باب پھريون
نيلو پکي
ٻھ شھزاديون
ڪنھن ملڪ ۾ ھڪڙو بادشاھھ رھندو ھو. انھيءَ وٽ سو
ن، روپي ۽ جواھرات جو وڏو خزانو ھوندو ھو. ۽ ملڪ
بھ جھجھو ھوندو ھوس. سندس محلات سان لڳ ھڪڙو وڏو
باغ ھوندو ھو، جنھن ۾ عجيب غريب ميون ۽ گلن جا وڻ
ھوندا ھئا. شھر کي ويجھو وري ھڪڙو وڏو ٻيلو ھو،
جنھن ۾ ھرڻ، ڦاڙھا ۽ ٻيا جانور ھوندا ھئا، جن جو
ھو شڪار ڪندو ھو.
گھڻن ورھين جي راڄ کان پوءِ ھن بادشاھھ تي ھڪڙو
وڏو ڏک نازل ٿيو. سندس راڻي، جنھن سان ھن جي حد
کان وڌيڪ محبت ھئي، ۽ جنھن سان ھيترا ورھيھ ڏاڍي
خوشيءَ ۽ آرام ۾ پئي گذاريائين، سا بيمار ٿي پيئي.
ھوشيار طبيب گھرايا ويا، ۽ انھن علاج ڪيا، پر
فائدو ڪونھ رسيو. روز بروز وئي ابتر ٿيندي. نيٺ
ھوءَ مري ويئي. اھڙيءَ محبتڻ راڻيءَ جي مرڻ ڪري،
بادشاھھ نھايت گھڻو غمگين ٿيو.
انھيءَ غم ۾ ھو اٺ ڏينھن تھ ھڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ پوريو
پيو ھو، ۽ پئي رنائين ۽ ڪنھن سان بھ ڪين ٿي
ڳالھايائين. رڳو ھڪڙو نوڪر سو ماني اچي ڏيئي ويندو
ھوس، سا بھ کاڌي نھ کاڌي جھڙي. اٺن ڏينھن جي ماتم
کان پوءِ ھو نڪتو سھي، ۽ ڪچھريءَ ۾ ايندو ھو، ليڪن
ھميشه غمگين رھندو ھو، ۽ شڪار يا ڪنھن ٻئي تماشي
کي ويجھو نھ ويندو ھو. رعيت اھڙي دلعزيز بادشاھھ
کي، ھھڙي غمگينيءَ جي حالت ۾ ڏسي، ڏاڍا ارمان ڪندي
ھئي. اھڙو ڊپ ھون تھ شايد ھو بھ بيمار ٿي مري نھ
وڃي.
ڪي ماڻھو ھن کي وڃي دل وندرائيندڙ ڳالھيون
ٻڌائيندا ھئا، ڪي فوتي راڻيءَ جي تعريف ڪندا ھئا،
ڪي دڙ دلاسا ڏيندا، يا چرچا مسخريون ڪندا ھئا، پر
بادشاھھ اصل ۾ ڪين کلندو ھو، ۽ نھ خوش ڏسڻ ۾ ايندو
ھو. وزير امير ملڪن جون خبرون ڏيندا ھئس، ۽ گھڻائي
مسئلا پيش ڪندا ھئس تھ من انھن تي ويچار ڪري، ۽
اھا غم جي ڳالھھ وسري وڃيس، پر انھن مان بھ ڪو
فائدو نھ ٿيو.
آخر ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي ڌاري زال ڪاري پوشاڪ ۾ اتي
آئي. منھن تي بھ ڪارو برقعو پيو ھوس. پئي سڏڪا
ڀريائين ۽ رنائين، پر ڪڇيائين ھڪڙو اکر بھ ڪين ٿي.
بادشاھھ ھن کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. کيس اڳئي گھڻو
ڏک ھو، پر ھن جو ڏک پنھنجي کان زياده ٿي ڏٺائين.
بادشاھھ حال احوال پڇيس. چيائين تھ ”سائين آءٌ ٻين
وانگي اوھان جي غم گھٽائڻ لاءِ نھ آئي آھيان، پر
غم وڌائڻ لاءِ آئي آھيان. اھڙيءَ نيڪ ۽ خوبصورت
راڻيءَ لاءِ، جيترو وڌيڪ افسوس اوھين ڪريو اوترو
چڱو آھي. ”منھنجو مڙس ڏاڍو چڱو ماڻھو ھوندو ھو.
انھيءَ سان منھنجي ڏاڍي محبت ھوندي ھئي، ۽ ھن جي
بھ مون سان محبت گھڻي ھوندي ھئي. ھو مري ويو آھي،
تنھن کان پوءِ آءٌ بھ رات ڏينھن انھيءَ ڏک ۽ ماتم
۾ آھيان. خوشيءَ کان وڌيڪ انھيءَ ڏک مان لذت پيئي
اچي.“ اھا ڳالھھ بھ پئي ڪيائين ۽ زارو زار بھ پئي
رنائين. ھن جو حال ڏسي بادشاھھ کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
پنھنجو ڏک ئي وسري ويس. انھيءَ طرح ھن پنھنجي مڙس
جي تعريف بادشاھھ سان پئي ڪئي ۽ ٻنھي گڏجي ڏک ۽
ارمان پئي ڪيو.
انھن ڳالھين ڪندي اوچتو زال پنھنجو برقعو ڪيرائي
وڌو ۽ اکيون اگھيائين، جنھنڪري بادشاھھ جي نظر ھن
جي منھن تي پيئي. جيتوڻيڪ ھو تمام جوان بھ نھ ھئي،
تھ بھ نھايت حسين ھئي. ھن جا گلابي ڳل ۽ ڪاريون
اکيون ۽ سفيد پيشاني ۽ جاڙا ڀرون ڏسي بادشاھھ
حيران ٿي ويو، ٻيو ماتم جي ڪاري ويس ۾، ھوءَ پاڻ
زياده خوبصورت ٿي لڳي.
بادشاھھ کي ھن جي لاءِ اڳي کان بھ زياده ڏک ٿيڻ
لڳو. ڪيترائي ڏينھن بادشاھھ ۽ انھيءَ زال ھمدرديءَ
۾ پئي ڳالھايو ۽ ڏک ڪيو. ٿورو ٿورو ٿي بادشاھھ کان
پنھنجي راڻيءَ جو غم وسرندو ويو، ۽ انھيءَ بابت
گھٽ ذڪر ڪرڻ لڳو، ۽ انھيءَ زال سان محبت ٿيڻ لڳس.
پر زال پنھنجي مئل مڙس جي غم کان اڃا بھ بس نھ پئي
ڪئي. اٽلندو بادشاھھ ھن کي دلاسا ۽ دلبريون ڏيڻ
لڳو، ۽ چوڻ لڳس تھ ”ڪيترو ھن جي لاءِ ارمان
ڪندينءَ، ڇو ٿي پنھنجو سک ۽ آرام ڦٽائين!“ پر ھن
بس نھ پئي ڪئي.
نيٺ بادشاھھ ھن کي چيو تھ مون سان شادي ڪر، شايد
پاڻ گڏ رھي گذريل ڏک وساريون، ۽ اڳتي لاءِ خوش
رھون. اھا زال بھ انھيءَ ۾ راضي ٿي. اصل سندس مطلب
ئي اھو ھو تھ ڪنھن تجويز سان بادشاھھ جي زال ۽
راڻي ٿئي. سگھو ئي زال ماتم جا ڪپڙا لاھي شاھي
پوشاڪ ڍڪي، جنھن ۾ ھن جو حسن اڳي کان ٻيڻو ٿيو.
ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي، ۽ خلق ڏاڍيون خوشيون
ڪيون. جو ڏٺائون تھ نيٺ سندن بادشاھھ وري بھ اڳي
وانگي خوش ۽ خورم گذارڻ لڳو.
انھيءَ بادشاھھ کي اڳين زال مان ھڪڙي ڌيءَ ھئي. جا
پندرھن ورھين جي ھئي. اھا تمام خوبصورت ھئي،
انھيءَ جو نالو ”گلچھر بيگم“ ھو، ۽ حقيقت ڪري ھن
جي شڪل گلاب جي گل جھڙي ھئي. پر ھوءَ طبيعت جي ڪري
ڏيک ۽ پوشاڪ ۽ زيورن کي پسند نھ ڪندي ھئي. صاف سٺن
رواجي ڪپڙن تي راضي رھندي ھئي. زيورن جي بدران گلن
جو ھار ڳچيءَ ۾ وجھندي ھئي، يا ٻين زيورن جي جاءِ
تي ڪم آڻيندي ھئي.
بادشاھھ جي نئين راڻيءَ کي بھ پنھنجي اڳئين مڙس
مان ھڪڙي ڌيءَ ھوندي ھئي، جا ھن شاديءَ کان پوءِ
پاڻ وٽ گھرائي محلات ۾ رکي، انھيءَ جو نالو
’محبوبھ بانو‘ ھو. پر حقيقت ڪري اھو نالو ساڻس
لاڳو نھ ٿي ٿيو، ڇا لاءِ جو ھوءَ محبت رکڻ جھڙي نھ
ھئي، بلڪ انھيءَ جي برعڪس ھئي. ڏاڍي شوخ ۽ بدطبيعت
۽ کنڊي ھئي. اڪثر اھڙا خراب ۽ بيقياسيءَ جھڙا ڪم
ڪندي ھئي، جو ساڻس محبت ڪرڻ جي بدران، پاڻ ماڻھن
کي دل ۾ نفرت پيدا ٿيندي ھئي.
ھوءَ شڪل جي بھ چڱي ڪين ھئي، نڪا کيس پنھنجي بت جي
صفائي ۽ سٺائي جي ڳڻتي ھوندي ھئي. بعضي تھ ڏينھن
جا ڏينھن ڦڻي ڪانھ ڏيندي ھئي. انھيءَ ھوندي بھ
ھوءَ پنھنجي ماءُ کي ڏاڍي پياري ھوندي ھئي. ھن جي
نظر ۾ ’محبوبھ‘ جھڙي خوبصورت ڇوڪري ٻي دنيا ۾ ڪانھ
ھئي. ھن جي ساراھھ ۾ جھڙو بادشاھھ وٽ تھڙو ٻين
ماڻھن وٽ ڍاپندي ئي نھ ھئي. بادشاھھ جي دل تي اھو
اثر وجھڻ گھرندي ھئي، تھ ”گلچھر“ کان بھتر آھي، ۽
زياده محبت ۽ مان جي لائق آھي.
’گلچھر‘ جي بھ ’محبوبھ‘ سان نھ پوندي ھئي. ھنن جي
طبيعت اصل ھڪٻئي جي برعڪس ھئي. اھو ڏينھن ئي ڪونھ
گذرندو ھو، جنھن ۾ راڻي يا سندس ڌيءَ ھن سان ڪا
ٺڳي يا حرڪت يا تڪرار نھ ڪندي ھئي. پر ”گلچھر“
ڏاڍي سمجھھ ۽ صبر واري ھئي، سا تڪرار ٽاري ڇڏيندي
ھئي، ۽ جيڪي ھو چونديون يا ڪنديون ھيون، تنھن تي
خيال ئي ڪونھ ڏيندي ھئي.
* |