باب ستون
”دلفريب شاھھ“ ۽ ”گلچھر بيگم“ جي ملاقات.
پھرين تھ ”گلچھر بيگم“ ھھڙي عجيب پکيءَ کي ڏسي ڊڄي
ويئي، جو ماڻھوءَ جھڙي سمجھھ رکي ۽ ڳالھائي، ۽
آواز اھڙو سنھڙو ۽ مٺو ھجيس جھڙو بلبل جو. پر ھن
جو خوبصورت نيلو رنگ ۽ وڻندڙ شڪل ڏسي، ھمت آيس ۽
ڊپ لھي ويس. خاص ڪري جڏھن پکيءَ چيس، تھ ”منھنجي
نازنين شھزادي، آءٌ توکي وري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو
آھيان، پر توکي بند ۾ ڏسي آءٌ جليو ٿو وڃان، ۽ ھي
بھ زياده ڏک ٿو ٿئيم تھ آءٌ ست ورھيھ ھن حال ۾
رھندس، جنھن ۾ ھن ”مه لقا“ پري رکيو اٿم.“
شھزادي ھٿ گھمائي پڇڻ لڳي تھ ”سھڻا پکي، تون ڪير
آھين؟ تون سچ پچ ”دلفريب بادشاھھ“ آھين ڪيئن؟ ائين
ڀلا ڪيئن ھوندو؟“ پکيءَ چيو تھ ”ائين برابر آھي.
پر تنھنجي محبت قائم رھڻ لاءِ، مون کي اھا حالت بھ
قبول آھي.“
”گلچھر“ شھزاديءَ ڏوراپو ڏيئي چيس، تھ ”تون ھاڻ
مون کي ٺڳي نھ سگھندين. مون کي خبر آھي تھ تو
”محبوبھ“ سان شادي ڪئي آھي. مون تنھنجا ڏنل جواھر
۽ تنھنجي منڊي ھن وٽ ڏٺي آھي.“
پکيءَ چيو تھ ”اھا ڪھڙي ڳالھھ ٿي ڪرين؟ جي ھن توکي
ائين چيو آھي تھ ڪوڙ ڳالھايو اٿس. ويساھھ ڪر تھ ھن
۽ سندس ماءُ راڻيءَ، توسان ٺڳي ڪئي آھي. تنھنجي
نالو وٺي ”محبوبھ“ بھ مون سان ڀڄي نڪتي، ۽ جڏھن
مون کي انھيءَ ٺڳيءَ جي خبر پيئي، تڏھن مون ھنن
کان پنھنجي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ تنھنجي پچر
ڇڏڻ جي بدران مون ست ورھيھ نيلو پکي ٿي گذارڻ قبول
ڪيو.“
اھا ڳالھھ ٻڌي ”گلچھر“ ڏاڍي خوش ٿي. پنھنجو ڏک ئي
وسري ويس. ھن کي دلاسا ۽ خاطريون ڏيڻ لڳي، ۽
پنھنجي سچي محبت جي پڪ ڏنائينس، ۽ انھيءَ طرح ساري
رات ھنن پاڻ ۾ پيار جون ڳالھيون پئي ڪيون. جڏھن
ڏينھن ٿيو ۽ محلات جا ماڻھو اچڻ لڳا، تڏھن ڏاڍي
رنج سان ھو جدا ٿيا، پر وري رات ملڻ جو انجام
ڪيائون.
انھيءَ کان پوءِ ڏھاڙي رات جو ملندا رھيا، ۽ ھڪٻئي
جي صحبت ۾ ڏاڍا خوش ھئا، ۽ خدا جو شڪرانو پئي
ڪيائون، جنھن کين وري بھ ملايو. پر ھاڻ شھزاديءَ
کي اھو ڊپ ٿي رھيو، تھ ”ھن منھنجي سھڻي نيلي پکيءَ
کي شڪاري پکين کان يا چڙي مارن کان ڪير بچائيندو؟
ڪھڙو شڪ تھ ڪڏھن ھن ننڍڙي پکيءَ کي ڪو ماري کائي
وڃي. پوءِ منھنجو ڪھڙو حال ٿيندو؟“ اھڙين ڳڻتين ۽
فڪرن کان ھن جو سک ئي ڦٽي ويو، ۽ ننڊ نھ ايندي
ھيس: سارو ڏينھن ڏک ۽ انتظار ۾ پيئي روئندي رڙندي
ھئي، ۽ رات جو اچي دريءَ وٽ ويھندي ھئي.
ساڳيءَ طرح نيلو پکي بھ سارو ڏينھن وڻ جي پور ۾
گذاريندو ھو، ۽ پنھنجي پياري شھزاديءَ جي لاءِ پيو
ارمان ڪندو ھو. پر اھا خوشي ھوندي ھيس، جو ڏھاڙي
رات جو ھن سان گڏيو ٿي، ۽ ھن سان ڳالھايائين ٿي.
اميد ھيس تھ انھيءَ طرح ست ورھيھ لنگھي ويندا، ۽
پوءِ ھن سان شادي ڪري باقي حياتي سک ۽ آرام ۾
گذاريندس.
ڪي ڏينھن اتي گذاري، پوءِ نيلي پکيءَ کي دل ۾ آيو،
تھ پنھنجي ملڪ مان وڃي گھمي سماءُ لھي اچان، ۽
ڪوشش ڪريان تھ پنھنجي پياري شھزاديءَ کي ھن بند ۾
خوش رکان. سو اڏامي پنھنجي بادشاھت ڏي ويو. پنھنجي
محلات ۾ لنگھي پنھنجي جاءِ ۾ ويو، ۽ ڪي در ۽ ڪي
جواھر، جي ڪٿي رکيل سجھندا ھئس، سي چھنب ۾ کڻي،
اڏامي وري ”گلچھر“ وٽ آيو، ۽ رات جو اچي کيس
ڏنائين، ۽ چيائين تھ ”ھي ڪنن ۾ وجھھ تھ آءٌ خوش
ٿيان.“
شھزادي اھي در ۽ جواھر ڏسي نھايت خوش ٿي، جو اھي
تمام خوبصورت ۽ قيمتي ھئا. پکيءَ کي چيائين تھ
”ڏينھن جو تون سامھون ٺلھھ تي اچي ويھندو ڪر تھ
مون کي بھ پيو ڏسين، ۽ اءٌ بھ توکي پيئي ڏسان.“
انھيءَ کان پوءِ ھو ائين پيا ڪندا ھئا، ۽ نيلو پکي
وارا ڏيو، پنھنجي محلات مان ھڪڙي نھ ٻي عجيب شيءِ
سوکڙي پاکڙي، کڻي آڻي شھزاديءَ کي ڏيندو ھو. ۽ اھي
شيون اھڙيون تھ عجيب ھونديون ھيون، جو ھوءَ حيران
ٿي ويندي ھئي.
*
|