باب پھريون
خليفو ڪھنگ
خليفو ۽ گھورڙيو
ھڪڙي ڏينھن ”بغداد“ جو خليفو، جنھن جو نالو ”رشيد“
ھو، سو پنھنجي مسند تي ويٺو ھو. اڳينءَ جي مھل
ھئي، ۽ خليفو ننڊ ڪري تازو ٿي ڪچھريءَ ۾ اچي ويٺو
ھو. ھڪڙو وڏو حقو سندس اڳيان رکيل ھو، جنھن جو نڙ
وات ۾ پيو ھوس. ٻئي پاسي ھڪڙي نوڪر قھوو پئي
پياريس. ھر روز اوڏيءَ مھل خليفو ڪچھري ڪندو ھو، ۽
ماڻھن جا عرض ۽ احوال ٻڌندو ھو.
سندس وڏو وزير، جنھن جو نالو ”منصور“ ھو، سو بھ
اوڏيءَ مھل ايندو ھو. انھيءَ ڏينھن بھ آيو، ۽ سلام
ڪري ادب سان ويھي رھيو. حال احوال پڇڻ تي وزير عرض
ڪيو، تھ ”محلات جي اڳيان ھڪڙو گھورڙو بيٺل آھي،
تنھن وٽ ڏاڍو مزي مزي جھڙو سامان وڪري لاءِ آھي.
منھنجي دل چيو تھ ڪي ھن کان خريد ڪريان، پر امڪان
آھي تھ ھن جون ڪي شيون حضور کي پسند بھ اچن.“
تنھن تي خليفي حڪم ڏنو تھ انھيءَ گھورڙيي کي وٺي
اچو. سگھو ئي اھو آيو. ھو بندرو ۽ سانورو ماڻھو
ھو. شڪل ڪوجھي ھيس، ۽ ڪپڙا بھ ڦاٽل ٽٽل ھئس،
جنھنڪري پاڻ زياده بدشڪل ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ساڻس ھڪڙي
پيتي ھئي، جنھن ۾ قسمين قسمين جون شيون پيون ھيون،
جھڙيءَ طرح ڪھ موتي، منڊيون، در، تپاچا، ڪپ، خنجر،
پياليون ۽ ڦڻيون وغيره. مطلب تھ عام ڪم جھڙيون
شيون وٽس گھڻيون ھيون.
سڀ سامان ڏسڻ کان پوءِ خليفي ٻھ تپاچا خريد ڪيا:
ھڪڙو پنھنجي لاءِ ٻيو وزير لاءِ. گھورڙيو پنھنجو
سامان بند ڪرڻ تي ھو، تھ خليفي جي نظر ھڪڙي خاني
تي پيئي، جو ھن نھ ڏيکاريو ھو. خليفي پڇيس تھ
”انھيءَ ۾ ڇا آھي؟“ ھن اھو خانو پٽي ڏيکاريو، تھ
انھيءَ مان ھڪڙي دٻلي نڪتي، جنھن ۾ ناس جھڙي شيءِ
پيئي ھئي، ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪڙو ڪاغذ بھ ھو، جو
عجب اکرن ۾ لکيل ھو، جي نڪي خليفو ۽ نڪي وزير پڙھي
ٿي سگھيو.
گھورڙيي چيو تھ ”ھڪڙي سوداگر اِھا دٻلي ڪاغذ سميت
مڪي جي ھڪڙي گھٽيءَ مان لڌي ھئي، ۽ انھيءَ مون کي
ڏني. خبر ناھي تھ اھا ڪھڙي قسم جي ناس آھي، مگر جي
اوھين اھا وٺندو تھ آئون اوھانکي ٿوري ملھھ تي
ڏيئي ڇڏيندس، جو اھا منھنجي ڪم جي نھ آھي، ۽ نھ
ڪنھن ٻئي انھيءَ جي وٺڻ جي ڪڏھن ڪا خواھش ڪئي
آھي.“ تنھن تي خليفي اھا دٻلي بھ خريد ڪئي، ۽ پوءِ
گھورڙيي کي موڪل ڏنائون.
خليفي ”رشيد“ گھڻي وقت تائين انھي ڪاغذ پڙھڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر پڙھي نھ سگھيو. ھن کي ھميشه عجيب
ڪتابن ۽ ڪاغذن گڏ ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو، تنھنڪري
اھو ڪاغذ ورتو ھئائين، ۽ مرضي ھيس تھ ڪنھن طرح
انھيءَ جو مطلب معلوم ڪجي. تڏھن وزير کان پڇيائين
تھ ”ڪو ماڻھو سجھيئي جنھن کي ھي اکر پڙھڻ ۾ ايندا
ھجن؟” وزير عرض ڪيو تھ ”حضور، جامع مسجد وٽ ھڪڙو
وڏو عالم رھي ٿو، جنھن جو نالو ”سليم“ آھي. اھو
گھڻيون ٻوليون ڄاڻندو آھي، ۽ ڏاڍو قابل آھي، شايد
اھو ھي اکر پڙھي سگھي!
*
|