باب ٻارھون
گلچھر بيگم دلفريب شاھھ جي شھر ۾
”گلچھر“ شھزاديءَ اٺ ڏينھن ۽ راتيون برابر پنڌ
ڪيو. ڪٿي بھ ڪين بيٺي. نيٺ ھڪڙيءَ ٽڪر جي پاڙ ۾
پھتي. اھو ٽڪر سارو عاج جو ھو. اھڙو سڀڪپرو ۽ لسو
ھو، جو شھزادي انھيءَ تي چڙھي نٿي سگھي. نيٺ اتي
ٿڪجي ليٽي پيئي اوچتو آنا ياد پيس. ھڪڙو ٿيلھيءَ
مان ڪڍي ڀڳائين تھ آني مان سان جون ڪليون نڪتيون،
جن ۾ ڪڙا لڳل ھئا.
اھي ڪڙا ھٿن ۾ جھلي ڪليون ٽڪر ۾ اٽڪائي ھوءَ مٿي
چڙھڻ لڳي. نيٺ اچي ٽڪر جي چوٽيءَ تي پھتي. پر اتي
وري ھن کي ٻيءَ مشڪلات ورتو. ٽڪر جي پريان سارو
ميدان شيشي جو نظر ٿي آيو، جنھن تي ھلڻ مشڪل ھو، ۽
اھي ڪلين وارا ڪڙا ڪم جا ڪين ھئا. تڏھن وري ٻيو
آنو ڀڳائين تھ انھيءَ مان سندري گاڏي، ٻن ڪبوترن
سان جوٽيل نڪتي، جا وڌي وڏي ٿي.
شھزادي انھيءَ تي چڙھي ويٺي ۽ ڪبوترن کي چيائين تھ
”مون کي دلفريب شاھھ“ جي محلات وٽ ھلي لاھيو تھ
آءٌ اوھان جي گھڻو شڪر گذار ٿيندس.“ جھٽ ۾ اتي وڃي
پھتي. شھزاديءَ جو منھن مٽيءَ سان ڀريل ھو ۽ سندس
ڪپڙا ميرا ھئا، تنھنڪري ڪوبھ سڃاڻي نھ سگھيس. ھن
ماڻھن کان پڇا ڪئي. معلوم ٿيس تھ بادشاھھ شھزادي
”محبوبھ بانو“ سان شادي ڪرڻ وارو آھي، ۽ اھي ٻئي
اتان ٻئي ڏينھن صبح جو لنگھڻ وارا آھن.
اھا ڳالھھ ٻڌي ”گلچھر بيگم“ ڏاڍي غمگين ٿي،
ڀانيائين تھ آءٌ مري وينديس. ملول ٿي محلات جي در
جي سامھون، ھڪڙي پھڻن جي ڍڳ تي چڙھي وارن ۾ پنھنجو
منھن لڪائي ويھي رھي. نڪي کاڌائين نڪي پيتائين،
اتي جو اتي ليٽي پيئي، ۽ ساري رات گذاريائين. جڏھن
سج اڀريو، تڏھن ھيءَ اٿي ويھي رھي، تھ سگھو ئي
بادشاھھ ۽ ”محبوبھ بانو“ گڏ ڏوليءَ ۾ ويٺل اچي
اتان لنگھيا، ۽ ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ ٿي آيا.
اوچتو ”محبوبھ بانوءَ“ جي نظر ”گلچھر“ تي پيئي.
گھنڊ وجھي شوخيءَ مان چيائين تھ ”اڙي تون ڪير
آھين، جو اسان کي ايترو ويجھو اچي بيٺي آھين؟“ ھن
ورندي ڏني، تھ ”آءٌ ھڪڙي ٻھراڙيءَ جي غريب زال
آھيان، ۽ تمام پري پنڌ کان حضور جن کي ڪي عجيب
شيون ڏيکارڻ لاءِ آئي آھيان، جي وڪڻڻيون اٿم.“
پوءِ پنھنجي ٿيلھيءَ ۾ ھٿ وجھي ٻھ وڏا فيروزا ڪڍي
ڏيکاريائينس، جي ڪراين تي ڍڪڻ جا ھئا، جي ”دلفريب
شاھھ“ ھن کي ڏنا ھئا.
”محبوبھ اھي ڏسي چيو، تھ ”ھي ڏاڍا سھڻا شيشن جا
ٽڪر آھن. وڪڻدينءَ؟ آئون توکي پائلي ڏينديس.“
گلچھر“ چيو تھ ”راڻي، اھي ڪنھن جواھريءَ کي
ڏيکاريو، تھ اھو اوھان کي انھن جي سچي قيمت
ٻڌائي.“ تنھنڪري ’محبوبھ‘ بھ اھي ”دلفريب شاھھ“ کي
ڏيکاريا، ۽ پڇيائينس تھ ”ھي اوھان کي وڻن ٿا يا
نھ؟ بادشاھھ کي اھي ڏسي، ھڪدم جيڪي اھڙا جواھر
’گلچھر‘ کي ڏنا ھئائين، سي ياد پيا.
بادشاھھ ٿڌو ساھھ کڻي چوڻ لڳو تھ ”ھنن جو ملھھ
منھنجي ساريءَ بادشاھت جي برابر آھي. آءٌ سمجھندو
ھوس تھ اھڙو جوڙو دنيا ۾ فقط ھڪڙو آھي، پر ھاڻ
معلوم ٿيم تھ ڪو ٻيو بھ اھڙوئي آھي.“ ”محبوبھ“
بادشاھھ جي ھٿان اھي وٺي، ”گلچھر“ کان پڇيو تھ
مائي، تون ھنن جو ڪيترو ملھھ ٿي گھرين؟“
”گلچھر چيو تھ ”راڻي، اوھين انھن جو ملھھ ڏيئي ڪين
سگھندؤ. ليڪن ھڪڙي شرط تي آءٌ اھي ڏينديس.“
’محبوبھ‘ پڇيو تھ ”اھو ڪھڙو شرط آھي؟“ ’گلچھر‘ چيو
تھ ”بادشاھھ جي محلات ۾ جيڪو پڙلائن وارو ڪمرو
آھي، تنھن ۾ مون کي ھڪڙي رات سمھڻ جي اجازت ڏيو،
تھ پوءِ انھيءَ جي عيوض آءٌ ھي فيروزا اوھان کي
ڏينديس.“
”محبوبھ“ کلي چيو تھ ”چڱو، قبول آھي.“ ۽ دل ۾ ڏاڍي
خوش ٿي تھ مون اھي جواھر ڏاڍا سستا ورتا آھن.
*
|