سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 7

صفحو :7

باب ستون

لبا خان پاڻ کي ظاھر ڪري وجھي ٿو

 

راڻي ڏاڍي ھوشيار زال ھئي، ۽ سجھيس ٿي تھ ڪيئن سلطان کي پنھنجي ڳالھھ تي آڻي. پھريائين سلطان وٽ وڃي، جيڪي اڳي چيو ھئائينس، تنھن جي معافي گھريائينس، ۽ پوءِ چيائينس تھ ”آئون اڳتي ”لبا خان“ کي پنھنجو پٽ ڪري سمجھنديس، مگر ھڪڙي شرط تي؟“ سلطان کيس معافي ڏني، ۽ ارمان ظاھر ڪيائين ۽ چيائين تھ ”جيڪي تون چوندينءَ، سو آئون قبول ڪندس.“

راڻيءَ چيو تھ ”منھنجي مرضي آھي تھ ڏسان تھ انھن ٻنھي مان ڪھڙو بھتر آھي. بھتر من منھنجو مطلب زياده پھلوان يا شھسوار ناھي، ڇا لاءِ جو اھي رواجي ڳالھيون آھن. آئون ھن کي ھڪڙو ھنرمندي جھڙو ڪم ڪرڻ لاءِ چونديسان تھ ھرڪو ھڪڙو ڪوٽ ۽ ھڪڙي سٿڻ سبي ڏئي، پوءِ ڏسنديس تھ ڪير ٿو بھتر ڪپڙا سبي“.

سلطان پھرين تھ کليو، پوءِ چيائين تھ ”آئون ائين ڪرڻ نھ ڏيندس.“ پر راڻيءَ چيس تھ ”اوھان پھرين انجام ڪيو آھي تھ جيڪي آئون چونديس، سو اوھين قبول ڪندؤ.“

تڏھن مس مس سلطان منظوري ڏني، پر ايترو چيائين تھ ”ڀلي جي ھن چريي درزيءَ کڻي چڱا ڪپڙا سبيا، تھ بھ آئون ھن کي پنھنجو پٽ ڪري نھ سمجھندس.

سلطان ”لبا خان“ کي راڻيءَ جي رٿ ٻڌائي، جو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو، ڇا لاءِ جو پڪ ھيس تھ پاڻ بھتر ڪپڙا سبندو، ۽ اھڙي آسان رستي راڻي مٿس راضي ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڪري مڃيندي. ان موجب ٻھ جايون مقرر ڪيون ويون: ھڪڙي ”لبا خان“ لاءِ ۽ ٻي عمر لاءِ. ھر ھڪ کي پٽ جي ڪپڙي جو ٽڪر ۽ قئنچي ۽ سئي ڌاڳو ڏيئي ويا. سلطان کي تھ اھو سارو چرچو نظر ٿي آيو، پر راڻيءَ کي ان جو گھڻو خيال ۽ انتظار ٿي ڏٺو. انھيءَ ڪم لاءِ ٻھ ڏينھن ڏنا ويا.

ٽئين ڏينھن سلطان ۽ راڻي گڏجي ويٺا، ۽ ٻنھي کي چوايائون تھ پنھنجا سبيل ڪپڙا کڻي اچن. ”لبا خان“ ڏاڍي فخر ۽ خوشيءَ سان سبيل ڪپڙا کڻي آيو. اھي تمام عمدا سبيل ھئا، ۽ راڻي اھي ڏسي حيران ٿي ويئي. ھو راڻيءَ کي چوڻ لڳو تھ ”امان، ڏس تھ مون ڪھڙا نھ چڱا ڪپڙا سبيا آھن! ڏسان تھ ڪھڙو ھوشيار درزي ٿو اھڙا سبي.“ اھو ٻڌي راڻي مرڪڻ لڳي.

”عمر“ جو آيو، سو اھو ڪپڙو ۽ قئنچي، ۽ سئي ڌاڳو ائين ئي کڻي آيو، ۽ آڻي ھنن جي اڳيان فرش تي اڇلايائين، ۽ ڪاوڙ مان چوڻ لڳو تھ ”مون کي ننڍي ھوندي کان گھوڙي ھلائڻ ۽ ترار مارڻ جو ھنر سيکاريو اٿن، نھ ڪپڙا سبڻ جو. ”القاھره“ جي حاڪم، ”الفي بي“ جي ڀاٽيي کي، ڀلا ڪيئن اھڙو خسيس ھنر سيکاريو ھوندائون؟”

تڏھن راڻيءَ شوق مان چيو، ”تون برابر منھنجو ۽ سلطان جو پٽ آھين“، ۽ سلطان ڏي منھن ڪري چيائين، تھ ”سائين، مون کي معاف ڪجو، جو مون اوھان سان ٺڳي ڪئي آھي. ھاڻ اوھين پاڻ ئي انصاف ڪريو، تھ سچو شھزادو ڪير آھي، ۽ درزي ڪير آھي. اوھين پنھنجي کان پڇو تھ اھو درزڪو ھنر ھن کي ڪنھن سيکاريو آھي؟“

سلطان ماٺ ڪري ويچار ۾ اچي ويو. ھن راڻيءَ ۽ ھنن ٻنھي ڄڻن جي منھن ڏي نھاريو. ڏٺائين تھ ”لبا خان“ شرمندو ٿي ڪنڌ ھيٺ ڪري بيٺو، جنھن مان سھي ڪيائين تھ ھو ڪوڙو آھي. نيٺ چوڻ لڳو تھ ”اھا پوري ثابتي ناھي. مون کي اڃا بھ ٻيو ھڪڙو رستو سجھي ٿو، جنھن سان مون کي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر پئجي سگھندي.“

ھن حڪم ڏنو تھ ”ھڪڙو تمام تِکو گھوڙو سنبرائي وٺي اچن.“ جڏھن اھو آيو، تڏھن سلطان انھيءَ تي چڙھي شھر جي نزديڪيءَ ۾ ھڪڙو وڏو ٻيلو ھو، تنھن ۾ ويو. اتي ھڪڙي ڏاھي پري رھندي ھئي، جا ايامن کان انھيءَ ملڪ جي بادشاھن کي مشڪلات جي وقت صلاح مصلحت ڏيندي ھئي. ان جي مدد وٺڻ لاءِ سلطان انھيءَ پاسي ويو.

ٻيلي جي وچ ڌاري ھڪڙو وڏن وڻن جو گھاٽ ھو، اتي اھا پري رھندي ھئي. اتي وڃي سلطان لھي گھوڙو ٻڌو، ۽ وچ تي بيھي وڏي سڏ چوڻ لڳو، تھ ”اي مھربان پري، جي اھا ڳالھھ سچي آھي تھ تون ھميشه منھنجن وڏن کي مشڪلات جي وقت مدد ڪندي آئي آھين، تھ ھينئر مھرباني ڪري، ھن مشڪل وقت ۾ مون کي اچي مدد ڪر.“

اڃا ھن ايترو چئي بس ڪيو، تھ پري اڇي پوشاڪ ۾ اچي اڳيان بيٺس. سندس منھن ڍڪيل ھو. مٺي آواز سان چوڻ لڳي تھ ”مون کي خبر آھي تھ تون ڇو آيو آھين. تنھنجي نيت سچي آھي، تنھنڪري آءٌ تو کي مدد ڪنديس. ھي ٻھ صندوقڙيون کڻي وڃ. اھي ٻھ ڄڻا جي چون ٿا تھ تنھنجا پٽ آھيون، تن کي چؤ تھ ھر ڪو ھنن مان چونڊي ھڪڙي کڻي، جيڪو تنھنجو پٽ ھوندو، اھو پنھنجي سڃاڻي کڻندو.“ ائين چئي، ھن اھي ٻيئي سھڻيون عاج جون جڙاءُ دار صندوقڙيون سلطان کي ڏنيون.

سلطان اھي پاڻ سان کڻي موٽيو. دل ۾ ويچار ڪيائين تھ الائجي ھنن ۾ ڇا آھي. مٿا ھنيائين، پر اھي کلي نھ سگھيون. ٻنھي جي وچ ۾ تفاوت رڳو اھو ھو تھ ھڪڙيءَ جي ڍڪ جي مٿان ”عزت ۽ ناموس“ جا لفظ لکيل ھئا، ۽ ٻيءَ جي مٿان ”دولت ۽ خوشي“. ٻئي چڱيون شيون ھيون، تنھنڪري خيال ۾ نٿي اچي سگھيو، تھ جوان ماڻھو انھن مان ڪھڙي پنھنجي لاءِ پسند ڪندا.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com