باب تيرھون
عاقبت بخير
جڏھن ”دلفريب شاھھ“ نيلو پکي ھو، تڏھن ڳالھيون
ڪندي. ”گلچھر بيگم“ کي چيو ھئائين، تھ ”منھنجي
محلات ۾ زمين جي اندر ھڪڙو تھھ خانو آھي، جنھن کي
پڙلائن وارو ڪمرو سڏيندا آھن. انھيءَ ۾ ھڪڙي اھڙ
طلسمي حڪمت رکيل آھي، جو جيڪو انھيءَ جاءِ ۾ فقط
سس ڦس ڪندو، تھ اھا بھ بادشاھھ کي پنھنجي سمھڻ
واريءَ جاءِ ۾ پيئي ٻڌڻ ۾ ايندي.
شھزادي ”محبوبھ“ جي حڪم موجب، رات جو ”گلچھر بيگم“
کي پڙلائن واري ڪمري ۾ وٺي ويا. ھن کي اتي ڇڏي در
بند ڪري ماڻھو ھليا ويا. تڏھن ھوءَ وڏي آواز چوڻ
لڳي، تھ ”اي بيوفا ظالم نيلا پکي، تو پنھنجو انجام
پورو نھ ڪيو. تو مون کي وساري ٻيءَ زال سان محبت
رکي آھي. جي فيروزا تو مون کي ڏنا ھئا تن بھ توکي
منھنجي يادگيري نھ ڏياري.“
ساري رات ھوءَ واري سان ڳالھائيندي ۽ روندي رڙندي
رھي. ڪن نوڪرن انھيءَ ڪمري مان آواز ايندو ٻڌو ھو،
تن ”محبوبھ“ کي ٻڌايو. انھيءَ جي پڇڻ تي ”گلچھر“
چيو تھ ”مون رات ڏاڍي گھري ننڊ ڪئي آھي، ۽ ساري
رات خواب پئي لڌم ۽ ننڊ ۾ پئي وڦليس. پر ”دلفريب
شاھھ“ کي ھن جو آواز اصل ٻڌڻ ۾ نٿي آيو، جو
”گلچھر“ جي جدائيءَ ۾ بي آراميءَ ۽ بيخوابيءَ جي
ڪري، نوڪر ننڊ جي دوا کارائي ڇڏيندا ھئس، جنھنڪري
ھو تمام گھاٽي ننڊ ڪندو ھو.
ٻئي ڏينھن ”گلچھر“ کي ڏاڍو انتظار ٿيو، جو ڄاتائين
تھ بادشاھھ ٻڌو تھ بھ سندس ڪا پڇا ڪانھ ڪيائين، ۽
جي نھ ٻڌائين تھ پوءِ ڇا ڪري. ٻي اھڙي شيءِ بھ
ڪانھ ھيس، جنھن جي ڏيڻ تي ھوءَ وري بھ انھيءَ جاءِ
۾ سمھي. اھڙي وقت ھن کي آنا ياد پيا. ھڪڙو ڪڍي
ڀڳائين تھ انھيءَ مان ھڪڙي سوني گاڏي نڪتي، جنھن ۾
ساوا ڪئا ٻڌل ھئا، ۽ ھڪڙو ڳاڙھو ڪئو گاڏيواڻ ھو.
گاڏيءَ ۾ چار گڏيون ويٺل ھيون، جي مزي سان نچي
سگھيون. انھن جو عجيب ناچ ڏسي شھزادي ڏاڍي خوش ٿي
اھي لڪائي شام جي لاءِ منتظر ٿي ويٺي. جڏھن
”محبوبھ“ شھزادي ھوا خوريءَ لاءِ گھمڻ نڪتي، تڏھن
ھن جي اڳيان ”گلچھر“ گاڏي کڻي ڇڏي. ڪئا ڪاھيون پئي
ويا. گڏيون انھيءَ ۾ پئي نچيون. ”محبوبھ“ اھا گاڏي
ڏسي حيران ٿي ويئي. اڳي وانگي چيائينس تھ ”ڇوڪري،
انھيءَ جي قيمت وٺندين؟“ ”گلچھر“ چيو تھ ”انھيءَ
لاءِ بھ آءٌ پڙلائن واري جاءِ ۾، ھڪڙي ٻي رات رھڻ
ٿي گھران.“
”محبوبھ“ اھا ڳالھھ قبول ڪئي، ۽ ”گلچھر“ وڃي
ساڳيءَ جاءِ ۾ ٿي. انھيءَ رات بھ گھڻيون ئي پيار
جون ڳالھيون آھستي آھستي بادشاھھ کي چيائين، پر
بادشاھھ دوا جي نشي ۾ ھو، تنھن کي اھي ڳالھيون بھ
ٻڌڻ ۾ نھ آيون. صبح جو نااميد ٿي، ۽ سارو ڏينھن
ڳڻتين ۾ گذاريائين. وري بھ رھيل آنو ڀڃڻو پيس.
انھيءَ ڀيري آني مان ھڪ رڪابي نڪتي، جنھن ۾ ننڍا
پکي ڪباب ٿيل ھئا، پر عجب جي ڳالھھ اھا، تھ انھيءَ
حالت ۾ بھ، انھن پکين مٺيون مٺيون ٻوليون پئي
ڪيون.
”گلچھر“ ڏاڍي خوشيءَ مان اھا رڪابي کڻي ”محبوبھ“
شھزاديءَ کي ڏيڻ جي لاءِ ويئي. ھڪڙي نوڪر چيس تھ
”مائي چري، تون رات جو اھڙو ھل ٿي ڪرين، جو جيڪڏھن
بادشاھھ ننڊ جي دوا نھ وٺندو ھجي، تھ جيڪر تون
سندن سک ڦٽائين.“ ”گلچھر“ چيو تھ ائين ناھي، آءٌ
بلڪل آواز ڪونھ ڪنديس. اوھين اڄ رات آزمائي ڏسجو.
بادشاھھ کي دوا بلڪل نھ ڏيو. ڏسو تھ سمھي ننڊ ڪري
ٿو يا نھ. جي ائين ڪندي تھ آءٌ توکي ھي موتي انعام
۾ ڏينديس.“ ائين چئي ھن ٿيلھيءَ مان موتين جو ٻڪ
ڀري ھن کي ڏنو.
نوڪر ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ائين ڪرڻ جو انجام ڪيائين،
اندران شھزادي ’محبوبھ‘ نڪري آئي، تھ رڪابيءَ وارا
پکي ڳائڻ لڳا. انھن مان ھڪڙي چيو، تھ ”مون کي چار
پيسا ڏي، تھ آءٌ توکي تنھنجو نصيب ٻڌايان.“ ٻئي
پکيءَ چيو تھ ”آءٌ طبيب آھيان، ۽ ڪا بيماري ڇٽائي
سگھندس.“ ھي ٻڌي ”محبوبھ“ حيران ٿي ويئي. چيائين
تھ ”ھي تھ ھنن ڪئن کان بھ عجيب آھن. اھا ڪباب واري
رڪابي آءٌ ضرور وٺنديس. ڪيترو وٺندينءَ؟“ ’گلچھر‘
چيو تھ ”وري بھ پڙلائن واري ڪمري ۾ سمھنديس.“ ھن
چيو تھ ”قبول. ھان، ھيءَ مھر بھ اٿئي، جو اھا شيءِ
مون کي گھڻو پسند آھي.“
جڏھن رات ٿي، تڏھن ’گلچھر‘ وري بھ انھيءَ تھھ خاني
۾ آئي، ۽ جڏھن ھائو مائو ٽري ويو، تڏھن آھستي
آھستي چوڻ لڳي تھ ”ظالم ’دلفريب شاھھ‘، تنھنجي
منھن ڏسڻ لاءِ مون ڪيترا نھ ڪشالا ڪڍيا آھن، تھ بھ
مون کي ڪي بھ حاصل نھ ٿيو آھي، ۽ ھوءَ ڪوڙي
”محبوبھ“ توسان خوش ۽ راس آھي. جڏھن تون نيلو پکي
ھئين، تڏھن مون جيڪي توسان ڀلايون ڪيون، سي تھ
توکي بلڪل ياد ناھن. انھيءَ وقت مون سان ڪھڙا ڪھڙا
انجام ٿي ڪيئھ. اھي ڪي ياد اٿئي؟ آءٌ ھتي تھھ خاني
۾ اچي پيئي آھيان.“
ھن ڀيري بادشاھھ ننڊ ۾ ڪين ھو، جو نوڪر دوا ڪانھ
ڏني ھيس. تنھنڪري ھن ھڪدم ’گلچھر‘ جو آواز ٻڌو.
پوءِ حيران ٿيو تھ اھا ميرن ڪپڙن واري ٻھراڙيءَ جي
زال ”گلچھر“ ڪيئن ھوندي؟ تڪڙ پڪڙ ۾ اٿي انھيءَ
ڪمري ۾ آيو. ڏسڻ سان انھيءَ کي سڃاتائين، جو ھوءَ
ھاڻ سفيد ريشمي پوشاڪ ۾ ھئي، ۽ نھايت حسين ڏسڻ ۾
پئي آئي، ۽ ميرا ڪپڙا لاھي ڇڏيا ھئائين.
ٻيئي ھڪٻئي کي ڏاڍي پيار سان گڏيا، ۽ ڪيتريون ئي
ڳالھيون پاڻ ۾ ڪيائون. اڃا ھو اتيئي ھئا، تھ
بادشاھھ جو جادوگر دوست محلات ۾ آيو ۽ انھيءَ
پريءَ کي پاڻ سان وٺي آيو، جنھن ’گلچھر‘ کي اھي
آنا ڏنا ھئا. انھن ’دلفريب شاھھ‘ کي ٻڌايو، تھ
”اسان گڏجي ’گلچھر‘ جي فائدي ۾ بندوبست ڪيو آھي.
ھاڻي تون ’مه لقا‘ پريءَ جي ڪاوڙ کان نھ ڊڄ.“
اتي ’محبوبھ‘ بھ لنگھي آئي. بادشاھھ جي پاسي کان
شھزادي ’گلچھر بيگم‘ کي بيٺل ڏسي حيران ٿي ويئي.
پھريائين تھ ھن کي گھٽ وڌ ڳالھايائين، تھ ايتري ۾
پريءَ جادوءَ جي لڪڙي ڪڍي، ان کي ڦيرائي ڪانءُ ڪري
ڇڏيو، جو دريءَ مان اڏامي ويو، ۽وري ڏسڻ ۾ ڪونھ
آيو. پوءِ تھ سگھو ئي ’دلفريب شاھھ‘ ۽ ’گلچھر
بيگم‘ شادي ڪئي، ۽ پاڻ ۾ خوش گذارڻ لڳا.
|