باب ٽيون
جادوءَ جو لفظ وسري ٿو وڃين
ھڪ ٻئي کي ڏسي خليفو ۽ وزير خوش ٿيا، ۽ ھڪ ٻئي جون
چھنبون ۽ ٽنگون، ۽ ٻيا عضوا ڏسي چرچو ڪرڻ لڳا.
پوءِ وڃي ھنن ٻن ڪھنگن کي ويجھا ٿيا تھ ھو ھن طرح
پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا. ھڪڙي چيو تھ ”ادا، سلام ٿئي،
اڄ سويرو شڪار تي نڪتو آھين؟“ ٻئي ورندي ڏني تھ
”ھائو، البت بک لڳي ھيم، ناشتو گھربل ھو.“
ھن چيو تھ ”ڏيڏر جي ٽنگ ۽ ڪرڙيءَ جو ٽڪر گھرجئي تھ
حاضر آھي؟“ ھن چيو تھ ”مھرباني اوھان جي.“ پوءِ
ھيڏي ھوڏي ڏيڏريون ۽ مڇيون کائي ھنن چيو تھ ”ھاڻ
اچو تھ ڍنڍ جي ڪناري تي ناچ وجھون.“ ائين چئي ٻيئي
اچي ڊوڙڻ ۽ نچڻ لڳا، ۽ ڏاڍو تماشو کڻي ڪيائون.
ڪڏھن ھڪڙيءَ ٽنگ تي ٿي بيٺا، ۽ ڪڏھن چھنبون کولي
ٽھڪ ٿي ڏنائون. ھنن کي ڏسي خليفو ۽ وزير بھ چھنبون
پٽي کلڻ لڳا.
اوچتو پھرين وزير کي ياد پيو تھ ”اسان کي کلڻ نھ
گھربو ھو.“ خليفي کي بھ ياد ڏياريائين. چيائين تھ
”پاڻ چڪ ڪئي. ھاڻ مون کي اھو جادوءَ وارو لفظ وسري
ويو آھي. اوھان کي ڪي ياد آھي؟“ خليفي چيو تھ
”ھائو اڀرندي ڏي منھن ڪري، ٽي ڀيرا ڪنڌ جھڪائي ”م
م م“ ڪرڻو ٿيندو.“ پوءِ ائين ڪيائون، ۽ چھنبون
زمين سان لڳائي مٿا ھنيائون، پر اھو لفظ ياد نھ
پين، رڳو م م م پئي ڪيائون.
ويچارا ڪھنگ ٿيو وتيا گاھھ تي گھمندا، رلندا.
سجھين نٿي تھ ڇا ڪريون. جي شھر ۾ وڃن تھ ڪنھن کي
ويساھھ ايندو تھ ھي ڪھنگ ”بغداد“ جو خليفو ”رشيد“
۽ سندس وڏو وزير ”منصور“ آھن! پر جي کڻي وسھن بھ،
تھ ڪير چوندو تھ ڪھنگ پکي اسان جو بادشاھھ ٿئي ۽
اسان تي حڪم ھلائي!
انھيءَ طرح ڪيترائي ڏينھن ھو پئي رليا ۽ جھنگلي
ميون تي گذران پئي ڪيائون، جو ڪرڙيون ۽ ڏيڏريون
ھنن کي نٿي وڻيون. رڳو سو ھڪڙو مزو ھون، جو اڏامي
سگھندا ھئا، ۽ ”بغداد“ جي وڏين وڏين عمارتن جي
چوٽين تي وڃي ويھندا ھئا، ۽ ھيٺ شھر جو تماشو ويٺا
ڏسندا ھئا. پھريان ڏينھن شھر جي ماڻھن کي ملول ۽
اٻاڻڪو ٿي ڏٺائون، پر پوءِ چوٿين ڏينھن محلات جي
چوٽيءَ تي ويٺي، ھيٺ ھڪڙو عجيب تماشو ڏٺائون.
دھل ۽ شرنايون پئي وڳيون، ۽ ماڻھو ڳوڙھھ ڪيو گھٽين
مان پئي ھليا. وچ ۾ ھڪڙو شخص عمدن زريءَ لڳل ڪپڙن
۾ گھوڙي تي چڙھيل ھو، ۽ گھڻائي امير ماڻھو سندس
آسپاس ھئا، جھنڊا بھ ساڻن ھئا. ماڻھن نعرا ھنيو
پئي چيو تھ ”اسان جو نئون خليفو ”نصير“ شل سلامت
رھي!“
ھنن ٻن ڪھنگن اھو تماشو بيٺي ڏٺو. خليفي ”رشيد“
وزير کي چيو تھ ”وزير! ڪي سمجھين ٿو تھ ڇو اسين
ڪھنگ ٿي پيا آھيون؟“ ھي نصير منھنجي جان دشمن
”ڪشنوي“ جو وڏو پٽ آھي، جو وڏو جادوگر آھي، ۽ ھڪڙي
ڀيري ھي سڀ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو ھئائين تھ مون کي
نقصان پھچائيندو. ھي سڀ انھيءَ جو ڪم آھي. ھاڻ
اڏام تھ ”مديني“ ڏي ھلون، ۽ حضرت پيغمبر' جي روضي
جي زيارت ڪريون، ۽ دعا گھرون تھ اسان جي مٿان ھيءَ
ملامت ٽري.“
*
|