مهاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، 1955ع ۾ ’سنڌي
ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي آخر
ڌاري بورڊ بحال ڪئي؛ ۽ ان جي عملي نگراني بنده جي
حوالي ڪئي وئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو
ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا
ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري
موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’سنڌي لغت آفيس‘ سان گڏ
’لوڪ ادب‘ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران
آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف
ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف
ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان
گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل
ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش
ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان
ڪچهريون ڪيون؛ ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي
سمجهڻ لاءِ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان
قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي جو ان جي
آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر نوع بابت، نموني طور
هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي ٿو. ڪتابن جي تاليف جو
سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي. هت ٻه
ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
هِڪ ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي
جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام
مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم
ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري
جنسون پڻ شامل آهن؛ مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه
اکريون، ڪافيون وغيره. مگر جيئن ته اهي هن وقت
تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ
ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو
آهي. انهي لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ
ادب‘ کي بعينہٖ ’فوڪ لور‘ (Folk
Lore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾
شهري زندگيءَ اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعت اختيار
نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگيءَ ۽ تمدن جو يا
’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو
مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي
ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ
جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ
جي ’لوڪ ادب‘ جي وچ ۾ حدِ فاصل قائم ڪري نٿي
سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو،
ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت
آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ
اَٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ
برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البت جو ڪجهه گڏ ٿي
سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد
آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب
اُميد ته آئنده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال
ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي
سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلص جون ڪوششون
شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي
جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو.
ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ،
ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾
ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن.
هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن،
توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ
سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي
هڙان وڙان مدد ڪئي.
هيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ستٽيهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي
مواد ڊسمبر 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي
چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، اپريل
1961ع ۾ ڪتاب جو ابتدائي مسودو تيار ڪيو ويو؛ ۽
ڊسمبر 1970ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس
ڪاپي تيار ڪئي وئي.
هيءُ ڪتاب هن کان گهڻو اڳ تيار ٿي ڇپجي وڃي ها، مگر بدقسمتيءَ
سان ’لوڪ ادب تجويز‘ کي بند ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جي
اشاعت پڻ روڪي ويئي. 25 – اپريل 1968ع تي سنڌي ادي
بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب
الموليٰ‘ جي سفارش تي، سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب
تجويز کي پايہ تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽
اها ذميواري بنده کي سونپي. جون 1968ع کان ڪم شروع
ڪيو ويو، پر چئن مهينن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند
ڪرڻ جو اطلاع مليو. وري 18 – جون 1969ع تي بورڊ،
’لوڪ ادب تجويز‘ عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب
مخدوم صاحب جن کان خط پهتو ته دوباره ڪم شروع ڪيو
وڃي. باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هڪ مخلص ڪارڪن کي
پهچن ٿيون، ۽ جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت
ڪندي سهڻيون پيون آهن، بنده هي ڳرو بار ٽيون ڀيرو
پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي، انهيءَ لاءِ ته سنڌي لوڪ
ادب جي قيمتي سرمايي کي جيترو ٿي سگهي اوترو سهيڙي
ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي، ۽ رٿيل پروگرام موجب
”لوڪ ادب“ جي چاليهن جلدن کي مڪمل ڪيو وڃي.
بهرحال توڪل جو ترهو ٻڌي، ڪم شروع ڪيو ويو ته ”لوڪ ادب تجويز“
وري زير بحث آئي ۽ سنه 1973ع ۾ هن تحقيقي ڪم کي
بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چوٿون ڀيرو وري نومبر
1974ع کان ڪم شروع ٿيو آهي. هن وقت تائين رٿيل
چاليهن جلدن مان جملي ٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن ۽
هيءُ ايڪٽيهون جلد آهي جو شايع ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن حياتي وفا ڪئي ته باقي رهيل ڪتابن بابت
مواد گڏ ڪري، چاليهن جلدن جي تحقيقي ڪارنامي کي
توڙ تائين پهچايو ويندو.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ۽
محمد يوسف شيخ هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري يڪجاءِ
ڪرڻ، ڀيٽڻ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم
ڪيو، عابد بلوچ پروفن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ محترم
محمد اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي. ڪتاب
جي رٿا ۽ آخري سٽاء، توڙي ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده
خود ذميوار آهي.
سنڌ يونيورسٽي، خادم العلم
حيدرآباد سنڌ نبي بخش
1-1-1976ع
باسمہ تعاليٰ
اُم للانسان ماتَمنَّيٰ فـللّٰہ
الا
خرة والاوليٰ
مقدمہ
عمر – مارئي جو داستان وطن جي حب ۽ محبت جو داستان آهي؛ سنڌ جي
هڪ ڳوٺاڻي نياڻي جي ست سيل ۽ سنڌ جي هڪ عادل
بادشاهه جي صبر ۽ انصاف جو داستان آهي؛ جهوپڙن ۾
رهندڙ مارن ۽ جهانگين جي ڏکي مگر آجي ۽ محبت ڀري
رهڻي ڪهڻي، جي، شهرن ۽ ماڙين ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش
واري مگر پابند زندگي تي فوقيت جو داستان آهي؛ هي
سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خودداري جو داستان آهي،
بلڪ سنڌ جي اعليٰ سماجي قدرن جو آئينو آهي، جنهن
ڪري صدين کان وٺي سنڌ ۾ هنڌين ماڳين مشهور ۽ مقبول
رهيو آهي.
قصي جي قدامت
هيءُ قصو سومرن بادشاهن جي دور (1050 – 1350ع) ۾، عمر سومري
بادشاهه جي عهد ۾ اسريو، پر سنڌ جي سومرن بادشاهن
جي شجري يا هر هڪ بادشاهه جي حڪمراني جي دور بابت
جيستائين تحقيق نه ٿي آهي، تيستائين يقيني طور چئي
نٿو سگهجي ته هن قصي وارو عمر سومرو بادشاهه ڪڏهن
ٿيو ۽ ڪيترو عرصو حڪومت ڪيائين. ’تاريخ معصومي‘ ۾
سومرن بادشاهن جا نالا تفصيل سان ڏنل نه آهن،
جنهنڪري عمر سومري بادشاهه جو نالو ئي ڪونهي.
’تاريخ طاهري‘ مطابق، عمر سومري بابت اهو معلوم
ناهي ته هن ڪيترو وقت حڪومت ڪئي. البت ’تحفة
الڪرام‘ ۾ (’منتخب التواريخ‘ جي حوالي سان) عمر
نالي ٻن بادشاهن جا نالا ڏنل آهن: پهريون عمر،
سومرن جو ڇهون بادشاهه هو ۽ خفيف نالي بادشاهه کان
پوءِ تخت تي ويٺو؛ ۽ ٻيو عمر، سترهون بادشاهه هو
جيڪو دودي کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو؛ ٻنهي جي
حڪمراني جي مدت جا جيڪي سال ڄاڻايل آهن، انهن مان
ڏسجي ٿو ته عمر پهريون ڇهين صدي هجريءَ جي آخر ۾،
۽ عمر ٻيو اٺين صدي هجريءَ جي آخر ۾ ٿي گذريو.
سومرن جو سربراهه قبيلن ۽ سندن ڀانَ- فقيرن وٽ سومرن بادشاهن جي
نسبنامي بابت جيڪي روايتون هلندڙ آهن، تن مان هڪ
خاص روايت اها آهي جنهن کي مرحوم فقير قلندر بخش
صوفيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ مولوي عبدالرحيم صاحب
سومري (ويٺل زنگي پور، تعلق ٺُل) پنهنجي فارسي
مثنويءَ ”گلزار سنڌ“ ۾ منظم ڪيو، ۽ جنهن جو سنڌي
نثر ۾ ترجمو مرحوم مولوي عبيدالله ’شائق‘ سومري
”دولت علويہ“ نالي سان ڇاپاريو. ان روايت موجب عمر
پهريون (جلال الدين عمر) خفيف بادشاهه کان پوءِ
تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومت جو سنه 556هه/1160ع
ڄاڻايل آهي؛ عمر ٻيو (فخر الدين عمر) ڀونگر
بادشاهه کان پوءِ گادي نشين ٿيو، پر سنہ 775هه
(373ع) ۾ تخت ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪيائين.
انهيءَ روايت موجب مارئيءَ وارو عمر، اهو ڀونگر
بادشاهه جو پٽ عمر هو، جنهن جو پٽ محمد طور ٿيو.
ميان محمد هاشم سومري (اصل ويٺل کَاوڙو، پڇم، ڪڇ) ٻڌايو ته:
سومرن بادشاهن جي نسب نامي ۾ پهريون ۽ وڏو عمر
سومرو، سومرن جي ڇهين بادشاهه ’پَتريي دودي‘ جو پٽ
هو، پر هو تخت تي ڪونه ويٺو. بعد ۾ ’عمر پٽ محمد
جو‘ سومرن جو ڏهون بادشاهه ٿيو. سومرن جي زوال
واري دور ۾ ’عمر پٽ همير جو‘ سومرن جو پنجويهون
حاڪم ٿيو، جنهن سمن حاڪمن جي ماتحت عمر ڪوٽ ۾ ٿر
واري علائقي تي سرداري ڪئي. عمر – مارئي جي قصي
وارو عمر اهو آخري سردار عمر پٽ همير جو هو.
بهرحال هي قصو سومرن جي حڪومت واري دور (1050 – 1350ع) ۾ اسريو،
۽ عمر بادشاهه جي انصاف سببان ان دور ۾ ئي مشهور
ٿي ويو هوندو؛ پوءِ سمن جي دور کان وٺي سنڌ جي
سڄاڻ منگتن ۽ ڀانن ان کي پوري لئي سان ڳايو، ايتري
قدر جو ان لئي کي ’راڳ مارئي‘ ڪري سڏيو ويو. سنه
999هه/1590ع ۾ اڪبر بادشاهه جي لشڪر سنڌ تي قبضو
ڪيو ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ کي سپهه سالار
خان خانان پاڻ سان گڏ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي
ويو. اتي ڀري ڪچهري ۾ اڪبر بادشاهه عمر – مارئي جي
قصي بابت پڇيو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ عمرڪوٽ ۾ ڄائو هو.
مرزا جاني بيگ کي سڄي خبر هئي پر پنهنجي درباري
شاعر ’مقيم‘ کي بادشاهه آڏو سرخرو ڪرڻ لاءِ کيس
چيائين ته قصو بيان ڪري. ويچاري شاعر مقيم پنهنجا
حوصلا وڃائي هڪ جي ٻي ڳالهه ڪئي جيڪا بادشاهه کي
پسند نه آئي، ڇاڪاڻ ته کيس مارئي جي ست – سيل واري
ڳالهه اڳ ئي معلوم هئي. مرزا جاني بيگ سان سنڌ جا
قابل راڳيندڙ پڻ گڏ هئا، جن پوءِ عمر – مارئي بابت
سنڌي بيتن کي ’راڳ مارئي‘ ۾ ڳائي ٻڌايو.(1)
اهو سورهين صدي جي آخر جو واقعو آهي. سگهو ئي پوءِ سترهين صدي
جي شروع ۾، ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف مير طاهر محمد
نسياني هن قصي کي ”ناز و نياز“ جي نالي سان فارسي
نثر ۾ لکيو. مير طاهر محمد خود پاڻ اهڙو ذڪر
’تاريخ طاهري‘ ۾ ڪيو آهي(2)،
جيڪو ڪتاب هن سال 1030هه/1621ع ۾ تصنيف ڪيو: جنهن
جي معنيَ ته انهيءَ سال کان اڳ ”ناز و نياز“ جوڙيو
هوندائين. عمر – مارئي جي قصي جي تاليف بابت اهو
آڳاٽي ۾ آڳاٽو حوالو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته
ساڍن ٽن سون سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو جو هن قصي
بابت ڪتاب لکيو ويو.
عمر – مارئي جي ڳالهه سان ملندڙ ٻيا قصا
هيٺيان قصا جيتوڻيڪ ’عمر – مارئي‘ واري قصي کان بلڪل الڳ آهن،
ته به ’عمر‘ يا ’مارئي‘ جي نالن سببان انهن ۾
هڪجهڙائي وارو گمان پيدا ٿئي ٿو، حالانڪ اهي ٻيا
سڀ قصا مجاز ۽ محبت جا افسانا آهن، ۽ فقط عمر –
مارئي واري ڳالهه ئي حب الوطنيءَ جو داستان آهي.
عمر سومري بادشاهه ۽ گنگا جي ڳالهه:(1)
هيءَ ڳالهه سڀ کان پهريائين مير طاهر محمد ’تاريخ
طاهري‘ ۾ لکي آهي، جتان پوءِ مير علي شير قانع پڻ
’تحفة الڪرام‘ ۾ بيان ڪئي آهي. ڳالهه هن ريت آهي
ته: شهزادو عمر سومرو ’تميم‘ قبيلي جي ’گنگا‘ نالي
هڪ ڇوڪريءَ سان مڱيل هو. پر ڇوڪري اڃان ننڍي ئي
هئي جو سندس مهانڊو عمر کي نه وڻيو، جنهن تي مڱڻو
ٽُٽي ويو، ۽ جڏهن ’گنگا‘ وڏي ٿي ته کيس تميم قبيلي
جي عمر نالي شخص سان پرڻائي ڇڏيائون. عمر سومرو
هاڻي بادشاهه هو جو اها شادي ٿي گذري. شاديءَ کان
پوءِ عمر بادشاهه ’گنگا‘ جي حسن جي هاڪ ٻڌي مٿس
عاشق ٿيو، ۽ بالآخر ’گنگا‘ جي مڙس عمر تميمي کان
نشي واري حالت ۾ ’گنگا‘ جي طلاق لکائي، پاڻ ’گنگا‘
سان شادي ڪيائين. ان تي عمر تميمي، دهليءَ جي
بادشاهه سلطان علاؤالدين وٽ دانهين ٿي ويو. سلطان،
عمر سومري کي سڏايو ۽ کيس سزا ٿي ڏنائين پر سفارش
مڃي، مٿس ڏن مڙهي کيس آزاد ڪيائين، ۽ عمر سومرو
موٽي اچي سنڌ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. ان وقت کان وٺي
سنڌ جا حڪمران دهلي جي بادشاهه کي ڏن ڏيڻ لڳا. عمر
سومري بادشاهه وري به ظلم شروع ڪيا، جنهن ڪري سنڌ
جا قبائلي سردار ڪڇ ملڪ ۾ لڏي ويا ۽ اتي وڃي
پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون.
عمر بادشاهه ۽ نيرل راڻي:(1)
هن ڳالهه موجب، بادشاهه همير سومري جو پٽ شهزادو
عمر، سندس ماسي جي ڌي ’گيگل‘ سان مڱيل هو، پر شادي
کان اڳ ماسي کيس مهڻو ڏنو ته:
جي اهڙو آهين اَرڙو، ته وڃ نيرل جي پاس،
ڌاران آڻڻ ان جي، وري نه وٺج واس!
مهڻي کان مجبور ٿي، شهزادي عمر پوءِ ڪشالا ڪري وڃي نيرل پري،
’روغان شهر‘ جي ’مانجهي مير‘ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي
۽ اُتي رهي پيو. آخر پنهنجي ملڪ مان کيس همير
بادشاهه جو پيغام پهتو، جنهن تي نيرل کان موڪلائي
وطن پهتو ۽ ’گيگل‘ سان شادي ڪري کيس روغان شهر ۾
وٺي آيو. اتي وري ڳچ عرصو رهيو، ۽ آخرڪار ’مانجهي
مير‘ کيس موڪل ڏني ۽ هو ’نيرل‘ ۽ ’گيگل‘ کي ساڻ
ڪري اچي عمرڪوٽ پهتو. ملڪ ۾ شاديون ۽ خوشيون ٿي
ويون ۽ شهزادو عمر تخت تي ويٺو ۽ شهر عمرڪوٽ ۾ وڏي
رونق لڳي وئي:
ڦٽو شهر روغان جو، اَڏيو عمرڪوٽ،
ڌيءَ مانجهي مير جي، وڃي گڏي گهوٽ.
ڍول مارو:(1)
هي اصل ۾ مارواڙ طرف جو داستان آهي جيڪو پوءِ سنڌ
توڙي پنجاب طرف مشهور ٿيو، ۽ سنڌ ۾ خاص طرح
ٿرپارڪر طرف وڌيڪ مقبول رهيو. ڍول ۽ ماروءَ جا
مڱڻا ننڍي هوندي ٿيا پر ڍول جو پيءُ وري موٽي
پنهنجي ملڪ ويو. آخر ٻئي وڏا ٿيا، پر مارو پنهنجي
ڍول کي ڪونه وساريو ۽ ڏانهس سڪ جا سنيها اماڻڻ
لڳي. ڍول جي دل پڻ ڀرجي آئي ۽ هو اٺ تي چڙهي
ماروءَ کي ملڻ لاءِ روانو ٿيو. هوڏانهن
.....................هڪ مالهڻ، ڍول جي اٺ جي پيرن
۾ ڪليون هڻائي ڇڏيون، پر آخرڪار ڍول وڃي پنهنجي
مارو سان مليو. اتان جڏهن وري پنهنجي وطن وريو ته
ٻئي ڪنهن حاڪم ’مارو‘ کي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر
بالآخر هو سلامتيءَ سان وطن پهتا ۽ خير سان وقت
گذارڻ لڳا. هن داستان جي مختلف روايتن ۾ ’مارو‘ جو
نالو مرو، مارئي مارل، ماروئل ملي ٿو. انهيءَ نالي
جي پس منطر ۾ ’مارواڙ ۾ رهايش‘ واري معنيٰٖٖ سمايل
آهي، پر عمر – مارئي واري قصي ۾ ’مارئي‘ معنيٰ ٿر
جي ٻهراڙيءَ جي غريب مارن ماڻهن جي هڪ ڇوڪري.
|