آخوند عبدالرحيم
عباسيءَ جي ترتيب ڏنل ڳالهه*
1- |
ساراهيان سو ڌڻي، جو قادر رب قديم |
|
قائم، دائم، قيوم مون ڌڻي، هوندو سو حڪيم |
|
مالڪ ملڪ فلڪ جو،، راحم رب رحيم |
|
صفت تنهن صانع جي، جو اعليٰ آهه عظيم |
|
ڪن سين ڪري ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون. |
2- |
جوڙون سڀ جهان جون، جڙيون سڀ جنسار |
|
ڏسو قدرت قادر جي، وڏي سگهه ستار |
|
جنهن خلقيو خليفو خلق جو، مير محمد مختار |
|
حضرت حبيب هاشمي، اڙين جو آڌار |
|
سڀني جو سردار، ڪامل قريشي ڪارڻي. |
3- |
ڪامل قريشي ڪارڻي، عربي آهه امام |
|
ڇٽا سي ڇين کئون، آندو جن اسلام |
|
ڏبا ڏيج تن کي، منجهين جنت جام |
|
هوندا هميشہ اتهين، ميون منجهه مدام |
|
وٺي نبيءَ جو نام، ڪريان قصو مارئيءَ جو. |
مارئي جي ڳالهه هن پر آهي: مارئي، پالڻي جي ڌيءُ هئي ۽ اهي ذات
جا مارو هئا. ماڻس جو نالو ”ميراڏ“ هو، ۽ ڪي ماڻهو
’ماڏوئي‘ پڻ چوندا هئس. مارئي جڏهن جوان ٿي، تڏهن
’ڦوڳ‘ نالي پڻس وٽ نوڪر هو، سو اچي مارئي تي عاشق
ٿيو ۽ ان جو سڱ وڃي پڻس کان ڇڪيائين. پڻس ان کي
جواب ڏيئي مارئي جو سڱ پنهنجي ڀائٽي ’کيت سين‘ کي
کڻي ڏنو. ڦوڳ کي جو ورتو ساڙي، سو وير وٺڻ جو پهه
ڪري، عمر وٽ ويو. انهن ڏينهن ’همير‘، عمر جو پيءُ،
پيري ۽ نٻلائي ڪري گهر ۾ ويهي رهيو هو، ۽ عمر کي
پڻس جي پڳ ٻڌائي سرداريءَ جي گاديءَ تي ويهاريو
هئائون. تنهن وٽ جو ڦوڳ ويو، سو وڃي چيائينس ته:
ٿر جي ملڪ ۾ هڪڙي نينگر، سندري، پدمڻي ۽ تمام اهڙي
آهي، جنهن سان سونهن ۽ سلابت ۾ ٻي ڪائي مٽ ڪانه
ٿيندي:
اڀريو ئي آس ڪري، ساڙيهه مٿان سج،
پکي منجهه پدمڻي، ڪر ڏئي وراڪا وڄ،
جهڙيءَ صورت سج، تهڙي مورت مارئي.
جيڪڏهن ان کي گهرائي تون هٿ ڪندين ته چڱو، ڇو ته تنهنجي لائق
آهي. هن طرح هن کي چوري چڪوري، انهيءَ ڳالهه تي
بيهاريائين. تڏهن عمر سومرو شڪار جي بهاني سان
نڪري، ڦوڳ سان گڏ ٿر ۾ آيو.
مارئي به هڪجيڏين سان گڏجي، پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي آئي هئي،
جڏهن عمر کي ڏوران ڏٺائين، تڏهن ڊڄي ويئي ۽ سرتين
کي چوڻ لڳي ته: هيءُ ڌاريو ماڻهو، نامحرم الائجي
ڪير آهي، هيڏي ڇالاءِ ٿو اچي؟ تڏهن سرتين چيس ته:
ڀڄڻ ٽهڻ پنهنجو ڪم ڪونهي، الائجي متان اُڃايل هجي
۽ پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه تي ايندو هجي، تنهنڪري بيهي
رهون ته چڱو. پوءِ جڏهن عمر کوهه وٽ آيو، تڏهن
مارئي تي وڃي نظر پيس، سو پاڻي پيئڻ جو بهانوڪري
ٽپو ڏيئي اٺ تان لهي پيو ۽ انهن کان پڇيائين ته:
اوهين ڪير ماڻهو آهيو؟ تڏهن اتي جيڪي مارئيءَ سان
گڏ هڪيون تڪيون حاضر هيون، تن چيس ته؛ اسين مارو
ماڻهو، ڏوٿي غريب آهيون. عمر ائين پڇندي مارئيءَ
کي ٻانهن کان وٺي، زوري پاڻ سان ٻيلهه اٺ تي کڻي
چاڙهيو. اٺ ڪاهيائين، وڃي عمر ڪوٽ لاٿائينس.
کڙي هئي کوهه تي، عمر ڏٺائين،
ويس ورت هٿن مان، رتو رنائين،
چڙهندي چيائين، ته ”ڇنو سڱ سرتئين“.
پوءِ عمر اٺ کي ڪاهي، ڏينهڪ اچي مارئيءَ کي پنهنجي گهر عمرڪوٽ ۾
لاٿو، ۽ جڏهن هن کي پرڻجڻ لاءِ چيائين تڏهن هن
ناڪار ڪئي ۽ چيو ته:
مون ڪِتو، ماروءَ اوبيو، اڃا ڪالهوڻي ڪالهه،
سا ڪيئن لوئي لاهيان، مٿان لڱن لال،
وڃي ملير شال! ڏهيون ڏيکارينديس ڏيهه کي.
تنهن تي عمر، مارئي کي کڻي قيد ۾ رکيو ۽ رات جي وير، هو ڏهاڙي
مارئي کي چوندو هو؛ پر مارئي، عمر کي ائين پئي
چوندي هئي ته: تون ظلم نه ڪر، آءٌ ڄاڻان ٿي ته تون
مون کي ڀاءُ بجا آهين ۽ مارو حق منهنجو آهي، ۽ هي
ڳهه ڳهڻا ۽ پٽ پٽولا ۽ ماڙيون محل ۽ کاڄ کورما،
چانور چورمان جيڪي تنهنجا آهن، سي مارن ري مونکي
نٿا سونهن.
ڇڏ سٻرايون سومرا، مَ ڪر زور زيان
هڪ ذوالقرنين ڪيڏانہ ويو، ٻيو جمجمو سلطان
جنهين جا جهان ۾، ڦريا ٿي فرمان
تن نه نيا پاڻ سان، هي نقارا نيشان
هڪ عدل ٻيو احسان، پاڻ نيندين سومرا
پوءِ جڏهن مارو ماڻهو عمر سان پڄي نه سگهيا، تڏهن انهن پاڻ ۾
پيهي، سندس مڙس ”کيت سين“ کي اٺ تي چاڙهي
موڪليائون ته جنهن پر عمر چوريءَ زوران زور
مارئيءَ کي کوهه تان کڻي ويو، تنهن پر تون پڻ عمر
ڪوٽ منجهان پنهنجي ٻانهن اٺ تي چاڙهي وٺي اچ. پوءِ
کيت سين اٺ تي سوار ٿي عمرڪوٽ ۾ اچي، مارئي جي
ماڙي هيٺان لنگهيو؛ تڏهن مارئي کيت سين ۽ اٺ کي
سڃاڻي اشارو ڏنس: فلاڻي ڏينهن، فلاڻي هنڌ، مقام جي
ڀسان وڃي بيهج، ته آءٌ ٻين سومرين سان گڏجي زيارت
جي بهاني، ان مقام منجهه اينديس. پوءِ کيت سين اٺ
سوڌو ان ڏينهن تي وڃي حاضر ٿيو، ته مارئي پڻ
سومرين سان گڏجي ان مقام ۾ آئي ۽ اُٺ ۽ ’کيت سين‘
کي ڏسي سومرين کي چيائين ته: اديون! هيءُ اٺ ڪهڙو
آهي؟ تڏهن سومرين چيس ته: اڳي پڻ تون اٺ تي چڙهي
آئي هئينءَ؛ هاڻي پڻ هيءُ اٺ تنهنجي چڙهڻ جي لائق
آهي، تنهن تي چڙهي وڃ. تڏهن ڊڪنديئي اٺ تي ٻيلهه
پنهنجي ور سان وڃي چڙهي ۽ اچي مارن سان ملي ۽ اتي
خوش ٿي اچي ويٺي.
ملير آئي مارئي، ساڻس سک ٿيا،
صلح جا سلطان کي، پسو جي پهه پيا،
رهيا ريلن راڄ ڪري، وچان وير ويا،
چونڊيو اچن چاڳليون، مندائتا مها،
ڪوڙين ڪاڄ ٿيا، جيئن منڌ ملي کي مارئين.
--------
|