سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 6

صفحو :6

باب ڇھون

محلات ۾

 

اٺن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ، ھو سلطان جي تخت – شھر ۾ پھتا. اتي زياده شوق مان ھنن جي مرحبا ٿي. محلات جي مکيھ صفي ۾ راڻي منتظر ويٺي ھئي. عمدا غاليچا ۽ ٻيا فرش وڇايا پيا ھئا، ۽ ڀتين تي رنگ رنگ جا قيمتي ڪپڙا، سونن ڪڙن ۽ زريءَ جي رسن سان پئي لٽڪيا.

اڃا سج برابر نھ لٿو ھو، جو سلطان پنھنجي عملي سميت وڃي پھتو، تھ بھ محلات ۾ ايتريون بتيون ۽ شمعدان ٻري ويا ھئا، جو ڏينھن ٿي ويو ھو. صفي جي ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾، سون ۽ جواھرن سان جڙيل تخت رکيو ھو. انھيءَ جي مٿان ريشمي ڪپڙي جو ننڍڙو شاميانو، چار زالون جھليو بيٺيون ھيون، ۽ ھڪڙيءَ زال مور جي کنڀن جو پکو پئي راڻيءَ کي ھنيو.

انھيءَ صورت ۾ ھوءَ بادشاھھ ۽ پٽ جي لاءِ منتظر ويٺي ھئي، جنھن پٽ کي ھن ايڪيھن ورھين کان وٺي ڪين ڏٺو ھو. رڳو خواب ۾ سو پيئي ڏسندي ھيس، ۽ اميد رکندي ھئي تھ جڏھن ڏسنديسانس تڏھن ھڪدم سڃاڻنديسانس. سگھو ئي ماڻھن جون خوشيءَ جون رڙيون، ۽ دھل نغارا ۽ گھوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ٻڌائين. صفي جا در کلي ويا، ۽ پردا کڄي ويا، ۽ سلطان خوشيءَ مان اندر اچي، پنھنجي پٽ جي ٻانھن وٺي چاڙھي راڻيءَ کي ڏني.

چوڻ لڳس تھ اجھو اھو آھي تنھنجو پيارو پٽ، جنھن لاءِ تون ھيترا ورھيھ سڪ ۾ منتظر ويٺي ھئينءَ.“ راڻيءَ ھن کي ڏسي ھڪدم چيو تھ ”ھي تھ منھنجو پٽ ناھي. ھيءُ اھو منھن ناھي، جو مون ھيترا ڀيرا خواب ۾ پئي ڏٺو آھي.“

اڃا سلطان راڻيءَ کي سمجھائڻ لاءِ چپ ئي نھ چوريا ھئا تھ ”عمر“، جو زور لائي سپاھين کان پاڻ ڇڏائي ڀڳو ھو، سو ڊوڙندو اندر لنگھي آيو ۽ پاڻ کي تخت تي اڇلائي، دانھن ڪري چوڻ لڳو تھ ”بابا سائين، آئون مري ويندس، پر ھھڙيون جٺيون نھ سھندس.“

ھي لفظ ٻڌي سڀڪو حيران ٿي ويو. سپاھي جن کان ”عمر“ ڀڄي آيو ھو، سي ھن جي پڪڙڻ لاءِ ڪاھي ٿي آيا تھ راڻيءَ ھنن کي منع ڪئي، ۽ چوڻ لڳي تھ ”منھنجو سچو پچو پٽ ھي آھي، ۽ نھ ڪو ٻيو. جيتوڻيڪ مون ھن کي اڳي نھ ڏٺو آھي، تڏھن بھ ھن جو منھن مون خواب ۾ پئي ڏٺو آھي، ۽ منھنجي دل بھ اھا شاھدي ڏئي ٿي.“

سپاھي تھ پري ٿي بيھي رھيا، پر سلطان ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ھنن کي حڪم ڏنائين تھ ”ھڪدم ھن چريي کي پڪڙيو ۽ ٻڌو. آئون بادشاھھ آھيان، ۽ ملڪ جو مالڪ آھيان. پنھنجي مرضي ۽ عقل تي ھلندس، زالن جي خوابن تي ڪين ھلندس. منھنجو پٽ ھو آھي، جنھن ”الفي بي“ وٽان خنجر نشاني ڪري آندو آھي.“ اتي ”عمر“ رڙ ڪري چيس تھ ”سائين، ھن اھو ستي پئي مون وٽان چورايو آھي ۽ مون ھن کي اھا ساري ڳالھھ ٻڌائي ھئي. ھاڻ ھي بنجي اوھان جو پٽ ٿيو آھي.“

پر سلطان ”عمر“ جي ڳالھھ ڏي ڪو بھ ڌيان ڪونھ ڏنو. ھو شوخ ۽ قائم مزاج ماڻھو ھو، ۽ ٻئي جي مرضيءَ تي نھ ھلندو ھو. ويچاري ”عمر“ کي زور زبردستيءَ سان گھلائي ٻاھر ڪڍايائين، ۽ پاڻ ”لبا خان“ کي ساڻ وٺي، پنھنجي جاءِ ڏي ھليو ويو. ۽ جنھن راڻيءَ سان پنجويھن ورھين کان خوش گذاريندو آيو ھو، تنھن کان ھاڻ منھن مٽي ڪاوڙجي ھليو ويو.

انھيءَ ڪري راڻي ڏاڍي رنج ٿي. پڪ ٿيس تھ ”لبا خان“ٺڳ ۽ بدمعاش آھي ۽ ”عمر“ جي خاطري ھيس تھ اھو منھنجو سچو پٽ آھي. پر بادشاھھ جي مرضيءَ جي خلاف ڇا ڪري ٿي سگھي. ٿوري وقت کان پوءِ جڏھن سندس ڏک جھڪو ٿيو، تڏھن بادشاھھ کي سندس چڪ ڏيکارڻ جي ھڪڙي تجويز دل ۾ آيس. اھا خبر ھيس تھ جڏھن ”لبا خان“ خنجر نشاني ڪري آندو آھي، تڏھن ٻي ڳالھھ ثابت ڪرڻ مشڪل ٿيندي.

ھن انھن ماڻھن کي گھرايو، جي سلطان سان گڏجي ٺلھھ ڏي ويا ھئا، ۽ انھن کان پڇيائين تھ اتي ڇا ڇا ٿي گذريو ھو؟ جڏھن ھنن سڀ ڳالھھ ذري پرزي ٻڌايس، تڏھن گھڻيون رٿون دل ۾ رٿيائين، پر ڪابھ ڪمائتي ڏسڻ ۾ نھ پئي آيس. آخر ھڪڙي ٻڍي نوڪر، راڻيءَ کي چيو تھ ”انھيءَ ڪوڙي شھزادي، ”عمر“ کي چيو ٿي تھ ھي چريو درزي آھي ۽ ھن جو نالو ”لبا خان“ آھي.“

انھيءَ ٻڍي، راڻيءَ کي صلاح ڏني، تھ ”ڀانئجي ٿو تھ اھو ڪوڙو شھزادو شايد پاڻ درزي آھي، ۽ نالو بھ ”لبا خان“ اٿس“. پوءِ راڻيءَ کي ڪي ڪن ۾ چيائين جو ٻڌي راڻي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ چوڻ لڳي تھ ”انھيءَ مان مڙئي مطلب حاصل ٿيندو. ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس.“

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com