سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب:نيلو پکي

باب: 6

صفحو :6

باب ڇھون

گلچھري بيگم جي ڪمبختي

 

”مه لقا“ پري ”محبوبھ“ کي سندس ماءُ راڻيءَ ڏي موڪلي ڏنو، جو ان کي ھن جو گھڻو انتظار ھو. جڏھن ڌيءَ کان سارو احوال ٻڌائين، تڏھن ڏاڍي ڪاوڙي. دل ۾ ارادو ڪيائين تھ انھيءَ جي عيوض ۾ ”گلچھر“ کي سزا ڏينديس. جنھن محلات ۾ ھوءَ بند ھئي، تنھن ۾ پاڻ ۽ ڌيڻس وڏي تجمل سان گڏجي ويون. ”محبوبھ“ کي نھايت عمدي پوشاڪپيئي ھئي، ۽ آڱر ۾ ”دلفريب شاھھ“ واري منڊي پيئي ھيس.

راڻيءَ ”گلچھر“ کي چيو تھ ”منھنجي ڌيءَ توکي اھي ڳھھ ڳٺا ڏيکارڻ آئي آھي، جي کيس ”دلفريب شاھھ“ شاديءَ مھل ڏنا آھن. ھو پاڻ ۾ ڏاڍا خوش پيا گذارين.“ ”گلچھر“ ويچاري اھا ڳالھھ وسھي ويئي، ۽ ”محبوبھ“ جا زيور ۽ جواھر ڏسي ڏاڍي غمگين ٿي، خصوصا ”دلفريب شاھھ“ جي ھٿ ۾ جا منڊي ڏٺي ھئائين، سا ھن جي ھٿ ۾ ڏسي سڙي ويئي. پڪ ٿيس تھ ھنن جي شادي ٿي آھي.

انھيءَ ارمان ۽ ڏک جو مٿس اھڙو اثر ٿيو، جو ھوءَ بيھوش ٿي ويئي. راڻي ھن جو حال ڏسي خوش ٿي، ۽ ھن کي ھوش ۾ آڻڻ جي بدران ھلي ويئي، ۽ وڃي بادشاھھ کي چيائين تھ ”گلچھر“ ”دلفريب شاھھ“ جي محبت ۾ اھڙي تھ ديواني ٿي ويئي آھي، جو ھن جي زياده سنڀال رکڻ ضروري آھي، نھ تھ ھو ڪو خواريءَ جھڙو ڪم ڪري ڇڏيندي.“

بادشاھھ چيس تھ ”جيئن توکي مناسب نظر اچي، تيئن ڪر.“

ھوڏي جڏھن ”گلچھر بيگم“ ھوش ۾ آئي، تڏھن رات ھئي. راڻيءَ جي ظلم جي ھلت ياد ڪري ڏاڍو ڏک ٿيس. پڪ ٿيس تھ ”دلفريب شاھھ“ سان شادي ڪرڻ جو ڪوبھ امڪان ڪونھي. کليل دريءَ وٽ ويھي روئڻ ۽ آرام ڪرڻ لڳي. ساري رات بي آراميءَ ۾ گذاريائين. جڏھن صبح ٿيو، تڏھن دري بند ڪري، اندر جاءِ ۾ لڪي روئڻ ۽ ڏک ڪرڻ لڳي تھ متان ڪو ٻيو ماڻھو ڏسيس.

ٻيءَ رات وري بھ ھن اھا ساڳي دري کولي اتي ويھي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. انھيءَ طرح ٻي رات بھ روڄ ۽ راڙي ۾ گذاريائين، ۽ صبح جو وري بھ دري بند ڪري اندر وڃي ويٺي. انھيءَ وچ ۾ ”دلفريب شاھھ“ جو ھاڻ نيلو پکي ھو، سو انھيءَ مڪان جي چوڌاري پئي ڦريو ۽ اڏاڻو. معلوم ٿيس تھ سندس پياري شھزادي اتي آھي. درين کي ويجھو وڃي، محلات جي جدا جدا جاين ۾ پئي جھاتيون پاتائين، اگرچ ظالم راڻيءَ کان ڊنو بھ گھڻو ئي ٿي. انھيءَ ڪري رات کان سواءِ ڳائيندو ۽ ٻوليون نھ ڪندو ھو.

جنھن دريءَ وٽ ”گلچھر بيگم“ ويھندي ھئي، انھيءَ جي سامھون ھڪڙو وڏو وڻ ھوندو ھو. انھيءَ ۾ ھي نيلو پکي ھڪڙي ڏينھن شام ڌاري اچي ويٺو. اڃا ھو اتي مس ويٺو تھ دري بھ کلي، ۽ سگھو ئي انھيءَ مان ھڪڙيءَ زال جو ڏک ڀريو آواز ٻڌائين، جنھن پئي چيو تھ ”ھاءِ ھاءِ، ڪيستائين آءٌ ھي عذاب پيئي سھنديس. ٻيا سکيا ماڻھو دنيا ۾ پيا مرن، مون ڏکيءَ لاءِ موت ئي نٿو اچي. او ظالم راڻي، مون تنھنجو ڪھڙو قصور ڪيو ھو، جو تو مون کي ھن بند ۾ آڻي وڌو آھي؟“

نيلي پکيءَ اھي لفظ چٽا ٻڌا، ۽ ڏاڍو حيران ٿيو. ساري رات اتي گذاريائين. جڏھن ڏينھن ٿيو، تڏھن شھزادي دري بند ڪري ھلي ويئي. پوءِ ھو بھ اڏامي ويو، پر رات جو وري انھيءَ ھنڌ آيو. سگھو ئي چانڊوڪي ٿي، ۽ نيلي پکيءَ دريءَ وٽ ھڪڙي جوان زال ڏٺي، جا وري بھ ڏک مان چوڻ لڳي، تھ ”مون ڇا ڪيو آھي، جو منھنجو اھڙو حال ٿيو آھي؟ ڪڏھن تھ آءٌ پنھنجي پيءُ بادشاھھ جي پياري ڌيءَ ھيس. اڄ تھ اجھو ھھڙي سخت بند ۾ پيئي آھيان.“

نيلي پکيءَ کي اھي لفظ ٻڌي پڪ ٿي تھ اھا سندس پياري شھزادي آھي، جا پيئي انھيءَ طرح روئي، ۽ ڏک ۽ ارمان ڪري، ماڻھن وانگي ڳالھائڻ جي طاقت مليل ھيس، تنھنڪري چوڻ لڳو تھ ”پياري ”گلچھر“، تون ڇو ٿي اھڙا ڏک ۽ ارمان ڪرين. خدا ۾ اميد رک. تنھنجي اھا سختي ڪنھن نھ  ڪنھن رستي دفع ٿي سگھندي.“

شھزاديءَ کي خبر نھ پئجي سگھي تھ ھي آواز ڪٿان ٿو اچي، سا حيران ٿي چوڻ لڳي تھ ”ھي ڪير آھي، جو مون کي ھھڙا دلاسا ٿو ڏئي؟“ نيلي پکيءَ جواب ڏنو تھ ”اھو جو توکي ساھھ کان وڌيڪ ٿو گھري ۽ پيار ڪري، ۽ جو توکان سواءِ ٻئي ڪنھن کي پنھنجي دل نھ ڏيندو. اھو آءٌ ڪم نصيب بادشاھھ آھيان، جو ھن صورت ۾ ٿي پيو آھيان.“ ائين چئي ھو دريءَ مان اڏامي اندر ويو.

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com