سنڌ جي محب، ايڇ.ٽي.سورلي، پنھنجي عاليشان ڪتاب
Shah Abdul Latif of Bhit
جي تاريخ واري ڀاڱي جي مھڙ ۾ انگريزيءَ جا ٻھ ننڍا
شعر ڏنا آھن –
ھڪڙو ”آئزڪ واٽس“
(Issak Watts)
جو:
”وقت“، ھڪ سدا وھندڙ درياءَ وانگر،
پنھنجي سڄي وياءَ کي پاڻ سان لوڙھيندو نيندو ٿو وڃي –
ھڪ خواب وانگر اھي اڏامندا ۽ وسرندا وڃن ٿا،
جيڪو صبح ٿيڻ سان گم ٿي ويندو.“
۽ ٻيو ٽينيسن
(Tennyson)
جو:
”ڏينھن پنھنجي سڄي رنگ ترنگ سان اڏامندا،
گم ٿيندا ٿا وڃن،
پر، شايد، اھڙي ڪا ”پاڇي وجھندڙ سرت“ آھي،
سا ڪڏھن ڪڏھن آڻي ڏئي ٿي (کيس بھ خبر نھ
آھي تھ ڪٿان!)
ھڪڙو ننڍڙو مڌ ڀريل پيالو، ھڪڙي ڪا پرڪيف
غيبي سرڪ.“
وقت برابر ويندو رھي ٿو ۽ ڏينھن برابر گذرندا ويندا ٿا رھن، پر
ماضيءَ جي اڇلايل پاسيرن ڍيرن ۾ بھ ڳولڻ سان اھڙا
ڪي ھيرا ڪڏھن ڪڏھن ملي وڃن ٿا، جن جي روشنيءَ جا
شعاع، پنھنجي پنھنجي جاءِ تي، اسان جي آئيندي جي
قدمن جا رھبر ثابت ٿي سگھن ٿا. ڪنھن گمنام کان
گمنام ماڻھوءَ جو ھڪ ٻول، ڪنھن معموليءَ کان
معمولي مصنف جي ڪا ھڪ سٽ بھ اسان لاءِ اھڙي شعاع
وارو ڪو انمول ھيرو ثابت ٿي سگھي ٿي. عظيم ماڻھن
جي ھٿن جو تھ جو ڪجھھ اسان جي ورثي ۾ ڇڏيل آھي، ان
جي افاديت کٽڻ جي ئي ڪانھي – توڙي جو سوين ھزارين
ڀيرا ان جو مطالعو ڪيو ويو ھجي. ڪھڙي خبر تھ ان ۾
اھڙي ڪا اھم ڳالھھ ھجي، جيڪا سؤ سال پوءِ ڪنھن کي
ان ۾ نظر ايندي. اعليٰ تخليق جو انھيءَ ڪري وري
وري مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. اھي نھ رڳو ھر ماڻھوءَ کي
يا ھر دور کي ڪا نئين روشني، ڪا نئين ڳالھھ ڏين
ٿيون، پر ھر ماڻھوءَ کي ھر وقت انھن مان ڪجھھ نھ
ڪجھھ نئون سبق، ڪونھ ڪو نئون ڏس ملي ٿو. شاھھ جي
شعر، ۽ سچل ۽ ساميءَ جي شعر، جيڪو اثر سندن پنھنجن
ڏينھن جي ماڻھن تي ڪيو ھوندو، عين ممڪن آھي تھ ان
کان علحدي قسم جو اثر اسان جي دلين تي ان جو ٿيندو
ھجي. اڄ کان ھڪ صدي پوءِ بھ جيڪي اسان جا نسل
موجود ھوندا، انھن تي ان کان ئي ڪو نئون ۽ علحدو
اثر ٿي سگھي ٿو. اھو ئي انساني ذھنن جو دائمي ۽
اٽوٽ ۽ لاڳيتو ڳانڍاپو آھي – اھا ئي انساني
زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي روحاني ڏي وٺ آھي.
سنڌي سماج جي اِھا ازلي ۽ ابدي روحاني ڏي وٺ تمام گھڻي قدر ۽
پوريءَ عملي صورت ۾ ان جي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ
وسيلي ٿيندي آئي آھي- ۽ عين ممڪن بھ ائين ئي آھي ۽
اھا ڳالھھ رھڻي بھ وقت جي اکٽ سفر ۾ ائين ئي آھي.
بلڪ ماڻھن جي ھر تھذيب جي ابتدا بھ ذھن جي انھيءَ
ئي معجزي سان ٿئي ٿي، جنھن کي ٻولي ٿو چئجي.
ٻوليون ئي قومن جي روح جا – انھن جي آدرشي عڪس جا،
انھن جي ”ھئڻ جي احساس“ جا – سڀ کان سڌا ۽ چٽا
اظھار آھن. ٻولي ئي سڀ کان وڌيڪ بقادار مواد آھي،
جنھن ۾ ڪنھن قوم جي ”پاڇي وجھندڙ ڪا سرت“ پنھنجي
روحاني زندگيءَ جي موڙي محفوظ ڪري ٿي – خاص طرح
پنھنجن عظيم شاعرن، فنڪارن ۽ مفڪرن جي قولن، گفتن
۽ ادبي ۽ فني شھڪارن جي صورت ۾. ڪڏھن ائين بھ
ٿيندو آھي – بلڪ اڪثر ائين ٿيندو آھي – تھ خسيس،
واھيات ۽ سستي قسم جي شاعري ( يا ڪنھن ٻئي فن جي
کوٽي پيداوار) جيڪا ھلڪن ۽ گدلن جذبن کي اڀاريندي
۽ ذھنن کي ڪيرائيندي ۽ گندو بنائيندي آھي، سا بھ
پيش ٿيندي رھندي آھي، پر قوم جي ”پاڇي وجھندڙ سرت“
اھڙي ڪنھن ڪوڙي سڪي کي ان جي ٻوليءَ جي محفوظ گھر
۾ دائميت واري جاءِ ڪانھ ڏيندي آھي. ڪنھن دور ۾
ڪنھن قوم ڪھڙو شعر پيدا ڪيو، پڙھيو، ياد ڪيو ۽
ڳايو، ان جي اخلاق ۽ ڪردار جي سڀ کان وڌيڪ اھم
شاھدي اھا آھي. اھڙيءَ طرح شاعري جيڪا ڪنھن قوم جي
روحاني حافظي (ان جي ٻولي جنھن جو ٿانءُ آھي) ۾
موجود آھي، اھا ان جي تھذيبي ارتقا جو ڪتاب آھي،
ان جي اصلي تاريخ آھي، جنھن جو ان قوم جي بنجڻ ۽
ڪاميابيءَ سان زندھ رھڻ ۽ زندھ رھي اڳتي وڌڻ ۽
اوچي ٿيڻ ۾ وڏو ھٿ رھي ٿو. شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي
اعليٰ شاعري پنھنجي سچ، نيڪيءَ ۽ ڪمال حسن سان
سنڌي ٻوليءَ ۾ محفوظ آھي ۽ سنڌي ٻولي سندن انھيءَ
فڪر ۽ فن جي قوت سان اڄ سنڌي ماڻھن جي اجتماعي
وجود ۽ ان جي اتحاد ۽ بقا جو نشان ۽ ان جي پيڙھھ ۽
ضمانت آھي. سندن اھو احسان، جو ھنن سنڌ ۽ سنڌي
سماج جي انھيءَ پنھنجي ٻوليءَ کي پنھنجي روح جي
آزاد امنگ جي اظھار جو وسيلو بنايو ۽ ائين ان کي
ايتري توانائي، ڪشش، وسعت ڏني، جو اھا سنڌي ماڻھن
جي قوم بنجڻ ۾ پنھنجو تھذيبي ڪردار ادا ڪري سگھي.
*
شاھھ، سچل ۽ سامي سنڌي قوم جا استاد، ھادي ۽ رھبر آھن. خاص طرح
شاھھ سائينءَ سنڌي قوم کي پنھنجو رسالو عطا ڪري،
ان کي ”اھل ڪتاب“ ھجڻ جو شرف بخشيو آھي. ھيءَ
پنھنجي ڪنھن شيءِ کي عظمت يا تقدس ڏيڻ جي ڳالھھ
ڪانھي. پر ھيءَ ھڪ حقيقت آھي. شاھھ جو رسالو دنيا
جي جملي مذھبي تعليم جو نچوڙ ۽ سنگم ۽ سنڌي تھذيب
جي سموري حاصلات جو روح آھي. ان ۾ زند اوستا،
گيتا، ٻڌ ڌرم، جين مت، مسيحيت ۽ اسلامي تعليم جا
اھم ۽ اعليٰ اصول ۽ قدر سڀ موجود آھن، جيڪي ھونئن
بھ بنيادي طور سڀ ساڳيا آھن. ان جا ڪيترائي سر،
الڳ الڳ ۽ سڄي جا سڄا يا ڀاڱن ۾، انھن ”مذھبن“ جي
پنھنجي پنھنجي تربيتي ماحول ۽ تعليمي اصطلاح تي
مبني ڏسجن ٿا. ان ۾ سنڌي تھذيب جي ھزارن سالن جي
روحاني تجربي ۽ روايت جي نبار ڄاڻ ۽ ساڱاھھ موجود
آھي. سنڌي تھذيب پنھنجي جڳن جي سفر جي ياد کي
املھھ ملڪيت طور پاڻ وٽ پنھنجي لوڪ ڪوتا، لوڪ ڪٿا
۽ لوڪ چوڻين جي صورت ۾ محفوظ رکيو آھي. انھن ئي
مثالن، ڳالھين ۽ واقعن جي مطالعي مان اخذ ڪيل عام
نتيجا ۽ عام اصول شاھھ سائينءَ پنھنجي رسالي ۾
سنڌي لوڪن کي سيکاريا آھن. عام سکيا جي عمل جو اھو
ئي ڏاھپ ڀريو ۽ دلپذير طريقو آھي. ڪامل سکيا يا
آخري ۽ مطلق علم تھ ڪڏھن ممڪن ڪونھي. انھيءَ ڪري
علم جي حاصلات جو تھذيبي يعني تجرباتي ۽ آزمائشي
طريقو مذھبي طريقي يعني اعتقادي يا ايماني طريقي
کان وڌيڪ اعتبار جوڳو ۽ وڌيڪ ڦلدائڪ سمجھيو ويو
آھي ۽ ثابت ٿيل آھي. تعليم ۽ تربيت جي تھذيبي
طريقي ۾ شڪ ۽ تنقيد علم جي حاصلات لاءِ پھريان قدم
شمار ٿين ٿا. شڪ يا تنقيد مان سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن
کي ڪو نقصان ڪونھ ٿو رسي، ڇو تھ سچ ۽ نيڪيءَ جو
ھونئن بھ وقت تي ئي مدار ٿئي ٿو – خود ضمير يا
وويڪ تي بھ وقت جو اثر ٿئي ٿو. پر جا ڳالھھ تھذيبي
ارتقا لاءِ ضروري آھي ۽ ھر طرح عظيم آھي، اھا آھي
سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن سان محبت جو جذبو. خاص طرح
تڏھن جڏھن ان لاءِ خطري کي منھن ڏيڻو پوي. شاھھ
سائينءَ پنھنجي رسالي ۾ سنڌي ماڻھن کي سندن اصطلاح
۾، سندن ئي پنھنجن مثالن، ڳالھين ۽ واقعن جي وسيلي
اھا ئي سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن سان محبت جي جذبي جي
سکيا ڏني آھي.
نڪو سنڌو سور جو نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناھي عشق پڄاڻي پاڻ لھي.
”شاھھ“
سچ، نيڪي ۽ سونھن، حق، خير ۽ حسن، ”انساني روح“ جا ھي ٽي امنگ ۽
لاڙا بنيادي آھن ۽ انھن جو بنياد اصل ۾ انسان جي
پنھنجي ذاتي مفاد تي رکيل آھي. جو ڪجھھ منھنجي
پنھنجي فائدي لاءِ آھي، اھو مون لاءِ حق بھ آھي،
خير بھ آھي، ۽ ان ۾ مون کي حسن بھ نظر اچي ٿو ڇو
تھ اھو مون کي وڻي ٿو! پر انسان يعني فرد دنيا ۾
اڪيلو نھ آھي، ۽ ھڪڙو ذاتي مفاد ٻين ذاتي مفادن جي
تعلق ۽ نسبت سان عملي صورت وٺي ٿو – انھيءَ ڪري
جيڪڏھن محض زور (انفرادي يا گروھي) تي فيصلو ڇڏڻو
نھ آھي، تھ پوءِ گھڻن (انفرادي ۽ گروھي) مفادن جي
”گڏجي گذاري“ لاءِ ڏي وٺ ۽ ڇڏڇوٽ جي طريقي سان
”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي اصول تي عمل لازمي بنجي پوي
ٿو. ساڳيءَ طرح منھنجي، تنھنجي ۽ ھن جي (انفرادي
يا گروھي نوع جي) گھڻن ”سچن“ جي وچ ۾ بھ باھمي سھپ
۽ رواداريءَ جي اصول کان سواءِ ٻي ڪا واھھ ڪانھي ۽
انھن جي پنھنجي پنھنجي بقا ۽ فروغ لاءِ بھ اھو ئي
واحد معقول ۽ مفيد رستو ٿي سگھي ٿو. ”سھپ“ ۽
”جيئو، جيئڻ ڏيو“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان باھمي
محبت ۽ باھمي تعاون وڌي ٿو ۽ انسانن ۾ ھر سطح جي
گروھي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ جي راھھ گھڙجي ٿي ۽ کين
نفاق، جنگ ۽ برباديءَ جي ھولناڪ عقوبتن کان تحفظ ۽
پناھھ ملي ٿي، ۽ اھڙيءَ طرح تھذيب جي مذھب ۽ رياست
تي فوقيت جي صورت قائم ٿئي ٿي. سماج ڪنھن غالب
مذھب جي تعصب ۽ ھٺ ڌرميءَ کان ھڪ طرف ۽ ڪنھن غالب
رياست جي ظلم ۽ تشدد کان ٻئي طرف ۽ ٻنھي جي گڏيل
موت جھڙي عذاب کان (پوريءَ طرح نھ تھ بھ) گھڻي قدر
نجات حاصل ڪري ٿو ۽ ائين ھتي ھن ڌرتيءَ تي ھو ڪامل
انساني مسرت ۽ ڀلائيءَ جي جنت جي تعمير ۾ پنھنجي
حصي جو فرض ادا ڪري سگھندو - ۽ اھو ئي ھر انساني
سماج جي ھر فرد جو ھن ڌرتيءَ تي اعليٰ کان اعليٰ
مقصد ٿي سگھي ٿو.
سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌي سماج کي، شاھھ، سچل ۽ ساميءَ، ھن ڌرتيءَ جي
انھيءَ اعليٰ مقصد سان روشناس ۽ ان لاءِ تيار ڪرڻ
ٿي گھريو. ھو سنڌ جا عظيم استاد، ھادي ۽ رھبر ھئا.
ھو تمام وڏا انسان ۽ تمام وڏا شاعر ھئا. ھنن سنڌي
سماج جي آڏو نئين انسان جو تصور پيش ڪيو. ھنن اسان
کي جيڪا تعليم ڏني آھي، سا ڪا معمولي تعليم ڪانھي.
ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان
واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھھ ڏيکاري – قومي
تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھھ، مشترڪ
مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھھ، محبت، رواداريءَ ۽
اتحاد جي راھھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھھ. ھنن جي
سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽
خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي
تڪميل جو رستو بھ ھو. ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو،
پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ،
نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ ارپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور
ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مان ۽
ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج
۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد
۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو. ھاڻي،
اھو اسان تي ڇڏيل آھي تھ ڪيتري قدر اسين پنھنجي
فرض کي سڃاڻون ٿا ۽ ان تي عمل پيرا ٿا ٿيون ۽
ڪيتري قدر پاڻ کي پنھنجن عظيم استادن ۽ رھبرن جي
لائق ثابت ڪري ٿا سگھون.
سڄيءَ ڳالھھ جو دارومدار ھن تي آھي تھ اسان جو پاڻ تي ڪيترو فخر
آھي، اسان جو پاڻ ۾ ڪيترو اعتماد آھي، اسين ھڪٻئي
سان ڪيترا سچا آھيون ۽ پنھنجي روح کي زندھ رکڻ
لاءِ ڪيترو ڪجھھ سھڻ ۽ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھيون.
شال اسان جي جيئڻ جو منطق اسان کان وسري نھ وڃي -
۽ پنھنجي مڻيا ۽ مان سان جيئڻ جو امنگ اسان جي
ساھھ ۾ سدا موجود رھي!
پسي جھاجھھ جمال جِي، جِنھين پيتي پِڪ،
اپر اڳانجھو ٿيو، سور انھين کي سڪ،
ھڏ نھ ڀڳين ھڪ، سدا سائر سير ۾.
”شاھھ“
حيدرآباد سنڌ
1977-12-14ع |