باب يارھون
”دلفريب شاھھ“ وري ماڻھو ٿو ٿئي
”دلفريب شاھھ“ جو جيڪو جادوگر دوست ھو، تنھن کي
ايتري طاقت ڪانھ ھئي، جو جيڪي ”مه لقا“ پريءَ ڪيو
ھو، تنھن کي ڦيرائي بي اثر ڪري، نھ تھ جيڪر ھو
پنھنجي دوست کي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گھٽائي ھا. تنھنڪري
ھن ارادو ڪيو تھ پاڻ پريءَ وٽ وڃي، ۽ ڪوشش ڪري تھ
من ڪنھن رستي بادشاھھ ڦري پنھنجي اصلي صورت ۾ اچي.
ان موجب ھو پنھنجي ڏيڏرن واري گاڏي تيار ڪرائي،
چڙھي ان جي محلات ۾ ويو. اتفاق سان شھزادي
”محبوبھ“ بھ انھيءَ مھل ساڻس ويٺي ڳالھايو.
پريءَ ھن جي چڱي مرحبا ڪئي، ۽ پڇيائينس تھ ”ادا،
جيڪو ڪم ھجئي، سو آءٌ ڪريان.“ ھن چيو تھ ”ادي، آءٌ
ھڪڙي دوست لاءِ آيو آھيان، جو بادشاھھ آھي ۽ تو
انھيءَ سان ظلم ڪيو آھي.“ پريءَ چيو تھ آءٌ سمجھان
ٿي تھ ”دلفريب شاھھ“ لاءِ ٿو چوين. پر انھيءَ تي
منھنجي ڪاوڙ آھي. جيسين ھو منھنجي دين جي ڌيءَ
”محبوبھ بانو“ سان شادي نھ ڪندو، تيسين آءٌ تنھنجي
مرضي رکي نھ سگھنديس.“
آخر ھنن پاڻ ۾ اھو ٺھراءُ ڪيو تھ شھزادي ”دلفريب
شاھھ“ جي محلات ۾ رھي تھ ھو کيس اتي پيو ڏسي. پوءِ
پاڻ ۾ پاڻھئي ٺھي ويندا، ۽ شادي ڪندا. ايتري ۾
بادشاھھ پنھنجي اصل صورت ۾ رھندو، پر پوءِ جي ھن
شادي نھ ڪئي تھ وري ھو نيلو پکي ٿي پوندو.
ان موجب پريءَ پنھنجي دين جي ڌيءَ کي عمديون
پوشاڪون ۽ ٻيون سوکڙيون ڏنيون، ۽ پوءِ ھن کي پاڻ
سان گڏ ھڪڙي. کنڀن واري گھوڙي تي چاڙھي، ”دلفريب
شاھھ“ جي محلات ڏي رواني ٿي. بادشاھھ اڳيئي اتي
ھو، مگر اڃا نيلي پکيءَ جي صورت ۾ ھو، ۽ سندس دوست
جادوگر ساڻس ھو.
پريءَ پنھنجي جادوءَ جي لڪڙيءَ سان ھن کي ٽي
ٽوڪرون ڏنيون، تھ پکي بدلجي اڳوڻو خوبصورت جوان
بادشاھھ ٿي پيو. ھو ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏھن معلوم
ٿيس تھ ڪھڙي شرط تي اھڙي حالت ۾ رھندو، تڏھن ڏڪي
ويو.
انھيءَ وچ ۾ شھزادي ”گلچھر بيگم“ فقيراڻي ويس ۾،
پنھنجو منھن پنھنجن ڊگھن گھاٽن وارن ۾ لڪايو، ۽
ھڪڙو ٿيلھو ڳچيءَ ۾ وجھيو گھمندي وتي. انھيءَ
ٿيلھي ۾ جواھرات پيل ھئا. پر ماڻھن جي نظر ۾ اھا
ٽڪرن ۽ خيرات وجھڻ جي ڳوٿري ھئي. ھوءَ پنھنجي
پياري بادشاھھ جي تلاش ۾ ھئي. جتي ٻھ رستا ڏسندي
ھئي، اتي اھو ڊپ رھندو ھوس تھ متان غلط رستو وٺي
ٻئي پاسي وڃي نڪران.
ھڪڙي ڏينھن ھوءَ پاڻيءَ جي نھر سان سائي گاھھ تي
ويھي رھي، ۽ ارادو ڪيائين تھ وھنجي بت ھلڪو ڪري.
انھيءَ خيال ۾ ھئي تھ ھڪڙي ڪراڙي زال لٺ تي ٽيڪ
ڏيندي اتي اچي نڪتي. جڏھن شھزاديءَ وٽ آئي، تڏھن
چيائينس تھ ”منھنجي خوبصورت ڇوڪري، ھتي اڪيلي ڇا
ويٺي ڪرين؟“ ھن ورندي ڏني تھ ڏاڏي، آءٌ دردن ڀري
آھيان، ماڻھن جي صحبت کان، اڪيلائي مون کي وڻي
ٿي.“ ائين چئي اچي روئڻ ۾ پيئي.
پوڙھيءَ کي مٿس ڏاڍو قياس آيو. ڏاڍي پيار سان ھن
کان سندس احوال پڇيائين. شھزاديءَ پنھنجو سارو
احوال ھن سان ڪيو. اھو ٻڌي ھوءَ کڙي ٿي بيٺي. اڳي
وانگي ٻڍي زال نھ ٿي ڏٺي، پر ھڪڙي خوبصورت جوان
زال ٿي بيٺي، ۽ عمدي پوشاڪ پيل ڏسڻ ۾ آيس. مرڪي
”گلچھر بيگم“ کي چوڻ لڳي تھ ”شھزادي ”گلچھر بيگم“،
جنھن بادشاھھ جي تون ڳولائو آھين، سو ھاڻ نيلو پکي
ناھي. منھنجي ڀيڻ ”مه لقا“ پريءَ، انھيءَ کي وري
ڦيرائي ماڻھو ڪيو آھي.“
پوءِ شھزاديءَ کي دڙ لاسو ڏئي چيائين تھ ”ھاڻ تون
وڏي دل ڪر، ۽ ھن جي محلات ڏي وڃ. ھي توکي چار آنا
ڏيان ٿي. جڏھن تون ڪنھن مشڪلات ۾ اچي ڦاسين، تڏھن
ھڪڙو ھڪڙو آنو کڻي ڀڃجانءِ تھ تنھنجي مشڪلات حل ٿي
ويندي. اميد آھي تھ تنھنجو مطلب حاصل ٿيندو، ۽ تون
نيٺ پنھنجي بادشاھھ کي ملندينءَ. آءٌ ماڻھن مان نھ
آھيان، پرين مان آھيان.“ ائين چئي ھوءَ گم ٿي
ويئي.
*
|