باب چوٿون
”دلفريب شاھھ“ سان فريب
”دلفريب شاھھ“، ”گلچھر“ جي لاءِ گھڻو ئي نھاريو ۽
واجھايو، پر جڏھن گھڻو وقت ھن کي محلات ۾ نھ
ڏٺائين، تڏھين ڏاڍو بي آرام ٿيو. اھا ڳالھھ راڻي
معلوم ڪري ويئي، پر پئي نٽايائين. نيٺ ھڪڙي ڀيري
راڻيءَ کان سڌو پڇا ڪيائين، تھ ”ھزادي ”گلچھر
بيگم“ ڪٿي آھي؟“ راڻيءَ ورندي ڏني:تھ ”سندس پيءُ
کيس منع ڪئي آھي تھ جيستائين منھنجي ڌيءَ ”محبوبھ
بانوءَ“ جي شادي نھ ٿئي، تيستائين پنھنجي جاءِ کان
ٻاھر نھ اچي.“
”دلفريب شاھھ“ پڇيو، تھ ”ائين ڪرڻ جو ڪھڙو سبب
ھوندو؟“ راڻيءَ چيو، تھ ”مون کي خبر ناھي، نڪي اھو
ٻڌائڻ مناسب ٿي سمجھان.“ تنھن تي ”دلفريب شاھھ“
ڏاڍو ڪاوڙيو. پڪ ٿيس تھ راڻيءَ ۽ سندس ڌيءَ جي ڪري
ھن ويچاريءَ شھزاديءَ کي بند ۾ وڌو اٿن. اھا ڳالھھ
دل ۾ رکي، ھن ڳجھيءَ طرح ”گلچھر“ جي ھڪڙي
نوڪرياڻيءَ کي رشوت ڏيئي پنھنجو ڪيو، ۽ انھيءَ کي
چيائين تھ ”مون کي ڪنھن طرح سان ھلي اھا ڏيکار.“
تنھن انھيءَ نئين محلات جي ھڪڙي دري ڏيکاريس، جتان
ھو انھيءَ سان ڳالھائي سگھي.
پر اھا زال ڪوڙي ھئي، ۽ دغا ڪري وڃي ساري ڳالھھ
راڻيءَ کي ٻڌايائين. تنھن ارادو ڪيو تھ ”دلفريب
شاھھ، سان ٺڳي ڪري. ھن ھيئن ڪيو جو جنھن دريءَ وٽ
”دلفريب شاھھ“ کي بيھي ”گلچھر“ سان انھيءَ رات
ڳالھائڻو ھو، اتي ”محبوبھ“ کي بيھارڻ جو ٺھراءُ
ڪيائين، ۽ ”محبوبھ“ کي سمجھائي ڇڏيائين تھ ڪيئن
انھيءَ مھل بادشاھھ سان ملاقات ڪري ۽ ڳالھائي.
جڏھن رات ٿي ۽ ٺھرايل وقت آيو، تڏھن اونداھيءَ ۾
”دلفريب شاھھ“ ڏاڍيءَ خوشيءَ مان انھيءَ دريءَ وٽ
آيو، ”محبوبھ“ کي گلچھر“ ڄاڻي، ھن سان محبت جون
ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ”محبوبھ“ ڪوڙ ڪري ”گلچھر“ ٿي چيس
تھ ”اوھان جي محبت ڏسي آءُ پاڻ کي خوش نصيب ٿي
سمجھان، پر جيسين راڻيءَ جي ڌيءَ جي شادي نھ
ٿيندي، تيسين آءُ ھن بند ۾ پيئي ھونديس.“
”دلفريب شاھھ“ ھن کي شاديءَ جي پڪ ڏيڻ کان پوءِ
پنھنجي منڊي لاھي نشاني ڪري ھن کي ڏني، ۽ صلاح
ڏنائينس تھ محلات مان نڪري مون سان گڏجي ھل تھ ھلي
ٻئي ھنڌ شادي ڪريون. شھزاديءَ ھن کي مونجھاري جھڙا
جواب پئي ڏنا، ۽ بادشاھھ سمجھيو تھ ڊپ کان ھوءَ
ائين ٿي ڪري تھ متان ڪو ڏسي وٺيس. موڪلائڻ کان اڳ
چيائينس تھ ”سڀاڻي بھ ھيڏي مھل آءُ ايندس، تون مون
کي ھتي ملجئين.“
جڏھن ”محبوبھ“ پنھنجي ماءُ کي انھيءَ ملاقات جو
بيان ٻڌايو، تڏھن راڻي ڏاڍي خوش ٿي. ٻيءَ رات
ٺھرايل وقت تي ”دلفريب شاھھ“ ھڪڙي طلسمي گاڏي تيار
ڪري شھزاديءَ کي ڀڄائي نيڻ جي لاءِ دريءَ وٽ اچي
بيٺو. بادشاھھ جو ھڪڙو دوست وڏو جادوگر ھو، تنھن
ھن کي اھا اڏامندڙ گاڏي ڏني ھئي، جنھن ۾ کنڀن وارا
ڏيڏر گھوڙن جي بجاءِ ٻڌبا ھئا.
رات تمام اونداھي ھئي. ”محبوبھ“ لڪ چوريءَ دريءَ
مان نڪري ”دلفريب شاھھ“ جي ڀاڪر ۾ پئي، جنھن کڻي
گاڏيءَ ۾ رکيس، گھڻي پيار ڏيڻ کان پوءِ پڇيائينس
تھ ”پياري ڪھڙي ھنڌ تنھنجي مرضي آھي تھ ھلي شادي
ڪريون؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”مشھور ”مه لقا“ پري
منھنجي دين جي ماءُ آھي. انھيءَ جي قلعي ۾ ھلي
شادي ڪنداسين.“ ”محبوبھ“ جو مطلب ھو تھ ھھڙي مشڪل
وقت ۾ انھيءَ پريءَ جي صلاح ۽ مدد ھلي وٺان.
*
|