مارئيءَ جو نُک نَسب
مارئيءَ جي نک نسب بابت مختلف روايون هلندڙ آهن، مگر سڀ ۾ زياده
عام مقبول اها ئي آهي ته مارئي ۽ عمر جو پاڻ ۾ ڀيڻ
ڀاءُ وارو رشتو هو. سگهڙن جي روايتن کان سواءِ،
اعليٰ شاعري جي دائري ۾ خليفي نبي بخش صاحب پڻ عمر
مارئيءَ جي ڀيڻ ڀاءُ واري رشتي کي مڃيو آهي:
کلي آيَس مٿي کوهه |
تتي ٽهڪيا ڏٺم ٽوهه |
عمر ايندو ڏٺو مون |
ڀانيان ڀيڙي ٿيان ڀون |
اُڀي هيس مٿي آنهن |
اچي عمر جهلي ٻانهن |
مون کي هاڻو! هٿ مَ لاءِ |
توکي ڄڻيو منهنجي ماءِ |
آهيان آءٌ تنهنجي ڀيڻ |
صبح ڪيئن کڻنديس نيڻ |
(نظم ’کينهون‘ خليفو صاحب)
مارئي ۽ عمر جي ڀيڻ ڀاءُ هجڻ وارو ٽاڻو ئي سنڌ ۾ هلندڙ مشهور
روايتن جو مرڪزي پهلو آهي:
فرق فقط ايترو آهي جو مختلف روايتن ۾ مارئي ۽ عمر کي ٿڇ شريڪ
ڀيڻ ڀاءُ، پِيئتا ڀيڻ ڀاءُ، يا سڳا ڀيڻ ڀاءُ ڪري
ڄاڻايو ويو آهي، جيئن خليفي صاحب جي مٿئين نظم ۾
آهي.
سنڌ جي انهن مشهور ۽ عام مقبول روايتن کان سواءِ، ٻين ڪن جزوي
روايتن ۾ مارئي جي نک نسب بابت ڪي ٻيا اهڃاڻ پڻ
ڏنل آهن. مثلاً هڪ روايت موجب مارئي، لاکي ڦلاڻي
جي ڌيءُ هئي ۽ سندس ماءُ جو نالو ’مهراڻ^ڏِ‘
يا ’مهران^‘
هو؛ هوءَ پاڻي ڀرڻ لاءِ کوه تي آئي جنهن ڪري قسمت
کيس عمرڪوٽ ۾ آندو:
لاکي ڌيءَ، ڦُل پوٽي، ايرادي آندياس
جڏهن پاڻي کي پياس، تڏهن قضا آندي ڪوٽ ۾(1)
ٻي روايت موجب، مارئي جو وڏو ڏاڏو ’مُهڙ‘ هو، ڏاڏو ’ڦل‘ هو، ۽
لاکو پيءُ هو، پر پوءِ ’ٻانڌڻيــٖـي‘ (رَٿ ۾ روجهن
کي ٻَڌندڙ يا جوٽيندڙ ۽ واڳ جهليندڙ) پالي وڏي
ڪئي، ۽ اهو ڄڻ سندس پيءُ بنيو:
مُهڙَ چوٽي، ڦُلَ پوٽي، ايرادي آندياس
تِهان پوءِ ٿيو، ’ٻانڌڻيو‘ پِياس(2)
سن 1946ع ۾ لس ٻيلي جي سڄاڻ سگهڙ ميان ڪريمداد ٻُري چيو ته:
مارئي جي ماءُ جو نالو ’ميران‘، پيءُ جو نالو مُهڙ
۽ مڙس جو نالو ’کيت‘ هو، ۽ هوءَ ذات جي ’پنهوار‘
هئي. پڻس مُهڙ، هڪ مارو ماڻهو يعني ’مال وارو‘ هو.
مرحوم راضي فقير خبر ڪئي ته: اسان ائين ٻڌو آهي ته
مارئي جي ماءُ جو نالو ’مِهراڏ‘ يا ’ماڏوئي‘ هو ۽
پڻس جو نالو ’پالڻو‘ هو. ڪنهن ٻئي سگهڙ چيو ته؛
مارئي جي ماءُ جو نالو ’مَچاچَئِينين‘، ’مَچاچُل‘
يا ’مَچاٽِ‘ هو، جيڪا ساري سنگهار جي ڌيءُ هئي.
مارئيءَ جي نک نسب ۽ مارئيءَ جي ماءُ سان بادشاهه همير سومري جي
شاديءَ بابت مختلف اهڃاڻ، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل
روايتن ۾ موجود آهن ۽ اتي ڏسڻ گهرجن. سگهڙ مرحوم
جاڙي خان مري (تعلقو کپرو) خبر ڪئي ته: مارئي جو
پيءُ لڏي اچي عمرڪوٽ ۾ ويٺو هو. مارئي جي ماءُ
همير سومري وٽ ٻانهي هئي، جنهن عمر کي ننڍي هوندي
ٿڃ پياري هئي، پوءِ مارئي جا ماءُ پيءُ عمرڪوٽ مان
لڏي ويا. حاجي سوڀي ڪپري خبر ڪئي ته: ’ڏنڀرلي‘ جو
مشهور سگهڙ مٺو چانڊيو چوندو هو ته؛ عمر جي ماءُ
ننڍڙي هوندي مري وئي، ۽ پوءِ مارئي جي ماءُ کيس ٿڃ
ڏني؛ ان کان پوءِ مارئي ۽ سندس پيءُ لڏي ويا.
مارئي وڏي ٿي ته کيس ماڻس اها ڳالهه ٻڌائي ته عمر
بادشاهه تنهنجو ٿڃ شريڪ ڀاءُ آهي. پوءِ عمر جڏهن
مارئي کي کنيو تڏهن مارئي بروقت ئي کيس چيو ته:
’عمرڪوٽ جو بادشاهه منهنجو ٿڃ شريڪ ڀاءُ آهي ۽ اهو
توکي ڪونه ڇڏيندو.‘ اهو گفتو ٻڌي بادشاهه هٻڪي
ويو. پو عمر بادشاهه پنهنجي پڦيءَ کان پڇيو، جنهن
مارئي سان ڳالهائي تصديق سان ٻڌايس ته برابر اها
ڇوڪري ساڳي آهي، جنهن جي ماءُ جي تو ٿڃ پيتي هئي.
ڪي چون ٿا ته عمر کي سندس راڻيءَ ٻڌايو ۽ پڻ
بادشاهه جي مودي اهڙي شاهدي ڏني. هڪ ٻي روايت موجب
همير سومري مارئي جي ماءُ کي هڪ منڊي ڏني هئي جنهن
تي ’همير سومرو‘ لکيل هو ۽ اها منڊي مارئي وٽ
سانڍيل هئي. عمرڪوٽ ۾ اچڻ کان پوءِ جڏهن مارئي کي
پڪ ٿي ته عمر ساڳيو همير سومري بادشاهه جو پٽ آهي،
تڏهن ڳالهه ڪري ٻڌايائينس، ۽ پڻ منڊي ڏيکاريائينس،
جنهن تي عمر کي پوري پڪ ٿي ته برابر مارئي سندس
ڀيڻ آهي.
سنڌ جي هن عام مقبول روايت موجب عمر سان مارئي جو رشتو ڀيڻ ڀاءُ
وارو هو، ۽ انهي رشتي مطابق ظاهر آهي ته هوءَ
مسلمان هئي. سگهڙ جاڙي خان مري چيو ته: ڍول -مارو
قصي واري مارئي هندو هئي، ۽ عمر- مارئي قصي واري
مارئي مسلمان هئي. ڀٽائي صاحب پڻ سنڌ جي انهي
مشهور روايت موجب مارئي کي مسلمان ڪري مڃيو آهي(1).
مثلاً مارئي چوي ٿي ته:
ساري ڏينم سرتيون، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
-
- -
سائينءَ لڳ سومرا، هڪڙو عرض مڃيج
جي ماڙين منجهه مري وڃان ته کٿي کفن ڏيج
اتي لوڙهه لٽيج، جت جهوپا جهانگيئڙن جا.
-
- -
پُسيءَ پاٽ ڀري، من فاتح ڪن فقير جي.
مارئيءَ جو مائٽاڻو ماڳ ڪهڙو ۽ ڪٿي هو؟
’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيل ڳالهه موجب مارئي ۽ مارو ’تلها‘ جا رهندڙ
هئا. ’تلها‘ معنيَ ’ڀٽون‘، يعني ڀٽن واري ملڪ ۾
رهندڙ هئا.
ٻي هڪ روايت موجب: ’همير بادشاهه‘ کاوڙ ۾ روجهن جي شڪار تي ويو
۽ اتي گُلو پنهوار جي ڏوهٽيءَ سان شادي ڪيائين،
جنهن مان مارئي ڄائي ۽ اتي ’کاوڙ‘ ۾ ئي نپني ۽ وڏي
ٿي. ’کاوڙ‘ ڪڇ جي ’پَڇم‘ واري علائقي ۾ هڪ تعلقو
آهي. پر سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي ۾ پڻ ’کائڙ‘ آهي جنهن
تي اسان هيٺ روشني وجهنداسون.
کپري طرف جي روايت موجب، مارئي جو ماڳ کپري تعلقي ۾ ناري جي
اوڀر طرف ۽ رتي ڪوت جي کنڊرن کان ڏکڻ – اوڀر طرف
هو. اهو مڪان اڃان تائين ’ديهه مارئي‘ سڏجي – اتي
هڪ ڀٽ تي قبر آهي جيڪا مارئي جي قبر سڏجي. مرحوم
ميان محمد عثمان مريءَ سان گڏجي اسان اها چؤکنڊي ۽
تربت وڃي ڏٺي.
هن پوئين دور جي ڪن ٻين روايتن موجب مارئي جي ماءُ ’ڀالوا‘ ۾
هئي جو کيس مارئي ڄائي. ڪن ٻين روايتن موجب مارئي
جي ماءُ عمرڪوٽ ۾ هئي ۽ عمر کي ٿڃ پياري هئائين پر
ان کان پوءِ گڏجي وڃي ’ڀالوا‘ ۾ ويٺا. آڳاٽين
روايتن ۾ ’ڀالوا‘ جو ذڪر ڪونهي. ميين شاهه عنات يا
ڀٽائي صاحب پڻ ”ڀالوا“ جو نالو ڪونه آندو آهي.1
هيٺ اسان خاص طرح ميين شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب جي
بيتن جي روشني ۾ مارئي جي مائٽاڻي ماڳ کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪنداسون.
مارئي جي ملڪ کي مجموعي طور سان ’ٿر‘ سڏيو ويو آهي، جيڪو جڏهن
وسي ٿو ته ڄڻ ملير (ڪراچي لڳ) جهڙو ٿيو پوي، جيڪو
سدائين سائو آهي. ٿر جي جنهن ڀاڱي ۾ مارئي جا مارو
مائٽ رهندا هئا، سو ميين شاهه عنات جي ڏنل اهڃاڻ
مطابق ’وچ‘ وارو ڀاڱو هول
”اوريون ٿر“ اوري، تهان پريون ”پارڪر“
ويهن ويڙهيچا ”وچ“ ۾ ساٺيڪا سوري
سجھي ٿر جو وچون ڀاڱو ’ڍٽ‘ يا ’ڍاٽ‘ آهي، جنهن کي ڀٽائي صاحب
مارئي جو وطن ڪري ڄاڻايو آهي.
ڊائِي
ڍٽ ڌاري، آهم اُٺي مينهڙي.
-----
کِہ، مانڌاڻو، مکڻي، ڍوئين پاسي ڍٽ
-----
جا ڍٽ ڍڪييام، تنهن جو پرور پَن رهائيين.
’ڍاٽ‘ يا ’ڍٽ‘ ۾ گهڻو ڪري سجھو ڇاڇرو تعلقو، مٺي تعلقي جو
اُتريون حصو ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو اُتريون حصو، ۽
عمر ڪوٽ تعلقي جو ڪجهه ڀاڱو اچي وڃن ٿا. پر ميين
شاہه عنايت جي مٿئين ڏنل اهڃاڻ موجب، مارئي جي
ويڙهيچن جو ماڳ ’ڍاٽ‘ جي اُڀرندين ڀاڱي ۾ هو، جنهن
جي اوريان ’ٿر‘ (اڇڙو ٿر) ۽ پريان ’کائڙ‘ يا
’کاهُڙ‘ آهي، جيڪو ڇاڇري جي شهر کان وٺي اُتر توڙي
اوڀر طرف پکڙيل آهي.
ميين شاہه عنايت توڙي ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ مارئي جي مائٽاڻي
ماڳ مڪان جا جيڪي اهڃاڻ ملن ٿا، تن ۾ گهڻي کان
گهڻو ذڪر پائر يا کائڙ جو ئي آهي(1)مثلاً
’کائڙ‘ پين کير، جي مانت اُت وڃي
(ڀٽائي صاحب)
-----
هن کي لوهه لطيف چئي، هو ’کائڙ‘ منجهه کلن
(ڀٽائي صاحب)
-----
ڏيہ ڏونہ اُڀي ڏي، سنيها، سيد چئي
نياپا نيہ گاڏئان، ڪو ’پائر‘ پانڌي ني
(شاہ عنات)
-----
پائر، پسايو، ميرجهپ، اي وطن ويڙهيچن
(شاهه عنات)
-----
آهس ’پائر‘ پار جو کجڻ ۽ کپت
(ڀٽائي صاحب)
-----
ستي سيئي ساريا، ’پائر‘ جا پنهوار
(ڀٽائي صاحب)
-----
سيئي سڪان ساريان، پڇان ’پائر‘ پور
(ڀٽائي صاحب)
-----
اَت اُڪنڊي آهيان، ’پائر‘ ۾ پرين
(ڀٽائي صاحب)
-----
ڀڻي ساڻ ڀتار، ’پائر‘ پيرون چونڊيان
(ڀٽائي صاحب)
کائڙ يا کاهڙ وارو علائقو عمر ڪوٽ کان ڏهن ٻارهن ڪوهن اندر آهي،
جنهن ۾ گڍڙو، ڏاهلي ۽ پارڻو تپا اچي وڃن ٿا، جيڪي
عمر ڪوٽ تعلقي جي تپن ڪپلور ۽ دينور سان لاڳو آهن.
عمر ڪوٽ کان اها ويجهائي به هڪ دليل آهي ته شايد
مارئي اتي جي هڪي، ڇاڪاڻ ته عمر بادشاهه سونهين
سان گڏ ڏهن ٻارهن ڪوهن تائين آيو هوندو. هوڏانهن
’ڀالوا‘ عمر ڪوٽ کان چاليهه ڪوہه کن پري آهي.
ڀٽائي صاحب جي بيتن جا ٻيا ڪي ٽاڻا پڻ ’کائڙ‘ واري
جُوءِ سان لڳن ٿا. مثلاً:
سِنجي سِنجي کوهڙا، ويڙهي ويا ورت
-----
وجهي جر جنڊن ۾ ڪوڏان ڪن ڪهون
پهرين سٽ وارو لفظ سَنجي (س تي زير) پڙهجي ته پوءِ ’سَنجڻ‘
معنيٰ ٿوري پاڻي واري کوہ جي نارن مان سمندڙ پاڻي
سِنجي سنجي يعني چِڪائي گڏ ڪري ڪڍڻ. کاهڙ واري تر
جا کوہه اڪثر پار- اجهاڳ يا ’پاتاريا‘ نه آهن پر
’ريجاوان‘ آهن، جن ۾ نارن جي سيمي وارو پاڻي گڏ
ٿئي ٿو. ٻيءَ سٽ ۾ ’جنڊن‘ جو ذڪر آهي. ’جنڊو‘
معنيٰ ڪاٺ جو ٺهيل ڪجائو جيڪو گڏہه جي پٺيءَ تي
ٻڌي ان ۾ جوڙي دلن جي ويجهي، پري ڪنهن کوہه تان
وڃي پاڻي آڻجي. پارڪر ۾ ’جنڊن‘ جو رواج بلڪل ڪونهي
پر کاهڙ ۾ آهي، جتي مقامي اچار موجب ’جنڊي‘ کي
’جَترو‘ چون چوندا: ”فلاڻو جترو ڀرڻ ويو آهي“.
مارئي تي ميار (؟)
وڏي عرصي کان وٺي هن ڳالهه بابت سگهڙن جي پهه-پچار جو هڪ دلچسپ
پهلو اهو رهيو آهي ته: عمر بادشاهه ڪو لشڪر وٺي
ڪونه آيو هو، پر اڪيلي سر کوہه تي آيو هو. پوءِ
جڏهن مارئي کي زوري کڻڻ جي ٿي ڪيائين ته مارئي
دانهون ڪري ها ته هوند سڏ سڻي مارو اچي واهر ٿين
ها ۽ عمر ائين چپ چاپ ۾ مارئي کي کڻي ڪونه وڃي ها.
مارئي تي اها ميار آهي جو دانهون ڪوڪون ڪين ڪيائين
۽ واهر ڪانه سڏيائين. ٻين سگهڙن جواب ڏنو ته اهو
اعتراض اجايو آهي ۽ مارئي تي ميار مناسب ناهي.
گذريل صديءَ ۾ محمد رحيم خان لغاري، مارئيءَ تي ميار رکندي بيت
چيو ته:
مارئي تي ميار، حَفِي آهي هيڪڙي
نڪو آندائين پاڻ سان توڙي ٻچو ٻار
عمر کي ڀي هو جوش جواني جو، ٻيو هو دنيادار
پر جڏهن اوٺي ڏٺئي اُٺ تي ايندو سان اختيار
تڏهن ٻن ڏي ٻوڪي کي تون پاسي ٿي پنهوار
يا سٽ ڪري شهر ڏي تون ڪوٺي ڪر ڪُوڪار
توکي پهر هُئي پاسي ۾، مَنان ٻڌي ڪو ٻڪرار
نه ته پاڻ هڻي کوہه ۾ مَري ٿيءُ موچار
توڀي ڪوس ڇڪيائي قصدمؤن جنهن ۾ گهڙا ٻه ڪي چار
تڏهين ڪي رنڊائينس، رحيم چئي، ڙي کاڌي جي خوار!
پر سڀ لڄايئي پانهنجا، هُو جي پهريا ٿي پنهوار
ڪيئي ڪونه انڪار، چڙهي ويٺينءَ چانگي تي.
انهيءَ جو جواب ڪاڇي جي شاعر حيات لغاري ڏنو ته: اڳ به ڪيترائي
سگهڙ ۽ چارڻ ٿي گذريا جن هن قصي کي بيان ڪيو، پر
ڪنهن به مارئي تي ميار ڪانه رکي. شاہه عبداللطيف
جيڪو رازن جو ڄاڻو هو، تنهن به مارئي کي ڪَچو ڪونه
ڪيو، انهي ڪري مارئي تي ميار رکڻ هڪ ٻاراڻي ڳالهه
آهي:
جڏهن عمر کنئي هئي مارئي، تڏهن چارڻ هئا چوڌار
شاعر عبداللطيف هو جنهن کي هئي ڳجهه جي خبرچار
پر ڪنهن به ڪَچو نه ڪيو مارئي کي ساري سڀ ڄمار
تون شاعر آهين ڪينڪي، آهين اياڻو ٻار.
ٻئي ڪنهن سگهڙ چيو ته:
مارئي تي ميار، حَقِي آهي هيڪڙي
جڏهن اوٺي ڏٺائين اُٺ تي، ڇو نه پاسي ٿي پنهوار
ڀؤ جهلي ڀڄي نه وئي، آڏو کلي ڪيائين کينڪار
تڏهن هن چاڙهي ويهاري چانگي تي، اُرہ جي آڌار
ڪري ها دانهون ڪوڪون ڪُوڪريا، ته ٻڌن ها ٻڪرار:
سچي ڪئي ستار، ته به لينگهو اُن لڳي ويو!
ٻئي ڪنهن سگهڙ چيو ته:
مارئي چون سچي، پر ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪچي
جي منڌ مري ها کوهه تي، ته کيرئون ٿئي ها اڇي.
چاليهه- پنجاہه سال کن اڳ ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن سگهڙ شاعرن، عالم
پلي ۽ غلام حسين مغل، وري هن موضوع تي ڏي وٺ ڪئي.
غلام حسين مغل، عالم پلي ڏانهن بيت چوائي موڪليو
ته:
عالم! آءٌ ٻڌايان ٿو رکي مارئي تي ميار
مناظرو ڇڏ مغل چئي، ڪو ويهي ڪر ويچار
ماڻهو سڀ مهيني تي، يا ڌڻ ۾ ڪونه ڌنار
اَملهه ماڻڪ اڇلايو ۽ پهرايو پنهوار
زال ماڻهو ضائفان، کٽئي جو خمار
هو چڙهيو شوق شڪار تي هڪ ڄڻو هسوار
پاڻيءَ جي پيڻ لاءِ اتي ڪيائين آر
منهن ۾ گڏيس مارئي، ڪيائين گويون ۽ گفتار
سڃاتي عمر سومري پري کان پنهوار
چاڙهي عمر اُٺ تي، تک ڪري ويو تار
عالم انهيءَ ڳالهه جا پڪا ڏيئين ٿو پار
ڪئي سَتِي ڄام ستار، پر لينگهو اُت لڳي ويو.
عالم پلي جواب ۾ بيت چيو ته:
مغل! رکج ڪامَ ڪا مارئي تي ميار
مرد ويا هئا مال سان، اُت نه هو ٻوڪي- وار نه ٻار
عمر سُڄيو ٿي سومرو، جنهن جو ڏينهن ۾ ڏهڪار
هو چڙهيو شوق شڪار تي، ٻڌي هوڏ هٿيار
واچيندو آيو ويڙ ۾، جتي ڀُوڻ سندي ڀُڻڪار
سُڻي ڀُڻڪو ڀُون جو، موڙيئين ميي جي مهار
سانگياڻيءَ کي سڃ ۾ هئي ڏني سونهن ستار
مُنهن مٺي، محبت ڀري، پاڻئون کليو ڪري کيڪار
چُوڙي هن جي چلتو لايو، سو مڙهيو ڪنهن مڙهيار
اڇي ڏِت ڏندن تي، هن کي ڏني هئي ڏاتار
نڪ ته سندس نيلوفر جو، نرتو منجهه نراڙ
جيئن لڳي گوهر گرنار ۾، تيئن هن جو ڄم ڄمار
آرسين اُهاءَ ڪيو چوليءَ کي چوڌار
تڏ خان کڻي ويو کوهه تان مارئي مڻيادار
هن وس ڪندي واڪا ڪيا، سي ٻڌي نڪتا ٻار
ڊوڙي چڙهيا ڊٻن تي رڙيون ڪري ريڍار
ته سومرو سردار، اسان جي خان کڻيو وڃي کوہه تان!
عالم پلي چڱو جواب ڏنو پر ايترو زوردار نه هو. سگهڙ صوف شر اسان
سان ڳالهه ڪئي ته: ڪنڊياري جي ميلي تي غلام حسين
مغل آيو هو، ۽ اتي سگهڙ صوف کيس مُنهان منهن جواب
ڏنو ته:
اُڀرندان عمر آئيو، سامين ويس ڪري
عمر جهلي مارئي، سا ڊوهي ڊوه ڪري
جنهن ڪَڙِي اُٺ تي قابو ڪري، سا ڪَڙيل ڪيئن ڪري!
ڪنهن نادان نِدا ڪئي، ڏسي پنڌ پري
ڇا ظالم لڳي، ڇا ضائفان، ڏس هنيان تي هٿ ڌري!
مائي تنهن مارئي جي، گِلا ڪو مَ ڪري
هڻانس ڇائِي ڇڄ ڀري، جي اهو سامهون ٿئي صوف سان.
مارئي تي ڪا ميار ڪانه هئي: پر جي ڪا ميار هئي ته به عمر ڪوٽ ۾
جڏهن مارئي پنهنجو ست ميل رکيو ۽ وطن جي محبت ۾
ماروئڙن جي لڄ کي ماڙين تي نه مٽائين، تڏهن ”مارئي
تان ميار، لحظي منجهه لهي وئي“.
|