باب ٻيو
لبا خان عمر جي ڳالھھ ٻڌي ٿو
جتي جتي اسان جو شھزادو پئي ويو، اتي ماڻھو کيس
ڏسي حيران ٿي ويا. ھن جي شاھاڻي شڪل، شاھاڻي پوشاڪ
۽ شاھاڻو عالي دماغ ڏسي ماڻھن عجب پئي کاڌو. ھي
وڏي تجمل سان وھٽ تي چڙھي ڇو نٿو ھلي، ڇو پنڌ پيو
ڪري؟ جيڪو انھيءَ بابت پڇندو ھوس، تنھن کي
مغروريءَ مان جواب ڏيندو ھو تھ انھيءَ جي لاءِ مون
کي ڪي خاص سبب آھن. پر ماڻھن کي کلندو ۽ ٺٺوليون
ڪندو ڏسي، ھن پڪو ٺھراءُ ڪيو تھ ڪو گھوڙو وٺان.
ان موجب ٿورا پئسا خرچي ھڪڙو ڪراڙو گھوڙو ورتائين،
جو سندس ڊؤل جو ھو. اھڙو ماٺيڻو ۽ ڍرو ھو، جو کيس
ڪا بھ تڪليف نٿي آئي، ۽ نھ ان جي ھلائڻ ۾ ڪا
ھوشياري يا چابڪ سواري درڪار ھئي. انھيءَ جو نالو
”مروه“ رکيائين.
ھڪڙي ڏينھن، پنھنجي گھوڙي تي چڙھيو، آھستي آھستي
لڏندو پئي ويو تھ ٻيو ھڪڙو گھوڙيسوار وٽس آيو، ۽
چيائين تھ ”مون سان گڏيا ھلندؤ تھ ڳالھيون ڪندا
ھلون.“ اھو نئون سوار خوبصورت ۽ فضيلت وارو جوان
ھو. ٻيئي ھڪٻئي سان ڳالھائيندا ھليا. ”لبا خان“ کي
گفتگو ڪرڻ سان معلوم ٿيو تھ ھو بھ ڪنھن خاص ارادي
کان سواءِ سفر تي نڪتو ھو.
ھن چيو تھ ”منھنجو نالو عمر آھي، ۽ منھنجو چاچو
”الفي بي“ ”مصر“ جي گاديءَ جي ھنڌ ”القاھره“ جو
بادشاھھ يا حاڪم ھو. ان جي مرڻ مھل مون کي حڪم ڏنو
ويو ھو، انھيءَ جي آئون ڪوشش ڪري تعميل پيو ڪريان.
”لبا خان“ پنھنجي گھڻي ڳالھھ عمر کي ڪانھ ٻڌائي،
رڳو ايترو ٻڌايائينس، جنھن مان ھن سمجھيو تھ ھي
شھزادو آھي، ۽ دل وندرائڻ لاءِ سفر تي نڪتو آھي.
ھي ٻيئي ھڪٻئي جي صحبت ۾ ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ گڏ
مسافري ڪندا رھيا، ڳالھين ڪندي ”لبا خان“ ”عمر“
کان پڇيو تھ ”تنھنجي چاچي توکي ڪھڙو حڪم ڏنو ھو،
جنھن جي تعميل ڪرڻي آھي؟“ ھن ھيٺين ڳالھھ ڪري
ٻڌايس، جا ٻڌي ھو حيران ٿي ويو.
”عمر“ چيس تھ ”آئون ننڍي ھوندي کان پنھنجي چاچي
”الفي بي“ سان رھندو ايندو ھوس، ۽ ھن کي پنھنجو
پيءُ ڪري سمجھندو ھوس. پنھنجي پيءُ ماءُ جي مون کي
ڪا يادگيري ڪانھ آھي. چاچي تي سندس دشمن ٽي ڀيرا
ڪاھھ ڪئي ھئي.
پوئينءَ لڙائيءَ ۾ ھن کي ڏاڍا زخم رسيا. جڏھن ھن
پاڻ کي قريب المرگ سمجھيو، تڏھن مون کي سڏائي
چيائين، تھ ”تون منھنجو ڀائيٽو ناھين، پر ھڪڙي وڏي
بادشاھھ جو پٽ آھين. تنھنجي پيءُ کي ڪن ڏاھن عالمن
ڄاڻ ڪيو تھ اتي رھڻ ڪري تنھنجي جان کي جوکو آھي،
تنھنڪري ھن توکي ٻاھر موڪليو، ۽ پڪو انجام ڪيائين
تھ ايڪيھن ورھين کان اڳي وري توکي نھ ڏسندو.“
”الفي بي“ پڻس جو نالو نھ ٻڌايو، مگر چيائينس تھ
”ڏسندو مھينو رمضان آھي. انھيءَ جي نائين تاريخ
تون ايڪيھن ورھين جو ٿيندين. انھيءَ ڏينھن تون
فلاڻي ٺلھھ وٽ ويندين“ جو ”سڪندريھ“ شھر جي اڀرندي
ڏي، چئن ڏينھن جي پنڌ تي آھي. اتي انھيءَ ڏينھن
ماڻھو تيار بيٺا ھوندا. آئون توکي ھڪڙو خنجر
ڏيندس، جو تنھنجي پيءُ مون کي ڏنو ھو. اھو ھنن کي
ڏيکاريندين، ۽ چوندين تھ آئون اھو آھيان جنھن کي
اوھين ڳوليو ٿا“، ۽ ھو چوندا تھ ”خدا جو شڪرانو
آھي، جنھن تو کي بچايو آھي.“ پوءِ تون ھنن سان
گڏجي ويندين، ۽ توکي پنھنجي پيءُ وٽ وٺي ويندا.“
*
|