باب ٻيو
دلفريب بادشاھھ جو اچڻ
ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ راڻيءَ کي چيو تھ ”ھاڻ اسان
جون ڌيون ”گلچھر“ ۽ ’محبوبھ‘ وڏيون ٿيون آھن، ھڪڙي
جي شادي ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪو بادشاھھ اسان وٽ اچي
مھمان ٿيو تھ انھيءَ سان ھڪڙيءَ جي شاديءَ جو
بندوبست ڪنداسين.“
راڻي چيو تھ ”ائين بھتر آھي، پر پھرين منھنجي ڌيءَ
’محبوبھ‘ جي شادي ٿيڻ گھرجي، جو ھوءَ ”گلچھر“ کان
وڏي بھ آھي ۽ زياده حسين بھ آھي“ بادشاھھ چيو تھ
”جيڪا تنھنجي مرضي.“
ٿوري وقت کان پوءِ پاسي واري بادشاھھ ”دلفريب
بادشاھھ“ جو قاصد آيو، تنھن چيو تھ بادشاھھ اچڻ
وارو آھي. اھو بادشاھھ مشھور بھادر ۽ خوش طبع ھو،
۽ دولتمند بھ ڏاڍو ھو ۽ ھو بھ ڇڙو، تنھنڪري ھڪڙي
شھزاديءَ سان شادي ڪرڻ جو ھر طرح لائق ھو. راڻيءَ
انھيءَ جي اچڻ جو ٻڌي ڌيءَ جي ڏاج جي تياري ڪئي، ۽
درزي ۽ سونارا گڏ ڪري، پوشاڪون سبائڻ ۽ زيور
ٺھرائڻ لڳي. ” گلچھر““ جي نالي چيائين تھ ھن وٽ
اڳيئي گھڻا وڳا ۽ زيور آھن، وڌيڪ ٺھرائڻ جو ضرور
ڪونھي، ۽ شادي بھ ’محبوبھ‘ جي ٿيڻي ھئي.
جنھن ڏينھن ”دلفريب شاھھ“ اچڻو ھو، تنھن ڏينھن
راڻيءَ ”گلچھر“ جي ٻانھين کي پيسا ڏيئي پنھنجو
ڪيو، ۽ انھن کي سمجھايائين تھ سندس عمدا وڳا ۽
زيور لڪائي ڇڏين تھ ھوءَ نھ ڍڪي، ۽ ’محبوبھ‘ جھڙي
چڱي ڏسڻ ۾ نھ اچي. ”گلچھر“ ھڪدم اھا ڳالھھ سھي
ڪئي، جو کيس عمدا ڪپڙا ملي نٿي سگھيا، ۽ نھ کيس
انھن جو ڪو شوق ئي ھو. سادن سودن ڪپڙن ۾ ويٺي ھئي
تھ ”دلفريب شاھھ“ آيو.
مھمان بادشاھھ جي محلات ۾ ڏاڍي مرحبا ٿي. بادشاھھ
۽ راڻي ھن کي گڏيا ۽ ’محبوبھ‘ بھ شاھاڻي پوشاڪ ۾
پئي آئي ويئي، پر ”گلچھر“ پنھنجي جاءِ جي ھڪڙيءَ
ڪنڊ ۾ ويٺي ھئي. جيتوڻيڪ ’محبوبھ‘ زيورن سان ٿڦي
پيئي ھئي، تڏھن بھ ”دلفريب شاھھ“ کي نھ پيئي وڻي،
جو سندن مھانڊا چڱا نھ ھئا. آخر ”دلفريب شاھھ“
ڳالھين ڪندي ٻي شھزاديءَ جي بھ پڇا ڪئي تھ ڇو ڏسڻ
۾ نٿي اچي. پر راڻيءَ ۽ ڌيڻس چيس تھ ھن جا ڪپڙا
خراب آھن، تنھنڪري ٻاھر نٿي نڪري.
جڏھن بادشاھھ جي گھڻي چوڻ تي ”گلچھر“ بھ آئي، تڏھن
ھن جي شڪل ڏسي بادشاھھ ”دلفريب“ موھجي ويو. ادب
سان سندس اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳس تھ ”شھزادي،
تون سادي پوشاڪ ۾ زيورن کان سواءِ ئي خوبصورت ٿي
لڳين.“ ”گلچھر“ حياءَ سان جواب ڏنو تھ ”سائين،
اوھين پنھنجي مھرباني ٿا ڪريو، پر آءٌ سادي سودي
زال آھيان، بادشاھن جي ڏسڻ يا ڳالھائڻ جي لائق
ناھيان.“ اھڙي جواب ڪري پاڻ بادشاھھ زياده مٿس
مائل ٿيو.
ھيءُ حال ڏسي راڻيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ مھمان
بادشاھھ کي چوڻ لڳي تھ ”سائين، اوھين ڀلجو ٿا.
ھيءُ ڇوڪري اڳيئي مغرور ۽ رکي آھي، ويتر اوھان جي
تعريف ٻڌڻ ڪري، زياده مغرور ٿيندي ۽ مٿو ڦري
ويندس.“ بادشاھھ ھڪدم سھي ڪيو تھ راڻيءَ کي ريس
کنيو آھي، تڏھن ٿي ماٽيجي ڌيءَ جي شڪايت ڪري.
انھيءَ کان پوءِ”دلفريب شاھھ“ ’محبوبھ‘ جو خيال
اصل ڇڏي ڏنو، ۽ اڪثر ”گلچھر“ سان ڳالھائيندو ھو، ۽
انھيءَ ڏي مھبت ڏيکاريندو ھو.
نيٺ راڻيءَ ۽ سندس ڌيءَ کي ايترو حسد ٿيو، جو
پنھنجي بادشاھھ وٽ سندس ڌيءَ ”گلچھر“ جي گلا
ڪيائون، ۽ ھن کي زور ڪري انھيءَ ڳالھھ تي
بيھاريائون، تھ جيستائين ”دلفريب ساھھ“ اتي مھمان
ھجي، تيستائين ”گلچھر“ ڪنھن پرانھين محلات ۾ بند
رھي، جيئن ”دلفريب شاھھ“ ھن کي ڏسي يا ھن سان
ڳالھائي نھ سگھي.
انھيءَ ڏينھن شام ڌاري، جيئن ”گلچھر بيگم“ پنھنجي
جاءِ ۾ ويٺي ھئي، تيئن چار ماڻھو منھن ويڙھيل آيا،
۽ ھن کي وٺي انھيءَ ٻي محلات ڏي ويا، ۽ اتي وڃي ھن
کي ويھاريائون. شھزاديءَ ھڪدم سھي ڪيو تھ راڻيءَ
ائين ڪرايو آھي، انھيءَ لاءِ تھ ”دلفريب شاھھ“ کيس
نھ ڏسي. ھن کي گھڻو ارمان ٿيو، خاص ان ڪري جو
انھيءَ بادشاھھ کيس گھڻو مان ۽ پيار ٿي ڏنو، ۽ پاڻ
بھ انھيءَ ڪري ھن کي گھڻو پسند ٿي ڪيائين.
*
\
|