سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :24

 

48-

عمر جيڪي ياڪِي ٿين شانن کان ۽ امر نه رکن جاءِ،

گهڻو قتل تنهن ملڪ تي ڪجي سختي سرس سواءِ،

منڪر تي مارو ڪرڻ جرات زور جڳاءِ،

سوڌي سرڪشن تي تون حشمت حڪم هلاءِ،

سي مارو توسان ملڪ ۾ نڪي ظاهر زور پياءِ،

ناحق بي ڏوهن تي تو ڪيڏي ڪرٽ ڪياءِ،

جو سر تان سندو مارئي تو آندو مٿان جهنگ جهٽاءِ،

جي ڪو ڏمر اٿئي ڏوٿين تي، سو تان ڪڍي ٻڌاءِ،

بنان حرف هلان ڪري تون راهڪ ڪين رنجاءِ،

جڏهن عدالت آگو ڪندو تڏهن پاڻهي تو پڇندا؟

اتي طاقت ڪنهن کي نه ٿئي جو ورندي ڏئي وراءِ،

هوندا حشر ۾ سڀ هڪجهڙا نڪو سرس سواءِ،

اتي هلندو هرڪو حضرت ڏي تا تون اٿي امت ڇڏاءِ،

بالعدل والاحسان کي تون دانهه دل سان لاءِ،

انهي ناحق جو ڪيئن نبرندو جڏهن پڇندو پيش خداءِ،

ڪامڻ ڪڍ تون قيد مان وري ماڳ انهيءَ موٽاءِ،

جا تنهنجي کائڻ اوڏي ناهه سا ٿي لوئي بنا ليلاءِ،

سا نيئي پنهوارن پهچاءِ، متان هت مارن ري مري وڃي.

49-

والد ويهين راتين جو ڪيو شاعر شمارو،

پوءِ دنيا مان دربار ڏي تنهن ڪيو ترت تيارو،

چيائين پٽ پنهنجي کي ته هي ڪج قصو سارو،

تنهن کي ڏنو ڏهن راتين جو اتي پڻس اشارو،

پوءِ غلام محمَّد گن پنهنجو ڪيو اڳتي اظهارو،

ايڪيهين رات اڌ رات کي عمر نر ڪيو نگارو،

تنهن لشڪر ميڙيا لاغرض، ٿيو چڙهه چڙهه چوڌارو،

ته ڦري وٺو مارن جو وڃي ملڪ سڀ سارو،

پوءِ هلي آيو وٽ مارئي عمر سوڀارو،

ته ڙي چاڙهيا مانءِ لشڪر پيڪن پار ڏي، وڃي ڪندا مارن ۾ مارو،

تنهنجي تڏ مقابل تن تي مان جي اڄ ڪيو اشارو،

ڪونه هلندءِ پيچرو ۽ چلڻ جو چارو،

جي اٿئي لوءِ سندو لارو، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

50-

چي: عمر امامن سان بڻي تقدير،

جي ٻنهين جهانن جا شاهه هئا، مرڪن ماهه منير،

تن سان به جوڙي جنگ يزيد هئي، ناحق بي پير،

سگ به ساداتن سان ڪئي هئي، شرارت شرير،

تون به حشر ڏينهن حمير، ٿيندين يار يزيد جو.

51-

ٻاويهين رات ٻاجهارو ٿي، اچي نر ڪيس نئڙت،

منهنجي تان تون مارئي، سڻ هي حقيقت،

ته اسان ساڻ الله لڳ ڪر ڪا ماڙ مدت،

تون دليون ڏيج دلاسو تان روح اچي راحت،

ٿيون اندر اُليلان عشق جون ۽ من ۾ آهي محبت،

مان کي پلپل پور پون ٿا، تنهنجي زيب سندا زينت،

جئن نت نت نهڪر تون ڪرين، تئن شوق وڌي شهوت،

هاڻي ڇڏ شوخي ڪر شفقت، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

52-

چي: عمر عشق ته آهه الله جو، ٻيو خلل کپت سڀ خان،

آگي جي امداد کان ڇو نره ٿئين نادان،

جو اٿندا ڏينهن قيام جي پنجن ڪمن جا پهلوان،

سي پنج ڪم ڪهڙا تن جي ڪريان بات بيان،

هڪ جو سياري ساجهر وهنجي ڪري نماز قضا نه،

ٻيو جيڪو آڙهه سنڀالي سڀ رکي روزا منجهه رمضان،

ٽيون جو تسيو ڏيئي پيٽ کي ڏي نام الله جي نان،

چوٿون پر هٿن پاڻ مري غازي ساڻ گيان،

پنجون جنهن شوق نه شهوت جو رکيو، جوانيءَ منجهه جوان،

جنهن رکي خوف خداءِ، ائين جاليو منجهه جهان،

سي پنجئي پهلوان، هوندا راسخ اڳيان رب جي.

53-

ٽيويهينءَ رات عمر کي اچي ڪين ٽڪاءُ،

مرد وڃي مارئي کي اُتو هِيءَ الاءِ،

اهي توکي مونجهه مٽن جي مون کي محبت ڪيو مدعاءُ،

هاڻي ڳڻي انهي ڳالهه کي ڏي ڪو سڌ سماءُ،

تان مان به ڪريان انهيءَ تي ڪو بيهڪ سندو بناءُ،

جنهن ۾ گذري خير ٻنهين جو ڪو ٿئي بام بچاءُ،

ڪر ڪو پهه ته ٿئي پرچاءُ، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

54-

عمر پهه نه پڇجن زال کان مصلحت سچي مردن،

اڪابر اندر ۾ ٿا ڳڻتيون چڱيون ڳڻن،

تون به تن ۾ ڪري تپاس ڏس مير لاءِ هيءَ من،

ته حڪم ساڻ هيڻن جِي، جيئن ظاهري آندئي زن،

سي ماٺ ڪري مسڪين يٺا، ڪنهن در دانهن نه ڏين،

ايهو عيب لايو آجڙن تو ڪيو ڏمر مٿي ڏوٿين،

جن واتون وري توکي نه چيو، تن جي ڇو ڪام وِڌءِ قيدن،

سي پانو ڪيئن پُرجهن، جيڪي ظلم زور ضعيف ڪيا.

55-

چوويهين رات عمر چيس ٿو هي ڳالهه ڳالهائي،

تو به هرگز هوڏ نه ڇڏي نڪو ٿو توکي سمجهائي،

مان ماڻهو منجي ماڙ ڏي ٿو سڀ وٺان آڻائي،

تن جو رنج لاهي راضي ڪندس، اُهي پنهور پرچائي،

آءٌ اول تان اهي هٿ ڪريان، پنهنجا راهڪ ريجهائي،

سي ڏيندا مهت مڃي ڪري، اميد ايها آهي،

توکي پڻ چوندا مارئي، پنهنجا پيڪا چتائي،

ڏس هي مصلحت من لائي، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

56-

چي: عمر پيڪا چوندم ڪينڪي، ڇو وڌءِ جيءَ ۾ جار،

اَڻوارين تي وار وجهين، وار هيءَ مَ وار،

ماڻهو منجي ماڙ ڏي تون ڏوٿي نا ڏهڪار،

اهي هيڏي ايندا ڪينڪي، ويندا ٻئي ڪنهن پار،

س مڱي منڌ ڪين ڏيندا، اهي ناميا توکي نار،

آءٌ ته آهيان کيت جي ڪامل اصل ڪنوار،

سا بند ڪري بنگلي ۾ هيءَ وريتي ڪين وهار،

ڇو ٿو ظالم ضعيفن سان ڪرين ٿيندي دانهي ۾ درٻار،

ڇڏي زور ظلم جو تون نظر ڪري نهار،

جو ڪڏهن ڪا سنسار، ٻُڌءِ ڪانڌ ٻه، ڪامڻ هيڪڙي.

57-

پنجويهين رات پڌر ڪري، اچي عمر چيو عورت،

ته ڪن وجهيو ڪامڻ ڪرين ٿي مڱڻي جي معلوميت،

پر ٿا لکن ڪتاب خداءِ جا منجهه شرع شريعت،

ته بخش طلاق جبر سان آهي راسخ روايت،

پر پوندو انهي ڳالهه جو توتي تاب تکو تهمت،

پوءِ هلندئي ڪانه حاڪمن اڳيان، هرگز ڪا حرمت،

ڇو ٿي منڌ مارائين پاڻ کي، جڏهن لهندءِ اها عزت،

اکيون لڳيون چار ٿين، مان تنهن کان مڙي ڪريان مروت،

هاڻي ڇڏ شوخي ڪر شفقت، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

58-

چي: عمر بخش طلاق جبي سان آهي درس صحيح،

سابه تڏهن ڪتاب قبول ڪن جڏهن واتون ڪنهن ڪهي،

هيءَ ته چوندي ڪينڪي توڙي ويندس سر لهي،

ايهو خام خيال رکيو اٿئي ناحق پرس پهي،

وهان ڪيئن هت رهي، جو اٿم من ڪاڍو ملڪ ڏي.

59-

ڇويهين رات ڇوهه ڇڏي عمر ڪيس آزي،

ته مڃ منٿ ڇڏ مونجهه کي ٿيءُ رضا راضي،

حدث حرڪت هوڏ جي ڇو ٿي بنائين باري،

ايهو مڃ ته انصاف منهنجو ڪر تون دل سندءِ قاضي،

جو هلان حالت تنهنجي تي توڙي اٿم محبت مجازي،

جنهن لالچ لڳي دل جي آڻي ڪيو علاجي،

معاف ڪر اڳرايون منهنجون ۽ مياران ماضي،

ڪر بام بيراضي، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

60-

تون ڇو بانڪا بي راضي ٿئين ۽ ڪهڙو پيئي وير،

ڏنئي ته ڏوٿياڻي کي من ۾ رکي مير،

جي هوند منڌ ڪنهين جي کي محلن کان پري کڻايـٖـين پير،

ته هوند ڪاوڙ اچيس ڪينڪي ٿيس ڏيل ڏڦير،

آهي شرم پيارو سڀ کي توڙي هجي ذات ڏڦير،

ڏي سام سڏائي انهن کي عادل ڪر نه اوير،

تون گهڙي سنئون ڪر گهير، متان ڪري ڪپڙن ۾ پوين.

61-

سهان ستاويهين ڏنس، ڪاوڙ کان قردار،

اڙي ٿيو اٿئي انڌ اکين تي، ورتئي بي قربن ڪردار،

هڪ تان سخن ڪرين ٿي سامهون ٻيو ادب ڇڏيو اظهار،

مان به مورؤن مڙندس ڪينڪي تو بي پڌرا ڪيا پرڪار،

روءِ مٽي سا رحم جي ڏنس ڏاڍا تنهن ڏهڪار،

هئيبت ۽ حشمت جي ڪيس ڀڙ ڏاڍي ڀلڪار،

هو به سسي ويئي ساهه ۾ ۽ نيڻين ڇٽڪيس نار،

پوءِ اتي ٿيو حياءُ حمير کي جڏهن سست ڏٺي سردار،

پوءِ مرد اچي مارئي  کي ڏني عادل هيءَ آڌار،

ته ڇڏ وهم غم ويچار، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

63-

پوءِ انهي هنڌ عمر سان ٿي ڪيا بام بيان،

ته ڏمر ڪيو ڏوٿياڻي تي ٿو سهمان ڏئين سجان،

پر آگي جي عدالت جي توکي ڪل پوي ٿي ڪانه،

جو سوين سڪندر جهڙا هئا ڌرتي تي پرڌان،

جن سان طبل واڄا ۽ تريون وڳا ٿي نغارا نيشان،

جن اڏيا ٿي اُڙد ۾ تنبو سان طولان،

جن ٿي چڙهيا هنبارين هاٿئين ۽ اسپن تي اخوان،

جن تي پاڻ کڻايو پالڪن اتي آدم کان انسان،

ڪبت هليا ٿي ڪهندا ڳيان ڀٽ برهمب ڀان،

جنهن ڇٽ سونهري سر جهولايو زيب وڏي طوفان،

سا سري رل ٿي سيرن ۾ جمجما سلطان،

سي به صاحب سڏائي ورتا، ويا حيرت ۾ حيران،

تون پڻ واٽ انهي سان ٿيندي راهه روان،

اجل ايندءِ اوچتو ڏاڍو ڏنهن سبحان،

سو ڍير نه ڪندو دم جي اچي کان آسمان،

ڏسڻ سان ڏڪڻي پوندءِ هلندءِ ڪين لسان،

ڇپر نه لڳندو ڇپر سان ٿيندءِ خطا سڀ اوسان،

مهل انهي سڀيئي ويندئي ڇڏي جوش جوان،

اڳيون عزرائيل جي ڪنهن جي هلندي ڪان،

ڇو ٿو قيد وجهيو ڪاوڙ ڪرين ۽ کونس خصومت خان،

هليو ويندين هيڪلو ڇڏي محل مڪان،

کائي ڏمر پنهنجو ڪر عفو ۽ احسان،

تان آگي ڏنہ امداد ٿئي عزو وڏو ۽ شان،

اهو مڃ فرمودو فرقان، ته اچئي ڪم قيام ۾.

63-

اٺاويهين رات عمر اچي نر چيس نسري،

ته من لائي مارئي سڻ منهنجي خبر کري،

جو مان ٿو منٿان ڪريان اچي تو وٽ وري وري،

ته به اثر جي ڪانه اندر اٿئي ظاهر هڪ ذري،

مان اڳتي ايندس ڪينڪي مر لهئي ڀؤ ڀري،

پر هٿ هڻندينءَ انهي ڳالهه کان ۽ ٿيندينء چت چري،

پوندين قيد وڃي ڪوٺين ۾ ڏسندين در نه دري،

اها جا سڪ ساڻيهه جي اٿئي سا ويندءِ سڀ وسري،

جي اٿئي عقل ته اونئيـٖـن ڪر، نه ته ويندينء ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

اتي ويندينء ماڳ مري، اچي ويهه کلي چڙهه تون کٽ تي.

64-

اڳيون عمر کي مارئي اُتو هيءَ احوال،

ته جيڪا گهر ڌڻيءَ جي سا برسر آهه برحال،

جي تو قرب قيد وجهڻ ۾ ۽ ڀلي عز وڌي اقبال،

ته ڪر سرنديءَ جو سومرا تون ڪامل سچو ڪمال،

مان ڊڄان ڪوٺيءَ کان ڪينڪي نڪي مشڪل آهه محال،

پر واڌو تنهنجي ويڻن کان ٿو جيءَ کي ٿئي جنجال،

سي وطني ڪين وسرندا جيتر اٿم حياتي حال،

ڇو ٿو ائنڪريؤ عزم ڏيکارين ۽ پاڻ ڪرين پائمال،

مَندي ته مورؤن نه ٿيندي توڙي صاحب جهلين سال،

جي ٿورو ته مُنج ماڙي ڏي جي بحث ڪرين برحال،

ته ٻڌ حياءَ جي ڪنن سان منهنجو سائين لڳ سوال،

جي مري کڻي هت مارئي ۽ ورنهه ڪري وصال،

ته ڪج مئٿ روانو ماڙ ڏي ريءَ فرصت في الحال،

سي مر هٿن سان رکن حَد ۾ جن خويشين جو اٿم خيال،

ايها ڪج ڀلائي ڀال، هت رکين ٿيان هيڪلي.

65-

اوڻٽيهين عمر اچي نرڪيس نيزاري،

ته من لائي مارئي سڻ هي خبر ساري،

جوپ هڪڙو مرد اوهان جي ملڪ جو آيو چوريءَ لئي لاچاري،

مان به چئي لڳي تنهن چور جي اچي ڏني مئن ڏيکاري،

کڻي آيوسئين کوهه تان ڏاگهي سواري،

ڌوڌ اهو ديسن ۾ ٻڌو چوڏس چوڌاري،

سا معلوم ٿي ملڪن ۾ پڌر پچار،

حاڪم ڪيو نه چون نڪا ڪيم موچاري،

مان به ڄاڻان ڄاڻ اندر ۾ بدي بدڪاري،

پر ڪهڙي خبر خلق کي تنهنجي سچ سڌاري،

لوڪ ته گهڻو ٿو لوين توڙي آهي بيهڪ بسياري،

عدل منهنجي جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿئي تسليٰ تڪراري،

هاڻي ڇڏ طرح تڏواري، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

66-

ٻڌي مدعيء جا منڌ کي ٿيا وهم وڏا ويچار،

ايهو عرض عمر کي ڪيائين ته ٻڌ لڳ جليل جبار،

اوهو حڪم سان وٺي هلئين، جيئن نجن ڌتاري ٻار،

ايهي اڳيون ڪرين ٿو عامليون، عقليون عقلدار،

هوت حڪم سان وٺي هلئين، نه ته جهلين ها مفت مار،

توکي به مَدي هئي من ۾، سي پڌرا ڪيئي پرڪار،

جو پنهنجي سر چڙهي اچي، وڌءِ ڏوٿين ۾ ڏهڪار،

پر هيڻن جي حاڪمن تي، آهي ڪهڙي مرد ميار،

تو جا آندي امانت کڻي، ۽ رکي ڪوٽ اندر قربدار،

هلين ٿو جو حال منهنجي تي، ۽ مرضي اتي مختيار،

اِهي سرنديءَ ۾ سومرا، تو ڪيا پيغمبراڻي پار،

انهيءَ جرات موجب جڳ ۾، هوندين سرخرو سردار،

آهي ڳجهه معلوم خدا کي، ٻي ڪهڙي خبر چار،

گلا لوڪن ڇا ڪري، جي ڪن پرپٺ پيا پچار،

ڇو ته ڪاتب رب جا آهن، سڀڪنهن سان هوشيار،

نيڪي بدي سڀڪنهن جي ۾، ويسر نه ڪن وار،

سي آهن ملڪ ڪلهن تي، ٿا لکن سڀ نروار،

شال ٿئي گلارو ڪونڪو، وٽ خالق خلقڻهار،

جو اڇن ۽ ميرن جي، آهي ڪل سڄي ڪلتار،

ڪچي ته ڪئي ڪانڪا، صاحب رب ستار،

خون کٿوري ڪين لڪي، توڙي باري بونس بار،

ڏوراپا ڏاڍن کي، ڪير آڇن ايلپنهوار،

تر کائڻ ري ڪين لڳن، ڏندن کي ڏاتار،

جا ڄمندي سا مرندي، تون سمجهي ڏس سردار،

ڪر بيهڪ واحد جي واٽ تي، رک تن ۾ طلب تنوار،

انهيءَ عدل موجب آگي ڏنهن، توکي ملندو اجر اپار،

اُهي ڇو ويهي ڪن ويچار، آهي مدي نه جنهن جي من ۾.

67-

ٽيهين رات ٽري لنگهيو، جان ٻڌي خان خبر،

هڪ دائي هئي دانهه جي، جنهن پاليو هو کي نر،

سا ڪامڻ قسمت پنهنجي، هئي ٻاهر کان شهر،

تنهن ڪنين اچي ٻڌي عمر جي، اها کانچ خبر،

تنهن دوڙي اچي دانهن ڪئي، درس بيهي تي در،

ته ببا مارئيءَ جي ماءُ جا، تو آهن پيتا عمر،

تنهن لاءِ تنهنجي مارئي لڳي سڱ ۾ ڀيڻ سڀر،

ايڏا قابل ڪيئن قهر، تون صاحب ڪندين سومرا.

68-

پوءِ ڊنو خوف خداءِ جي، ات نر ٽمايا نيڻ،

هلي آيو وٽ مارئي، ٿيو مرد نرم کان ميڻ،

ته باري لڳ بخشيم تون، جيڪي واڌو ڪيا مان ويڻ،

تون صحيح سڳي آهينم ڀيڻ، ڌُريُونئي ڌرم جي.

69-

پوءِ ماڻهو مُنجي کيت کي، عمر آڻايو،

ٻيو به جيڪو مٽ مائٽ هو منڌ جو، سو صاحب سڏايو،

تنهن کي وهاري وٽ ۾، فائق فرمايو:

ته جنهن دائي دستن ۾ ڪري، مون کي ننڍي نپايو،

تنهن گولي اچي گفتار ڪري، هيءُ سخن سڻايو،

شور وڌو هو شيطان مون، پر رب ٿي رکايو،

شڪر ڪريان انهيءَ ڳالهه جو، مون کي باري بچايو،

مرد ويهي منجهه مارڪي، ايهو گفتو ڳالهايو،

ڀيڻ زبانون ڀڙ چئي، ات منڌ کي مرڪايو،

چوي ”غلام محمد“ غريبن کي، تنهن بادشاهه پهرايو،

ظلم زيادتي زور سڀ، هن کؤن بيحد بخشايو،

پوءِ مائٽن کي منڌ سان، نيئي گينور گڏايو،

هوءَ به خوش ٿي پـٖـيڪن کي ڏسي، ٿيس سفر سجايو،

ڪامل تنهن جي ڪاڄ جو، ات ستت ڪيو سعيو،

ڏيئي ڏاج وڏاندرا، تنهن کي پانَو پرڻايو،

ڇڪڙن ۾ ڇانوان ڪري، تنهن کي چورنگ چاڙهيان،

ڏنائين ڪوٽان ڪڍي قريبن کي، جن وٽ هوس ڄم ڄايو،

پـٖـيڪن جان پير ڀري، تنهن کان مرد موڪلايو،

مڪائين مارئي ماڙ ڏي، سهنج ڪري سعيو،

ايهو جسم عمر جو جڳ ۾، ٿيو سرس سوايو،

نچ ڄاڻي هئي مارئي، جنهن به ڪين گهٽايو،

پر جي تريءَ تورايو، ته آهن وڏا انصاف عمر جا.

70-

وڏو انصاف عمر جو، عالم ۾ آهي،

ڪيائين زور نه ظاهر زال سان، نڪي ڪڍ پيس ڪاهي،

نه ته چڙي چنبن منجهه باز جي، هوند ڇا سينڱا ساهي،

ڇا وس عورت جو آهي، جي مرد مدائي نه تي اچي.

71-

سڀ رضامندو هوس رب ڏانهن، جو مَدي نه آيس من،

عادل ست ابليس جي، ڪامل ڪئي نه ڪن،

بيٺو هو هڪ دل ٿي هڪ ڳالهه تي ٻيون سڀ ٻوليون ڏيئي ٻن،

ايهو قصو مارئيءَ جو، مدا شراف سڻن،

سڻي صفت سنگهار جي، من اثر ٿئي عورتن،

عمر جي انصاف جي، مر ٿئي معلومي مردن،

آهن سڀ پوٽا آدم جا، شال افعالي عمر ٿين،

مت مارئي جي وٺي، مر مڙيئي منڌان مرڪن،

سورهه سي ساراهجن، جيڪي پاڙا پرس رکن،

جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪن، وينداسي ايمان سان.

 

------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org