روايت [4]
عمر ۽ مارئيءَ جي سڳا ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري
هن روايت هيٺ شامل ڳالهين جو خاص نڪتو هيءُ آهي ته: ”عمر ۽
مارئي پاڻ ۾ سڳا ڀاءُ ڀيڻ هئا“. انهي نڪتي واريون
سنڌ جي مختلف حصن مان مليل نظم ۽ نثر جون روايتون
هن بعد شامل ڪيون ويون آهن.
تعلقي عمرڪوٽ مان مليل ڳالهه*
ڳالهه ٿا ڪن ته: همير سومرو سنڌ جو بادشاهه هو. هن جو ڪڇ جي سمن
سان ڏيٺ ويٺ ۽ اچ وڃ جو رستو هو. جڏهن راءِ لاکي
اچي مهر راڻي سان شادي ڪئي، تڏهن همير به اچي ان
سان شريڪ ٿيو. شاديءَ بعد هي واپس ڪڇ ڏي موٽيا.
همير به ٻارن ٻچن سميت ان سان گڏ هو. همير جي زال
حاملہ هئي. هنن پهرين منزل اچي ڳوٺ ڀالوا تعلقي
ننگرپارڪر ۾ ڪئي. ان رات راڻيءَ کي ويم جا سور
ٿيا؛ سو ان ڳوٺ مان هڪ دائي آڻايائون، جنهن جو
نالو ’مومل‘ هو. جا ذات جي ويڙهيچي (جوڻيجي) هئي.
جوڻيجا سماٽ قوم جي هڪ مشهور ذات هئي.
انهيءَ وقت سومرن ۾ نياڻين کي جيئري پورڻ جو رواج هو، ۽ ان کان
سواءِ جيڪا زال ڌيءُ ڄڻيندي هئي؛ ان جو به مانُ
گهٽجي ويندو هو. سو ’دائي مومل‘ کي راڻيءَ چيو ته:
جي پٽ ڄائو ته توکي هزار رپيا انعام ڏينديس، جي
ڌيءُ ڄائي ته ڳالهه لڪائج، ۽ چئج ته ”ڪوم“ (مختلف
جنس) ڄائي آهي، ته به توکي پنج سؤ رپيا ڏينديس؛ پر
پوءِ اها ڌيءُ تون وڃي نپائج.
اهڙيءَ طرح الله جي قدرت سان هن کي ڇوڪري ڄائي. دائي مشهور ڪيو
ته ’ڪوم‘ ڄائي آهي. کيس پنج سَؤ رپيا مليا، ڇوڪري
کڻي وڃي پاڻ نپايائين، ۽ ان جو نالو رکيائون
’مارئي‘.
مارئي وڌندي رهي ۽ هن جو حسن به زياده ٿيندو ويو. ان وچ ۾
’مومل‘ هڪ ’کيت‘ نالي ڇوڪري کي چيو ته: تون منهنجي
مال جي سنڀال ڪندو رهه، ته مارئي وڏي ٿيڻ تي توکي
پرڻائينديس. کيت انهيءَ آسري تي مومل جو مال
چاريندو رهيو. جڏهن مارئي وڏي ٿي ۽ جوانيءَ ۾ قدم
رکيائين، تڏهن کيت، مومل کي چيو ته: هاڻي مارئي
مون کي پرڻاءِ. تنهن تي مومل جواب ڏنو ته: ابا ڪٿي
مارئي، ڪٿي تون! ڪجهه پنهنجو منهن به ڏس ۽ مارئي
ڏانهن به ڏس ته ان جو لاڳ به آهين؟ ان تي کيت
ڪاوڙجي، ان وقت جي حاڪم عمر سومري وٽ فريادي ويو،
جو همير سومري جو پٽ هو. کيت ڦوڳ جي ٽاري پنهنجي
پٽڪي ۾ هڻي، وڃي دربار ۾ ويٺو. ان وقت اهو رواج هو
ته جيڪو فريادي ايندو هو، اهو ڪنهن وڻ جي ٽاري مٿي
۾ لڳائي اچي دربار ۾ حاضر ٿيندو هو. هن کي مٿي ۾
ڦوڳ جي ٽاري لڳل ڏسي عمر پڇيو ته؛ اهو ڦوڳيو ڪير
آهي؟ ۽ پوءِ هن کي پاڻ وٽ گهرائي کانئس خبرچار
پڇيائين. هن خبرچار ڏيندي مارئي جي سونهن جي واکاڻ
ڪئي ۽ ان بعد چيائين ته: اها منهنجي مڱ آهي، هلي
مون کي وٺي ڏي. آخر هڪ ڏينهن عمر سومرو شڪار تي
نڪتو ۽ کيت به ان سان گڏ هو.. هلندا هلندا اچي
’ڀالوا‘ جي تڙ پهتا. تڙ تي مارئي بيٺل ڏسي کيت چيو
ته اها ئي منهنجي مڱ آهي. عمر مارئيءَ کي ڏسندي ئي
مٿس عاشق ٿي پيو ۽ پوءِ کنڀي کڻي اچي عمرڪوٽ ۾
پهتو. اتي کيت (ڦوڳئي يا ڦوڳ) کي ڏيڻ جي بجاءِ اها
ڪوشش ڪرڻ لڳو ته مارئي منهنجي آڻ مڃي مون سان شادي
ڪري؛ پر مارئي ڪين مڃيو. آخر مجبور ٿي هن کي اجازت
ڏيئي کيت سان وڃڻ جي موڪل ڏنائين.
کيت، مارئيءَ کي وٺي ڳوٺ روانو ٿيو. واٽ تي ڪنهن هنڌ هڪ ٻنيءَ ۾
پهتا. اتي ڇانهان بيٺل ڏسي، مارئي کيت کي چيو ته:
مون کي ڇانهون کاراءِ. کيت ٻني مان هڪ ڇانهون پٽي،
ڳر سڀ پاڻ کائي ۽ ان جو پاڻي پي، خالي کوپر کڻي
مِلائي اچي مارئيءَ کي ڏنائين. مارئي خوش ٿي جيئن
ڇانهون ورتو تيئن کوپا وڃي هڪ ٻئي کان پري پيا.
تنهن تي هن کيت کان پڇيو ته: هي ڇا؟ کيت جواب ڏنو
ته: توکي به عمر بادشاهه هن ڇانهين وانگر کرڙي
کائي ڇڏيو آهي. اهو ٻڌي مارئي ان وقت اتي هڪ پٿر
تي ڪنڌ رکي ليٽي پئي ۽ پساهه ڏنائين. ان پٿر کي اڄ
به ”مارئيءَ جو پٿر“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح
مارئيءَ جو موت ٿيو.
- - -
تعلقي سجاول مان مليل ڳالهه*
جيسلمير جي راجا جو اُٺ تمام تکو هلندو هو. روز رات جو سؤ ڪوهه
پنڌ ڪري عمرڪوٽ ۾ اچي، همير سومري جو باغ کائي
ويندو هو. هڪ دفعي پهريدارن اُٺ کي ڏسي ورتو، همير
سومري کي ٻڌايائون، جنهن چيو ته اُٺ کي جيئرو
جهليو. همير سومرو پاڻ ڪجهه ماڻهو وٺي باغ ۾ اچي
لڪي ويٺو. اُٺ به هريل هو سو دستور موجب باغ ۾ آيو
۽ چرڻ لڳو. همير جا ماڻهو اُٺ کي ڦري آيا، پر اُٺ
انهن جي وچان نڪري ويو.
همير ۽ سندس ماڻهو گهوڙن تي چڙهي، اُٺ جي پويان پيا، اُٺ به
تمام تکو ڊوڙيو، سو جيسلمير جي ٻاهران اچي ڪري پيو
۽ مري ويو. راجا جا سپاهي همير ۽ سندس ماڻهن کي
وڪوڙي ويا، ۽ کين وٺي آڻي راجا جي اڳيان پيش
ڪيائون. همير کيس ٻڌايو ته اُٺ منهنجو باغ چري آيو
آهي، پر راجا کي اعتبار ئي نه آيو. آخر همير چيو
ته: اُٺ جو پيٽ ٿا چيريون. جي باغ جا تازا گل نڪتا
ته تون سڱ ڏيندين، نه ته آءٌ ڏيندس. راجا اهو شرط
قبول ڪيو. اُٺ جو پيٽ چيريائون ته ٻئي ملڪ جي ٻوٽن
جا گل نڪري آيا. راجا انجام موجب سڱ ڏنو. همير
موٽي آيو ۽ ڄڃ ڪري جيسلمير ۾ اچي شادي ڪيائين.
همير کي اڳين راڻي مان عمر پٽ هئو، جو ننڍو هو.
راجا وٽ تمام سهڻو رٿ هو، جو عمر کي وڻي ويو، ۽
راجا کان رٿ گهريائين. راجا انڪار ته ڪونه ڪيو، پر
رٿ هلائيندڙ کي چيائين ته: وجهه وٺي رٿ ڪاهي
اچجانءِ. همير شادي ڪري موٽيو ته انهيءَ رٿ ۾ چڙهي
آيو.
هڪڙي ڏينهن سومريون رٿ ۾ چڙهي باغ جي سير تي ويون. ٻيون سڀ لهي
باغ گهمڻ لڳيون، پر عمر جي ماءُ پيٽ سان هئي، سا
رٿ ۾ ئي ويٺي رهي، ۽ اُتي ئي ننڊ کڻي ويس. مٿان
ريشمي شال اوڍيل هيس. رٿ واري رٿ کي خالي سمجهي رٿ
کي جيسلمير ڏانهن ڀڄايو. واٽ تي راڻيءَ کي سجاڳي
ٿي. تنهن رٿ واري کان پڇيو ته: ڪيڏانهن ٿو وڃين؟
رٿ وارو حيران ٿي ويو. هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي.
هاڻي جي پوئتي ٿو موٽي ته همير مارائيندس، جي
جيسلمير ٿو وڃي ته راجا ٿو مارائيس، سو عمر جي
ماءُ کي رڻ ۾ لاهي ڇڏيائين. همير کي جڏهن اها خبر
پئي، تنهن رٿ جي پٺيان گهوڙا ڊوڙايا، پر نڪي رٿ ئي
هٿ آيو ۽ نڪي راڻي.
راڻي رٿ مان لهي، وڃي ڪنهن وسؤن ڀيڙي ٿي. کيت جي چاچي کيس
پنهنجي نياڻي ڪري پناهه ڏني. مارئي اُتي ڄائي.
جڏهن مارئي وڏي ٿي، تڏهن سندس مڱڻو کيت سان ڪري
ڇڏيائون. وٽن ڦوڳ نالي هڪڙو نوڪر هو، جو مارئي تي
عاشق هو. تنهن جو ڏٺو ته مارئيءَ جو سڱ کيت کي
مليو، سو ڪاوڙجي عمرڪوٽ ۾ عمر سومري وٽ آيو ۽ اُن
سان مارئيءَ جي سونهن جي ساراهه ڪيائين.
عمر، مارئيءَ کي جي سونهن تي هرکي، ڦوڳ سان گڏجي ويو ۽ مارئيءَ
کي کڻي آيو. عمر کيس شاديءَ لاءِ زور ڀريو، پر
مارئيءَ ۾ شاهاڻي شرافت هئي، تنهن انڪار ڪيو، ۽
چيائين ته هڪ مڙس جي هوندي ٻيو مڙس نه ڪنديس.
مائٽاڻي اُڪنڊ ۾ رات ڏينهن روئندي رهي.
مارئيءَ جي مائٽن خيال ڪيو ته عمر بادشاهه آهي، ساڻس پڄي نه
سگهبو، تنهنڪري جيئن پاڻ ويساهي مارئيءَ کي کڻي
ويو آهي، تيئن اٽڪل سان مارئيءَ کي به عمرڪوٽ مان
ڪڍي اچجي. سو کيت کي اُٺ تي چاڙهي روانو ڪيائون.
کيت اُٺ کي وٺي عمر جي باغ وٽان اچي لنگهيو. ان
ڏينهن سومريون باغ گهمڻ ٿي ويون ته مارئيءَ کي به
پاڻ سان وٺي ويون هيون. سڀني سومرين جو خيال ٿيو
ته اُٺ تي چڙهي گهمون. سو کيت جي اُٺ تي واري واري
سان هر هڪ سومري چڙهي گهمي آئي. پڇاڙيءَ جو
مارئيءَ به اُٺ تي چڙهي، ۽ کيت کي سڃاتائين. پوءِ
ته کيت وٺي اُٺ کي هڪليو، ۽ پنهنجي مائٽن ۾ اچي
پهتو.
عمر کي جڏهن اها خبر پئي، سو لشڪر ساڻ وٺي مارن تي ڪاهي ويو.
تڏهن اُتي جي ڪن وڏڙن کيس ٻڌايو ته مارئي تنهنجي
سڳي ڀيڻ آهي. پوءِ عمر مارئي ۽ کيت کي پنهنجي هٿن
سان شادي ڪرائي، کين انعام اڪرام ڏيئي موٽي آيو.
- - -
|