باب ٽيون
عمر کي ڪيئن ٺڳي ٿو
”لبا خان“ ڏاڍي خيال سان اھا ڳالھھ ٻڌي، ۽ انھيءَ
وقت کان وٺي ”عمر“ جو حاسد ٿيڻ لڳو. ھن کي انھيءَ
ڳالھھ تي ساڙ ٿيو تھ ”ڇو عمر، نھ رڳو ھڪڙي حاڪم جو
ڀائيٽو ھجي، پر ھڪڙي بادشاھھ جو پٽ ھجي، ۽ آئون جو
شھزادي جھڙو ٿو ڏسجان، سو ھڪڙو درزي ھجان، ۽
پورھيو ڪري گذران پيو ڪريان!“
پاڻ کي ”عمر“ سان مقابلي ڪرڻ مان ھن ڏٺو تھ ”عمر“،
جھڙو شڪل شباھت ۾ تھڙو ھلت چلت ۾ شريف ۽ خانداني
ماڻھو ٿي ڏٺو. ھڪدم ٿِي ٿي سگھيو تھ ھو رواجي
ڪاسبي ماڻھو نھ ھو. انھيءَ ھوندي بھ ”لبا خان“
سمجھيو تھ منھنجي شڪل شباھت بھ شھزادي جھڙي آھي،
تنھن ڪري ھن جو پيءُ مون کي ڏسي، پنھنجو پٽ ”عمر“
ڄاڻندو.
اھو سارو ڏينھن ھن اھو پھھ پئي پچايو ۽ رات جو بھ
انھيءَ کان ننڊ نھ آيس. فجر جو جڏھن اٿيو، تڏھن
”عمر“ اڃا مٺيءَ ننڊ ۾ ستو پيو ھو، ۽ شايد پنھنجي
آئيندي جي چڱي نصيب جا خواب پئي لڌائين. ”لبا خان“
جي دل ۾ ھيءُ شيطاني خيال اچڻ لڳو تھ ھن کي ستي ئي
ماري، ءٌ انھيءَ ٺلھھ وٽ وڃان، ۽ چوان تھ ”آئون
انھيءَ بادشاھھ جو پٽ آھيان.“
جيڪو خنجر نشاني ڪري ڏيکارڻو ھو، سو ”عمر“ جي ڪمر
۾ لڳو پيو ھو. ”لبا خان“ اھو آھستي کسڪائي ورتو، ۽
ذري گھٽ انھيءَ سان ھن کي مارڻ تي ھو، تھ وري ھيءُ
خيال آيس تھ ڇو اھڙو گناھھ جھڙو ڪم ڪريان؟ ڪا ٻي
تجويز ڇو نھ ڪريان، جنھنڪري منھنجو بھ مطلب ٿئي، ۽
ھيءُ بھ نھ مري.
اھو خنجر کڻي پنھنجي ڪمر ۾ ٻڌائين، ۽ ”عمر“ جي
عمدي گھوڙي تي سنج ڪري چڙھي اٿي ھليو. شھزادي
”عمر“ جڏھن اک پٽي، تڏھن ”لبا خان“ نظر نھ آيس.
انھيءَ وچ ۾، ھو گھڻائي ميل ڪري ويو.
اھو ڏينھن رمضان مھيني جي پھرين تاريخ ھو، تنھنڪري
”لبا خان“ کي اڃا ٽي ڏينھن پنڌ ڪرڻو ھو. پڪ ھيس تھ
تکي ھلڻ جي ڪري ٻن ڏينھن ۾ اتي وڃي پھچندس. پر اھو
بھ ڊپ ھوس تھ متان ”عمر“ پٺيان اچي پھچي، ۽ رولو
وجھي ڏئي.
ٻئي ڏينھن شام ڌاري ”لبا خان“ پري کان ٺلھھ ڏٺو
اھو ھڪڙي وڏي ميدان جي وچ ۾، ھڪڙي ٽڪريءَ تي بيٺل
ھو، ۽ پري کان ڏسڻ ۾ پئي آيو. اھو ڏسي ”لبا خان“
جي دل ٽپ ڏيڻ لڳي، اگرچ اھو بھ خطرو ھوس تھ جي ٺڳي
ظاھر ٿي تھ سندس الائجي ڪھڙو حال ٿيندو. پر ھن کي
جو اھو خيال دل تي ويٺل ھو، تھ آئون بھ شھزادو
آھيان، تنھنڪري ھن ھمت نھ ھاري، ۽ پٺتي نھ موٽيو.
ٺلھھ جي آسپاس ويرانو لڳو پيو ھو. پاڻ سان ٿورو
کاڌو ھوس، نھ تھ جيڪر بک مري ھا. ڪي کجيءَ جا وڻ
بھ اتي ھئا. اتي گھوڙي کي ڇڏي ڏنائين تھ چري، ۽
پاڻ ڇانو ۾ ويھي ماني کائڻ لڳو، تھ پوءِ تازو ٿي
پنھنجو ارادو پورو ڪري.
*
|