سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :13

 

16-

تڏهن عمر آيو اُڀري، سو جوش ڪري جولان،

محبت منجهان مارئي، ڪڏهن ڄاڻي، ڪان،

نه ته مرد ڇا مهري، ڇا شور ڪرين شيطان،

ڇا حاڪم ڇا هيڻي، پر مارئي تون مهمان،

ڪونه ڇڏيندس ڪڏهن، تون نار آهين نادان،

سُپر ساري ڏينهن ۾، ڪرين گلا تي گذران،

پنهنجي وات وڪيل ٿي، چؤ ظاهر ساڻ زبان،

ڪر حَيا، ڇڏ هوڏ کي، اهو مارل تنهنجو مان،

ڏيندس ڏوٿيئڙن کي، دهرا تن کي دان،

ڪر خوشي، کل خير سان، ڇڏ اربيلي ارمان،

ويهه کلي تون کٽ تي، جوش ڇڏي جولان،

نه ته ڪاڙهي انهي ڪوٽ ۾، آءٌ ضايع ڪندس زيان،

مري ويندينءَ مارئي، تون موڳي ٿي مستان،

ٻڌي ڳاله ٻروچ چئي، هو بيوس ٿي بيران،

ڪري پئي عرض الله کي، ٻي ڪنڌي آهي ڪان،

انهي لوري ۾ ٿو لعلڻ چئي، پئي سڏ ڪر سبحان،

ادا! شافي رکندو شان، شل پرور مون پنهوار جو. 

17-

وڙهڻ ڪم وريامن جو، ناهي زالن سان زوري،

جهٽي آڻڻ جهنگ مان، سو ڪم ڪندا ڪوري،

تنهنجي ڪاڻ تماشو ٿيو، پر ٿر ناهي ٿوري،

پيل پهرئين ڏينهن جي، اٿم ڏوٿين جي ڏوري،

لوڙيان لوح قلم جو پئي ڇٺيءَ کان ڇوري،

ساڙي سِڪ سرير کي، ٻيو لڱن جي لوري،

قسمت آندو ڪوٽ ۾، هن ناحق ندوري،

ڪين چڙهان هن ڪوٽ تان، جو منگهه ناهي موري،

جاءِ نه جارو جڏيءَ کي، نه ته چڙهي وڃان چوري،

ڪير ڪڍي هن قيد مان، جو ڌڻي نه ڪو ڌوري،

کائي مران خوشيءَ مان، هن گوندر کان گوري،

راتيان ڏينهان روح ۾، آهي هِيئين ۾ هوري،

انهي لوري ۾ ٿو لعلڻ چئي، وري جهِڻڪن جهِڪوري،

ادا! جيڪا کيت اڳيان کوري، سان مرڪي ڪيئن ملير ۾.

18-

مارئي عمر ڄام سان، تون هوڏ ڇڏي هَئو ڪر،

هِت باغ باغيچا بنگلا، ٻيا زور ڀريا زيور،

هُت پاڻي ڪاڻ پٽن تي، ڪن سانگي روز سفر،

هِت هنڌ هندورا، جهنور جورا، ٻيا ڪشميرا ته ڪثر،

هُت ڇپريون ڇڏي، ڇاکئون لڏي، ٿان وڃي ڪن ٿر،

هِت زيور زريون، پائن پريون، چوڙيليون چوڌر،

هُت ڄانڀا ڄاريون، ڀري کاريون، ڪن گجرن ساڻ گذر،

هِت سرخي ساوا، مشڪي ماوا، ٻيا نيرا نِشانر،

هُت ڇتا ڇوڙي، هرڪا ڊوڙي، ڪيو واري منجهه ولر،

ڄارن ڄٽيون، هڻن جهٽيون، پٽن تي پنهور،

رُلن راتو ڏينهن ٿيون، ڪنواريون منجهه ڪلر،

سڃيون وڃن ٿيون سفر تي، سي ڪونجون کڻي ڪر،

اها ته پر پنهوارن جي، آهي اجائي ابتر،

ڪونه ڇڏي ڪو ڪڏهن، ٻانهوريون ته ٻهر،

هرڪو ڏسي هيڪليون، سو ڪندو سڌ سڄر،

ڏوهه اهو تنهنجي ڏوٿين جو، ڇو نه گڏيئون ڇوڪر،

لڄون ڇڏي لعلڻ چئي، ڇو گهوٽ ويٺا ها گهر،

تڏهن ڌاڙو تو ڌرار سان، اچي ڪيو هو ته عمر،

نه ته ڪير کڻي هن کوهن تان، سي اَربيليون اَپڇر،

هاڻي سهه سڀيئي سر تي، ڪر سيني منجهه صبر،

ڪامڻ تولئي ڪانڪا، پٺيان آئي پهر،

هاڻي ڪانڌ قبولي ڪر، تون اٿي اور عمر.

19-

عمر اباڻي پار جي، اٿم اندر منجهه اداس،

راتيان ڏينهن روح ۾، آهي طلب تني جي تاس،

ڪانه قبوليان ڪڏهن، توڙي مرون کائن ماس،

سرها تنهنجا سومرا، مور نه مکيندياس،

ٻه ٽي ڏينهن ڏهاڳ جا، ويهي قيدن ڪٽيندياس،

خاصا کائي خومچا، نا پيٽ ڀري پرندياس،

ڪوڪاري ڪوٽن ۾، پئي ڏکن ۾ ڏرندياس،

چانور کائي چورما، نا کٽن تي کرندياس،

صاف چوان ٿي سومرا، پئي ٻاڦ اندر ٻرندياس،

مري وينديس ماهه ٿي، ته به لائون نه لهندياس،

سور تنهنجا سومرا، سي چڪ وجهي چرندياس،

طول وهاڻا تنبن ۾، نا هنڌن تي هرندياس،

روئي روئي روح ۾، پئي جهوري ۾ جهرندياس،

سِ اباڻي سومرا، شل وطن ڏي ورندياس،

جيسين ساهه سرير ۾، پئي ساڻيهه ڏي سُرندياس،

وڃي پنهنجي ويڙهه ڏي، شل مارن سان ملندياس،

آجي ٿي عيبن کان، وڃي کاهڙ ۾ کلندياس،

ڇوڙي ڌڻ ڌنارن سان، وڃي ڦوڳن ۾ ڦرندياس،

نه ته کفن کائي خاڪ ۾، وڃي موهر ۾ مرندياس،

ادا! توڙي قبر ۾ ڪرندياس، ته به تانگهه نه لهي تن جي.

20-

مور نه ڇڏيان مارئي، تون تال ڪرين توڙي،

رچي رنگ محل ۾، ويهه جايون تون جوڙي،

لڳو عشق اندر ۾، ويٺو خيما سو کوڙي،

ڪونه هٽي ٿو ڪڏهن، پيو وَر وَر وڪوڙي،

ساڙي سِڪ سرير کي، پئي ويتر ولوڙي،

آهه پيا ٿم اُڀري، ٿي ٻاڦ مون کي ٻوڙي،

دُکن دونهان درد جا، ڏس ڦڦڙ تون ڦوڙي،

لڳو جوش جگر ۾، پيو ڊُڪي ۽ ڊوڙي،

مڃ مٺي ڇڏ مامرا، ٿي گهوٽ چڙهان گهوڙي،

لکيو لوح قلم جو، سو مور نه ڪو موڙي،

ٻڌي ڳالهه ٻروچ چئي، اچي ڪانُ لڳس ڪوڙي،

انهي لوري ۾ ٿو لعلڻ چئي، سا لکيو پئي لوڙي،

ادا! هاڻي ويڙهيچا ووڙي، ڏسان جهوپا جهانگيئڙن جا.

21-

ماڙي چڙهيو مارئي، پئي گهايل پسي گهر،

ڪٿي جهوپا جهانگيئڙن جا، ڪٿي ساهيڙيون سڳر،

ڪٿي ڇيلا رهيا ڇانگن ۾، ڪٿي ٻاٻاڻا ٻڪر،

ڪٿي وِڄن وڦس وڦسي، ڪٿي ڪارا ٿين ڪڪر،

ڪٿي مارو ڪاهي مال ويا، ڪٿي سانگي ڪن سفر،

ڪٿي مينهون موڪون لائيون، ڪٿي ڇاٽون ڪن ڇپر،

ڪٿي ويڙهيچا وطن جا، ڪٿي تان ڪيائون ٿر،

ڪٿي پنهوارن پٽيا پکڙا، ڪٿي ڦوڳن جهليا ڦر،

ڪٿي ڏوٿي ڏؤنورا ڏيهه جا، ڪٿي پڪا منجهه پڌر،

هِت آءٌ ڪڙهان پئي ڪوٽ ۾، سي جال وهايو جر،

نڪو وانگي ويڙهه مان، نڪو خط خبر،

هاڻي اندر جا اوٻر، وڃي سڀ سڻايان سومرا.

22-

ماڙي چڙهيو مارئي، پئي ڏسي ڏاڏاڻا،

وِسرن ڪين وجود مان، مون کي عمر اباڻا،

کٽون کهنبا خومچا، سي کڏ وجهان کاڻا،

ڇَلا ڇُڳيون، ڇٽ ڇيريون، آءٌ جھٽي ڇا جھاڻا،

هءت هاٿي هنڀارن سان، هُت دِلي ۾ داڻا،

هِت هاٿي هنڀارن سان، هُت دءلي ۾ داڻا،

هِت منگها ماڙيون مورچا، هُت پکا پراڻا،

هِت چانور چوکا چورما، هُت سانوڦڪ ساماڻا،

هِت ڪنگڻ ڪڙيون، ڪٺماليون، هُت ٻُڙا ٻاراڻا،

هِت وهن ڪرٽ وجود ۾، جيئن گهمن ٿا گهاڻا،

هُت خوش گذاريم کاهڙ ۾، اٿم سانگي سيباڻا،

هِت ڪوٽ قنڌاري ڪنگرا، هُت ڇپر ۾ ڇاڻا،

هِت آءٌ ڪڙهان پئي ڪوٽن ۾، هُت آيل اولاڻا،

هِت حجت هلي ٿي ڪانه ڪا، هُت ڪيم ٿي ماڻا،

هِت عمر ٿو ارڏايون ڪرين، هُت پڇندا پڇاڻا،

هُت سدا وڦسي سي سومرا، ڪن مينهن مانڊاڻا،

ادا! ٿرن ۾ ٿاڻا، اٿئي لعلڻ لاکيڻن جا.

23-

ماڙي چڙهي مارئي، ٿي پرهه نهاري پٽ،

ڪٿي جهوپا، ڪٿي جهانگي، ڪٿي سرتيون، ڪٿي سانگي،

ڪٿي ماڌڻيون مٽ،

ڪٿي پڪا، ڪٿي پيهي، ڪٿي ڏؤنرا، ڪٿي ڏيهي،ڪٿي

مکڻيون موٺ مرٽ

ڪٿي ٻڪر، ڪٿي ليلا، ڪٿي ڇانگون، ڪٿي ڇيلا،

ڪٿي ٻوهه ٻرٽ

ڪٿي ڪڪر آهن ڪارا، ڪٿي وجھون ڪٿي وارا،

ڪٿي اوهيرا الهٽ

ڪٿي مارو، ڪٿي مير، ڪٿي کاهڙ، ڪٿي کير،

ڪٿي ساهيڙيون سلهٽ

ڪٿي مارو، ڪٿي مال، ڪٿي چانهيون، ڪٿي چال،

ڪٿي اُن ارٽ

ڪٿي مارو، ڪٿي ماڳ، ڪٿي وطن، ڪٿي واڳ،

ڪٿي قيدن ويهي ڪٽ

ڪٿي توڏا، ڪٿي تاڙا، ڪٿي ولر، ڪٿي واڙا،

ڪٿي ڦوڳ ڦرٽ

ڪٿي ڄانڀا، ڪٿي ڄاريون، ڪٿي کٻڙ، ڪٿي کاريون،

ڪٿي جهور جهُمٽ

ڪٿي ٻنيون، ڪٿي ٻارا، ڪٿي قطب، ڪٿي تارا،

ڪٿي نوراني نکٽ

ڪٿي آيل، ڪٿي اوٺا، ڪٿي پنهور، ڪٿي پوٺا،

ڪٿي پروانا پوپٽ

ڪٿي جگر، ڪٿي جيرا، ڪٿي ٻوٽيون، ڪٿي ٻيرا،

ڪٿي پيو ڪهي ڪات ڪرٽ

لعلڻ لاش اوڏاهين لٽ، جت ماڳ به ماروئڙن جا.

24-

عمر آڻي ڪوٽ ۾، ڇو تڪڙ ڪرين تڏ،

کٽون کهنگا خومچا، سي کاڻا وجهان کڏ،

بنگلا، برقعا، بوڇڻيون، ڪل ماڙيون ڪيا مڏ،

هُت ڪرڙ ڪڪوريا، منگها موريا، دُهر هڻن دَڏ،

منگها کوڙي، کير ولوڙي، جايون جوڙي، ڪن اباڻا اَڏ،

صبح ساريو، ولر واري، هنجون هاريو، ڪن ساهيڙيون سڏ،

نيڻ نماڻا، ڪن اباڻا، سڀ سڃاڻا، گولي تن سان گڏ،

روئي راتيون، پايان جهاتيون، ڇرڪن ڇاتيون حال وڃايا هڏ،

دُکن دونها، ڪيان ڪُونهان، سرتين سُونهان،

ڇانگن پاسي ڇڏ،

لعلڻ لاٽون، ٻرن جھاٽيون، ڦڦڙ ڦاٽيون، ڏکن ڪيو ڏڏ،

ادا! هو لاهي لاکيڻا لڏ، وهن ويڙهيچا وس تي.

25-

مارئي عمر کي چيو: تون ڪري سام سُڃاڻ،

موڪل ڏي ته ملير وڃان، تون عاجز کي اُماڻ،

ڪٿي ڇيلا رهيا ڇانگن ۾، ڪٿي ولها ٿيا وٿاڻ،

ڪٿي سر سڃا ٿيا، ڪٿي ڀنا ٿي ويا ڀاڻ،

ڪٿي ملڪ ملير ٿيو، ڪٿي ڏکن پاتا ڏاڻ،

اٿئي قهري ڏينن قيام جو، تون ڄام انهي کي ڄاڻ،

سورج نيزي سامهون، ٿيندو ٽامو ڌرتي ٽاڻ،

ڪٿي ڪڙهندا ڪيترا، اتي سو اڻ ڄاڻ،

ميڙي مداين جو، توکان ماپي وٺندا ماڻ،

پنا پڙهندي پاپ جا، پرزا سڀيئي پاڻ،

وِڄا ويندءِ وسري، نه ڪو ساٿي هوندءِ ساڻ،

اٿئي ڪورٽ وس ڪريم جي، جو ڪڍي نه ڪنهن جي ڪاڻ،

نه ڪو ترهو تار ۾، نه ڪو ٻانڍ اتي ڪو ٻاڻ،

ڪو ڪو ترندو ڪاپڙي، انهي موج مٿي مهراڻ،

خطرو خوف خدا جو، تون ادا دل تي آڻ،

ٻه ٽي دم دنيا ۾، تون مير آهين مهماڻ،

سنجهي ساٿ هليو ويو، تون ٻي پرهه پلاڻ،

پوئي ٻاجهه ٻروچ چئي، سا حاڪم توکي هاڻ،

جن سان روح رهاڻ، سي ماروئڙا ملير ۾.

26-

مارئي عمر کي چيو: سو ظاهر ساڻ زبان،

ته زر زمين زال تي، هر ڪو آ حيران،

ڪنهن کي ڦٻندي ڪانڪا، ٿي وير ويا ويران،

ملڪ ڇڏي ويو ميندرو، ڪٿي مومل جا ته مڪان

صُبحان ۽ سالار ويا، ڪٿي مِرزو آ مستان،

ڀوري ناهي ڀتار سان، ڪيئي ڀٽ هلي ويا ڀان،

راجا راءَ ڏياج ويو، ڪٿي سورٺ جا سامان،

رانجهن راوي کي ڇڏيو، ٿيو هير مٿي حيران،

سهڻي لڙه ويئي سير ۾، ڪٿي درياءَ جادو خان،

ليلهان ويئي ته لهور مان، ويو چاهه چنيسر خان،

شيرين ۽ فرهاد ويا، ڪٿي بانڪو آ بيران،

ليليٰ ناهي لاڏلي، ڪٿ مجنون جا مئيخوان،

سڪندر ساٿ ڇڏي ويو، ڪٿ دارا جا دربان،

سسئي ناهي ساٿ ۾، پئي ڪيچ پڇي مڪران،

موکي متارا مري ويا، ڪٿي نادر جا نيشان،

سيفل، ساڌ لڙهي ويا، ڪٿ بدعيل جا ته بيان،

ڄام تماچي ڄار ويا، ناهي ساڳيو سليمان،

ترصا جي تصوير تي، ٿيو سوگهو ئي صُنعان،

ذوق زليخا زور هو، ٿي مومن مسلمان،

يوسف جهڙا يار ٿيا، قيدي منجهه ڪنعان،

حسن مير حسين جو، آهي موليٰ ڪيو مان،

شوقئون شير شهيد ٿيا، وڃي ڪربلا ميدان،

امر ساڻ الله جي، شاهن ڪيو شڪران،

هوندن هنڌ حضور ۾، جت حورون ڀي حيران،

تڪبر سي تڙي ڇڏيا، هڪ شمر ٻيو شيطان،

لعنت پئي هن لعلڻ چئي، سا ڪڏهن لهندن ڪان،

پوندءِ ڪم ڪريم سان، جت ﷴ مير زمان،

اٿئي قهري ڏينهن قيام جو، ڌَر ڪو تنهن جو ڌيان،

تُرندا ڪل تارازي ۾، جيڪي عمل ڪيا انسان،

اتي نبي نفسي پيا ڪندا، انهي خوف خطر ۾ خان،

’کل نفس ذائقہ الموت‘، آهي فرمايو فرقان،

هاڻي موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڪر نياڻيءَ تي نذران،

ادا! ڪر احسان، واري ڇڏ وطن ڏي.

27-

مارئي تنهنجي ماتم جون، ٿو روز ٻڌان رِيهون،

آڻيون ڏين اندر ۾، سي قياس تنهنجون ڪيهون،

ماريو وڃن ماس کي، ڏيئي لِڱن کي ليهون،

مارُل توکي ماءُ ڪري، ٿا ڏاج گهڻو ڏيهُون،

اڄ ته منهنجي اڱڻ تي، کاءُ پيٽ ڀيري پيهون،

روڪڙ، رَئا ريشمي، ٿو مفت ڏايان مينهون،

نذر تو نياڻي کي، ٿو وينگس ڏيان ويهون،

بَرتن بُرائي سندو، اڄ ڇِني ڪيم ڇيهون،

لٿو غم لعلڻ چئي، وڃ ڳڻتين کي ڳِهيُون،

هاڻي ڏوٿين کي ڏيهون، نياپو نياڻيءَ جو.

28-

نياپو هن نماڻيءَ جو، وڃي مليو منجهه ملير،

خوشي ٿي ويئي کاهڙ ۾، پئي سنگهارن سُڌير،

وهه واهه ٿي وڻڪار ۾، ٿيا سرها منجهه سرير،

بچي آئي بحر مان، ثابت رکي سير،

مِلي سا مطلوب کي، نيڻ ٽمائي نِير،

ڪاٿي هلون قيدن مان، سا ڇني زور زنجير،

مبارڪون تنهن مارُل کي، سو پلئه وجهندو پير،

هاڻي ته هڪ جيڏين سان، شل کلي پيئندي کير،

اها مَرڪي ڀل ملير ۾، جنهن لڄ بچائي لير،

پر آهي انصاف عمر کي، ويو مام رکي ڪا مِير،

دلبر هن دنيا ۾، ڪي ساڌو رکندا سِير،

سنڀالي انهي سوئر کي، ڪي طالب هڻندا تِير،

جانچي ڏسو جانور کي، آهي بيشڪ بلهزير،

ماري وجهن مرون کي، خنجر سان خنزير،

پرزا ڪن پليد کي، چهڪ چيو سير چير،

حرام کائي حق کي، ٿا حال ڪن حمير،

عالم انهي ڳالهه کي، کڻي وڪڙ ڏيندا وير،

چوندا ته چريو هيو، جنهن نقل ڪيو ته نظير،

پر غازي سمجهن گام کي، ڪي عقلمند امير،

واٽون ادا ويهه ٿيون، ڪي وٺن فيض فقير،

ادا! جيڪي ثابت رکن سير، سي ملن مارو ڄام کي.

29-

کيت هليو سو کاهڙ مان، ڪري ترتئون تياري،

چڙهي تنهن چانگي تي، ڪئي ساجهُر سواري،

توڏو آيو تيز مان، ڪري منزل موچاري،

لتاڙي لنگهي ويو، سو واٽن تان واري،

آڻي عمر ڄام سان، ڪيائين سڌ خبر ساري،

ته امانت اسان جي، تو عمر آزاري،

ڪري قيد ڪوٽن ۾، تو ڏاڍي ڏکاري،

هُت ماتم ماروئڙن ۾، هِت پٽي پنهواري،

تڏهن عمر اڳيان ٿي چيو، ڪري گوهر گفتاري،

ته ڏوهه ڪيو اٿم ڏوٿين جو، آهي مون ڏي مياري،

هاڻي هن گناهه کي، شل بخشيندو باري،

رنجائي رعيت کي، مون ڌاڙي کنئي ڌاري،

غازي بخش گناهه کي، ڪر سالڪ سرداري،

نذر ڏيئي نياڻي کي، سا اٿم سينگاري،

انهي لانگهي مان ٿو لعلڻ چئي، ڪو هلندو هزاري،

سا مارل مونجهاري، ڪڍي ڏنائين ڪوٽ مان.

30-

وٺي ٻانهن ٻروچ چئي، تنهن وطن ڏي واري،

کلي چيائين کيت کي، آهيان بيحد بکاري،

وٺي ڏي هن واڙيءَ مان، آهي گلن گلزاري،

ڪري سوال ڪڙمي کي، ڪئي گوهر گفتاري،

ڇني ڏنو تنهن ڇوهه مان، هڪ هنداڻو هاري،

کائي ڳر ڳجهارت ۾، آڻي ڏنائين ڏوٿڻ ڏکاري،

کولي هڙ هٿن سان،. ڏٺو وينگس ويچاري،

ته ڳڀو ناهي ڳر جو، هو سڙي ويئي ساري،

اڃان ته مهڻا ملير ۾، مون کي ڏيندا ڏيکاري،

جيڻ هن جهان ۾، آهي لاشڪ لاچاري،

طعني دل طراز ڪئي، اڄ گهوٽ وڌي گهاري،

هڻان هوند هئين ۾، پر ڪانهي ڪٽاري،

پاڻ ڇڏيان کڻي پانهنجو، هون ڪِران ڪاپاري،

پر ٿينديس ٿريلين جي، مُور هن مياري،

هاڻي سڌ خبر ساري، سا پاڻهي ٿيندي پڌري.

31-

پاڻهي ٿيندي پڌري، سو ڄاڻي ڄاڻڻهار،

مدي ناهي من ۾، مون کي ڏسي ٿو ڏاتار،

غوطو غير گمان جو، سو مُور هن دل تان مار،

طعنو لڳو تير ٿي، جيئن تجلا ڪري تلوار،

دوڙائي دليل کي، تون ويهي ڪر ويچار،

ته کنهبا پائي کٽ تي، هوند ٿيان ها ڪونج ڪنوار،

چوڙا ٻيڙا چنهنبڪليون، پائي حسّ ڪڙولا هار،

ڪنگڻ ڪڙيون ڪٺمالڙيون، سي ڇلا ڇمڪيدار،

پٽ پوشاڪون پشم جون، ٻيون لعلون لک هزار،

ڪونه پجھين ها ڪامڻ کي، توڙي حيلا ڪرين ها هزار،

پر مون کي ماروئڙن جي، هئي تن اندر ۾ تار،

راتيان ڏينهان روح ۾، سا لئون لئون منجهه لغار،

ڪين لڄايم لوئيءَ کي، منهنجا سرها هُئن سنگهار،

بيوس رهيس بند ۾، سا مون تي ناهه ميار،

ويسهه وٺ وريام تون، ڪر الله تي اعتبار،

عمر ڄام امير جي، ڇڏ گلا تون گفتار،

ڪنهن کان ٿيندو ڪونه ڪو، اهڙو سو آچار،

قسم آهي ڪريم جو، منهنجو ونگو ناهي وار،

آڻي مچ ميدان ۾، سا ٻاڦ کڻي تون ٻار،

ڪڏهن موٽان ڪانه ڪا، توڙي دونهان ڪن ڌڌڪار،

هلي وينديس حب مان، مون سان ڀيڙو آهه ڀتار،

ويندي لنگهي سا لعلڻ چئي، هوندي جا حبدار،

جنهن سان ساڻي آهه ستار، تنهن کي لهر لوڏيندي ڪانه ڪا.

32-

کيت انهي خيال سان، سو بيشڪ ٻاري باهه،

مارئي انهي مچ ۾ تون، پچي ٿيندينءَ پاهه،

سڙي ويندو سيڪ ۾، اجھ مارل تنهنجو ماهه،

چڙهي آءٌ چغي تي، ٻيون ٺڳيون ڇڏي ٺاهه،

ڪونه ڇڏيندس ڪڏهن، ٻيو رند نڪو ٿي راهه.

ٻڌي ڳالهه ٻروچ چئي، ٿي آسري مند الله،

موٽ مديني جا ڌڻي، اچ شافي رس تون شاهه،

ناقص هن نماڻي تي، تون نوري ڪر نگاهه،

اولو عربي ڄام ٿي، اڳيان هن آڙاهه،

ڀري ڪلمو قلب سان، پوءِ ڪست ڪيائين ڪاهه،

آڙاهه سڀ اُجهي پيو، ۽ ٽانڊن کاڌو ٽاهه،

لتاڙي لنگهي وئي، سو سرهو ڪري ساهه،

دوکا سڀئي دنيوي، لعلڻ جا تون لاهه،

باري بي پرواهه، آگي کڻي احسان ڪيا.

33-

مارئي پهتي ملير ۾، ٿيا سرها ڪل سنگهار،

آجي ٿي پئي عمر کان سا لاهي منڌ ميار،

خوش وسي پئي کاهڙ ۾، سا سرس ڪري سينگار،

ملي ڏين مبارڪون، سي خوشيون ڪري کيڪار،

سرتيون ساري ڏينهن ۾، ڪن چهچٽا چوڌار،

وڻ ٽڻ سڀئي واسيا، ڪئي گولاڙي گلزار،

بادل ڀرجي آئيا، سي ڪري مينگهه ملار،

کنوڻيون کاهڙ جي مٿان، سي چمڪن پيون چوڌار،

مينهن موڪون لائيون، پيون ڇاٽون ڪن ڇمڪار،

ويا ڏينهن ڏهاڳ جا، ٿيا سانگين منجهه سڪار،

ٿر بر تي ويون ٿاڌليون، پئي ڇپرن تي ڇٽڪار،

سدا وسي ساڻيهه پيو، پيا تاڙا ڪن تنوار،

کنڀيون کوڙ پٽن تي، ٻيا ڏونرن پڪا ڏار،

ساري ملڪ ملير ۾، آ هوءَ کلي هٻڪار،

لهي ويا سي لعلڻ چئي، ڏيهان ڏرت ڏڪار،

سانگي سڀ ڄمار، سي وسرن ڪين وجود مان.

 

[هن قسمي جي پڇاڙي ائين به ڪندا آهن ته: مارئيءَ کي جڏهن کيت طعنو هنيو، تڏهن مارئي خيال ڪيو ته هتي اڃا رڳو کيت طعنو هنيو آهي، پر اڳيان ملير ۾ ته سڀ ماروئڙا گڏجي طعنا ڏيندا. تنهن کان ڇو نه پاڻ کي ماري وجهان. اهو خيال ايندي ئي پاڻ کي اُٺ تان ڪيرائي ماري ڇڏيائين. لعلڻ خان لغاري انهيءَ روايت تي پڻ بيت چيا آهن، جي اڳين بيتن جي سلسلي ۾ بيت نمبر 34 کان ملائي پڙهڻ سان قصي جي ٻي روايت ٿيندي. اهي بيت هيٺ ڏجن ٿا.]

 

34-

وٺي ٻانهن ٻروچ چئي، تنهن وطن ڏي واري،

کلي چيائين کيت کي، آهيان بيحد بکاري،

وٺي ڏي هن واڙيءَ مان، آهي گلن گلزاري،

ڪري سوال ڪڙمي کي، ڪئي گوهر گفتاري،

ڇني ڏنو تنهن ڇوهه مان، هڪ هنداڻو هاري،

کائي ڳر ڳجهارت ۾، آڻي ڏنائين ڏوٿڻ ڏکاري،

کولي هڙ هٿن سان، ڏٺو وينگس ويچاري،

ته ڳڀو ناهي ڳر جو، هو سڙي ويئي اري،

اڃان ته مهڻا ملير ۾، مون کي ڏيندا ڏيکاري،

جيئڻ هن جهان ۾، آهي لاشڪ لاچاري،

طعني دل طراز ڪئي، اڄ گهوٽ وڌي گهاري،

هڻان هوند هئين ۾، پر ڪانهي ڪٽاري،

پاڻ ڇڏيائين پانهنجو، اچي ڪِري ڪاپاري،

لحظي ۾ ٿو لعلڻ چئي، هو موت بيٺو ماري،

هاڻي پوري پهنواري، وڃي کيت ٻڌايون خبرون.

35-

وڃي کيت ٻڌايون خبرون، وئي مارل ڪالهه مري،

سام ڇڏي ٿم سڃ ۾، آهي ڌرتي منجهه ڌري،

ٻڌي ڳالهه ٻروچ چئي، پيا ڏوٿين ڏيل ڏري،

سڀڪا سر تي سور ۾، ٿي چوڙيلي چري،

اڳي اُڌمان آيل کي، وري ٻيهر ماءُ ٻري،

ماڳ مسافر مارئي آئي وينگس ڪان وري،

ورهيه وڇوڙا وطن جا، جنهن جي ساعت ڪانه سري،

ڪفن پائي خاڪ ۾، وڃي ڍڳن هيٺ ڍري،

ڪڍن پار پنهواريون، جو پُهِي ڪانه پري،

ڏک انهيءَ ۾ ڏوٿين جا، پيا سي ڏيل ڏري،

پٿر ڪيائون پاڻ ۾، پيا اٿن ڳچ ڳري،

سڀ کنيو ويئي ساهه ۾، ٿي ظاهر ڪانه ذري،

ماروئڙا ملير ۾، کڻن ٿڌا ساهه ٿري،

لڙڪ وسايو لعلڻ چئي، ٿيا واديون نيڻ وري،

هاڻي دردن جي دري، ڪانه به لهندي قيام تئين.

36-

ويهي ويڙهيچن پاڻ ۾، ڪيون روئي رٿائون،

ته آڻيون منڌ ملير ۾، سي ماڻهو مڪائون،

قبر تنهن ڪامڻ جي، وري کولي کنيائون،

بُٺي بيراڳڻ جي، سا پوريل پٽيائون،

ڪڙي تنهن ڪاڇي تي، وري لعلڻ لڏيائون،

واپس ويڙهيچن ڏي، سا اسر آندائون،

پاڙي پنهوارن جي، وڃي لاش به لاٿائون،

ٻڌي ڳالهه ٻروچ چئي، ٿي سينا سٽيائون،

حشر پيو هڪ جيڏين ۾، آڻي پٿر پٽيائون،

ڪري ڪوڪون ڪامڻ لئي، سو رت به رنائون،

کولي منهن مسڪين جو، وري ڏوٿڻ ڏٺائون،

ڏسي ڏيل ڏري پيا، کڻي ڇتا ڇوڙيائون،

ڀري ٻڪ ٻروچ چئي، پئي واري وڌائون،

لاڙي لڙڪ اکين سان، ٿي ڇپر ڇنائون،

مٺيون ڏيئي مسڪين کي، ٿي چوٽيون چميائون،

اها مرڪائي آئي ملير کي، لهي لوئيءَ ۾ لائون،

کڻي خوشبو کاهڙ مان، سو ڇڻڪي ڇٽيائون،

ميڙي مشڪ ملير مان، وري عطر آندائون،

پٽيون تنهن پهنوار کي، وري ٻيهر ٻڌائون،

ڏيئي ڏاج ڏکن جو، پئي سرهو سٿيائون،

وڳا وڇوڙن جا، سي پٿر پاتائون،

ماتم ماروئڙن ۾، ٿي ڪربل ڪيائون،

اڇا اوڍن ڪينڪي، ڪارا ڪيائون،

ڪلها قريبن ٿي، اچي ڏوٿڻ ڏنائون،

اها سوءِ رهي سنگهارن ۾، وري لاڳ نه لاٿائون،

وڃي لعلڻ لٽيائون، سا مارئي ملڪ ملير ۾.

- - -

 

تعلقي ٽنڊي باگي مان ويرومل جي زباني قلمبند ڪيل ڳالهه*

راءَ لاکو جڏهن مهر راڻي سان پرڻجڻ لاءِ نُهٽي ۾ آيو، تڏهن ساڻس اهو شرط رکيل هو ته ڄڃ هڪڙي ڏينهن ۾ پهچي. لاکي جي ڄڃ، گهوڙن تي سوار ٿي، هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ”ڀُڄ“ مان ”هنٽي“ ۾ پهتي، ۽ شرط پورو ڪيائين. جڏهن شادي ٿي ۽ راءَ لاکو موٽڻ وارو ٿيو، تڏهن چيائين ته: مون اوهان جو شرط پورو ڪيو، پر هاڻي مون به هڪڙي ڏينهن ۾ ڀُڄ پڄايو. ڪنواريتن اها ڳالهه قبول ڪئي.

”پالڻي“ نالي هڪ سوٽهڙ وٽ ”وِهلَ“ (رٿ) هئي، جنهن ۾ روجهه ٻڌبا هئا. اها تمام تکي هلندي هئي. پالڻي کان اها وٺي، لاکي ۽ مهر راڻي کي سوار ڪيائون. پالڻي، روجهن کي هڪليو ۽ اُنهي ڏينهن ئي اچي ڀُجھ ۾ پهتا. لاکي خوش ٿي پالڻي کي انعام ڏنو، ۽ کيس هڪڙي رات لاءِ مهمان ڪري پاڻ وٽ ٽڪايائين.

ڪئين ماڻهو وهل کي ڏسڻ آيا. اها ڳالهه محلات ۾ به وڃي پهتي. راڻين چيو ته اسين به اها وهل ڏسون، سي ٻانهين سان گڏجي باغ ۾ آيون، جتي وهل بيٺي هئي. لاکي جي ماسي ”ميڻل ڏهه“ پيٽ سان هئي. ٻيون راڻيون ته ڏسي وائسي هليون ويون، پر ”ميڻل ڏهه“ اُتي ئي رٿ ۾ ويهي رهي، ۽ ننڊ اچي ويس.

پالڻي کي ماڻهن چيو ته: راءِ لاکي کي تنهنجي وهل وڻي وئي آهي، سا توکي سڀاڻي نه ڏيندو. پالڻي کي شڪ جاڳيو، سو خيال ڪيائين ته ڪنهن به طرح راتو واهه وهل ڪڍي وڃجي. اڌ رات جو گهمڻ جي بهاني وهل وٽ آيو. آهستي آهستي روجهه وهل ۾ جوٽي وٺي هڪليائين. روجهه واءُ مينهن ڪندا سج اُڀرڻ کان اڳي، ڀُڄ جون حدون ڇڏي ويا. سنڌ جي رڻ واري ڪنڌيءَ تي ”ميڻل ڏهه“ سجاڳ ٿي، ۽ کنگهيائين، تڏهن پالڻي سمجهيو ته ڪا پهر وهل ۾ ويٺي آهي. سو حيران ٿي وهل بيهاريائين ۽ پڇيائينس ته: ڪير آهين؟ چيائين ته؛ راءَ لاکي جي ماسي ميڻل ڏهه آهيان. پالڻو ويچار ۾ پئجي ويو، خيال ڪيائين ته جي موٽي وڃان ته مارجي ويندس، ۽ نه وري ميڻل ڏهه به پوئتي ورڻ جي ڪئي. آخرڪار پالڻو کيس ڀالواهه ۾ وٺي آيو، ۽ ساڻس شادي ڪيائين.

ٿوري گهڻي ڏينهن ميڻل ڏهه کي ڌيءُ ڄائي، جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائون. مارئي، پالڻي جي اڳ ڄائي ڌيءُ هئي، ته به ڏاڍي قرب سان کيس نپائي وڏو ڪيائين. مارئي سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ڦوڳ نالي هڪ شخص ٻڪريون چاريندو هو، تنهن مارئي جو سڱ گهريو، پر پالڻي پنهنجي هڪ عزيز کيت سان مارئي مڱائي ڇڏي. ڦوڳ انهي تي ڪاوڙجي عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ عمر کي مارئيءَ جي سونهن جي ساراهه ڪري ٻڌايائين.

عمر بادشاهه، مارئيءَ جي سونهن تي اڻ-ڏٺو عاشق ٿي، ڦوڳ کي اڻ وٺي، ڀالواهه ۾ آيو ۽ ڳوٺ جي ٻاهران کوهه وٽ لڪي ويٺو. مارئي کوهه تي پاڻي ڀرڻ آئي، ته عمر کيس زوري اُٺ تي کڻي اچي عمرڪوٽ ۾ پهتو، ۽ مارئيءَ کي شاديءَ لاءِ چيائين. پر هوءَ مارن ۽ ملير کي ساريندي هنجون هارڻ لڳي. آخرڪار عمر سندس آهن ۽ آزين تي رحم کائي، کيس پنهنجي ڀيڻ بنائي، مارن ڏانهن موٽائي موڪليو.

- - -


*  هيءَ ڳالهه ويرومل جي زباني 12 – ڊسمبر 1964ع تي قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org