باب ٽيون
”دلفريب شاھھ“ ۽ ”گلچھر بيگم“
جيڪي ويچاري ”گلچھر بيگم“ سان ٿي گذريو، تنھن جي
”دلفريب شاھھ“ کي ڪا بھ خبر ڪانھ ھئي. اميد ھيس تھ
شام جو ھميشه وانگي ھن کي ڏسندو ۽ ساڻس
ڳالھائيندو. جيڪي خدمتگار يا ٻيا ماڻھو سندس
حاضريءَ ۾ ڇڏيا ويا ھئا، تن کي راڻيءَ لبي پنھنجو
ڪيو ھو، انھن سان جڏھن ”دلفريب شاھھ“ شھزاديءَ
”گلچھر“ جي تعريف ڪندو، تڏھن ھو چوندا ھئس تھ
”سائين اوھان کي خبر ڪانھي، اسان کي ھن جي چڱي خبر
آھي. ھوءَ انھيءَ تعريف جي لائق نھ آھي. شڪل جي
برابر چڱي آھي، مگر سندس طبيعت خراب آھي.“
انھيءَ طرح وقت بوقت ”گلچھر“ جي گلا ۽ ’محبوبھ‘ جي
تعريف ڪندا رھندا ھئا. ھو دل ۾ پڪ ڄاڻندو ھو تھ
اھڙيءَ شڪل واري زال ڪڏھن بھ اھڙي خراب نھ ھوندي.
ھن جي چڱن گڻن جي خاطري ھيس، مگر راڻيءَ ۽ سندس
ڌيءَ کي آسانيءَ سان خبر پئي سگھي ٿي، تھ ”دلفريب
شاھھ“، ”گلچھر“ شھزاديءَ جي محبت ۾ ڦاٿل آھي، ۽
”محبوبھ“ شاھزاديءَ کي ٽٺل آھي. جڏھن ھنن راڻيءَ
کي اھا ڳالھھ ٻڌائي، تڏھن ھوءَ زياده ڪاوڙي.
ھاڻي ڏسون تھ ”گلچھر بيگم“ جو ھن نئين محلات ۾
ڪھڙو حال ھو؟ ھوءَ ڏاي ڏک ۽ ارمان ۾ ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾
وڃي پيئي. ٿڌا ساھھ کڻي پئي چيائين، تھ ”دلفريب
شاھھ“ جي اچڻ کان اڳي، جي مون کي ھتي آڻي ڇڏين ھا
تھ بھتر ھو. ھن جي ڏٺي کان ۽ ھن سان ڳالھائڻ کان
پوءِ منھنجي دل ھن لاءِ سڪي ٿي. مون کي پڪ آھي تھ
مون کي ھن کان پري ڪرڻ جي لاءِ، راڻيءَ ائين ڪيو
آھي.“ انھيءَ طرح روئي سڏڪا ڀري سمھي پيئي.
ھوڏي راڻيءَ ”دلفريب شاھھ“ کي خوش ۽ راضي رکڻ لاءِ
ڪوشش پئي ڪئي. ڏاڍا عمدا عمدا تحفا ڏانھس موڪلڻ
لڳي، ۽ مڙس کي بھ صلاح ڏنائين تھ دستور موجب ھن کي
آبرو ۽ قدردانيءَ جو شاھي نشان تمغو ڏئي. اھو نشان
سون مان ٺاھيل دل جھڙي شڪل جو ھوندو ھو، جو ڇاتيءَ
تي لڳائبو ھو. اھڙو نشان ”دلفريب شاھھ“ لاءِ
ھڪڙيءَ وڏيءَ لعل مان ٺاھيو ويو، جو آني جيڏو ھو،
۽ نھايت سھڻو ۽ قيمتي ھو، ۽ انھيءَ جي زنجيري
سونيءَ بدران جواھرن جي ھئي. اھو نشان ڏسي ”دلفريب
شاھھ“ حيران ٿي ويو.
اھو نشان راڻيءَ جي ماڻھن شھزاديءَ جي طرفان سوکڙي
ڪري آڻي ڏنو. پر اھو ڏسي ”دلفريب شاھھ“ کي ”گلچھر
بيگم“ ياد پوڻ لڳي. ڀانيائين تھ انھيءَ شھزاديءَ
جي نالي ٿا چون، سو ڏاڍو خوش ٿيو. پر جڏھن ماڻھن
ٻڌايس تھ شھزاديءَ ”محبوبھ“ اھو موڪليو آھي، تڏھن
عذر ڪري چوڻ لڳو، تھ ”آءٌ انھيءَ شرف جو لائق نھ
آھيان، ۽ نھ انھيءَ جا حق مون کان پوريءَ طرح ادا
ٿي سگھندا. تنھنڪري ھي موٽائي کڻي وڃو، ۽ منھنجي
طرفان معافي گھرو.“ جڏھن راڻيءَ ۽ سندس ڌيءَ کي
اھا حقيقت معلوم ٿي، تڏھن ڪاوڙ ۽ حسد کان سندن دل
ڪباب ٿي ويئي.
*
|