باب ڏھون
گلچھر بيگم سفر تي نڪري ٿي
مٿي چيو ويو آھي تھ ”دلفريب شاھھ“ جو ھڪڙو جادوگر
دوست ھوندو ھو، جنھن کيس ڏيڏرن واري گاڏي ڏني ھئي.
جڏھن اھي ڏيڏر خالي گاڏي وٺي موٽي وٽس ويا، تڏھن،
ھو ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو. جڏھن ڳچ وقت بادشاھھ
کي نھ ڏٺائين، تڏھن پڪ ٿيس تھ خير ڪونھي. اٺ ڀيرا
ساري دنيا گھمي آيو، پر پنھنجي دوست جو پتو نھ
پيس.
نائين ڀيري نڪرڻ تي ھو تھ اتفاق سان انھيءَ جھنگ ۾
آيو، جتي اھو نيلو پکي ڦٽيو پيو ھو. دستور موجب
پنھنجو جادو ھلائي سڱ وڄائي، وڏي آواز سان چيائين
تھ ”دلفريب بادشاھھ، دلفريب شاھھ، ڪٿي آھين؟“
”دلفريب شاھھ“ ھڪدم پنھنجي دوست جو آواز سڃاتو، ۽
زخمن جي ضعف جي ڪري ڍرائيءَ سان جواب ڏنائين تھ
”اجھو، ھن وڻ ۾ ڦٽيو پيو آھيان.“
جادوگر جي ڪن تي اھو آواز پيو. ھن ھيڏي ھوڏي
نھاريو، پر ڪي بھ ڏسڻ ۾ نھ آيس. تڏھن بادشاھھ وري
چيس تھ ”نيلو پکي آھيان، ھن وڻ ۾ پيو آھيان.“ تنھن
تي جادوگر سندن آکيري وٽ آيو. جادوءَ جا ٻھ ٽي اکر
پڙھي، ھن تي ھٿ گھمايائين تھ ھن جو رت بيھي ويو، ۽
ڦٽ ڇٽي ويس. پوءِ ھن جي پڇڻ تي بادشاھھ ساري ڳالھھ
ڪري ٻڌايس تھ ڪيئن ھو ماڻھوءَ مان بدلجي پکي ٿي
پيو ھو.
جادوگر بادشاھھ کي صلاح ڏني تھ ”في الحال شاھزادي
”گلچھر“ کي وساري ڇڏ، جو ھن توتي ھيتري مصيبت آندي
آھي، ۽ امڪان آھي تھ انھيءَ کان بھ وڌيڪ ڪا ٻي
مصيبت انھيءَ جي ڪري توتي اچي. پر پکيءَ چيس تھ
”ڪھڙي بھ ڳري مصيبت مون تي ايندي تھ آءٌ ھن جي
محبت کان بس نھ ڪندس. تون ڀلائي ڪري مون کي ڪنھن
پڃري ۾ وجھي پنھنجي گھر کڻي ھل، جتي آءٌ ڪنھن
شڪاريءَ پکيءَ يا ماريءَ جي ايذاءُ کان امن ۾
رھان.“
جادوگر پڇيس تھ ”باقي پنج ورھيھ تون انھيءَ حال ۾
رھڻ پسند ٿو ڪرين ڇا؟ ايترو خيال نٿو اچيئي تھ
انھيءَ وچ ۾ تنھنجا دشمن تنھنجي ملڪ تي ڪاھي،
تنھنجي بادشاھت ھٿ ڪري ويندا، ۽ جي کڻي تنھنجي
اميرن کي خبر بھ پوي تھ تون نيلو پکي ٿيو آھين، تھ
بھ ھو تنھنجي پرواھھ ڪانھ ڪندا ۽ نھ توکان ڊڄندا.“
انھيءَ وچ ۾ ويچاري شھزادي ”گلچھر“ جڏھن پنھنجو
نيلو پکي وري نھ ڏٺو، تڏھن ڏاڍي ڳڻتي ٿيس. خبر نھ
پئي پيس تھ ڇا ٿيس ۽ جيئرو آھي يا نھ. ڪڏھن اھڙا
بھ پئي شڪ پيس تھ ھن مٿانئس پنھنجي دل لاھي ڇڏي
آھي. ويچاري ڏاڍي غم ۾ دريءَ وٽ سڏ ڪرڻ وارو بيت
پڙھندي رھي، پر پکي منھن ڪونھ ڏيکاريو. کائڻ پيئڻ
ڇڏي ڏنائين، ۽ بيمارن وانگي پئي گذاريائين.
ايتري ۾ بادشاھت ۾ گھڻي ڦير گھير پئجي ويئي.
”گلچھر“ جو پيءُ ٻڍو بادشاھھ بيمار ٿي پيو. گھڻائي
علاج ڪيائون، تھ بھ نھ ڇٽو ۽ نيٺ مري ويو. وزيرن
اميرن سڀني گڏجي صلاح مشورت ڪري اھو ٺھراءُ ڪيو تھ
سندس ڌيءُ ”گلچھر بيگم“ کي بند مان ڪڍي تخت تي
ويھارجي، جو اھا حقدار ۽ وارث آھي.
انھيءَ ڪري راڻي ڏاڍي ڪاوڙي، ۽ وزيرن اميرن کي
ڌمڪايائين، ۽ اجايو سجايو ڳالھايائين ۽ چيائين تھ
”اوھان جو ڪوبھ ھن ڪم ۾ واسطو ڪونھي.“
تنھن تي ھو سڀ چڙيا ۽ منصوبو ڪري ڪاھي محلات ۾
آيا، ۽ ھن کي سنگسار ڪري ماري وڌائون، سندس ڌيءَ
”محبوبھ بانو“ ڊپ کان ڀڄي، پنھنجي دين جي ماءُ ”مه
لقا“ پريءَ وٽ ويئي. اميرن وزيرن ”گلچھر بيگم“ کي
بيماريءَ جي حالت ۾ کڻي محلات ۾ آندو، ۽ زور ڪري
تخت تي وھاريائونس، ۽ سندس مٿي تي ڇٽ رکيائون.
طبيب حڪيم گڏ ڪري سندس علاج ڪيائون. نيٺ ٿورو ٿورو
ٿي ھوءَ چڱي ڀلي ٿي. پوءِ ڪي ڏاھا وزير حڪومت
ھلائڻ لاءِ ويھاري، پاڻ پنھنجي نيلي پکيءَ جي ڳولا
۾ سفر تي نڪتي. تمام قيمتي جواھرن جي ھڪڙي ٿيلھي
پاڻ سان کنيائين، پوءِ اڪيلي نڪري پيئي، ۽ ڪنھن کي
بھ ڪين ٻڌايائين تھ ڪھڙي پاسي ٿي وڃان.
*
|