سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :33

 

سج اڀريو، ’وڳس راڻي‘ اعلان ڪيو ته: جيڪو ماروءَ جون ٻڪريون ٻارنهن مهينا چاريندو، تنهن کي ماروءَ جو سڱ ڏينديس. اهو دليل هلايائين ته من اها ڳالهه ٻڌي، ڍول کي غيرت اچي. شهزادي ماروءَ جي حسن جي هاڪ هلندڙ هئي. وڏا وڏا امير ڏسڻ لاءِ حيران هئا. ٻڪرين چارڻ جي ڳالهه ٻڌي وڏا وڏا امير هلي آيا. سڀڪو چوڻ لڳو ته: اصل کان وٺي ڌنار آهيون. انهن مان هڪڙو ڌڻ چارڻ ويو. ماروءَ جون ٻڪريون هيون بَريون، هلڻ جون تکيون، جُوءِ گهڻي گهمنديون هيون. هي ڇا ڄاڻي ڌڻ چارڻ مان! حسن جي هاڪ ۽ سڱ جي لالچ ڪري، سڄو ڏينهن ڌڻ جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي مرڻ جهڙو ٿي پيو. ڏينهن ٻن پهرن تي آيو، هن جي لاءِ ماني تيار ڪيائون. راڻي وڳس ٻانهيءَ کي چيو ته: ڪنڀر وٽ وڃ ۽ چوينس ته دانگي اهڙي ڏي، جنهن کي سؤ سوراخ هجن، اُها وٺي آءُ. پوءِ دڪان تان پڇائي ٽه – سالي جوار، اڌ تي ڪاڻي هجي، اها وٺي آءُ ۽ انهيءَ جو اٽو ڪري انهيءَ دانگيءَ تي پچاءِ. دانگيءَ هيٺان ڪچي لاڻي ۽ ٿوهر جي باهه ٻار. جنهن مهل باهه ٻرِي ته رڳو دونهون پيدا ٿي پيو. دانگيءَ کي سؤ سوراخ هو، مانيءَ جي سَنڌ سَنڌ مان دونهون چڙهي پيو، ماني سڄي زهر ٿي پيئي. پچي تيار ٿي ته ٻانهيءَ کي حڪم ڏنائين ته؛ ڌڻ وال کي اها ماني ڏيئي آءُ. ٻانهي ماني آڻي ٻڪرار کي ڏني. هو ويچارو بک ۾ اکيون پوري کائي ويو. ماني اچي پيٽ ۾ خرابو ڪيس، آنڊا ساڙي وڌائيندس. سج لٿي کان اڳي مڙس مري ويو. ٻئي ڏينهن وري ٻيو ٻڪرار ڌڻ ڌارڻ ويو، انهيءَ لاءِ به ماني ساڳي تيار ڪيائون، اهو به اڳينءَ کان چٽ. اڳي ٻه – ٽي ڄڻا مئا ته ٻئي سڀڪنهن ڦُٽي جاءِ ڏني. چيائون ته: زال گهِراڻي گهَر جي ملي ٿي، پر قدم ڳرو اٿس. خوف کان ٻڪريون ڪو چارڻ ئي ڪونه وڃي.

ڦوڳُو نالي هڪ شخص پڳل پنهوار جي وراڪي ۾ مائٽ هو. ان کي خبر پيئي ته راڻي وڳس جون ٻڪريون ٻه – ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، جو واڙ ۾ بيٺيون آهن، ڪير ئي ڪونه ٿو چاري، سو انگڙو ۽ ڪهاڙي کڻي آيو ۽ راڻيءَ کي چوڻ لڳو ته: ملڪيت به اسان جي، ورثو به اسان جو، مال به اسان جو، مون کي چارڻو آهي. پنهنجا ورثا ٻين غير ماڻهن کي پيئي آڇين، مون کي نه ٻُڌ ڪيئي، نه صلاح رکيئي! ڦوڳُو کي راڻي وڳس چوڻ لڳي: تنهنجو پنهنجو ورثو آهي ۽ سمجهين ٿو ته مال ڌڻ منهنجو آهي ته ڀلي وڃي چار! ٻارهن مهينن جو واعدو آهي، تنهن کان پوءِ مارو توکي پرڻائي ڏينديس. ڦوڳو بسم الله ڪري، مال ڪاهي وڃي چاريو. ٻن پهرن جو ماني تي آيو ته اها ساڳي ماني ڦوڳو کي ملي. ماني ڏسي ڦوڳو دل ۾ ويچار ڪيو ته لاشڪ ماني ٿي مڙس ماري. سو ماني وٺي رکيائين ۽ ٻانِهيءَ کي چيائين ته: تون وڃ، ماني آءٌ پاڻهي کائيندس. ٻانهي واپس آئي، ’ڦوڳُو‘ ٻڪريون واڙ ۾ بند ڪري، ڪنڀر وٽ آيو، ڪوري دانگي، جمني ۽ پاٽ خريد ڪري واڙ تي آيو. پاٽ پاڻيءَ سان ڀري، ماني کڻي پاٽ ۾ وڌائين. دانگي چلهه تي چاڙهي، مٺو مٺو ٻارڻ ڏنائينس، تپي تيار ٿي ته پاٽ ۾ پسيل ماني جي کل لاهي اُڇليائين، باقي اندريون ڳڀ ڪڍي، ڳوهي، دانگيءَ تي کڻي وڌائين. روٽ پچائي، بري ٻڪري جو کير ڏهي، بسم الله ڪري کائڻ لڳو. مرڻ ته مرڻ جي ماڳ، پر ڏينهان ڏينهن ڳاڙهو ٿيندو ويو. اهڙي طريقي سان ماني کائيندو، ڌڻ چاريندو، يارنهن مهينا گذاريائين.

هڪڙي ڏينهن راڻي وڳس، مارو کي چيو ته: ٻانهي بيمار آهي، اڄ ماني کڻي تون ڦوڳوءَ کي واڙ تي ڏيئي آءُ. مارو ماني کڻي واڙ تي آئي. ڦوڳو پري کان ئي ماروءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پڪ ٿيس ته الله مهربان ٿيو آهي، جو اڄ مارو پاڻ ماني کنيو پئي اچي، سو خوشيءَ ۾ واڙ جي در تي نچڻ لڳو. اهڙيون ڦيريون پاتائين جو سندس ڪانچ وڻن ۾ وچڙي ڦاٽي ويئي، باقي ابداڻو وڃي بچيس. مارو، ماني واڙ ۾ رکي، ڦوڳوءَ جو انگڙو واڙ جي در تي بيٺل ’ڪوڪڙ ٻير‘ جي ٽار ۾ وجهي ٻير ڌوڻڻ لڳي. ماروءَ جي لوئيءَ کي پاسي کان نظر اوڊڙ هو، جنهن مان ڪجهه بدن ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ڦوڳ جي نظر ماروءَ جي بدن تي پيئي ته حيرت ۾ پئجي ويو. آخر ماروءَ سان ڳالهائڻ لڳو ته: تون ٻير ڌوڻڻ جي تڪليف نه ڪر، اڳي پوءِ تون منهنجي آهين، تنهنڪري آئي آهين ته ڪا گهڙي مون سان گڏجي ويهه ته دل کي ڪجهه آرام اچي. ماروءَ ڪاوڙ مان انگڙي ۾ هٿ وجهي سٽ ڏني ته ٻير جو ٽار ڀڄي پيو، سو اچي واڙ جي دروازي تي ڊٺو، دروازو بند ٿي ويو. مارو ۽ ڦوڳو اندر رهجي ويا. انگڙو ٽار مان ڪڍي، ماروءَ هڪل ڏنيس ته: خبردار! گهڻيون حجتون ڳالهائيون اٿئي. ڦوڳوءَ کي پڪ ٿي ته مارو ماريندي، سو ڊپ مان ڀڄڻ لاءِ واهون تڪيائين. کڙهه بند ٿي ويئي هئي، لوڙهو پاڻ وڏو ڏيئي ڇڏيو هئائين، لاچار ٿي لوڙهي جي مٿان بُل ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. اکيون پوري ٽپ ڏنائين ته لوڙهي جي اڌ ۾ اچي ڦاٿو. تيسين مارو جو انگڙو به ڪنن جا وچ وٺي اچي لڳس. ڦوڳوءَ جي مٿي تي وار ٿورا هئا، ڦوڙا جهجها هئس. ڌڪ جي زور تي ڦوڙو ڦاٽي پيو، رت اچي کڙيون جهليون. جيئن تيئن لوڙهو چيري، ڦٿڙي ٻاهر نڪتو ۽ سڌو ڀڳو راڻي وڳس وٽ، اتي اچي ساهه کنيائين. راڻيءَ کي چيائين ته: ماروءَ کي نپايو اٿئي، پر عقل ڪو نه سيکاريئينس، ٿوري ڳالهه تان چڙيو پوي، هينئر سان وڙهي ٿي، سڀاڻي منهنجي بادشاهي ڪيئن هلائيندي. منهنجو مٿو ڏس ته ڌڪ هڻي ڦوڙا ڦيهي وڌا اٿس. راڻي وڳس چوڻ لڳي ته: امر الاهي، اسان جا وارث قدرت کسي ورتا، تڏهن تو جهڙو انسان ’اٺين پيڙهي اُٺ جو ماڪوڙو ماسات‘  اسان جو وارث ٿيو آهين. تون مزور ماڻهو، مزوريءَ تي ٻڪريون چارين، سو ٿو اسان سان حجت جا اکر ڳالهائين! هاڻي منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. ڦوڳوچوڻ لڳو ته: راڻي! ٿيو ته حق ۾ ناحق ۽ ويساهه گهاتي. جڏهن ڦوڳو اهي اکر ڪم آندا، تڏهن راڻي پنهنجي پير مان موچڙو لاهي مارڻ جي لاءِ اُٿي. ڦوڳوءَ کي پڪ ٿي ته راڻي مارائيندي ۽ بڇ به ڪرائيندي. سالڪن چيو آهي ”جت پڄڻ ناهه جاءِ، اُتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.“ سو ڦوڳو به رکيو پيرن تي زور. ڀڄندي ئي دل ۾ خيال ڪيائين ته اها دانهن عمر سومري کي وڃي ڏيان.

عمر سومري جا قاعدا هئا: روزانو جَڙ گهوڙي تي چڙهڻ، نئين کوهه جو پاڻي پيئڻ، نوان هٿيار ٺهرائي پاڻ سان کڻڻ، نوان لٽا پائڻ ۽ نُنهن سان ڇليل چانورن جو طعام کائڻ. همير جي مرڻ کان پوءِ به اهي عادتون نه ڇڏيائين. چون ٿا ته عمر بادشاهه چار شاديون ڪيون هيون. ننڍي راڻيءَ سان دل گهڻي هئس، تنهن کيس عدل ۽ انصاف سان هلڻ جي هدايت ڪئي. عمر به ٻيا ڪم ڇڏي چڱا ڪم ڪيا، جنهن ڪري ملڪان ملڪ سندس واکاڻ هلندي هئي. ڦوڳو به تڏهن دل ۾ خيال ڪيو ته ماروءَ جهڙي ٻانهن، عورت جي دڙڪي تي وڃائي ڪو نه ويهندس، اها دانهن عمر کي ڏيندس. سو عمرڪوٽ ڏي مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو. ڏاڍي جوش ۽ جذب مان پنڌ ڪري، ڪن منزلن کان پوءِ عمرڪوٽ ۾ آيو. ماڻهن کان پڇيائين ته: عمر بادشاهه سان آءٌ ڪيئن ملان، جو ڪا دانهن ڏيندس! ماڻهن چيس ته: عمر بادشاهه اڳي سخت هو، هاڻي عدالتي ۽ رحم دل ٿيو آهي، ڏاڍي آسانيءَ سان ملي ٿو. ڦوڳو چوڻ لڳو ته: پوءِ آءٌ ڪنهن کي چوان جو بادشاهه سان ملائيم؟ ماڻهو چوڻ لڳا ته: فريادي سندس محلات جي اڳيان، دروازي کان سامهون، سائي وڻ جي ٽاري کڻي وڃي بيهندو – عمر کي پڪ ٿيندي ته ڪو فريادي آهي. عمر بادشاهه يڪدم ان کي پاڻ وٽ گهرائي محبت سان ملي خبر پڇي ٿو. تون به هتان ڪا ٽاري هٿ ۾ کڻي وڃي دروازي تي بيهه، پاڻهي سڏ ٿيندءِ.

ڦوڳو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو، پر خيال ڪيائين ته ننڍڙي ٽاريءَ مان ڪجهه نه ٿيندو، ڇو ته دانهن وڏي آهي، جو ماروءَ جهڙي جوءِ کسائي آيو آهيان، تنهنڪري هتي ڪو وڏو ٽار گهرجي. ڪهاڙي پاڻ سان هُئس. هڪڙو ڪنڊي جو وڻ ڏسي اُن تي چڙهي ويو.، هڪڙو وڏو ٽار وڃي ڪپيائين. هيٺ لهي، کٿي جو پِيڙهو ڪري مٿي تي کيائين، ۽ انهيءَ ٽار کي اچي مٿو ڏنائين. ٽار مٿي تي کڻي اچي دروازي کان سامهون بيٺو. عمر بادشاهه ان وقت ڪچهري پئي هلائي. دريءَ مان ڏسي ته هڪڙو مڙس آهي، جو ڪنڊيءَ جو هڪڙو وڏو ٽار مٿي تي رکيو بيٺو آهي، ۽ هڪڙي هٿ سان سلام بيٺو ڪري. عمر نوڪر کي چيو ته: انهي کان پڇ ته ڇو بيٺو آهين؟ نوڪر نڪري پڇا ڪيس. ڦوڳو ورندي ڏني ته: فريادي آهيان. نوڪر بادشاهه کي چيو ته: سائين، چوي ٿو ته فريادي آهيان. بادشاهه، ڦوڳو کي گهرايو. ڦوڳو اهو ٽار کنيو آيو، ٻاهر ڦٽو نه ڪيائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته عمر بادشاهه جي اڳيان ڦٽو ڪندس. من اهو ٽار ڏسي عدالت ڪريم. ٽار کنيو هليو آيو ته ڪچهريءَ ۾ اڳيان سوين امير، صوبا ۽ رعيتي ماڻهو ويٺا هئا، انهن ۾ اندر ڪاهجي پيو. ماڻهن چيس ته: اهو ٽار پري ڊاهه. پر هن سمجهو ئي ڪونه. کيڪاريائونس ته: ادا، ڀلي آئين! چوڌاري نظر ڦيرائي ڀليڪارون جهليائين ته سندس مٿي تي جيڪو ٽار هو، اُن جو لامون ۽ ڇانڀا ماڻهن کي وڃي لڳا. ڪنهن جو پهراڻ ڦاٽي پيو، ڪنهن جو پاسو رهڙجي پيو ته ڪن جا پٽڪا لاهي وڌائين. دربارين کي پڪ ٿي ته بيوقوف آهي، سو ڌڪا ڏيئي دروازي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائونس. ڦوڳو، عمر تائين پهچي نه سگهيو، دل ۾ ويچار ڪيائين ته دانهن جو داد نه ٿيم. سو عشق جي باهه کان اهو ڪنڊي جو ٽار عمرڪوٽ جي دروازي اڳيان اچي کوڙيائين. حق سچ جا وعدا، انهيءَ گهڙيءَ ۾ اهو ٽار سائو ٿي ويو.

ڦوڳو وري اچي عمر سومري جي ڪچهري اڳيان بيٺو. بادشاهه ڏٺو ته هاڻي ٽار ڦٽو ڪيو اٿس، تڏهن نوڪر کي حڪم ڪيائين ته: وٺي اچينس. ڦوڳو آيو، عمر سومري کي مليو ۽ ٻڌائڻ لڳس ته: فريادي آيو آهيان، عدالت ڪري مون کي پنهنجو حق وٺي ڏيو ته دعاگو رهندس. عمر بادشاهه پڇيس ته: ڪهڙو حق وڃايو اٿئي؟ ڦوڳوءَ چيو ته: ڀلا مارو ڏٺي اٿئي يا ڪنن سان ٻڌي اٿئي؟ ڦوڳو چوڻ لڳو ته: سائين، ٿر ۾ ستيا آهي پر سَتُر ڪونهي، هر عورت کلئي منهن پئي هلي. تنهن کان سواءِ آءٌ ۽ مارو ته ننڍي لاڪون گڏ نپنا آهيون، منهنجي نالي مڱ ٿيل آهي، سو ڪنن سان ٻڌڻ جو ڪهڙو ضرور! عمر بادشاهه چيو ته: ڀلا ڪيتري سهڻي آهي؟ ڦوڳو چوڻ لڳو ته: عمر بادشاهه! تو اهڙو ماڻهو ڏٺو ئي ڪونهي، جو اهي پار توکي ڏيان. عمر بادشاهه خيال ڪيو ته جي مارو ڏٺي اٿس ته انهي ڳالهه جو پڪو شاهد وٺانس، سچو آهي يا ڪوڙو. برابر جي اهڙي حسن واري هجي ته پوءِ آءٌ پاڻ شادي ڪريان. هن جي لائق ته اها نه هوندي.

عمرڪوٽ ۾ ٻه سوناريون ڀيڻون رهنديون هيون. عمر بادشاهه کين روزانو ڏسندو هو، اهي تمام سهڻيون هيون. سڄي بادشاهي ۾ ٻي ڪا به انهن جهڙي حسن وند ڪانه هئي. عمر دل ۾ خيال ڪيو ته: ڦوڳوءِ کي سوناريون ڏيکاريون ته مارو انهن جهڙي يا گهٽ وڌ! اهو ارادو ڪري ڦوڳوءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي سوناري جي دڪان وٽان اچي لنگهيو. سوناري جي دڪان ۾ اندران هڪ جاري هوندي هئي، جنهن جي سامهون ٻئي سوناريون ڀرت جو ڪم ويٺيون ڪنديون هيون. عمر بادشاهه ڦوڳوءَ کي جاريءَ ڏانهن اشارو ڪيو. ڦوڳوءَ جاريءَ ڏي ڏٺو، اندران سوناريون ڏسڻ ۾ آيون، سوناريون ڏسي ڦوڳو ڪنڌ ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري هلڻ لڳو. عمر کي پڪ ٿي ته اهي ڦوڳوءَ کي پسند نه آيون. اڳتي هلي عمر بادشاهه ڦوڳوءَ کان پڇا ڪئي ته: ڏي احوال، اِهي عورتون ماروءَ کان وڌ يا مارو وڌيڪ؟ ڦوڳو چوڻ لڳو ته: هي پاڻي ڀري ڏين ته شهزادي مارو وٺي نه پيئندي. ماروءَ جي اڳيان شرمنديون ٿي بيهنديون. عمرڪوٽ ۾ بادشاهي ستر حويليون هيون، جن ۾ عمر جون راڻيون، شهزاديون ۽ بادشاهي گهراڻي جون ٻيون عورتون رهنديون هيون. خيال ڪيائين ته اهي ڦوڳوءَ کي ڏيکاريان، من ڪا ماروءَ کان وڌيڪ حسن واري ڏسجڻ ۾ اچيس. سو ڦوڳوءَ کي وٺي حويلين جي وچان اچي لنگهيو، سڀ راڻيون ڏسي، ڦوڳو چوڻ لڳو ته:

عمر تو وڻجيا، لَلو سندا هٽ

نڪو گهِني واڻيا، نڪو گهِني ڄٽ.

اي عمر بادشاهه! منهنجي ملڪ ۾”للو“ نالي هڪ واڻيو آهي، بازار ۾ دڪان اٿس، ٻيا دڪاندار پنهنجا سٺا وکر وڪڻي ڪِنا اُڇلائي ڇڏين؛ للو وري اهي اڇلايل وکر کڻي پنهنجي دڪان تي رکي، دڪانداري هلائيندو هو، توهين پاڻ ئي ويچار ڪريو ته اڇلايل وکر ڪير وٺندو! عمر بادشاهه چوڻ لڳس. اڃا به تنهنجو آزمودو وٺندس. اها ڳالهه ڪري ڦوڳُو کي وٺي پنهنجي ڀيڻ شهزادي ”ڪُندَهِي“ جي محلات تي آيو. جنهن مهل شهزادي ڪندهي تي ڦوڳوءَ جي نظر پئي تڏهن ڏَڪڻ لڳو. عمر بادشاهه کي پڪ ٿي ته ڪُندهي جي حسن ڏڪايو اٿس. تڏهن پڇيائينس ته: ڦوڳُو، سچ ٻڌاءِ ته مارو هن جهڙي يا گهٽ وڌ؟ ڦوڳو چوڻ لڳو ته: سائين! هن کي لڪائي مارو ڏس، مارو لڪائي هن ڏي ڏس ته ڳالهه ساڳي آهي. پر اڃا به ٿورو فرق آهي، اهو هيءُ ته شهزاديءَ جا هٿ ۽ پير ٿلها آهن، پر ماروءَ جا پير سنها ۽ لڪدار آهن. هن جي هٿن جون آڱريون ٿلهيون آهن، ماروءَ جا هٿ پتاشي وانگر سنها ۽ سندس آڱريون جهڙيون چؤنري جون ڦرهيون. ٽيون ته شهزاديءَ جو بدن هڪ ساريکو آهي، پر ماروءَ جي ڇاتي موڪري آهي، چيلهه سنهي لڪدار آهي. عمر بادشاهه کي پڪ ٿي ته مارو ڏٺي به اٿس ۽ برابر سهڻي آهي. تڏهن ڦوڳوءَ کي چيائين ته: منهنجو وعدو آهي ته مارو اتان هلي کڻندس. ڦوڳوءَ کي پڪ ٿي ته مون کي مدد ٿو ڪرائي، پر عمر ارادو ڪيو ته کڻي پاڻ شادي ڪندس.

عمر بادشاهه ملير تي ڪاهڻ لاءِ پنهنجي لشڪر کي تيار ڪرڻ لڳو. ڦوڳُو چوڻ لڳس ته: مارو کڻڻي اٿئي ته هڪڙو تون ٻيو آءٌ. جي لڙائي ڪرڻي اٿئي ته لشڪر ڀلي وٺي هل. پراپت ڪا نه ٿيندئي، لشڪر سوڌو مري ويندين. عمر بادشاهه چوڻ لڳو ته: هتي ايتري هستي آهي، جو عالادين به سومرا ختم نه ڪيا. ڦوڳو چوڻ لڳو ته: سائين! لڙائي کان اڳ مري ويندين. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ٿوهر آهي، جنهن ۾ اهڙو زهر آهي جو وڍي پاڻي ۾ وجهه ته جا به شئي پاڻي پيئي سا مري وڃي. ٻيو ته چور گپ آهي، گس تان لهي ويو ته زمين ڳيهي ويندس. تنهنڪري لڙائي ڪرڻ کان اڳ لڪن کان لنگهندي پاڻي پيئندي مري ويندين. تون اڪيلو هل، ٻانهن ڪڍي پڌر تي ڏيندوسئين، واهر پلي ڇڏيندس. هڪڙو تون ٻيو آءٌ. کيڏ سان ٻانهن کڻي اينداسون. عمر چيس ته: حقيقت سمجهاءِ ته ڪيئن واهر پليندين؟ ڦوڳيو چيو ته: اسان جي ملڪ ۾ ڦُر، ڌاڙو، چوري ٿئي، پوءِ انهيءَ جي ڄاڻ يا پنهنجي قوم ۾ سڏ وجهڻ جو نمونو هيءُ آهي ته هڪڙو ڏَنءُ ٺاهي، ڪک، ڪاٺ، ڪچو لاڻو گڏي، انهي کي باهه ڏيندا آهيون. اچي دونهون پيدا ٿيندو. پوءِ جنهن پڪ جو ور ورايو هوندو، سو ڇٽيل ٻج، جوٽيل جوڙو ڦٽو ڪري انهي دونهين تي اچي گڏ ٿيندو. آءٌ وڃي اهو ڏَنءُ ٻاريندس. ماڻهو هڙئي هليا ويندا ڏَنءُ تي. شهزادي مارو سٺ ساهيڙي سان گڏجي ايندي پاڻي تي، پوءِ همت ڪري کوهه تان کڻينس. پوءِ به گس وٺي هلندين ته بچاءُ ٿيندئي. گس تان لهي وئين ته اُٺ سواري سوڌو غرق ٿي ويندو. عمر بادشاهه کي پڪ ٿي ته ڦوڳو ملڪ جو سونهون آهي. انهي اٽڪل سان ڪم ڪري وڃبو.

ڦوڳُو جي صلاح وٺي اُٺ تيار ڪرايائين. پاڻ سان گڏ هڪ واڻڪو ويس ۽ ڪجهه هيرا جواهر ۽ سچا موتي به کنيائين. ڦوڳو ساڻس ڪٺو، اُٺ تي سوار ٿيا. اُٺ ”وايو“ هو. واءُ سان گڏجي هلندو هو. منزل ڪيائون، سج اُڀاريائون ملير جي ملڪ ۾. ڪنهن ٿاڪ تي لٿا. ڦوڳو کي عمر بادشاهه چيو ته: سٺ ساهيڙي ۾ مون کي ڪيئن خبر پوي ته مارو ڪهڙي آهي؟ ڦوڳو چوڻ لڳو: سائين! مارو ائين سمجهه جيئن تارن ۾ چنڊ. عمر بادشاهه چيو ته: تڏهن منهن کولي ايندي؟ ڦوڳيو چيو: سائين! لوئيءَ جو پاند منهن تي هوندس. عمر چيو: لويُون مڙئي لويُون، خبر ته مارو ڪهڙي لوئيءَ اندر آهي؟ هاڻي تون اُٺ جي سنڀال ڪر، پوءِ وڃي تون پنهنجو ڏَنءُ ٺاهه. آءٌ ڪنهن ريب سان وڃي مارو کي سڃاڻي اچان. پوءِ عمر بادشاهه پنهنجا لٽا لاهي، واڻڪو ويس ڪري، هيرا ۽ موتي کيسي ۾ وجهي، واپاري بنجي، ماروءَ جي ڪوٽ کان ٻاهران اچي هوڪو ڏنو ته دوبدو سودي، يا سال مدي جي رکت سان گيهه، اُنّ، ڄُنڊو، ڏاس، ڦَرُ، مال، اناج جي جنس وٺان، سچا موتي ڏيان. عمر جو هوڪو ٻڌي راڻي وڳس ٻانهيءَ کي چيو ته: انهي واڻئي کي سڏ ڪري پڇا ڪر ته ڪٿان جو واپاري آهي. ٻانهيءَ سڏ ڪيس. هيءُ دروازي کان سامهون بيٺل هو. چوڻ لڳو: مائي!عمرڪوٽ جو واپاري آهيان. راڻي، ٻانهيءَ کي چيو ته: اندر وٺي اچينس. عمر بادشاهه واڻڪي ويس ۾ اندر آيو. چوندا آهن ته ”عزت جي مڻ سڀ ڪنهن جي ڳالهائي.“ سو هيءُ ته بادشاهه هو. راڻي کيس عزت سان ويهاري پڇيو ته: ڇا واپار ڪندين، ڪهڙا موتي آندا اٿئي؟ صبح جو پهر هو، ماروءَ کير پئي ولوڙيو. راڻي وڳس ويهي واپار جي خبر ڪئي ته عمر وري باطوني چڪاس ڪئي ته مارو ڪهڙي آهي. موتي ڪڍي راڻي کي ڏيئي، پڇا ڪيائين ته: مائي وڏي! تنهنجو نالو؟ راڻيءَ پنهنجو نالو ٻڌايو. وري اٽڪل سان سندس ڌيءُ ماروءَ جو نالو به معلوم ڪيائين ۽ لوئيءَ جو نمونو ۽ پاند به سڃاڻي ڇڏيائين. پوءِ راڻيءَ کي چيائين ته: مائي! موتي پاڻ وٽ ٽي ڏهاڙا رک، پسنديءَ جو سودو سٺو وڻيو ته واپار نه ته سودو پوي سک ۾. آءٌ ٽئي ڏهاڙي موتي واپس کڻي ويندس. جي پسند آيا ته واپار ڪري ويندس. ائين چئي موتي ڦٽا ڪري اٿيو. ماروءَ لوئيءَ مان پئي ڏٺو. تنهن ويچار ڪيو ته ويس واڻڪو اٿس، باقي آهي واڻيو ڪو نه. نالو به عمرڪوٽ جو پيو وٺي. رب نه ڀلائي ته عمر بادشاهه اهو آهي. اها ڳالهه روح ۾ آڻي پنهنجي ماءُ کي چوڻ لڳي ته: رب نه ڀلائي، ۽ جهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته عمر بادشاهه اهو آهي. ٿئي واپاري ۽ بنا لکپڙهه جي، ضامن ۽ شاهد کان سواءِ، پنهنجي لکن جي ملڪيت ڦٽي ڪري وڃي! اهو بي خبر آهي، منهنجي حسن جي هاڪ ٻڌي آيو آهي، مڪر ڪري واڻيو ٿي مون کي ڏسي ويو آهي. دل ۾ چور پيو اٿم. انهي واڻئي آئي مون ڏي خير ناهي. راڻي وڳس چيو ته: ٿئي عمر ۽ واڻڪو ويس ڪري! توکي اهو خوف دل تي بيٺل آهي، تنهنڪري واڻيو به عمر ٿو نظر اچي. مارئي کڻي ماٺ ڪئي.

عمر بادشاهه وري ڦوڳو وٽ آيو ۽ چيائينس: مارو سڃاڻي آيو آهيان. هاڻي تنهنجو وارو آهي. ڦوڳو تيار ٿي، ڪهاڙي کڻي شهر کان پري وڃي، سڄي رات جهنگ ڪپي، هڪڙو وڏو ڪُهڙ ٺاهيو. سج اُڀرڻ کان پوءِ ٺوڪي باهه ڏنائينس. ڪهڙ ۾ ڪچا لاڻا پيل هئا، اچي دونهون پيدا ٿيو ۽ وڃي آسمان سان چوٽي ٻڌائين. ماڻهن ۾ اچي ٽاهڻ پيو ته خدا خير ڪري، اهو ڏنءُ الائي ڪنهن ٻاريو! ماڻهو هڙئي ڀڳا اوڏهين. ڳوٺ، ٻنيون، تڙ، مال سڃا رهجي ويا. مارو سج اڀرئي کان پوءِ سٺ ساهيڙين سان گڏجي، گهڙا کڻي، کوهه تي آئي. ٿر جا کوهه، سؤ هٿ کان به هيٺ، پاڻي تاري وانگر بکي، کوهه تي ايڏا ڪوس رکيل هئا، جو پاڏا ڇڪين يا ڏهه ٻارهن مڙس گڏجي هڪڙو ڪوس ڪڍن. پر مارو پهلوان هئي. اهو ڪوس اڪيلي سر ڇڪي پئي ڪڍيائين. عمر بادشاهه به اُٺ تي تيار ٿي، تڙ جو پاسو اچي ورتو. ڏسي کڻي ته مارو پاڻ اهو ڪوس ڇڪي ڪڍيو آهي، جيڪو پاڏا ڇڪين، يا ڪي ڏهه ٻارهن مڙس ڇڪين. وائڙو ٿي ويو. خيال ڪيائين ته عورت پهلوان آهي، تڪڙ ۽ جهيڙو نه ڪبو. سو اٽڪل ويڙهائي، اُٺ چڙهئي صدا ڪيائين ته: واٽهڙو مسافر آهيان، اُڃ لڳي اٿم، پاڻي پياريو. مارو چيو: ادا! پاڻي پيارڻ ثواب آهي، اُٺ تان لهي پئو. عمر بادشاهه چيو ته: اُٺ ڏنگواٿم. هُشياري، لهِي، پاڻي پي چڙهندس ته ڪُڏائيندو. وٽو مون ساڻ آهي. اُٺ چڙهئي پاڻي پيارينم، ثواب ٿيندئي. اها ڳالهه ڪري وٽو توشدان مان ڪڍي، اڇلائي ڏنائين. مارو وٽو کڻي ڌوئي پاڻي سان ڀريو. تيسين عمر بادشاهه اُٺ کي ولو ڏياري، واريءَ جي دڙي جي ڀرسان آڻي بيهاريو. مارو بادشاهي وٽو ڏسي حيران ٿي ويئي. پوءِ پاڻيءَ سان ڀري، تريءَ تي رکي، لوئيءَ جو پاند پنهنجي منهن تي سنڀالي، عمر ڏانهن وڃڻ لڳي. عمر بادشاهه چوڻ لڳو ته: مائي! واريءَ جي دڙي تي مٿي چڙهي آءُ ته پاڻي وٺڻ سولو ٿئيم. دڙو اُٺ جي خاني سان برابر آهي، هيٺئين پاسي کان ايندئين ته پاڻي وٺڻ ۾ هارجي ويندو ۽ اٺ به ٽاهه کائيندو. مارو واريءَ جي دڙي تي چڙهي، منهن هيٺ هئس. مسافر کي چيائين ته: ادا! اچي پاڻي وٺ. عمر بادشاهه چوڻ لڳو ته: اڃا به ٻه قدم مٿي چڙهه. جڏهن مارو ٻه قدم کنيا، ته خاني سان برابر ٿي پئي. وري عمر چيس ته: پاڻي مٿي ڪر. مارو جو منهن هيٺ هو، مٿان لوئي جو پاند هئس. هٿ مٿي ڪيائين. وري عمر چيو ته: اڃا به ڪجهه مٿي. ماروءَ سمجهيو ته شايد پاڻي مٿي پهچي نٿو سگهي، تنهنڪري کڙيون کڻي، پٻن تي بيٺي. جنهن مهل پٻن تي بيٺي تنهن مهل زور ڇڏائي ويو. عمر پنهنجي ٻانهن جي ڳراٽي ڦيرائي وٺي جو سٺ ڏني ته مارو اٺ جي خاني ۾ وڃي سٽڪو ڪيو. عمر بادشاهه اٺ کي وٺي هڪليو. ماروءَ کي پڪ رهي ته عمر کنيو ٿو وڃينم، سو ڏاڍيون ريهون ۽ دانهون ڪيائين ۽ ڇڏائڻ لاءِ حيلا ڪيائين، پر عمر بادشاهه به پهلوان هو، تنهن هنجهه ۾ گهُٽي کڻي ويهاريس. تنهنڪري هيٺ ڊهڻ کان قابو ٿي ويئي، باقي دانهون گهڻيون ڪيائين، ڳوٺن منجهه وارث هئا ئي ڪين، جو کڻي ڪو واهر پلي. ساهيڙيون سرتيون ڀڄي آيون ۽ اچي دانهن ڪيائون ته: ماروءَ کي ڪو اوٺي سوار کڻي ويو. مرد هئا ئي ڪين. دانهون ڪري ويهي رهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org