تعلقي ساماري
مان مليل سمي شاعر جا بيت*
[هنن بيتن ۾ شاعر، مارئيءَ جي ملڪ جا اهڃاڻ ڏنا آهن]
1- |
عمر اسان جي ڏيهه ڏي، اڄ چهڪن ٿيون چڙيون، |
|
هِت باداميون باغن ۾، هُت ڳاڱن پاس ڳڙيون، |
|
هي اٿئي سالڪ ميڙ، سمون چئي، ڪرفئون لاهه ڪڙيون، |
|
پوءِ پرون پَت چڙهيون، عمر! اباڻن جون. |
2(1) |
عمر اسان جي ڏيهه ڏي، گُنگا ٿا به گُڙن، |
|
چڙهيون ’چُوڙيي‘ ’ٻهراڻي‘ جون ٿيون ’ننگر‘ تي نوَن، |
|
کوڻين کانئي آهيان، هُو جي ’ويرا واهه‘ تي به نوَن، |
|
کوڻين کانئي آهيان، هُو جي ’ويرا واهه“ وسن، |
|
وجھون پوءِ پون، آءٌ اڳي اباڻن وڃان. |
تعلقي عمرڪوٽ مان مليل ڳالهه*
ملير ۾ ”سنگهار“ نالي هڪ هڪ شخص ذات جو ”ڏوهٽ“ يا ”ڏهٽ“ رهندو
هو(1).
هو ڳوٺ ۽ راڄ جو چڱو مڙس هو. تمام سخي ۽ رحمدل
هوندو هو. ڪيترن ئي يتيم ٻارن ۽ بيوه عورتن جي
پالنا ڪندو هو. انهيءَ ڪري کيس ماڻهو ”پالڻو“ سڏڻ
لڳا، نيٺ ”پالڻي“ جي نالي سان ئي مشهور ٿي ويو.
سندس زال جو نالو ”اوڍاڻي“ هو(2).
کين ”مارئي“ نالي تمام سهڻي ڌيءَ هئي.
پالڻي، ”ڦوڳ“ نالي هڪڙو يتيم ڇوڪرو پاليو هو، جو مارئيءَ تي
عاشق هو. جڏهن مارئي وڏي ٿي، تڏهن ڦوڳ سندس سڱ
گهريو. پالڻي ڦوڳ کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري، مارئي
پنهنجي هڪ مائٽ ”کيت“ سان پرڻائي ڇڏي. تنهن تان
ڦوڳ ڪاوڙجي عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ عمر سومري جي نوڪرن سان
سنگت رکيائين. گهڻي گهرائيءَ بعد انهن کي چيائين
ته: ٿر ۾ هڪڙي حسين ڇوڪري آهي، اسين جيڪڏهن اُها
کڻي آڻي عمر کي ڏيون ته اسان تي هوند ڏاڍو راضي
ٿئي.
اهڙيءَ طرح ڦوڳ جي چئي تي عمر جا ماڻه وڦوڳ سان گڏجي ويا، وڃي
مارئيءَ کي کڻي آيا، ۽ ان کي عمر جي حوالي ڪري
چيائون ته اسان هيءَ ڇوڪري جهنگ مان لڌي آهي. سندس
سونهن ڏسي صلاح ڪئي سين ته هيءَ راڻي سُونهين، سو
تو وٽ وٺي آيا آهيون. اتي ڦوڳ به ڳالهايو ۽ چيائين
ته:
اِها ڇوڪري اصل ۾ منهنجي مڱ آهي، جا مون کان کسي ٻئي کي ڏني
اٿن. هاڻي مون کي ملڻ گهرجي.
جيئن ته عمر هڪ عادل بادشاهه هو، تنهن محلات ۾ وڃي مائيءَ کان
حقيقت پڇي. مارئي ويچاري سجھو داستان ٻڌائي روئي
ڏنو، ۽ عمر کي چيائين ته: ڦوڳ نالائق ۽ ڳڻ چور
انسان آهي، جنهن کي اُتان جي چڱن مڙسن ڪڍي ڇڏيو
آهي، ۽ جيڪي چوي ٿو، سو ڪوڙ آهي. مارئيءَ جي واتان
حقيقت ٻڌي، عمر ڦوڳ ۽ نوڪرن کي سزا ڏيئي، ملڪ
نيڪالي ڏني، ۽ مارئيءَ کي مائٽن ڏانهن موٽائي
موڪليائين.
- - -
تعلقي سنجهوري جي
شاعر محمد بخش خاصخيلي جا بيت*
1- |
ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان محمد مير،
ڄارن ۾ جھائي، مارئي منجهه ملير،
سنگهارن سان ساڻيهه ۾ کلي پيتائين کير،
عمر ڄام امير، کڻي آيو کوهه تان.
|
2- |
کڻي آئين کوهه تان، مون کي ڪهڙي پهه پئي،
مِٽي ڪين ها ماڙيچن سان، چڱيءَ طرح چئي،
مارو ڏيندو مهڻا، سرتيون سڀيئي،
ننڍي ٿي آهيان نپني کاڄ کنڀيون کائي،
ماڙيچيءَ تي محمد بخش چئي، ڪر عمر ڀلائي،
آءٌ ڀيڻ تون ڀائي، موڪل ڏي ته ملير وڃان.
|
3- |
مارئي ملير ۾، توکي ڇڏي ڪير،
منهنجو ماڙيچن سان آهي مائٽاڻو وير،
کلي چڙهه کٽ تي دم نه لائج دير،
ڪڍي مُنهن منجهان مير، مِٽي ڪر مارئي.
|
4- |
مِٽي ڪيئن ڪريان توسان، ثابت رک سِير،
حاڪم ٿو هلائون ڪرين، عمر ڄام امير،
ٻن پونئين کومچا، کنڊون تنهنجا کير،
قسمت سان قيد ڪيئي، نيڻين وهن ٿا نِير،
ڏسان ڏيهه ڏاڏاڻو، مون تان جيئري لاهه زنجير،
هي لوئي ٿي اٿم لير، موڪل ڏي ته ملير وڃان.
|
5- |
مارئي ملير ۾، تنهنجو اُت ڇاهي،
ڪل هيم ڪانڪا، ڏس ڏنو هئم ڏاهي،
کڻي آيو هئس کوهه تان ڪرهو ڪڏائي،
ماڙيءَ ۾، محمد بخش چئي، ويهه لاڳاپا لاهي،
توکي ٿو صاحب سمجهائي، ماٺ ڪري ويهه مارئي.
|
6- |
ادا عمر! ماڙين ۾ ڏهن وهنديس ڪين،
ٿاريلا ٿر ۾ منهنجا مارو مسڪين
ونڊيو ورهايو پاڻ ۾ ڏؤنرن ڏويون ڏين،
هاڻي من، محمد بخش چئي، مون کي مارو نين،
اڃائي آهين، ڪي ٻه ٽي ڏينهن ڏهاڳ جا.
|
7- |
مارئي! ڇڏ مقابلو، تون منهنجي سڻ خبر،
ڪل هيم ڪانڪا، ڏني هئي کيت خبر،
مارئي نانءُ ملير ۾ اٿس سونهن سڌر،
کڻي اچ کريب سان، وٺي نال نينگر،
ڄاڻي پاڪ ڌڻي پرور، مون کي مدي نه هئي من ۾.
|
8- |
ادا عمر! مدي نه اٿئي من ۾، سڻ سوال منهنجو،
قضا آندي آهيان ڪوٽ ۾، ناهي ڏوهه ڪنهن جو،
بيوس آهيان بند ۾ ناهي وس منهنجو،
عمر! ڪر عدالت، آهين راجا رعيت جو،
ڪڍ بندياڻي بند مان، اٿئي پلؤ پرور جو،
هاڻي موڪل ڏي، محمد بخش چئي،
ڏسان ساڻيهه سنگهار جو،
اٿم عربي ڄام اجهو، مون کي لهر، لوڏيندي ڪانڪا. |
9- |
مارئي! ڇڏ مقابلو، تون کاڄ سڀوئي کاءُ،
موڪليان ميڙ مارن ڏي ڪريان پنهوارن سان پرچاءُ،
ويهه کلي چڙهه کٽ، تي ڪر مون سان نيڪ نڪاح،
ڄاڻي هيڪ الله، ڏيندس ماڙيون مارن کي. |
- - -
|