سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 9

صفحو :9

باب نائون

لبا خان موٽي سڪندريھ ڏي وڃي ٿو

 

ماڻھو اڃا اتي خوشيءَ ظاھر ڪرڻ ۾ مشغول ھئا، تھ ”لبا خان“ پنھنجي صندوقڙي کڻي کسڪي اتان نڪتو، ۽ سلطان جي حويلي ۾ وڃي، پنھنجي اصلوڪي گھوڙي ”مروه“ تي زين وجھي، چڙھي شھر مان نڪري ”سڪندريھ“ جو رستو ورتو، جيڪي ٿي گذريو ھو، سو سڄو ھن کي خواب وانگي نظر پئي آيو. جي صندوقڙي وٽس نھ ھجي ھا تھ ڪڏھن بھ پڪ نھ ٿئيس ھا، تھ اھي ڳالھيون سچ پچ ٿي گذريون آھن.

جڏھن ھو ”سڪندريھ“ ۾ پھتو، تڏھن سڌو پنھنجي استاد جي گھر ويو. گھوڙو ٻڌي دڪان ۾ گھڙيو تھ سندس استاد پھرين ڪين سڃاتس. جو شاھاڻي پوشاڪ پئي ھيس. ھن ڀانئيو تھ ڪو امير ڪپڙا سبائڻ لاءِ آيو آھي. پر جڏھن چتائي ڏٺائينس، تڏھن سڃاتائينس تھ ”لبا خان“ آھي. پوءِ تھ پاڻ ۽ ٻيم دڪان وارن اچي ورايس، خوب مار ڏنائونس، گزن ئي گزن سان ڪٽيائونس، ۽ سيون ھنيائونس ۽ قئنچي سان وڍ وڌائونس، جنھن ڪري ھو ساڻو ٿي پراڻن ڪپڙن جي ڍير تي ڪري پيو.

سندس استاد چوغي جي پڇا ڪيس، جو ھو چورائي کڻي ويو ھو. ”لبا خان“ انھيءَ جي ملھھ کان ٽيڻا پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ھو، تھ بھ ھنن سندس ڳالھھ نھ مڃي، ۽ مار ڏيئي دڪان مان ڪڍي ڇڏيائونس. لاچار ٿي پنھنجي ٿڪل گھوڙي تي چڙھي، ھڪڙي پراڻيءَ مھمان سراءِ ۾ آيو، ۽ اچي آرام ورتائين. گذريون ڳالھيون ۽ گذريل ڏک ياد ڪري ارمان ڪيائين، ۽ اڳتي لاءِ پڪو ارادو ڪيائين تھ ايماندار ٿي رھندس ۽ حق حلال جو پورھيو ڪري گذاريندس.

ٻئي ڏينھن، جيڪا صندوقڙي ملي ھيس، سا وڃي وڪيائين. اھا سون جي ھئي، ھيرا ۽ موتي لڳل ھئس، تنھن مان وڏي رقم ھٿ آيس. پنھنجي لاءِ ھڪڙو گھر خريد ڪيائين، ۽ انھيءَ جو ھڪڙو پاسو دڪان ڪيائين، ۽ انھيءَ تي پنھنجو نالو ”لبا خان درزي“ ٿلھن اکرن ۾ لکي ڇڏيائين، ۽ پوءِ جيڪو سئي ڌاڳو مليو ھوس، تنھن سان ويھي ڪپڙا سبڻ لڳو.

ٿورو ڪم ڪري پوءِ ڪنھن ڪم لاءِ اٿيو، تھ ڏسي تھ سئي پاڻيھي پئي ھلي ۽ ڪپڙو سبي. ڏاڍو عجب لڳس. وڌيڪ حيران تھ تڏھن ٿيو، جڏھن ڏٺائين تھ ڌاڳو کٽي ئي نٿو. ھن کي رڳو ڪپڙو وڍي وھٽڻو ٿي ٿيو، سبڻ جو ڪم سڀ انھيءَ جادوءَ جي سئي ڌاڳي پاڻيھي پئي ڪيو. انھيءَ ڪري ”لبا خان“ ڏاڍو خوش ٿيو. تمام گھڻو ڪم ملڻ لڳس، جو جلد پورو ڪري ٿي ڏنائين.

ٿوري ئي عرصي ۾ ھن جو نالو شھر ۾ پکڙجي ويو، ۽ تمام گھڻا گراھڪ وٽس اچڻ لڳا. ڪم عمدو ٿي ٿيو، تنھن ڪري سباڻي بھ ڳري ٿي ورتائين. ھميشه ڪم ڪرڻ مھل در بند ڪري ڇڏيندو ھو، تھ سندس سئي ڌاڳو پاڻيھي ھلندو ڪو نھ ڏسي.

انھيءَ طرح صندوقڙيءَ تي جيڪي لفظ لکيل ھئا سي سچا ٿيڻ لڳا. ھن وٽ دولت بھ آئي ۽ خوشي بھ آئي. ۽ ھو پاڻ کي انھيءَ چڱي نصيب جو لائق ڪرڻ لڳو.

جڏھن ٻڌڻ ۾ آيس تھ شھزادو ”عمر“ تخت تي ويٺو آھي، ۽ سندس حڪومت مان سندس رعيت تمام خوش آھي، ۽ ھن جي عدل انصاف جي ھاڪ نڪتي آھي، تڏھن خيال ڪيائين تھ آئون برابر عزت ناموس جو لائق نھ ھوس. منھنجي لاءِ اھا دولت ۽ خوشي بس آھي، جا سئي ڌاڳي جي پورھئي مان ٿي حاصل ٿئي. انھيءَ وقت کان وٺي ”لبا خان“ ساري ڄمار سکيو پئي گذاريو، ۽ سڀ ڪنھن کيس مان پئي ڏنو.

 

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com