باب چوٿون
ٺلھھ وٽ
ٻئي ڏينھن ٻنپھرن ڌاري، ھن ڪي گھوڙا ۽ اٺ پري کان
ڏٺا، جي انھيءَ ٺلھھ ڏانھن پئي ويا. اھي ٺلھھ واري
ٽڪريءَ جي پاڙ وٽ اچي بيھي رھيا، ۽ ماڻھو لھي تنبو
ھڻڻ لڳا. معلوم ٿي ٿيو تھ ڪو حاڪماڻو عملو آھي، ۽
ڪنھن جي لاءِ منتظر ٿيو بيٺو آھي. ھو جيڪر انھيءَ
مھل ڪاھي وڃي ھا، پر ھن خيال ڪيو تھ مقرر ڪيل
ڏينھن سڀاڻي آھي، تنھن ڪري ترسي پيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو سوير اٿي، سنبت ڪرڻ لڳو، ۽ دل ۾
ڏاڍو خوش ھو. گھوڙي تي زين وجھندي ھن کي ياد آيو
تھ مون ”عمر“ شھزادي سان ٺڳي ڪئي آھي، ۽ جڏھن ھو
جاڳيو ھوندو، تڏھن ڏاڍو پريشان ٿيو ھوندو. پر ”لبا
خان“ ڪو ھاڻ موٽڻ وارو بھ ھو؟ دل چيائين تھ ”آئون
شھزادي جھڙو پيو ڏسجان، ۽ چڱي نصيب اچي منھن ڪڍيو
آھي.“
جھٽ ۾ گھوڙي تي چڙھي تکو روانو ٿيو، ۽ پاءُ ڪلاڪ ۾
وڃي ٽڪريءَ جي پاڙ وٽ پھتو، ۽ لھي گھوڙو ھڪڙي وڻ
سان ٻڌي، انھن ماڻھن کي ويجھو ويو. پوءِ اھو خنجر
ڪمر مان ڪڍي، ٺلھھ ڏي وڌيو. ڏسي تھ ڇھھ ماڻھو ھڪڙي
پير مرد جي چوڌاري بيٺا آھن، ۽ انھيءَ کي ھڪڙو
عمدو ذريءَ جو چوغو پيل آھي، ۽ قيمتي اچي شال ڪلھن
تي اٿس. مٿي تي وڏي ريشمي ڪپڙي جي پڳ ھيس، جنھن ۾
ھيرن ۽ ٻين جواھرن جون ڪلنگيون لڳل ھيون.
”لبا خان“ سڌو انھيءَ پير مرد وٽ ويو ۽ ڪنڌ جھڪائي
سلام ڪري خنجر ڪڍي ڏنائينس، ۽ چيائينس تھ ؟آئون
اھو آھيان، جنھن کي اوھين ڳوليو ٿا“. پير مرد چيو
تھ ”خدا جو شڪرانو آھي، جنھن توکي بچايو آھي.
پيارا پٽ ”عمر“ اچي! مون کي ڀاڪر پاءِ!“
ھي ٻڌي درزي شرمندو بھ ٿيو، خوش بھ ٿيو. شرم ۽
خوشيءَ جا ڳوڙھا اکين ۾ آڻي ڊوڙي وڃي ٻڍي بادشاھھ
کي گڏيو.
پر ھن جي اھا خوشي گھڻي دير تائين نھ ھلي. ڀاڪر
پائي نڪري بيٺو. پري کان ھڪڙو ماڻھو گھوڙي تي ڪاھي
ايندو ڏٺائين.
گھوڙو خراب ھو، سو ھو آٿڙندو ٿاٻا کائيندو آيو، ۽
سوار انھيءَ کي اڙيون ھڻندو ۽ ڀڄائيندو آيو. ”لبا
خان“ ھڪدم سھي ڪيو تھ اھو سوار ”عمر“ آھي، ۽ اھو
گھوڙو سندس ”مروه“ آھي. ھن پڪو ارادو ڪيو تھ
پنھنجي ڪوڙ کي سچو ڪندس، پوءِ جيڪي ٿئي، سو ڀلي
ٿئي.
*
|