تقريبًا پورا ٻھ سؤ سال (1736-1520ع)
سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو ائين ارغونن – ترخانن ۽ دھليءَ
جي مغل حڪومت جي ھٻڇي ۽ رت پياڪ تسلط ھيٺ پيسبا ۽
پڻي ٿيندا رھيا، سندن تھذيبي زندگيءَ جو ساھھ سندن
دشمنن جي مٺ ۾ گھٽبو ۽ ٻوساٽبو رھيو، سندن ذھني ۽
جسماني صلاحيتون بند ھيون ۽ انھن جي ھر قومي
استعمال ۽ اظھار تي مٿن ھٺيليون ۽ بي قياس سنگينون
اڀيون ٿِي ٿي ويون. پر پورين ٻن صدين جو اھو سڄو
عرصو، پنھنجي وطن جي نجات ۽ پنھنجي وجود جي بچاءَ
لاءِ، ھو پوءِ بھ لڳاتار وڙھندا رھيا. انھن ٻن سؤ
سالن جي تاريخ شاھد آھي تھ ان عرصي جو ڪو ھڪ
مھينو، ڪو ھڪ ھفتو، ڪو ھڪ ڏينھن بھ اھڙو ڪونھ
گذريو، جڏھن ھو پنھنجي ان مقدس فرض کان غافل رھيا.
پر ساڳئي وقت سندن افسوسناڪ نڀاڳ اھو ھو، جو اھو
سڄو عرصو ھو پنھنجي اندروني قومي ۽ مذھبي نفاق جا
پڻ شڪار رھيا ۽ ان نفاق کي وڌائڻ ۽ ان مان فائدي
وٺڻ ۾ سندن دشمن ڪا ڪثر پوئتي ڪانھ ڇڏي. ان لاءِ
پھرين ڳالھھ ھنن ھيءَ ڪئي، جو سنڌ کي ورھائي ٽڪر
ٽڪر ڪيائون ۽ ان جي متحد قومي رياست کي ھڪ ڀيرو
وري بھ واوکر ڪري ڇڏيائون. ارغونن ”ولايت سنڌ“ کي
ڇھن ”سرڪارين“ ۾، ۽ مغلن ان کي چئن ”ملڪن“ ۾
ورھايو ۽ سڄو وقت ھيءَ يا ھوءَ ”سرڪار“ ھن يا ھن
”ملڪ“ يا ”سرڪار“ سان وڙھندي رھي. ٻيو تھ سڀ اھي
”سرڪاريون“ ۽ ”ملڪ“ پاڻ کي قائم ۽ پنھنجي لٽ مار
کي جاري رکڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي دائري ۾، ماڻھن جي
ھر قبيلي ۾ اندروني جھيڙن ۽ قبيلن جي ھڪٻئي سان
ٽڪر ۽ ويڙھھ کي سعيو ڪري اڀاريندا ۽ وڌائيندا
رھيا- لاکن کي سميجن جي خلاف، سميجن کي سومرن
خلاف، مھرن کي ڪھيرين جي خلاف، ڪھيرين کي ڪلھوڙن
جي خلاف، ڪلھوڙن کي دائودپوٽن جي خلاف، دائودپوٽن
کي پنوھرن جي خلاف ۽ پنوھرن کي ھنن جي خلاف ۽ ھنن
کي ٻين جي خلاف، بلوچن کي سماتن جي خلاف ۽ سماٽن
کي بلوچن جي خلاف، سعيو ڪري، ويڙھائيندا، ھيڻو
ڪندا ۽ خوار خراب ڪندا رھيا. ان کان سواءِ مذھبي
ڪٽرپڻو ۽ فرقيوار انتھائيت ۽ مذھبن جي وچ ۾ غير
برابري، مسھپ ۽ عداوت ھنن لاءِ پنھنجي حڪومتي
ڪاروبار کي ھلائڻ ۽ قابض اقتدار کي قائم رکڻ جو ھڪ
ٽيون سوچيل ۽ آزمايل طريقي ڪار ھو، جنھن کي ھو
محڪوم ۽ ويسھاھ ۾ ورتل ”رعيت“ کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ،
ماٺ ڪرائڻ ۽ ڦيرائي پنھنجي پاسي ڪرڻ لاءِ ھر ضرورت
جي موقعي تي ڪم آڻيندا رھندا ھئا.
*
سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھن ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا
پويان
47
سال حضرت شاھھ عبداللطيف
ڀٽائيءَ پنھنجي اکئين پاڻ بھ ڏٺا. ڇو تھ پاڻ
1689ع
۾ ڄاوا ھئا ۽
1837ع
۾ ۾ مغلن جي آخري نواب صادق علي خان، جنھن ”ملڪ
ٺٽو دھليءَ جي مغل شھنشاھھ محمد شاھھ رنگيلي کان
مقاطعي تي ورتو ھو ۽ پھرئين سال جي مقاطعي جي رقم
جيئن تيئن پوري ڪري ڏني ھئائين ۽ ٻئي سال کيس
نقصان پيو ھو...“ ان ملڪ جون واڳون ڪلھوڙن جي
سربراھھ ميان نور محمد جي حوالي ڪيون. ”ملڪ“
سيوھڻ، ”ملڪ“ بکر ۽ ”ملڪ“ سيوي اڳي ئي ھن جي ھٿ ۾
اچي چڪا ھئا... ۽ ”ان وقت کان ھندستاني حاڪمن جي
حڪمرانيءَ جو سلسلو ٺٽي مان کڄي ويو ۽ عباسي
(ڪلھوڙا) خاندان کي بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي
فرمانروائيءَ ۾ سدائينءَ جي سرخروئي حاصل ٿي.“
(تحفة الڪرام) ۽ ائين ”سنڌ جي سمورن جدا جدا ٿي
ويل ٽڪرن جي ملي ھڪ ٿيڻ وارو مقصد.... تڪميل تي
پھتو... صدين کان پوءِ ھيءُ پھريون موقعو آيو ھو،
جو متحدھ سنڌ جي انتظام ۽ ضابطي جي مرڪزيت جا مقصد
انھن وطني حاڪمن جي ذريعي پورا ٿيا ھئا.“ (”تاريخ
ڪلھوڙا، مھر“).
ڪلھوڙا سنڌ جي اصلوڪن رھاڪن جو ھڪ مک قبيلو ھئا،
جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن مک قبيلن وانگر سدائين
سنڌ جي ڌارين حڪمرانن جي خلاف پنھنجي منھن وڙھندا
رھندا ھئا. تاريخ ۾ سندن اصل نسل ”سنڌي چنا“ قبيلي
منجھان ڏيکاريل آھي، جيتوڻيڪ اقتدار ۾ اچڻ کان
پوءِ ھنن پنھنجي ذات عرب سان ڳنڍي، پاڻ کي عباسي
سڏائڻ شروع ڪيو – ورنھ اوستائين جيئن اڄ بھ) سنڌ ۾
ھنن جون ذاتيون يا پاڙا ڪلھوڙا، دائودپوٽا،
عارباڻي، ھيسباڻي، فيروزاڻي وغيره مشھور ھئا.
پنھنجي قبيلي جي نالي کي ڇڏي، پاڻ کي عرب سڏائڻ ۽
عباسي چوائڻ، اھا ڌارين جي سلسلي ۾ سندن احساس
ڪمتريءَ کان وڌيڪ انھن سان ڪلھي گس ڪرڻ ۽ خود
پنھنجن تي حاڪاماڻي برتري ڏيکارڻ ۽ رعب ويھارڻ جي
سندن ھڪ ڪوشش ھئي. بھرحال، سندن پھرئين وڏي ڄام
چنوءَ (1220ع) جو تاريخ ۾ ذڪر ھڪ نھايت معتبر راڄ جي چڱي مڙس جي حيثيت ۾ ڪيو ويو آھي.
ھن سيوھڻ کان ڇھھ ڪوھھ پري جھانگارا باجارا جا شھر
ٻڌايا. ھو ستن مک قبيلن، ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن،
مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن – جو پڳدار ھو. سنڌ جي تاريخ ۾
ھيءَ پھرين خبر ملي ٿي، جڏھن مختلف ۽ ھڪ کان وڌيڪ
قبيلا گڏجي وسيع قومي اتحاد طرف وک کڻندي ڏسجن ٿا.
ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڏيءَ ساک
وارو سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن جو دستور ھو تھ ھارين
جي کرن تي ڪوبھ پنھنجو ماڻھو بٽئيءَ لاءِ نھ
موڪليندو ھو – ھاري پاڻ زمينداريءَ جو حصو، جيڪو
ڪن فصلن ۾ ڏھين کوڙي ۽ ڪن ۾ اٺين کوڙي ھوندو ھو،
کڻي کيس پھچائي ويندا ھئا، ۽ جڏھن ڪو ھاري اھو
زمينداري حصو کڻي وٽس ايندو ھو تھ ان کان ٽي سوال
پڇيا ويندا ھئا: توتي قرض تھ ڪونھي؟ تنھنجي ڪا
سامايل ڌيءَ تھ ويٺل ڪانھي (جنھن جي توکي شادي
ڪرائڻي ھجي)؟ تو وٽ تنھنجي گھر ۾ ڇھن مھينن جو ان
آھي؟ جيڪڏھن جواب ملندو تھ قرض اٿم، سامايل ڌيءَ
ويٺل اٿم يا گھر ۾ ڇھن مھينن جي توڻ ڪانھ اٿم، تھ
ھن کان بٽئيءَ جو ان نھ وٺبو ۽ چئبس تھ پھرين وڃي
پنھنجي پورت ڪر! سنڌ جي ھن رڄ چڱي مڙس، ڄام چنوءَ،
جو زمانو سنڌ جي وطن دوست سومرا رياست جو دور ھو.
سنڌ جي تاريخ ۾ پنھنجي وطني رياست جي ڇانءَ ھيٺ
سنڌي تھذيب جي ان تعميري اوسر جي دور جا ٻيا اھڙا
ڪيئي سنڌي سورمن جا داستان ملن ٿا، جن ۾ انھن جي
پھلواني، عدل ۽ انصاف، غيرت، نيڪي ۽ سخاوت جا مثال
بيان ٿيل آھن. ڄام چنوءَ جي ذھين پيڙھيءَ ۾، جڏھن
سنڌ جي تاريخ جي ان سونھري قومي دور کي ختم ٿئي بھ
ھڪ سؤ کن سال ٿي چڪا ھئا ۽ ان وچ ۾ غير وطني، ظالم
۽ ڦورو ارغون ۽ ترخان حاڪم پاڻ بھ پوين پساھن تي
اچي بيٺا ھئا، ۽ انھن جي جاءِ تي دھليءَ جي وڌيڪ
ظالم ۽ خون پياڪ مغل تسلط جي صدي شروع ٿيڻ واري
ھئي، تڏھن ڪلھوڙا قبيلي جو ھڪ ٻيو اھڙو ئي نيڪ
نام، بھادر، وطن دوست، راڄن جو اڳواڻ، ميان آدم
شاھھ ڪلھوڙو، سنڌ جي تاريخ ۾ نمودار ٿيو.
1591ع ۾، شھنشاھھ اڪبر طرفان عبدالرحيم خان خانان سنڌ کي ترخانن کان کسي مغل
قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مقرر ٿيو. پنھنجي ڪم جي ڪاميابيءَ
لاءِ سنڌ ۾ ھو جن بزرگن وٽ ”مدد ۽ دعا“ لاءِ ويو،
تن مان ميان آدم شاھھ ڪلھوڙو بھ ھڪ ھو. ميان آدم
شاھھ ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، ڌارين
فاتحن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو ۽، ھڪڙي
تاريخ نويس جي لفظن ۾، ”ڇاڪاڻ تھ ھو امن ۾ خلل
وجھڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺو ھو، انھيءَ ڪري ملتان ۾
شھيد ٿيو.“ ٻئي ھڪ مؤرخ جي لفظن ۾ ميان صاحب جي
خلاف ”ملتان جي حاڪم جي دل ۾ حسد پيدا ٿي پيو،
جنھن ھن تي حملو ڪرايو، ميان صاحب جا ساٿي ٽڙي
پکڙي ويا ۽ ھو پاڻ جھلجي پيو ۽ ھن کي موت جي سزا
ڏني ويئي.“ سنڌ جي ھڪڙي ٻئي مؤرخ واقعي کي ھنن
لفظن ۾ بيان ڪيو آھي: ”آدم شاھھ جا مريد گھڻا وڌي
ويا، ۽ ان سان جا طاقت ھن کي حاصل ٿي، تنھن کان
پاڙي وارن زميندارن ۽ مختلف قبيلن جي سردارن جي
دلين ۾ حسد جي باھھ جاڳي پيئي. انھن پوءِ ميان
صاحب جي خلاف بکر جي (مغل) ناظم کي خوفناڪ ڳالھيون
ٻڌايون. ناظم ميان صاحب کي ملتان موڪلي ڏنو، جتي
ھن شھادت جو جام پيتو.“ سترھين صديءَ جو ھڪڙو
فارسي شاعر واقعي کي بيان ڪندي چوي ٿو:
بترسيد والي زپير و مريد، بَھ ايماي حاڪم ھلاڪت
رسيد – جنھن ۾ ”واليءَ“ مان سندس مراد مراد بکر جو
ناظم، جيڪو ”پير کان ۽ ان جي مريدن کان ڊڄي ويو“ ۽
”حاڪم“ مان مراد ملتان جو حاڪم ھو، جنھن ”ھن کي
شھيد ڪرائي ڇڏيو.“ ميان صاحب ائين دشمنن سان
وڙھندي، وطن تان قربان ٿي ويو.
ميان صاحب شھيد جي ان قربانيءَ کان تقريبًا ھڪ سؤ سال پوءِ
1689ع
۾ حضرت شاھھ عبداللطيف جو جنم ٿيو. ان وچ ۾ ميان
صاحب شھيد جو پوٽو ميان شاھل محمد مغل حڪمرانن سان
وطن خاطر وڙھندي جنگ ۾ مارجي ويو (1657ع)،
کانئس پوءِ سندس ڀائٽئي ميان نصير محمد (وفات
1692ع)
کي ساڳئي وطن دوستيءَ جي ڏوھھ ۾ عمر جا ڪيترا سال
لاھور ۽ ملتان ۾ جلاوطنيءَ جا ڪاٽڻا پيا ۽ گواليار
۽ دھليءَ ۾ اورنگزيب جي قيد ۾ گھارڻا پيا. ميان
نصير محمد جي پٽ ميان دين محمد دشمنن خلاف پنھنجي
جنگ جاري رکي ۽ اورنگزيب جي پٽ معزالدين ۽ ان جي
نوابن ۽ سپھھ سالارن کي ڪيترن ئي ھنڌن تي شڪستون
ڏنيون. پر نيٺ ھو دشمن جي فريب ۾ اچي ويو ۽ قرآن
جي ضمانت تي پنھنجن ٻن قريبي عزيزن سميت ڳالھين
لاءِ معزالدين وٽ ويو، جنھن وعدھ شڪني ڪري، کيس
گرفتار ڪيو ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي
چيچلائي چيچلائي، سنڌ کان سنڌ الڳ ڪرائي، مارائي
ڇڏيو. ميان دين محمد ۽ سندس ساٿين جي شھادت جو
ھيءُ واقعو
1700ع
۾ پيش آيو، جڏھن شاھھ لطيف يارھن سالن جو ھو. ميان
دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد
پنھنجي اھل عيال ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو
علائقن ۾ پناھھ ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين
جي فوج سان جنگ جاري رکي ۽ ان کي شڪست ڏني. ان کان
پوءِ ھو جبلن تان ھيٺ لھي آيو ۽ نئينگ تان ٿيندي،
منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شھر، سامتاڻي ۽ ڳاھن جي
ايراضي ”فتح پور“ (؟)، ”شڪارپور“ (خدا آباد)،
گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنھنجي
قبضي ۾ آندائين. ترت ئي پوءِ، مغلن پنھنجي اختيار
جي سج جو زوال ڏسندي، پھريائين سبي ۽ ڍاڍر جو
انتظام ”بطور“ رشوت جي، ۽ پوءِ، بحالت مجبوري، سڄي
بکر ۽ سڄي سيوھڻ جي علائقن جا اختيار ميان يار
محمد جي حوالي ڪيا – کيس ”خدا يار خان“ جي لقب سان
گڏ خلعت، سوني جڙت واري ڪلنگي، ترار، گھوڙو ۽ ھاٿي
بھ ھن جي پذيرائيءَ طور ھن کي ڏنا – سر زمين سنڌ
جي ھڪ حصي (اتر سنڌ) جي اقتدار جي ھيءَ منتقلي
1708ع
کان
1711ع تائين عمل ۾ آئي.
پنھنجي عزيز وطن جي نجات ۽ ناموس جي بحاليءَ جي جدوجھد جا ھي
ڊرامائيءَ واقعا شاھھ عبداللطيف پنھنجي اکئين ڏٺا
۽ ڪنين ٻڌا. ھو ھنن واقعن جي عمل ۾ اچڻ وقت پنھنجي
ڦوھھ جوانيءَ ۾ ھو، ان وقت ھن جي عمر
19
کان
22
سالن جي ھئي. ملتان جي مغل
حاڪم، اورنگزيب جي پٽ معزالدين، ھٿان، ڌوڪي سان
جھلجي، سنڌ تان سر ڏيڻ وارن ميان دين محمد ۽ سندس
ٻن بھادر ساٿين جي شھادت وقت شاھھ
11
ورھين جو ھو. ان کان پوءِ ٻيا
پورا
11
ورھيھ ھو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن
جي نجات ۽ تحفظ جي ھن تحريڪ جو مشاھدو – جنھن جي
عمل جو دائرو اتر سنڌ ھو ۽ جنھن جي تحريڪ ۽
توانائيءَ جو مرڪز ۽ روح ڪلھوڙا قبيلي جا بزرگ ھئا
– سڌيءَ طرح ۽ ويجھي کان ويجھو بيھي، ڪندو رھيو.
ايڏي ان اتساھڪ ۽ جاندار قومي جدوجھد ھلندي، سڄيءَ
سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي وطن دوست بزرگن جي ڪارنامن جا
داستان – سندن پھرئين نيڪ مرد ڄام چنوءَ کان وٺي،
مظلوم شھيد ميان آدم شاھھ، ميان شاھل محمد شھيد،
ميان نصير محمد جي طويل قيد و بند، ميان دين محمد
۽ سندس ٻن ساٿي شھيدن ۽ ميان يار محمد جي ڪامياب
جنگي ڪاررواين تائين، زالن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽
جوانن سڀ ڪنھن جي زبان تي عام ھوندا. ان سان گڏ
پنھنجن قومي راڄ سردارن ۽ حاڪمن، سومرن ۽ سمن جي
عظيم وطني رياست جي ڏينھن جون ڳالھيون، قصا ۽
داستان بھ ھر ڪنھن جي زبان تي ھوندا. وچ ۾
ارغونن–ترخانن ۽ دھليءَ جي ڌارين مغل حڪمرانن ۽
انھن جي وحشي ۽ سفاڪ نوابن جي خونخوار حڪومت جي ٻن
سون سالن جي دل ڏاريندڙ ڪارستانين جون ڳالھيون بھ
ھر ھنڌ عام ھونديون. سنڌ جي تاريخ جو ھيءُ ھڪ
بُحراني دور ھو، بلڪ سڄي سنڌ، سڄو سنڌي سماج ان
منزل تي پنھنجي ان بحران جي سڀ کان وڌيڪ تيز ۽
شديد ڪيفيت سان دوچار ھو. جڏھن سنڌي سماج جي قسمت
جو بنيادي سوال اٿيو ھو ۽ ان جي حل ٿيڻ جي زمين
ھموار ٿي رھي ھئي ۽ جنھن ۾ سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ھڪ
نئين اجتماعي شعور سان واقف ٿي رھيا ھئا، ۽ سندن
ذھن ۾ پنھنجي وجود جو خيال، پنھنجي اھميت جي شعور
جو احساس ائين اڀري رھيو ھو، جيئن سانوڻ ۾ ڀريل
ڪڪر اتر کان اوڀڙ کائي اٿندا آھن ۽ وڌندا وڌندا
سڄي وايو منڊل تي ڇانئجي ويندا آھن. شاھھ جو شعر
اسان وٽ اسان جي ان اڀريل قومي شعور جي احساس جو
اظھار ۽ اسان جي سماجي وجود جي اھميت جو ۽ ان جي
قسمت جي بنيادي سوال جي حل جو نشان آھي. شاھھ جي
حساس ذھن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلاميءَ جي جھنم جي
خلاف ڪنھن پربھار ۽ روح پرور مسرت جي بھشت جو خواب
جلوھ گر ٿيو ھو – سنڌ جي رياست، سنڌ جي مذھب ۽ سنڌ
جي تھذيب کي پنھنجو سڏڻ ۽ انھن ۾ پنھنجائب جي ڏسڻ
جو خواب، شاھھ جو سڄو شعر ان خواب جو عڪس ۽ بيان
آھي، ڇو تھ اھا ئي ڳالھھ، اھو ئي امنگ ۽ اھا ئي ان
جي معنيٰ، شاھھ جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اصلي،
سچي ۽ اھم ڳالھھ ھئي.
(وڌيڪ پڙهو) |