سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 5

صفحو :5

باب پنجون

سلطان جي محلات ڏي ٿا وڃن

 

”عمر“ پري کان ئي ماڻھن کي اشارا پئي ڏنا. پر جڏھن مري جھري ٺلھھ وٽ آيو، تڏھن ماڻھن کي چوڻ لڳو تھ ”متان ھن ٺڳ بدمعاش تي ويساھھ ڪيو اٿو. ”عمر“ آئون آھيان، ھي نھ آھي.“

پير مرد بادشاھھ توڙي سندس ماڻھو حيران ٿي ويا. ”لبا خان“ ڏاڍي آرام سان بادشاھھ کي چيو تھ ”قبلا، ھن جي ڳالھھ تي متان لڳو. ھي ”سڪندريھ“ شھر جو ھڪڙو درزي آھي ۽ ھن جو نالو ”لبا خان“ آھي. ھي موچڙن جو لائق آھي، نھ انعام اڪرام جو.“

”عمر“ ڪاوڙ مان وڃي ”لبا خان“ کي ڳچيءَ مان ورتو، پر ماڻھن وچ ۾ پئي ھنن کي ڌار ڪيو ۽ بادشاھھ ”لبا خان“ کي چيو تھ ”ابا، تون سچ ٿو چوين، ھي ڪو ديوانو آھي. اڙي، ھن کي ٻڌي اٺ تي ويھاري وٺي ھلو، تھ اتي ھلي ھن جو ڪو علاج ڪريون. شايد سنئون ٿئي.“

ٿوري کان پوءِ ”عمر“ جي ڪاوڙ ڍري ٿي، ۽ پوءِ اکين ۾ پاڻي آڻي ٻڍي بادشاھھ کي چيائين تھ ”سائين، منھنجي دل شاھدي ٿي ڏي تھ اوھين منھنجا پيءُ آھيو. پنھنجي ماءُ جي يادگيري ڏياري آئون عرض ٿو ڪريان تھ مھرباني ڪري منھنجي ڳالھھ ٻڌو.“ پر بادشاھھ چيو تھ ”اجھو، ھي چريو وري بڪ ڪرڻ لڳو آھي. ڪھڙا نھ واھياتي خيال مغز ۾ ويٺا اٿس.“

پوءِ ھو ”لبا خان“ کي پاڻ سان وٺي اتي آيو، جتي خوبصورت تازي گھوڙا ٻڌل ھئا. ٻن تي چڙھي اڳي ٿيا ۽ ٻيا پٺيان لڳن. ويچاري ڪم نصيب ”عمر“ کي ھٿ پير ٻڌي کڻي ھڪڙي اٺ تي قابو ڪيائون، ۽ ٻھ سوار سندس سنڀال لاءِ ساڻس ٿيا.

اھو پير مرد بادشاھھ سچو پچو انھيءَ ملڪ جو سلطان ھو. ”عمر“ جي ڄمڻ کان اڳي اولاد ڪونھ ٿيندو ھوس. جڏھن ”عمر“ ڄائو، تڏھن انھيءَ وقت جي دستور موجب، نجومين ۽ عالمن کان ھن جو نصيب پڇيائين، جن چيس تھ ”ايڪيھن ورھين تائين ھن کي پنھنجي درجي ۽ حق کسجڻ جو ڊپ آھي.“

انھيءَ ڪري سلطان اڳ ڳڻتي ڪري، ھن کي پنھنجي ھڪڙي ايماندار دوست ۽ امير ”الفي بي“ جي حوالي ڪيو، انھيءَ لاءِ تھ وٽس وڃي رھي، جيسين ڪھ ايڪيھن ورھين جو ٿئي. اھا ساري ڳالھھ، انھيءَ مھل سلطان ”لبا خان“ کي ڪري ٻڌائي، ۽ پوءِ چوڻ لڳس تھ ”ابا، ھاڻ توکي صحيح سلامت ۽ خوش چڱو ڀلو ڏسي، آئون ڏاڍو سرھو ٿيو آھيان.“

جڏھن اھي پنھنجي ملڪ ۾ پھتا، تڏھن شھر جا سڀ ماڻھو ھنن کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيا. نئين شھزادي جي اچڻ جي خبر ساري ملڪ ۾ پکڙي ويئي ھئي. شھر جي گھٽين ۾، ماڻھن وٽ گلن جون ڪمانون ۽ سايون ٽاريون ھيون، ۽ گھرن جي اڳيان خوبصورت پردا کڻي ٽنگيا. سڀني ماڻھن خدا جا شڪرانا ڪيا، جنھن سندس جوان شھزادي کي صحيح سلامت وٽن آندو.

غرور درزي ھيتري مرحبا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ويچارو ”عمر“ اھي سڀ رنگ ڏسي سڙي ويو. ھو اڃا بھ رسن سان ٻڌو پيو ھو، ۽ ڪا بھ خوشيءَ جي اميد ڪانھ ھيس. ڪنھن بھ ماڻھوءَ ھن کان ڪي ڪين پڇيو، ۽ حقيقت ڪري ھي سڀ خوشيون سندس لاءِ ئي رٿيل ھيون.

ماڻھن شھزادي ”عمر“ جو نالو وٺيو، رڙيون ڪري، خوشيءَ جا نعرا پئي ھنيا، ۽ جنھن جو نالو سچ پچ ”عمر“ ھو، تنھن ڏي ڪنھن نھاريو بھ نٿي. ڪڏھن ڪڏھن سو ڪنھن ماڻھوءَ پڇيو ٿي تھ ”ھي جو رسن سان قابو پيو آھي، سو ڪير آھي؟“ پھري وارن سوارن انھن کي چيو ٿي تھ ”ھي ھڪڙو چريو درزي آھي“. اھو جواب ٻڌي ”عمر“ کي ڪاوڙ  کان باھھ وٺيو ٿي ويئي.

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com