باب پنجون
عجيب ڦير گھير
جيتوڻيڪ ”لفريب شاھھ“ کي مه لقا“ پريءَ جي قلعي جي
ڪا خبر ڪانھ ھئي، تڏھن بھ ھن فقط جادوءَ وارن
ڏيڏرن کي چيو تھ اوڏي ھلو، تھ ھو اٿي ھليا، جو ھنن
کي ساري دنيا جي نقشي جي خبر ھئي. سگھو ئي اتي وڃي
پھتا. قلعي ۾ سوين بتيون پئي ٻريون، ۽ جي ”محبوبھ
بانو“ پنھنجي منھن برقعي سان نھ ڍڪيو ويٺي ھجي ھا
تھ جيڪر بادشاھھ سڃاڻي وٺي ھا تھ ھيءَ ”گلچھر
بيگم، ناھي. جھٽ ۾ لھي شھزادي ”مه لقا“ پريءَ وٽ
آئي، ۽ ٻڌايائينس تھ ڪيئن ”دلفريف شاھھ کي ٺڳي آئي
آھي، ۽ سندس صلاح ۽ مدد گھريائين.
پريءَ چيس تھ بادشاھھ جي دل ”گلچھر“ سان تمام گھڻي
آھي ۽ توسان ڪانھي، تنھنڪري ڏاڍي تڪليف ٿيندي،
انھيءَ ھوندي بھ آءٌ تنھنجي خاطر ڪوشش ڪريان ٿي.“
بادشاھھ محلات جي صفحي ۾ ويٺو ھو، ۽ ڀتيون ھيرن
جون ھيون. انھن مان ھن آرپار پئي ڏٺو. اھڙو حيران
ٿي ويو، جو ڄاتائين تھ آءٌ خواب پيو ڏسان.
دل ۾ چوڻ لڳو تھ ”محبوبھ“ ھتي ڪيئن آئي“ ھيءَ تھ
منھنجي ۽ ”گلچھر“ جي دشمن آھي، سا متان اسان جي
شاديءَ روڪڻ لاءِ آئي آھي؟ مون سان ڪا ٺڳي يا
دغابازي تھ نھ ٿي آھي؟ ”گلچھر“ جو تھ ھتي نشان ئي
ڪونھ ٿو ڏسجي. متان سندس پيءُ بھ پٺيان لڳو آيو
آھي؟“ اھي خيال ڪري ھو ڏاڍو نااميد ۽ ملول ٿيڻ
لڳو. ستت ئي ھو ٻئي زالون وٽس آيون
”مه لقا“ پري تاب مان چوڻ لڳيس تھ ”دلفريب شاھھ“
اجھا شھزادي ”محبوبھ بانو“ جنھن سان تو شاديءَ ڪرڻ
جو انجام ڪيو آھي. ھوءَ منھنجي دين جي ڌيءَ آھي.
منھنجي مرضي آھي تھ ھڪدم شادي ٿئي.“
بادشاھھ حيران ٿي چيو تھ ”آءٌ ڪيئن ھن سان شادي
ڪندس؟ مون ھن سان اھڙو انجام ڪونھ ڪيو آھي. متان
مون کي اھڙو بي عقل ڏٺو اٿو.
پريءَ دڙڪو ڏيئي چيس تھ ”مون سان اھڙي طرح نھ
ڳالھاءِ. پنھنجي زبان بند ڪر. توکي مون سان ادب جي
رستي ڳالھائڻ گھرجي.“ بادشاھھ چيو تھ ”جي تون مون
کي پنھنجي ”گلچھر“ “ شھزادي موٽائي ڏيندينءَ تھ
آءٌ توسان ادب ۽ تعظيم جي رستي ھلندس ۽ شڪر گذار
ٿيندس.“ اتي شھزادي ”محبوبھ“ چيس تھ ”تو مون سان
شاديءَ جو انجام ڪين ڪيو ھو؟ تو مون سان دريءَ وٽ
ڪين ڳالھايو؟ ھيءَ منڊي تو مون کي نشاني ڪري نھ
ڏني ھئي؟“
بادشاھھ منڊي ڏسي ڪاوڙ مان چيو تھ ”تڏھن مون سان
ٺڳي ۽ دغا ٿي آھي، پر آءٌ اوھان جي مرضي تي نھ
ھلندس. آءٌ ھتان ھليو وڃان ٿو.“ ائين چئي ھن
پنھنجي ڏيڏرن کي تيار ٿي بيھڻ لاءِ چيو،تھ ايتري ۾
پري چيس تھ ”منھنجي موڪل کان سواءِ ھتان وڃڻ جي تو
۾ ڪا بھ طاقت ڪانھي.“ ھن ھڪدم بادشاھھ تي کڻي ھٿ
رکيو تھ ھن جا پير زمين تي ڄمي ويا ۽ ھو چري نھ
سگھيو.
بادشاھھ چيس تھ ”ائين نھ ڄاڻ تھ تون منھنجي دل جي
مرضي ڦيرائي سگھندينءَ. تون مون کي ڀلي ماري پرزا
ڪري وجھھ، تھ بھ آءٌ ھن سان شادي نھ ڪندس. جنھن
سان محبت آھي، انھيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنھن سان شادي
نھ ڪندس. توکي جيڪي ڪرڻو ھجي، سو ڀلي ڪر.“
”مه لقا“ پريءَ کي جيڪي مٿا ھڻڻا ھئا، سي ھڻي
بيٺي، دلاسا ڏنائينس، دڙڪا ڏنائينس، انجام ڪيائينس
تھ بھ ”دلفريب شاھھ“ مڙڻ جو نھ ھو. واري سان
”محبوبھ“ بھ رنو ۽ نيزاريون بھ ڪيائينس، ڪاوڙ
ڏيکاريائينس. مطلب تھ ٻئي ڄڻيون سڀ حيلا ھلائي
بيٺيون، تھ بھ بادشاھھ ماٺ ڪري بيٺو ھو، ۽ ھنن جي
ڪابھ ڳالھھ قبول نھ ڪيائين.
انھيءَ طرح ويھھ ڏينھن ۽ ويھھ راتيون گذري ويون.
اھو سارو عرصو انھيءَ پريءَ ۽ انھيءَ شھزاديءَ مٿا
پئي ھنيا ۽ بي آراميءَ ۾ پئي گذاريو، پر بادشاھھ
اصل جواب ڪونھ ٿي ڏنن. نيٺ پريءَ چيس تھ ”ھاڻ جڏھن
تون ڪنھن بھ طرح اسان جي مرضي نٿو رکين، تڏھن توکي
ٻن ڳالھين جو اختيار ٿي ڏيان. يا ھن سان ھڪدم شادي
ڪر، يا پنھنجي انجام شڪنيءَ جي لاءِ ست سال قيد جي
سزا کاءُ.“
تڏھن ”دلفريب شاھھ“ لاچار ٿي ڳالھائڻ لڳو. چيائين
تھ ”ھن زال سان شادي ھرگز نھ ڪندس، ٻيو مون سان
جيڪي وڻئي سو ڪر.“ تنھن تي ”محبوبھ“ ڏاڍي ڪاوڙي.
بادشاھھ کي چيائين تھ ”تون ڪو خسيس ماڻھو ٿو
ڏسجين، جو اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان سان بيحيائيءَ
جي ھلت ٿو ڪرين ۽ انجام ڪري ڦرين ٿو.“ ”مه لقا“
پري بھ ڪاوڙي ۽ بادشاھھ کي چوڻ لڳي تھ ”چڱو، جي
ائين آھي تھ ھاڻ وٺ. ستن ورھين تائين تون ھڪڙو
نيلو پکي ٿي گذاريندين.“
اڃا ھن ايترو چيو تھ بادشاھھ جي صورت ۾ ھڪڙي اوچتي
عجيب ڦير گھير ٿي ويئي. ھن جون ٻانھون کنڀڙاٽيون
ٿي، سنھڙن کنڀن سان ڀرجي ويون، ۽ سندس بت سسي
ننڍڙو ٿي، نيلي رنگ جو ٿي پيو. نڪ مان ڦري ننڍڙي
چھنب ٿي پيس ۽ مٿي تي ھڪڙي اڇن کنڀن جي چوٽڙي ٿي
بيٺس. مطلب تھ سڄو ھڪڙو ننڍو چيھي جھڙو سھڻو نيلو
پکي ٿي پيو، ۽ مٺيون ٻوليون ڪرڻ لڳو، ۽ ساڳئي وقت
ماڻھن وانگي ڳالھائڻ جي بھ طاقت ھٿان نھ ويس.
”دلفريب شاھھ“ کان نااميديءَ ۾ دانھن نڪري ويئي.
پنھنجو حال ڏسي حيران ٿي ويو. محلات مان نڪرڻ لاءِ
پٽيل دريءَ مان اڏامي، ڳچ پنڌ ڪري اچي ھڪڙي وڻ تي
ويٺو. دل ۾ پئي چيائين تھ ”منھنجي پياري شھزاديءَ
کي الاھجي سندس دشمنن ڪٿي وڃي لڪايو آھي. متان
انھيءَ ظالم راڻيءَ ماري وڌو اٿس. ھاڻ ھن کي ڪٿي
ڳولي لھان. ست ورھيھ ھھڙي حالت ۾ گذارڻ تھ وڏو
عذاب ٿيو. ڪھڙو شڪ تھ انھيءَ وچ ۾ ھن کي ڪنھن ٻئي
سان سان پرڻائي ڇڏين.“
* |