عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ
تعلقن مان قلمبند ڪيل ڳالهه*
همير سومرو
هڪ دفعي شڪار ڪندي روجهه ڏٺي، سو پنهنجو گهوڙو ان
جي پٺيان کڻي ڇڏيائين. روجهه ڀڄندي وڃي ڪڇ جي حد ۾
پهتي ۽ ساڻي ٿي ڪري پيئي ته همير اچي جهليس. ڪڇ جي
راجا جي چوڪيدارن همير کي چيو ته: شڪار تي بندش
آهي، تو هي شڪار ڇو ڪيو آهي؟ همير چيو ته: روجهه
منهنجي ملڪ جي آهي. ان تي چوڪيدار کيس وٺي راجا وٽ
آيا. اتي همير سومري چيو ته: هيءَ روجهه منهنجي
ملڪ جي آهي. نيٺ ڪڇ جي راجا ۽ همير سومري ۾ سڱ جي
هوڏ رکي، ته روجهه جو پيٽ چيري ٿا ڏسون. جنهن جي
ملڪ جو گاهه سندس پيٽ مان نڪتو، روجهه انهيءَ جي
ملڪ جي هوندي. پوءِ روجهه جو پيٽ چيريائون ته سندس
پيٽ مان همير جي ملڪ جو گاهه نڪتو. تڏهن ڪڇ جي
راجا همير سومري کي سڱ ڏنو. همير سومري اتي شادي
ڪري ٻه ٽي ڏينهن رهي، راجا کي چيو ته: آءٌ بادشاهه
آهيان، اڪيلي سِر ٻانهن وٺي نه ويندس، منهنجي شان
وٽان نه آهي. تنهنڪري ترسو ته آءٌ ملڪ موٽي وڃان ۽
ڄڃ وٺي اچان. همير راجا کان موڪلائي پنهنجي ملڪ
موٽيو ۽ ڄڃ وٺي ڪڇ ۾ آيو.
ان زماني ۾ اميرن جي سواري ”ڇڪڙو“ هئي، سو همير سومرو به ڇڪڙن
جو ساٿ وٺي، نئين ڪنوار سميت سنڌ ڏي موٽيو. سندس
ڪنوار جنهن ڇڪڙي ۾ سوار هئي، اهو ڍڳن سميت، سندس
مائٽن کيس ڏاج ۾ ڏنو هو. ان ڇڪڙي جا ڍڳا اهڙا ته
تکا هئا جو ڀڄڻ کان پوءِ ڪنهن وهٽ جي مجال ڪانه
هئي جو کين رسي سگهي. جڏهن ساٿ سنڌ جي حدن ۾ پهتو،
تڏهن ساٿ وارا بي فڪر ۽ مطمئن ٿي آرام سان هلڻ
لڳا. هلندي هلندي، همير جي نئين زال واري ڇڪڙي جا
ڍڳا ڦاٽ کائي وٺي پوئتي ڀڳا، پويان هن ڪيترائي
حيلا ڪيا مگر ڪوبه ڪارگر ڪونه ٿيو. ڍڳا واپس
ڊوڙندا ڪٿان جو ڪٿان پئي ويا. ان ڀاڄ ۾ همير جي
نئين زال ننگر پارڪر جي حدن ۾ ڇڪڙي تان ڪري پئي ۽
بيهوش ٿي ويئي. کيس ان بيهوشيءَ جي حالت ۾ پالڻي
اچي ڏٺو، جو کڻي ويس ۽ ڌيءُ سڏي کيس پناهه ڏنائين.
همير جا ماڻهو ڇڪڙي جو پير کڻي، گجرات تائين ويا. نيٺ واٽ تي
ڇڪڙو خالي ڏسي، خاموش ٿي اچي همير کي خبر
ٻڌايائون، جنهن به ماٺ ۾ پنهنجي ڀلائي ۽ ڀرم
سمجهيو. ان طرح همير اها ڳالهه هميشہ لاءِ دل تان
ڀلائي ڇڏي. هوڏانهن سندس زال کي اميد هئي، ته جنهن
مدت بعد ڇوڪري ڄائي، جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيو
ويو.
پالڻو مالدار ماڻهو هو. هن کي هڪ يتيم ڇوڪر ڦوڳ نالي هٿ آيو هو،
جنهن کي چيائين ته تون مون وٽ رهي، منهنجو مال پيو
چار، وڏي ٿيڻ تي توکي مارئي جو سڱ ڏيندس. جڏهن
مارئي وڏي ٿي، تڏهن سندس سونهن ۽ سيرت ڏسي، پالڻي
ان جو سڱ ڦوڳ کي ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي ڀائٽي کيت کي
ڏيئي، سندس مڱڻو ڪري ڇڏيو.
ڦوڳ ان خار م وقت جي حاڪم عمر سومري وٽ پهتو، جو همير سومري جو
پٽ هو. کيس مارئي جي سونهن جي ساراهه ٻڌائي،
هرکائي پاڻ سان وٺي ڀالوا آيو، جتان مارئيءَ کي تڙ
تان پاڻي ڀريندي، کڻي عمر ڪوٽ ۾ آڻي محلاتن ۾
رهايو، ۽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ چيائين. پر مارئي جي
ماءُ مرڻ وقت مارئيءَ کي اهو ٻڌائي ڇڏيو هو ته تون
همير سومري جي ڌيءُ آهين، ۽ سنڌ جو موجوده حاڪم
عمر سومرو تنهنجو ڀاءُ آهي. سو جڏهن مارئي عمرڪوٽ
پهتي، تڏهن عمر کي سڄي حقيقت ٻڌائي چيائين؛ ”تون
منهنجو ڀاءُ آهين، تنهنڪري مون سان شادي بابت
ڳالهه نه ڪر. بهتر آهي ته مون کي ملير پهچائي
منهنجي شادي هٿن سان ڪري اچ.“ عمر، مارئي جي ان
بيان تي اعتبار ڪونه ڪيو. جهونن نوڪرن ۽ ٻانهين
کان پڇا ڪيائين، جن مان ڪن مذڪور قصي جي خبر هئي،
تن ٻڌايس ته: برابر مارئيءَ جو بيان صحيح آهي ۽
تون سندس ڀاءُ آهين. ان تي عمر کي بلڪل گهڻو ارمان
ٿيو ۽ ڀالوا ماڻهو موڪلي، کيت کي گهرائي، مارئي جي
ٻانهن سندس حوالي ڪيائين.
اها خبر نه آهي ته مارئي عمر ڪوٽ ۾ عمر وٽ ڪيترو عرصو رهي، پر
ڳالهه ٿا ڪن ته؛ جڏهن کيت مارئيءَ کي وٺي ڳوٺ پئي
ويو، تڏهن مند هئي وسڪاري جي. ٿر ۾ هر ٻني ڇانَهن
۽ گدرن سان ڀرپور هئي، سو مارئيءَ هڪ ٻنيءَ وٽان
لنگهندي، کيت کي چيو ته: ”مون کي اُڃ لڳي آهي، ڪو
ڇانهون پٽي آڻي ڏي ته اهو کائي پياس لاهيان.“ کيت
ٻنيءَ ۾ ويو. اتي هڪ وڏو ڇانهون پٽي، سندس سڄو ڳر
کائي، خالي کوپرو هڪ ٻئي مٿان رکي، آڻي مارئيءَ کي
ڏنائين. مارئي ويچاري وڏي سِڪ ۽ حُب مان ڇانهون
ورتو. اندران خالي ڏسي کيت کي چيائين ته: هِي ڇا؟
کيت ٺهه پهه مهڻي طور چيس ته؛ هن جو مطلب آهي ته
توکي به عمر سومري کائي کرڙي هن ڇانهين جي خالي
کوپري وانگر ڪري ڇڏيو آهي. مارئي اهو ٻڌي اتي جو
اتي کڻي دم ڏنو. پوءِ کيت کي گهڻو ئي ارمان ٿيو،
پر پنهنجي ڪئي جو علاج ڪري ڪين سگهيو. چون ٿا ته:
مارئي جنهن پٿر تي دم ڏنو، اهو خوشبودار ٿي پيو،
جنهن کي ”مارئي جو پٿر“ چوندا آهن.
------
تعلقي عمرڪوٽ مان مليل ڳالهه*
عمر سومري جي پيءُ جو نالو همير هو. هو ڪڇ جي طرف کان سومرن مان
شادي ڪري موٽيو هو ته ڪارونجهر جي آسپاس ڌاڙيلن هن
جي قافلي تي حملو ڪري ڏنو. ان حملي ۾ ڌاڙيلن کي
فتح ۽ همير کي شڪست نصيب ٿي. حملي ۾ ڌاڙيلن نه رڳو
مال کنيو، پر همير جي نئين زال به کڻي ويا. اڳتي
هليا ته همير جي زال، ڌاڙيلن کي قسم ڏنا ۽ پلاند
وڌا، جنهنڪري ڌاڙيلن مان ڪن سندس حالت تي رحم
کائي، کيس رڻ پٽ ۾ ڇڏي ڏنو. هوءَ ويچاري پنهنجي
منهن هلندي هلندي اچي ڀالوا جي ڀرسان لنگهي، جتي
کيس ”پالڻو“ پنهوار مليو؛ جنهن کيس پنهنجي ڌيءُ
ڪري ڪوٺيو ۽ پاڻ وٽ پناهه ڏنائينس. پالڻي کان سچي
حقيقت لڪائيندي، همير جي زال فقط ايترو ٻڌايو ته:
ڌاڙيلن حملي ۾ منهنجي مڙس ۽ عزيزن کي ماري ڇڏيو، ۽
مون کي کڻي ٿي ويا، پر پوءِ گهڻين آزين نيزارين
بعد مس ڇڏيو اٿن، جو اچي تو وٽ پناهه ورتي اٿم.
پالڻو اهو سڀ وِسَهي ويو.
همير جي زال ان وقت پيٽ سان هئي. نون مهينن بعد کيس ڌيءُ ڄائي،
جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائون. جيئن ته مارئي هڪ
بادشاهي ٻار هئي، تنهنڪري سونهن ۽ سيرت ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ هئي، ان ڳوٺ ۾ ”ڦوڳ“ نالي هڪ يتيم ڇوڪرو
رهندو هو، جنهن کي پالڻي دلاسو ڏنو هو ته: تون پيو
منهنجو مال چار ته آءٌ توکي ’مارئي‘ پرڻائيندس.
مارئي پالڻي کي پنهنجو پيءُ سمجهي بابا سڏڻ لڳي.
هڪڙي ڏينهن سندس ماءُ کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، ۽ منع
ڪيائينس ته اها خبر ڪنهن سان نه ڪري.
مارئي جڏهن وڏي ٿي، تڏهن پالڻي، ڦوڳ کي جواب ڏيئي، مارئيءَ جو
مڱڻو پنهنجي ڀائٽي کيتـٖـي عرف کيت سان ڪري ڇڏيو.
ڦوڳ کي اها ڳالهه ڏکي لڳي، سو سڌو عمرڪوٽ ۾ آيو ۽
عمر بادشاهه جي دربار ۾ پهچي، مارئيءَ جي سونهن جي
ساراهه کڻي شروع ڪيائين. عمر به مارئيءَ تي اڻ ڏٺو
عاشق ٿي، ڦوڳ کي ساڻ ٺي، ڀالوا ۾ آيو. ڦوڳ ڳوٺ جي
ويجهو اچي، عمر کي تڙ جو ڏس ڏيئي، پاڻ لڪي ويو.
عمر تڙ تي آيو. ان وقت مارئي تڙ تي پاڻي ڀرڻ آئي
هئي. عمر مارئيءَ کان پاڻي گهريو. مارئي جيئن
پاڻيءَ جو وٽو ڀري اچي هٿ ۾ ڏنس، تيئن وٽي ۾ هٿ
وجهڻ بدران سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي، کنڀي کڻي اُٺ تي
رکيس، ۽ يڪدم سندس ٻوٿ ٻڌي، قابو ڪري، اُٺ ڪاهي
اچي عمرڪوٽ مان نڪتو. اتي مارئيءَ کي اوڀاريون
لهواريون ڳالهيون ٻڌائي، پاڻ سان شادي ڪرڻ لاءِ
چيائينس. مارئي، جنهن کي خبر هئي ته عمر سندس ڀاءُ
آهي، سا ڪٿان ٿي اها ڳالهه مڃي؛ تنهن ٺهه پهه جواب
ڏنس ته: ادا ڀيڻ سان شادي ڪرڻ ڪهڙي مذهب ۾ جائز
آهي؟ پوءِ ماءُ واري سڄي حقيقت کيس ٻڌايائين، جنهن
تي عمر ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ کيس ڀيڻ سڏي معافي
ورتائين.
عمر سومري پهرين خيال ڪيو ته ملڪ ۾ مارئيءَ کي پنهنجي ڀيڻ مشهور
ڪريان، پر پوءِ ماڻهن جي کِل ۽ خواري سببان خاموش
رهي، مارئي کي وٺي وڃي مارن سان ملائي آيو ۽ هٿ
سان شادي کيت سان ڪرايائين؛ ۽ ڦوڳ جي شرارت جو سڄو
قصو ٻڌائي، مارن کي مارئيءَ جي سيل ۽ سَتر جي پَڪ
ڏيئي، عمرڪوٽ موٽي آيو.
------
تعلقي ميرپور
خاص مان دين محمد ٻگهيي جي ٻڌايل ڳالهه*
عمرڪوٽ اصل ۾ ٻٻرن جو هو. عمر هٿ ڪيو تڏهين ’عمرڪوٽ‘ سڏجڻ لڳو.
عمر کان اڳ بادشاهي سندس پيءُ حمير سومري جي هئي.
حمير سومري جي باغ ۾ چڻا پوکيل هئا جي رات جو
روجهه اچي ڀيلي ويندا هئا، پوءِ روجهن جا پير کڻي
انهن جي پويان پيا ته روجهه وڃي کاَوڙ جي ملڪ ۾
پيا. حمير سومرو اڪيلي سر روجهن جي پويان پيو.
اُتي جي حاڪم چيو ته: روجهه اوهان وٽ ڪيئن ٿا ڀيل
ڪن. اها مڃڻ جهڙي ڳالهه ڪانهي. پوءِ جنهن روجهه جا
تازا پير کڻي، ان کي ماريو هئائون، ان جي اوجهري
مان چڻا نڪتا، تڏهن کاوڙ جي حاڪم کي اعتبار آيو.
حمير سومري جي اُتي کاوڙ جي ملڪ ۾ گُلُو نالي پنهوار جي ڏوهٽيءَ
سان شادي ٿي؛ جا تمام حسن واري هئي. حمير ڪي چار
ڏينهن اتي ٽڪيو. ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته هيءُ ڪو
بادشاهه آهي. هن رڳو زال سان حال ڪيو ۽ نشاني طور
کيس منڊي ڏنائين، جنهن تي ’حمير سومري بادشاهه‘ جو
نالو لکيل هو.
مائي کي سنگا رهجي وئي ۽ مارئي ڄائي، جا پڻ حسن ۾ پنهنجو مَٽ
پاڻ هئي. سندس مڱڻو سندس سؤٽ کيت سان ٿيو، جنهن تي
ڦوڳ رنج ٿيو ۽ اچي عمر بادشاهه وٽ مارئي جي حسن جي
تعريف ڪري، کيس چوري چاڙهيائين. عمر مارئي کي کڻي
آيو ۽ کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪيائين. مارئي کي ماڻس
حمير سومري جو نالو ٻڌايو هو ۽ کيس منڊي به ڏني
هئائين جا مارئي کي ساڻ هئي. مارئي عمرڪوٽ ۾ آئي ۽
پڇائي جڏهن پوري پڪ ٿيس ته حمير سومرو، عمر
بادشاهه جو پيءُ هو، تڏهن بالآخر عمر کي پڻس واري
منڊي ڏيکاريائين ۽ سڄي ڳالهه ٻڌايائين، عمر به
پنهنجن ماڻهن کان ڳالهه پڇي، جن تصديق ڪئي ته
برابر حمير بادشاهه روجهه جي پويان کاوڙ جي ملڪ ۾
ويو هو.
تڏهن عمر بادشاهه مارئي کي چيو ته: بيشڪ تون منهنجي ڀين آهين.
هتي رهين ته تنهنجو گهرآهي. مارئي چيس ته؛ منهنجو
مڱڻو اتي کيت سان ٿيل آهي. عمر بادشاهه پوءِ اتان
اڪيلي کيت کي گهرايو، کيس عزت آبرو ڏنائين ۽ پڻ
سنُهَن ويسهه ڏنائين ته مارئي جو ڌڻي ست سير رکيو
آهي، تون ڪو ٻيو دليل نه ڪج. هوءَ تنهنجي مڱ آهي،
سا تون ڀلي پاڻ سان وٺي وڃ.
کيت پوءِ مارئي کي وٺي ويو. مارئي عمرڪوٽ ۾ جملي ڇاهٺ ڏينهن
رهي.
کيت، مارئي کي وٺي روانو ٿيو پر سندس شڪ ڪونه ڀڳو. منزلون ڪندي
واٽ تي ڪٿي وڃي ڏينهن ڀڳائون. کيت چيو ته؛ تون
ويهه ته آءٌ ڪا شئي کائڻ لاءِ کڻي اچان. پوءِ
ڇانهين هٿ ڪيائين، جنهن کي چتي هڻي، اندران ڳر ڪڍي
کائي، باقي ٺلهو پورو کوپو، مٿان چتي ڍڪي آڻي
مارئي کي ڏنائين ۽ چيائينس ته؛ تون هي کاءُ ته آءٌ
ڪا ٻي شئي هٿ ڪريان. ائين چئي پاڻ هليو ويو.
مارئي چَتي کولي ته ڇانهين اندران ٺلهي کوکو لڳي پئي هئي. سمجهي
ورتائين ته کيت کيس ائين ٿو ڀانئي ته ڄڻ ٻاهران
هوءَ ستر پوش آهي پر اندران سندس لڄ لٽيل آهي.
پوءِ مائي مارئي، انهيءَ ڏک ۾ اُتي آپ گهات ڪيو، ۽
کيس اتي ئي دفن ڪيائون.
------
|