باب پنجون
جادوءَ جو لفظ وري ٻڌن ٿا
چٻ جي ڳالھھ ٻڌڻ کان پوءِ خليفي چيو تھ ”بيشڪ
تنھنجي ڳالھھ بھ اسان جي ڳالھھ جھڙي ڏک واري آھي.
پر ھاڻ ڇا ڪريون جو ھن مصيبت مان ڇٽون؟“ چٻ چيو تھ
مون کي ياد ٿو اچي تھ آئون جڏھن ننڊ ھيس، تڏھن
ھڪڙي ڪراڙي ڏاھيءَ زال، منھنجو ھٿ ڏسي مون کي چيو
ھو تھ ھڪڙي ڪھنگ مان توکي چڱو نصيب لڳندو. ھاڻ مون
کي ھڪڙو رستو سجھي ٿو، جنھن سان پاڻ ٽيئي ڇٽي
سگھنداسين.“ ھي ٻڌي خليفو ڏاڍوخوش ٿيو، ۽ پڇيائينس
تھ ”ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تھ اھو ڪھڙو رستو آھي؟“ ھن
چيو تھ ”جنھن بدمعاش اسان تي ھيءَ مصيبت وڌي آھي
سو مھيني ۾ ھڪڙو ڀيرو ھن ويراني ۾ ايندو آھي ۽ ڪي
ٻيا پاڻ جھڙا بدمعاش بھ ساڻ آڻيندو آھي، ۽ اھي ھت
مجلس ڪري پاڻ ۾ صحبت ڪندا آھن. اھڙي وقت تي ھلي
پاسي ۾ ويھون، من اھو وسريل لفظ ٻڌي وٺون.“
خليفي کي اھا ڳالھھ پسند آئي. پڇيائينس تھ ”ڪڏھن
اھي اچڻا آھن، ۽ ڪھڙي ھنڌ اچي ويھندا آھن؟“ چٻ
خيال ڪري چيو تھ ”اھا ڳالھھ اوھان کي آئون ھڪڙي
شرط تي ٻڌائينديس، اھو ھي آھي تھ جڏھن سڀيئي ڦري
ماڻھو ٿيون، تڏھن اوھان مان ھڪڙو مون سان شادي
ڪندو؟“
اھو ٻڌي خليفي کي البت فڪر ٿيڻ لڳو. وزير کي پاسي
تي نيئي چيائين تھ ”وزير، ڪيئن ٿو ڀائين، تون ساڻس
شادي ڪندين؟ من ائين ڪرڻ سان ڇٽي پئون.“ وزير چيو
تھ ”حضور، ائين ڪيئن ٿيندو؟ آئون اڳي ئي پرڻيل
آھيان. تنھن کان سواءِ آئون پير مرد آھيان. حضور
وري بھ جوان مڙس آھي، ۽ اڃا پرڻيل نھ آھي. ھيءَ
جوان ۽ خوبصورت شھزادي ھوندي، تنھن سان حضور شادي
ڪئي تھ حرڪت ڪانھي.“
مطلب تھ ھنن پاڻ ۾ انھيءَ ڳالھھ بابت گھڻو بحث
مباحثو ڪيو. آخر جڏھن خليفي ڏٺو تھ وزير ڪھنگ ٿي
رھڻ پسند ڪري ٿو پر چٻ سان شادي ڪرڻ پسند نٿو ڪري،
تڏھن لاچار پاڻ قبول ڪيائين تھ آئون ھن سان شادي
ڪندس. پوءِ ھلي چٻ جي اڳيان بھ اھا ڳالھھ قبول
ڪيائين، جنھن تي ھو خوش ٿي ۽ چوڻ لڳي تھ ”اوھين
ڏاڍا نصيب وارا آھيو، جو ھو اڄ ئي رات جو ھتي اچڻو
آھي. ھلو تھ اوھان کي ھلي اھو سندس محفل جو ھنڌ
ڏيکاريان.“
چٻ پنھنجن ٻن سنگتين کي وٺي ھلي، سڃين جاين مان
لنگھي ھڪڙي ھنڌ آئي، جتي ھڪڙو پراڻو صفو ڏسڻ ۾
آيو. انھيءَ ۾ ويھڻ جو سامان پيو ھو، غاليچا وڇايل
ھئا. منجھس بتيون پئي ٻريون. انھيءَ صفي جي ڀت ۾
ھڪڙو چير ھو، جنھن جي پٺيان ھو اچي لڪي ويٺا،
انھيءَ چير مان ھو اندر صفي ۾ چڱيءَ طرح ڏسي ٿي
سگھيا، ۽ جيڪي اتي ڳالھائڻ ۾ آيو، سو بھ ٻڌي ٿي
سگھيا.
ھنن صفي ۾ اٺ ماڻھو ڏٺا، جي گادين تي ويٺا ھئا، ۽
سندن اڳيان کاڌي جون شيون رکيل ھيون. انھن ماڻھن
مان ھڪڙو خليفي ۽ وزير ھڪدم سڃاتو تھ اھو گھورڙيو
ھو، جنھن ناس جي دٻلي وڪڻي ڏني ھين. گھڻي تائين
اتي بيٺا، پر جنھن لفظ جي ڳڻتي ھين، سو ڪونھ
ٻڌائون.
ائين ڪندي اوچتو ھڪڙي شخص انھيءَ گھورڙيي کان پڇيو
تھ ”تو ڪھڙا ڪم پئي ڪيا آھن، سي تھ ٻڌاءِ؟“ تنھن
تي ھو پنھنجا گھڻائي ڪم ٻڌائي ويو. انھن مان ھڪڙي
ڳالھھ خليفي ۽ وزير جي بھ ڪيائين جنھن ۾ ھن جي
صورت بدلجي ڪھنگن جي ٿي. ھن شخص پڇيس تھ ڪھڙو لفظ
تو ھنن کي ڏنو ھو؟“ ھن چيو تھ ”معتبر“.
انھيءَ لفظ ٻڌڻ شرط ڪھنگ ڏاڍا خوش ٿيا. ھڪدم ڊوڙي
نڪري پري ٿيا. چٻ مس انھن کي ڊوڙ ۾ پڄي ٿي سگھي.
جڏھن پري ويا تڏھن خليفي چٻ کي چيو تھ ”تو منھنجي
۽ وزير جي حياتي بچائي آھي. انھيءَ جي عيوض ۾ آئون
توسان گھڻي خوشيءَ سان شادي ڪندس ۽ پوءِ ھميشه
تائين خوش پيا رھنداسين.“
انھيءَ مھل ھو سڀ اڀرندي ڏي منھن ڪري بيٺا. ڪھنگن
ٽي دفعا ڪنڌ جھڪائي چيو تھ ”معتبر“، تھ ھڪدم ماڻھو
ٿي پيا. اھڙا خوش ٿيا، جو پنھنجو درجو وساري ھڪٻئي
کي ڀاڪر پائڻ لڳا، ۽ کلي ڍؤ ڪيائون. انھيءَ وچ ۾
چٻ بھ بدلجي اصلوڪي شھزادي ٿي پيئي. انھيءَ کي ڏسي
خليفو مست ٿي پيو. چوڻ لڳو تھ ”چڱو ٿيو جو آئون
ڪھنگ ٿيس، جو انھيءَ ڪري نصيب زور ٿيو، ۽ تو جھڙي
خوبصورت زال مون کي ملي!“
*
|