مارئيءَ جي سونهن جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ هئي. ڦوڳ نالي هڪ ٻڪرار، ڀٽي اوڏ پاليو هو، جيڪو سندن ٻڪريون چاريندو هو. مارئي وڏي ٿي ته ڦوڳ سندس سڱ گهريو، پر ڀٽي اوڏ، مارئيءَ جو سڱ کيت نالي هڪ شخص سان ڪري ڇڏيو. ڦوڳ انهيءَ تي ڪاوڙجي عمر سومري وٽ آيو، ۽ کيس مارئيءَ جي سونهن جو بيان ڪري ٻڌايائين.

عمر اُٺ تي چڙهي، ڦوڳ کي ساڻ ڪري، ڀالوا ۾ آيو، ۽ مارئي کي کڻي آڻي عمرڪوٽ ۾ بند ڪيائين. مارئيءَ کي سندس ماءُ اڳيئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته عمر تنهنجو ڀاءُ آهي. تنهن عمر کي به سموري حقيقت ٻڌائي:

عمر! تو آندوم، چاڙهي اُٺ پٺياء

پيءُ ٻنهي جو هڪڙو، ٿي توکي ڀانيا ڀاء

عمر! تنهنجي ماءُ، سس نه سڏينديس سومرا!

عمر حيران ٿي ويو، ۽ پنهنجا ڪي خاص ماڻهو ڀالوا ۾ موڪليائين، جن وڃي پڇا ڪري خاطري ڪئي ته عمر ۽ مارئي ٻئي همير جو اولاد ۽ پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهن. پوءِ اها خبر اچي عمر کي ٻڌايائون. عمر ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مارئيءَ کي چيائين ته هاڻي هِتي ئي عمرڪوٽ ۾ رهه. پر جنهن جو روح ٻاٻاڻن لاءِ سڪيو ٿي، سا ڪيئن ڪوٽن ۾ گهاري! تنهن عمر کي منٿ ڪئي ته: مون کي پنهنجي مائٽن ۾ رساءِ. پوءِ عمر، کيس وڏي مان ۽ شان سان وٺي، مارن ۾ ڇڏي آيو.

 

------

 

هڪ سگهڙ جي ٻڌايل ڳالهه

همير بادشاهه جي زال مهراڏي پيٽ سان هئي، جو همير کيس مُنهن تان لاهي ڇڏيو هو. عمر اڳ ڄاول هو. لاکو، نُهٽي ۾ مهر راڻي پرڻجڻ آيو ته انهي موقعي تي مهر راڻي جي ماءُ، مهراڏيءَ کي دعوت ڏني، مهراڏي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي.

لاکي جي شادي ٿي ته ڄڃ جي وڃڻ لاءِ وهلون تيار ٿيون. رواج هو ته ڄڃ وهلن ۾ چڙهي، ڦيرا ڏئي پوءِ موڪلائيندا هئا. مهراڏي به مهر راڻي واري وهل ۾ چڙهي ته ڦيرا اچن ته پوءِ موڪلائي وهل مان لهجي.

وهلون هلڻ شروع ٿيون ته  لاکي اوچتو حڪم ڏنو ته ڦيرن جو ضرور ڪونهي، سڌا هلو ۽ تکا هلو ته ڀڄون. ڄڃ رواني ٿي، مهراڏي وهل منجهه ئي رهي، تنهن کي ڪابه ڪل ڪانه رهي. جڏهن وهلون ويهه- پنجويهه ڪوهه ڪري ويون تڏهن مهراڏي، مهر راڻي ءَ کان پڇيو ته هي ڇا؟ اڃا ڦيرا پورا نه ٿيا آهن ڇا؟ مهر راڻي، ڄڃ جي بيهڻ جو حڪم ڏنو. وهلون جهليائون ۽ مهراڏي کي حقيقت معلوم ٿي، تڏهن چيائين ته مون کي هتي ئي لاهيو. مهر راڻي گهڻو چيس ته هينئر مون سان گڏجي هل، پوءِ توکي وري موٽائي عمرڪوٽ ڏي موڪلينداسين. پر مهراڏي چيو ته مون کي اتان ئي موٽڻو آهي. لاچار ٿي مهراڏي کي اُتي لاهي، ڄڃ رواني ٿي.

اُنهيءَ هنڌ ڀالوا جا ڪي سانگي ماڻهو ويٺل هئا، انهن مهراڏي کي پاڻ وٽ رهايو. انهن جو چڱو مڙس ”پالنا“ نالي هو، مهراڏي پوءِ اُن وٽ رهڻ لڳي. جڏهن سانگين پنهنجو لڏو کنيو، تڏهن مهراڏي به ساڻن گڏجي ڀالوا ۾ وڃي رهي.

مهراڏي کي اُتي مارئي ڄائي، جا ٿوري گهڻي ڏينهن جوان ٿي. مهراڏي کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته همير بادشاهه جي ڌيءُ آهين. مارئيءَ تي ڦوڳ نالي هڪ ٻڪرار عاشق هو، جنهنجي مرضي مارئيءَ سان شادي ڪرڻ تي هئي، پر پالني، مارئيءَ جي شادي کيت نالي پنهنجي هڪ مائٽ سان ڪري ڇڏي. انهيءَ تان ڪاوڙجي ڦوڳ عمرڪوٽ ۾ ويو ۽ عمر بادشاهه کي مارئيءَ جي سونهن جي تعريف ڪري ٻڌايائين. عمر به مارئيءَ جي سونهن جي ساراهه ٻڌي هرکي پيو، سو هڪڙي ڏينهن اُٺ سنڀرائي، ڦوڳ کي ساڻ وٺي، ويس بدلائي ڀالوا ۾ آيو ۽ پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري، مارئيءَ کي کوهه تان زوري کڻي عمرڪوٽ ۾ آيو.

مارئي کي جڏهن خبر پئي ته عمر بادشاهه ئي کيس کوهه تان کڻي آيو آهي، تڏهن ماءُ کان ٻڌل ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. عمر به پنهنجا ماڻهو ڀالوا ۾ موڪلي پڇا ڪرائي، جن به موٽي اچي مارئيءَ جي ڳالهه جي تصديق ڪئي. پوءِ عمر، مارئيءَ کي پنهنجي ملڪ موٽائي موڪليو.

 

------

 

هڪ سگهڙ جي ٻڌايل ڳالهه

مهراڏي، لاکي جي زال هئي. لاکو جڏهن مهر راڻي پرڻجي واپس ٿي آيو، تڏهن مهراڏي ۽ ٻيا پڙ ڄڃ ڪري، شهر کان هڪڙي منزل اڳ، لاکي ۽ مهراڻي کي وٺڻ آيا. انهي پڙڄڃ ۽ شغل ۾ مهراڏي کان پنهنجو رٿ ڀلجي ويو، ۽ انهي رٿ ۾ وڃي چڙهي، جيڪو مهر راڻي جي مائٽن جو هو، ۽ ڄڃ کي اُماڻڻ لاءِ آيو هو.

انهي هنڌ مهر راڻي جا مٽ مائٽ رٿ ڪاهي پوئتي موٽيا، مهراڏي به انهن مان هڪڙي رٿ ۾ چڙهيل هئي. جڏهن ڀالوا وٽ پهتي، تڏهن سنڀاليائين ته مار! آءٌ ته ڌارين سان گڏ آهيان. اتي خيال ڪيائين ته جي موٽي لاکي وٽ وڃان ته الائي ڪهڙو خيال ڪندو ۽ ماڻهو ڇا چوندا؟ تنهنڪري بدنامي ته يڪي بدماني. اهو خيال ڪري ڀالوا وٽ رٿ مان لهي پئي. ڀالوا ۾ مارو ماڻهو رهندا هئا، انهن مهراڏي کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو.

هڪڙي ڀيري همير بادشاهه شڪار جي سانگي سان ڀالوا ۾ وڃي نڪتو. اتي مهراڏي جي خبر ٻڌائين، سو لڪ ڇپ ۾ مهراڏي سان مليو ۽ چپ چاپ ۾ نڪاح ڪيائين، جنهن جي خبر ڪن خاص ماڻهن کي هئي.

همير سومرو ڪي مهينا اُتي رهي، پوئتي وريو، پويان مارئي ڄائي، سا جڏهن وڏي ٿي ته سندس سونهن جي هاڪ ٿي. ڦوڳ نالي هڪ ٻڪرار به مارئيءَ جي سڱ جي گهر ڪئي، پر مارئي جي شادي کيت سان ٿي. جنهن تان ڪاوڙجي ڦوڳ وڃي عمر بادشاهه کي دانهن ڏني.

عمر ويس بدلائي، اُٺ تي چڙهي ڀالوا ۾ آيو ۽ مارئيءَ کي کوهه تان زوري کڻي عمرڪوٽ ۾ آيو. جڏهن مارئيءَ کي شاديءَ لاءِ چيائين، تڏهن مارئيءَ ماءُ کان ٻڌل حقيقت کيس ٻڌائي چيو ته: عمر! هڪڙي پيءُ جو اولاد آهيون. تڏهن عمر پڇا ڳاڇا ڪري، مارئيءَ کي ملير ڏانهن موٽائي موڪليو.

 

------

شهدادپور تعلقي جي شاعر بچائي فقير رند جا بيت*

1-

ساراهيان رب صاحب کي، جنهن جي وڏائي،

قادر پنهنجي قدرت سان، جڏهن ٿي حڪومت هلائي،

تڏهن مارئي جا ملير ۾، هئي ڄارين ۾ ڄائي،

پَري هئي پِپُن تي، کاٽُونبا کائي،

گهڙا کڻي گهرن کان، اُتان ٿي آئي،

عمر ڏٺو هئس اوچتو، تنهن جي وري ڪانه وائي،

جنهن جو ڀاءُ نڪو ڀائي، تنهن کي کڻي عمر چاڙهيو اُٺ تي.

2-

عمر چاڙهيو اُٺ تي، هن کي حاڪم ويو هڻي،

ڪيائين ڪُوڪُون ڪيتريون مٿان کوهه کڻي،

سُڌ تِنهي کي سُور جي، جِنِين ڌيءُ ڄَڻِي،

پڙدو تون پنهوار جو، رکج ربّ ڌڻي،

بچايو چئي، بدڪارن جا، صاحب! سڏ سُڻِي،

جڏهن واحد کي وڻي، تڏهن قابو ڪيائين ڪوٽن ۾.

3-

قابو ڪيائين ڪوٽن ۾، نِيرَ هڻي نال،

سِڪندي تن سانگين لاءِ، مون کي سوين ٿيا آهن سال،

مارومڙيئي ملير ۾، مڙيو چارين مال،

جنين هيرايس هٿن تي، سي ڪنڌيءَ لنگهي ويا ڪالهه،

روئِي تن لاءِ، رند چئي، منهنجا ههڙا ٿيا آهن حال،

ڀانيان تنهنجا ڀال، جي موڪل ڏين ته ملير وڃان.

4-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، وڃي ڏسان وڻ ولهار،

ڏٺي مون آهن ڏينهن ٿيا، پاڙيٖچا پنهوار،

ڪڏهن ٿي هُيس ڪانڪا، ڌراڙن کان ڌار،

بچايو چئي، بند ۾، وڌئي ڪوهه قَهارَ!

ڪنن سان ڪُوڪار، ٻُڌان تان ٻڪرار جي.

5-

مارئي! ڇڏ مقابلو، صبر رکي ساريٖ،

مارو تنهنجا ملير کان، والِي آڻيندو واريٖ،

پرچائيندو ساڻ پلاندن ڌراڙن کي ڌناري،

ويهه مون ڏانهن مُنهن واريٖ، ڪاوڙ ڪڍ قلوب مان.

6-

پَرچِي ويهن پاڻ ۾، پَر نه پنهوارن،

کايان تنهنجي کٽن کي، ڏيان باهه بازوبندن،

وڻن ڪين وجود کي، ماڙيو نريءَ مارن،

بچايو چئي، جيڪي بند ۾، تن سان ڪهڙا ڪوڏ ڪجن،

جي پکن ۾ پرچن، سي ڪوٽن ۾ ويهن ڪينڪي.

7-

مارئِي ڇڏ مقابلو، رک صبر جي ساڃاهه،

موتِي وجهه مٿي ۾، ٻيا هار هزارين پاءِ،

هَسَ، ڪڙولا، ڪَڙيون، تون ڳهڻا ڳچيءَ لاءِ،

ٻيا وجهه بازوبند، بچايو چئي، مڻيا ڪين موٽاءِ،

آندن عطر تنهنجي لاءِ، تون ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

8-

چئي: کِلي ويهڻ کٽ تي، مَرڪ نه ماڙيچن،

ڀڃو اچن ڀرم سان، ڏار سندا ڏؤنرن،

ميڙيو اچن ملير مان، هُو سڱر ساڻ سرتين،

کاڄ جنين جو کُنڀيون، آهي سانئون ساڳ سندن،

هو بچايو چئي، منهنجي باب ۾، نه ته ڪير اچي ڪوٽن،

وارِي وڇاڻو جن، سي عطر اوتين ڪينڪي.

9-

چئي: ميار تنهنجي مارئي! مون کي مڙيئي ٿي مارٖي،

پائج هار هٿن سان، تون ساز مڙيئي سارٖي،

ملڪ مڙيئي ڏيان مارن کي، اچان پاڻئون پرچائي،

بنگلا ڏيان، بچايو چئي، ٻيون ماڙيون مارن کي،

سڀئي سنگهارن کي، ملڪ ڏيندس مان مارئي!

10-

چئي: مارو مُلڪ تنهنجي کان، سانگي آهن سُکيا،

گهڻو ويهن وِيهه ۾، اَڏين ڪين اَجها،

جن جو پهت پکن سان، تن کي ڪوٺا ڪوهه ڪندا؟

جهڙا تنهنجا بنگلا آهن، بچايو چئي، تهڙا مَنَهَن مارن جا،

جهڙا تنهنجا کاڄا کيرڻيون، تهڙا اسان وٽ کٽا کاٽونبا،

اڃان به سهڻي اٿئي سومرا! منهنجي سانگين جي سِٽا،

سائين! سُڻ صدا، تون ڪڍ ڪنگالڻ قيد مان.

11-

تڏهن عمر ماڻهو موڪليو، قاصد ڪوٺائي،

ته مارئي! ڇڏ مقابلو، ٿي راضي رضا ڏي،

ميندي جا ملير جي، هلي لاءِ هٿن کي،

سونو ڦُل سڳين کي، وجهه چهرو چوٽيءَ تي،

مڏيون، مال مِڙٖي، آهن حوالي تنهنجي.

12-

مارو تنهنجي ملڪ کي، ڪُڄاڙو هو ڪن،

ويڙهه جن جِي وَسَئُن، سدا رُڃ رهن،

آڻيو آب اکين مان، سانگين لاءِ سِڪن،

اُٺا مينهن ملير تي، هُو چُوڙيليون چَهڪن،

مڙيئي ملير ۾، وڳر ڪيو وتن،

مون ڏکيءَ ڪهڙا ڏوهه ڪيا، جو قابو ٿي آهيان قيدن،

بچايو چئي بندياڻين جا، سڏ مڙيئي سُڻجن،

هُو ٿا ويڙهه وڃن، مون تي ڪوهه قهار ٿئين؟

13-

تڏهن عمر قاضي ڪوٺيا، مڙيئي معتبر،

سُڻايو شريعت جي، مون کي خوب خبر،

ته رِهائي ٿي، رند چئي، ڪي آهي زور زبر،

دنيا ڪارڻ دين جي، اُنهن کي پوي ڪانه خبر،

قاضي ڄاڻي ڪونه ڪو، ٿو پاڻ ڄاڻي پرور،

جنهن کي مَهند سُجهي محشر، تنهن تي عمر عدالت ڪئي.

14-

قاضي! منهنجو ڪيئن ڪري، نيرين ٿو نياء،

پوندئي ڪم ڪريم سان، ڪي هوندين هميشا!

ڪيئي ديوان دنيا تي، هتان لک لنگهيا،

هلي ڪنهن سان ڪانڪا، ويا هليا هيڪلا،

بي ڏوهياڻين تي، بچايو چئي، تون قلم لکين ڪهڙا،

سچ نٿو چوين سومري کي، سچي ڳالهه صفا،

رَهائِيندُئِي رِياءُ، بچايو چئي، بهشت کان.

15-

ماڻهن اچي مارئي کي، چٽي ڳالهه چئي،

ڇو ٿي وِجهلين ويڙهيچن لاءِ، رهه ماٺ ڪري ويهي،

هي مال خزانا تنهنجا، اٿئي ماڙيون مڙيئي،

ٻانهيون توکي، ٻروچ چئي، ڏيان سومريون سڀيئي،

پرچائي اچان پلاندن سان، مارو مڙيئي،

اچي ويهن اوڏڙا، توکي سانگي سڀيئي،

اُهي مرضيون مڙيئي، تنهنجون سڀ رکندو سومرو.

16-

سڀ رکندو سومرو، تون منهنجي سڻ خبر،

جنهن جا مِٽ ملير ٿيا، ٿاريلا ٿيا ٿر،

تنهن کي سُک نه اچي سومرا، هنن ريءَ هيڪر،

مون ڏٺا ڏاڏاڻن ڏي، ڪالهونڪر ڪَڪر،

اُٺا آهن مِينهن ملير تي، مون کي ڏني آهي کِنوڻ خبر،

هاڻي ڇوڙ ته ڇيلا چاريان، ڦوڳن پاسي ڦَر،

اٿئي نانءُ الله جو، پلؤ اٿئي پرور،

ايندئي مَلڪ الله جا، پُڇندئي سڀ خبر،

پڙهي ڏس پنهنجا، داناءُ تون دفتر،

تڏهن حڪم هلندئي ڪونه ڪو، ويندو وٽ ڇڏي سڀ ور،

بخشين ڏوهه بچايو چئي، سڻي سڏ سڌر،

وڇڙيون منجهان وڳر، تن کي سُک نه اچي سرتين ري.

17-

مڃ مارئي! منٿ منهنجي، تون پير پلنگين پاءِ،

سلامت تنهنجا سپرين، آئي ڏيندئي الله،

راضي ٿي، رند چئي، مون کي ڪين رنجاءِ،

ڳوڙها ڳل نه پاءِ، ويهه ماٺ ڪري ماڙين ۾.

18-

ماٺ ڪري ماڙين ۾، ڪيئن وڇوڙيون ويهن،

رمز ڪنهن سان، رند چئي، ٿيون سَتيون سِيل رکن،

جن جي مُهڙ ملير ڏي، سي ڀلي وَس وڃن،

ڪين ٻڌيون سون ڪڏهن، ڪَڙيون ساڻ ڪَنن،

اَمر کڻي آندي آهيان، قضا اتي ڪوٽن،

بَدين جا، بچايو چئي، مهڻا مُڪا مارن،

سامُون رکن ٿا سومرا، سي حاڪم هيئن نه ڪن،

تون جهنگئون جهلي آئين، اِئين نه اشرافن،

جنهن جو پَهت پَکن سان، تنهن کي ڪوٽ ڪڄاڙو ڪن،

نيرن ۾ نماڻيءَ کي، ڪوهه وڌئي قيدن،

تون راجا، اسين رعيت، ائين ڪين ڪجن،

ڪڏهن ٻُڌيون سين ڪينڪي، ههڙيون حاڪمن،

19-

ماندي ٿي نه مارئي! هيڻو ڪر نه حال،

وري ايندئي وڙهه کان، مارو ڪاهي مال،

اٿئي نام الله جو، سُڻج مُنهنجو سوال،

آءٌ به تنهنجي حسن تي حيران ٿيس، نه ته ڪونه پيو هو ڪال،

هار پائي حال، تون راضي ٿي رضا ڏي.

20-

راضي ٿي رضا ڏيڻ، اهو وڙ نه ويڙهيچن،

ڪيئن وساريان ويڙهيون، سڱر ساهيڙين،

پيتم پِس جنهن سان، چڪن منجهه چرن،

سي دم نه لهن ٿا دل تان، جهوپا جهانگيڙن،

ڏني ڏاڏاڻن، سا لوئي لاهينديس ڪينڪي.

21-

عمر! اوٺي آئيو، جنهن ڏني خوب خبر،

ته چارين ٿيون چوڙيليون، ڦوڳن پاسي ڦر،

ولا ڏيو ويڙهه تي، ڏين ڀِٽن مٿي ڀر،

سور تنين سانگين جا، مون کي هنيئن منجهه حشر،

وڻن ڪين وجود کي، توڙي هجن ڪوٽ ڪثر،

لاهِين بند، بچايو چئي، پرچايان پنوهر،

هتان ڇڏين هيڪر، ته وري وڃان ويڙهه کي.

22-

وري وڃان ويڙهه کي، سدا وسن سنگهار،

اٿارين آڌيءَ جو، مينهون اچي ميهار،

اُٿاري اَسُر جو، ڳئون اچي ڳنوار،

پهرائينِ پِرهه جو، ٻڪريون اچي ٻڪرار،

اُڀرئي سج اُٿارين، رڍون اچي ريڍار،

انهيءَ ريت، رند چئي، منهنجا سرها آهن سنگهار،

ويچاريءَ جا وار، مارن ري مُوڙهه ٿيا.

23-

عمر! اوٺي آئيو، منهنجو کاهڙ مان خاطي،

محبت انهن مارن مان، لاهوتين لاتي،

لڏي هُو ڇڏي وي، شل هُجينِ حياتي،

مون کي سُڌ سنگهارن جي، سڀئي ڏي ساٿي،

وري ايندم ويڙهه ۾، ڪي ٿيا مڙيئي مماتي،

ملي هُن ملير کان، سا هئي پنهوارن پاتي،

بدن تان، بچايو چئي، هنن لوئي ڪين لاٿي،

خط کڻي خاطي، منهنجو پهچائج پنهوارن کي.

24-

عمر اسان جي ڏيهه تي، ساوان ساماڻا،

ٿيو ڏٿ ڏوٿين لاءِ، مکڻيون مانڌاڻا،

چونڊيو اچن چوڙيليون، ڪانبي منجهه ڪَڻا،

سورتنين جا سومرا! مونکي سڀيئي ساماڻا،

لاهج بند، بچايو چئي، وڃي ڏسان ڏاڏاڻا،

جن سان منڊل مانڊاڻا، سي ڏوٿي مون کان ڏور ٿيا.

25-

رات ڏٺو اٿم خواب مون، سومرا سهڻو ٻڌان ٻڪرارن جون، ڪنين ڪوڪارون،

برن ۾، بچايو چئي، ٿيون چهڪارين چڙيون،

جن سان جيءُ جڙيون، سي رات ڏٺا اٿم، رند چوي.

26-

رات ڏٺا اٿم، رند چوي، جن لاءِ سڪي ساهه پساهه،

حاڪم ٿو هلائون ڪرين، عمر ڀانيانءِ ڀاءُ،

پيءُ ٻنهي جو هڪڙو، هُئي ماٽيجي ماءُ،

ورهيه لنگهيا آهن ڪيترا، ٻيا سوين سنه لنگهيا،

ڪونه ٻڌوسون ڪڏهن، ڪو ڀيڻ پرڻيو ڀاءُ،

خوف نه ڪرين خالق جو، جنهن جوڙيو جڳ خدا،

خلقيائين ساري خلق لاءِ، مٺو مصطفيٰ،

ٿيندو ڏينهن قيام جو، ماڻهو جتي مِڙندا،

ڇڏائيندو ڇيهن کان، اچي احمد شاهه،

حڪم نه هلندو حاڪم جو، توڙي هجي بادشاهه،

توڙي قاضي هجي قضا تي، توڙي هجي دنيا ۾ دارا،

ته به بات نه هلندي، بچايو چئي،، توڙي هجي سڪندر شاهه،

رکي مراڙي من ۾، توريندا تورا،

ٿيندو سڏ صباح، اُتي ڪندي سانءِ ڪانهرو قيام جو.

27-

پيو خوف خالق جو، عمر کي ادا،

سڏيو تن سنگتين کان، ٿو سهڻي پڇي صلاح،

هي رِهائي ٿي، رند چئي، جا آياسون کڻي کوهه مٿان،

سچ نه چيائون سومري کي، رکي ويا رِيا،

هندو اُتي هو هڪڙو، جنهن ڪئي سچي ڳالهه صفا،

هي وڙ نه حاڪم جو، تون آهين رعيت جو راجا،

زوري ظلم ڪنهن کي، ڪرڻ ناهي روا،

نڪي هوندي هت هميشہ، نڪي جيئندين جڳ ٻيا،

قاضي اُٿي ڪيترا، هن کي هٿ هنيا،

ڪل نه پئي قاضيءَ کي، دين سندي دنيا،

بخش ڏوهه، بچايو چئي، سائين سُڻ صدا،

سائين سهج ڪيا، جنهن چيو سچ سومري کي.

28-

چيائين سچ سومري کي، هن کي ويئي ڳالهه وڻي،

کڻي آئين کوهه تان، حاڪم وئين هڻي،

آءٌ لوئي لاهينديس ڪينڪي، ڪنديس پٽ پڻي،

لڏيون لس لنگهي وڃون، کاهڙ پاس کڻي،

ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، تون خان کڻي،

هُيم مٿي منجهه ڦڻي، سا منهنجي رهي ملير ۾.

29-

منهنجي رهي ملير ۾ مينڍا مُوڙهه ٿيام،

ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، لوئي ليڙ ٿيام،

ڪَتڻ سکيس ڪينڪي، نڪي پوڻي پڃايام،

جڏهن ٿوري ٿر ٿيا، تڏهن ڪوٽ وڻن ٿا ڪينڪي.

30-

ڪوٽ وڻن ٿا ڪينڪي، آهيان مارن ريءَ ماندي،

تو کڻي ڪوٽن ۾، عمر آهي آندي،

لاهه بند، بچايو چئي، ڪر وِرهن کان واندي،

هيڪر هيڪاندي، وڃي ٿيان ٿاريلين سان.

31-

آءٌ شرع تي سومرا! ڀري وير وکون،

ڪونه ويهنديس ڪوٽن ۾، جيئري هونديس جاڪُون،

مون کي پنهوارن پياريون، پينگهي منجهه پڪون،

پيتم پِس پاڙيچين سان، ڏيئي تار تڪن،

روئان ويٺي، رند چئي، منهنجي هئين ۾ هٽڪون،

جي اٿم لوئي منجهه ليکون، سي وڃي چونڊائينديس چوڙيلن کان.

32-

عمر اتي مارئي کي، مير ڏني موڪل،

باندين تان بند معاف ٿيا، لهي جهانگياڻي تان جهَل،

لٿا قيد قسمت جا، ڪَڙيون ٻيا ڪنگل،

ڏئي ٿو ڏاج هٿن سان، اٿيو انهيءَ مهل،

جنهن کي سڪ ساڻيهه جي، سا پهر نه جالي پل،

پر مارئي کي مڱيندي، کائي ڏني کل،

جنهن کي بدي نه هئي، بچايو چئي، تنهن کي جاڳيا جيءَ اندر ۾ جَل،

مارئي انهي مهل، سر ڏئي سرهي ٿي.

33-

سر ڏئي سرهي ٿي، جنهن جو رکيو سيل ستار،

مرڻ ويل مسڪين جا، تون سُڻين سڏ ڏاتار،

هن جي ڪوڪ ڪنن سان، ٻڌي ٿي ٻڪرار،

نڪو اٿئي ارمان عمر تي، نڪا آهي مارئي تي ميار،

هن جو چِت چريو اٿئي، ڏسي دونهن جا ڌڌڪار،

مومل کي مجاز جا، هُئا تن اندر ۾ تار،

سسئي ٻڌو سندرو، هلي ڪيچين جيءَ قطار،

ليلان لڇڻ مٽيا، جا ڀُلي کان ڀتار،

هير اُتي حيران ٿي، جنهن کي تيهان لڳي تار،

سيفل بديعل لاءِ، ٿو روئي زارون زار،

مجني کي مستي هئي، جنهن تي ولن ڪيا ولهار،

مورڙي ڪڍيا مڇ مان، ڪُلئي ڀاءُ ڪنڌار،

ڏنو سِر صاحب کي، کِلي راءِ کنگهار،

ساري ساريان ڪيترو، عاشقن جو آچار،

ڪيم ڪچايون ڪيتريون، مون بديون بيشمار،

خاوند کڻي مون کي بخشين بخشڻهار،

مون ۾ مداين جا آهن عيب اپار،

بخشين ڏوهه، بچايو چي، سُڻي ربّ ستار،

ڪونهي وسيلو مون ولهيءَ جو، سواءِ تو سردار،

ڪلمي جي آڌار، امتي ڇٽندا ايمان سان.

لاالـٰہ الا الله محمد رسول الله.


* الهه بچايو عرف بچايو فقير پٽ بنگل خان رند لڳ ڳوٺ اگهاماڻي تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو. ننڍي هوندي ئي پيءُ وفات ڪري ويس، انهيءَ ڪري کيس ننڍي وهيءَ ۾ ئي پيٽ گذر لاءِ مال چارڻ جو پورهيو ڪرڻو پيو. جوانيءَ ۾ ٿي ڪڙمت ڪيائين. بعد ۾ ڳوٺ محمد خان رند تعلقي جهول ۾ لڏي آيو،جتي سندس اولاد اڃا تائين رهي ٿو. سندس بيت مشهور آهن. اندازًا اسي ورهين جي ڄمار ۾ 27- رمضان 1384 هه ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org