باب چوٿون
ھڪڙي ويراني ۾
اسان جا ٻيئي ڪھنگ ”مديني“ ڏانھن اڏامڻ لڳا، پر
اڏامڻ جي گھڻي استعمال ڪانھ ھين، تنھن ڪري چڱو نھ
اڏامي سگھيا. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ وزير ٿڪجي پيو. ۽
رات بھ مٿان اچي پيئي. خليفي کي عرض ڪيائين تھ
”ھاڻ آئون اڏامي نٿو سگھان، بھتر آھي تھ ھتي رھي
پئون ۽ رات گذاريون. ھيٺان ڪو ڦٽل شھر ٿو ڏسجي،
اتي لڪا پيا ھونداسون.“
اھو ھڪڙو قديم ۽ ويران قلعو ھو، جنھن جون ڦٽل ۽
ڀڳل ڀتيون اڃا بيٺيون ھيون. اتي ڪا جاءِ صفا ڏسي
لھي پيا. ٿوري وقت کان پوءِ وزير چيو تھ ”سائين،
مون کي ڪو ڏک جو آواز ڪن تي پوي ٿو. ڪو ڏکايل شايد
پيو ٿڌا ساھھ کڻي ۽ ڪنجھي.“ خليفي بھ بيھي ڪن ڏيئي
ٻڌو، تھ برابر ڪنھن ماڻھوءَ جو آواز ھو. خليفو
ھڪدم انھيءَ پاسي ڏسي سماءَ لاءِ ٿي ويو، پر وزير
چھنب سان کنڀڙاٽي مان وٺي جھليس. پر خليفو رھيو
ڪين، پاڻ ڇڏائي انھيءَ پاسي ڏي ويو.
ھڪڙي در وٽ آيو، جو ٻيڪڙيل ھو. انھيءَ اندران اھو
ڏک جو آواز پئي آيو. ھن چھنب سان اھو زور ڪري
کوليو ڏٺائين تھ ھڪڙي سڃيءَ جاءِ جي ڪنڊ ۾، ھڪڙي
وڏي چِٻ ويٺي آھي، ۽ ٻيا ڪي پکي ھيڏي ھوڏي سڃين
جاين ۾ پيا اڏامن. انھيءَ چِٻ جي اکين مان ڳوڙھا
پئي وھيا، ۽ سندس چھنب مان ٿڌا ساھھ ۽ ڏک جا آواز
پئي نڪتا.
جڏھن خليفو اتي پھتو، تڏھن وزير بھ پٺيانئس آيو.
ٻنھي کي ڏسي چِٻ خوشيءَ جي ٻولي ڪئي، ۽ کنڀن سان
اکيون اگھي صاف ڪري عربي ٻوليءَ ۾ چوڻ لڳي تھ
”مھربان ڪھنگؤ، اوھين ڀلي ڪري آيؤ. آئون اوھان کي
ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آھيان. اوھان جو اچڻ سڀاڳو آھي،
جو مون کي اڳيئي چيو ھئائون تھ ڪھنگن جي معرفت مون
کي سڀاڳ لڳندو ۽ نڀاڳ ويندو.
چِٻ کي عربي ڳالھائيندو ڏسي ھي حيران ٿي ويا.
خليفو ادب سان سلام ڪري چوڻ لڳو تھ ”مائي چِٻ،
معلوم ٿو ٿئي تھ تون بھ اسان جھڙو انسان آھين، ۽
ڪنھن مصيبت ۾ ڦاٿل آھين. پر افسوس تھ اسين تو کي
ڪا مدد ڏيئي نٿا سگھون. جڏھن اسان جي حال جي خبر
پونديئھ، تڏھن پاڻھي ڄاڻندينءَ تھ اسان لاچار
آھيون، ۽ پاڻ تو وانگي مصيبت ۾ گرفتار آھيون.“
پوءِ چٻ کي سارو حال ڪري ٻڌايائين.
جڏھن خليفي پنھنجو قصو پورو ڪيو، تڏھن چٻ چيو، تھ
”اوھان جو احوال بھ عجيب آھي، پر ھاڻ منھنجو احوال
بھ ٻڌو، جنھن مان اوھان کي معلوم ٿيندو تھ آئون بھ
اھڙي ڪم نصيب آھيان جھڙا اوھين آھيون. منھنجو پيءُ
مشرقي ٻيٽن جو بادشاھھ آھي، ۽ مون کان سواءِ ٻيو
ھن جو اولاد ڪونھي. منھنجو نالو ”لوسا“ آھي. جنھن
بدمعاش جادوگر اوھان کي ڦيرائي ڪھنگ ڪيو آھي، تنھن
مون کي بھ ڦيرائي چٻ ڪيو آھي.
”ھڪڙي ڏينھن ھو منھنجي پيءُ وٽ آيو، ۽ پنھنجي پٽ
لاءِ منھنجي ٻانھن گھريائين. بابو ڏاڍو ڪاوڙيو،
تنھن ھن کي اھڙو ڌڪو ڏنو، جو ھو ڏاڪڻ تان ھيٺ ڪري
پيو. پوءِ ھو ھليو ويو، مگر چوندو ويو تھ آئون
ضرور انھيءَ جو وير وٺندس. ان کان پوءِ ھڪڙي
ڏينھن، آئون باغ ۾ پئي گھميس تھ ھو پنھنجي شڪل
ڦيرائي منھنجو ھڪڙو نوڪر ٿي مون وٽ آيو. ھن کي
نوڪر ڄاڻي چيومانس تھ ”قھوو جي پيالي آڻي ڏي.“ ھو
وڃي ھڪڙي پيالي کڻي آيو، مگر انھيءَ ۾ ڪا شيءِ
وجھي آيو، پيئڻ سان آئون چٻ ٿي پيس.
”ڀانئيان ٿي تھ آئون بيھوش ٿي ويئي ھيس، ڇا لاءِ
جو مون کي رڳو ايترو ياد آھي تھ ھن مون کي ھن سڃ ۾
آڻي ڇڏيو، ۽ منھنجي ڪن ۾ وڏي آواز سان چيائين تھ:
”نڀاڳي، ھاڻي سڄي عمر ھتي گذارڻو ٿيندءِ، جيسين
ٻيو ڪو تو جھڙو تو کي اچي پنھنجي زال ڪندو. آئون
تو کان ۽ تنھنجي مغرور پيءُ کان اجھو انھيءَ طرح
وير ٿو وٺان!“
”انھيءَ کي ڪي مھينا ٿيا آھن جو آئون ھن حال ۾ ھتي
پيئي گذاريان. سڀڪو ماڻھو ۽ سڀڪو جانور يا پکي مون
کان گوشو ٿو ڪري. تنھن کانسواءِ ڏينھن جو آئون
انڌي ٿيو پيئي گذاريان، ۽ رات جو جڏھن چنڊ اڀري
ٿو، تڏھن آئون ڪي ڏسي سگھان ٿي.“ اھا ڳالھھ پوري
ڪري چٻ وري بھ روئي کنڀن سان اکيون اگھيون.
*
|