”سنڌ منھنجي خوابن جي“
(مارچ 1987, 20ع
تي شاھھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ جي
”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“ جي موضوع تي سڏايل
سيمينار ۾ پڙھيل صدارتي تقرير)
عزيزو، ”سنڌي سماج ۽ سنڌ سڀاڻي“ جيڪڏھن ”سڀاڻي
لاءِ سوچ“ جي ڳالھھ آھي، ”آئيندي جي اڳڪٿيءَ“ جي
ڳالھھ آھي، ڪنھن ”خواب جي ڳالھھ“ آھي، تھ اھا سوچ،
اھا ڪٿ ۽ اِھو خواب منھنجي دل ۾ بھ موجود آھي!...
الا ائين م ھوءِ جيئن آءٌ مران بند ۾!
جسو جنجيرن ۾ راتيان ڏينھان روءِ،
پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينھڙا!
عزيزو، ڪنھن موجود ھاڃي کي ھاڃو سمجھڻ ۽ ان کي ختم
ڪري ڪنھن نئين لاڀدائڪ صورت جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت
جي احساس کي ”انقلابي شعور“ ٿو چئجي، ان لاءِ پوري
پوري ۽ ھر طرح جي ڪوشش ۽ قربانيءَ کي ”انقلابي
جدوجھد“ ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ کي ”انقلاب“ ٿو سڏجي....
آخر والعصر جو، ائين اتائون
(شاھھ)
-
يعني : ”انقلابي دؤر جو نتيجو ائين ٻڌايو
اٿن.“
اسان جي سدا حيات شاھھ عبداللطيف بيت جي ھن مصرع
۾، قرآن شريف جي صورت ”العصر“ جي حوالي سان، اھا
ڳالھھ ڪئي آھي. مولانا ابوالڪلام آزاد ان سورت جي
پھرينءَ آيت ”والعصر“ جو ترجمو ھيئن ڏنو آھي:
”قسم آھي ان انقلابي جڳ ۽ تبديلين جي دؤر جو، جيڪو
پوئين دؤر کي ختم ڪري ٿو ۽ نئين دؤر جو بنياد رکي
ٿو....“
ھن سورت جي پوئينءَ آيت ”وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر“
جو تفسير مولانا آزاد ھيئن ڪيو آھي:
”حق ۽ صداقت جو ميدان فقط جھاد جي ذريعي ئي فتح ٿي
سگھي ٿو: ۽ صبر جھاد جي حقيقت لاءِ بنيادي شرط
آھي.“
حق ۽ صداقت لاءِ جھاد جي وڌيڪ ڳالھھ ڪندي، مولانا
آزاد سورت ”التوبھ“ جي تفسير ۾ ان لاءِ ”صبر“ جي
شرط بابت لکي ٿو:
”انسان جڏھن بھ ڪنھن مقصد جي راھھ تي قدم رکي ٿو،
۽ مصيبتن سان منھن مقابل ٿئي ٿو، تھ ٻن نمونن جون
حالتون پيدا ٿين ٿيون: ڪي ماڻھو جوانمرد ۽ باھمت
ھوندا آھن، اھي ڪنھن ھٻڪ کان سواءِ مصيبتون سھي
وڃن ٿا. پر انھن جو اھو سھڻ سھي وڃڻ ئي ھجي ٿو.
اھا ڳالھھ ڪانھ ھوندي آھي تھ مصيبتون کين مصيبتون
ئي نھ لڳنديون ھجن بلڪ ڦري انھن لاءِ عيش ۽ راحت
بڻجي پونديون ھجن. ڇو تھ مصيبت وري بھ مصيبت آھي.
باھمت شخص ڪڙو ڍڪ سواءِ ڪنھن ھٻڪ جي پي ويندو، پر
ان جي ڪڙاڻ جو سخت ذائقو ھو ضرور محسوس ڪندو. پر
ٻيا ماڻھو اھڙا بھ ھوندا آھن، جن کي رڳو باھمت نھ
چوڻ گھرجي، بلڪ ان کان بھ وڌيڪ ڪجھھ سڏڻ گھرجي.
انھن ۾ صرف ھمت ۽ جوانمردي ئي نھ ھوندي آھي، پر
منجھن عشق ۽ فدائيت جي حالت پيدا ٿي وڃي ٿي. اھي
مصيبتن کي مصيبتن جيئن نٿا سمجھن، پر عيش ۽ راحت
طور ھو انھن مان لذت ۽ سرور ماڻين ٿا. محبت جي
راھھ جي ھر مصيبت انھن لاءِ عيش ۽ راحت وانگر ھڪ
نئين لذت بڻجي وڃي ٿي. جيڪڏھن ان راھھ ۾ کين ڪنڊن
تي بھ سمھڻو پوي تھ ڪنڊن چڀڻ مان بھ انھن کي اھا
ئي راحت ملندي جيڪا ٻئي ڪنھن کي گلن جي سيج تي
سمھڻ سان بھ ملي نھ سگھي. ايتري قدر، جو ان راھھ
تي مصيبتون جيتريون بھ وڌنديون وينديون آھن. ھنن
لاءِ رڳو ان ڳالھھ جو خيال تھ اھو سڀ ڪجھھ ڪنھن
منزل ڏانھن ويندڙ راھھ ۾ کين پيش اچي رھيو آھي،
ھنن ۾ عيش ۽ سرور جو اھڙو اکٽ جذبو پيدا ڪري ڇڏي
ٿو، جو ان جي سرشاريءَ ۾ جسم جي ڪا بھ ڪلفت ۽ ذھن
جي ڪابھ اذيت انھن کي محسوس ئي نٿي ٿئي. ھيءَ
ڳالھھ اوھان کي ٻڌڻ ۾ عجيب لڳندي ھوندي، پر حقيقت
۾ اھا ايتري عجيب بھ ڪانھي، ڇو تھ ھيءَ انساني
زندگيءَ جي رواجي وارداتن مان ھڪ آھي. عشق ۽ محبت
جي منزل تھ ڏاڍي اوچي آھي – پر ان واردات کان
”بوالھوسيءَ جي دنيا“ بھ خالي ڪانھي.“
عزيزو، حضرت شاھھ عبداللطيف پنھنجي سڄي رسالي ۾، سنڌ جي سڀني لوڪ روايتن ۽
لوڪ داستانن جي مدد سان، رسالي جي ڇٽيھن ئي سرن ۾
اھا ئي مقصد، مقصد سان عشق ۽ محبت، ۽ مقصد جي راھھ
تي خود – قربانيءَ جي ڳالھھ ڪئي آھي، انساني
زندگيءَ جي انھيءَ عظيم ”واردات“، عشق ۽ محبت جي
واردات، مقصد سان فدائيت جي اعليٰ منزل جي
”واردات“، جي ڳالھھ ڪئي آھي. رسالي جي پھرئين سر
”ڪلياڻ“ ۾ ئي پاڻ ان لاءِ ”سپرين“، ”سڪ“، ۽ ”سور“
جا علامتي اصطلاح تخليق ڪيا اٿن ۽ وري وري ڪم آندا
اٿن – ”سپرين“ مقصد لاءِ، ”سڪ“ مقصد سان عشق ۽
محبت لاءِ، ۽ ”سور“ مقصد جي راھھ ۾ پيش ايندڙ
تڪليفن ۽ مصيبتن لاءِ.
ھڪ روايت موجب شاھھ لطيف پھريائين، ٻين سرن سان گڏ مکيھ طرح سسئيءَ جي سر جا
بيت ڏيندو ھو، ۽ پوءِ جڏھن پاڻ ڦوھھ جوانيءَ ۾ ئي
ھو، تھ پنھنجي سھيوڳي بزرگ ۽ درويش شاعر، ميين
شاھھ عنايت، جي خاص چوڻ تي، جيڪو ان وقت پنھنجي
پيرمرديءَ جا تقريبا نوي سال گذاري چڪو ھو،
مارئيءَ جي قصي ڏانھن پنھنجو دلي لاڙو رکيائين، ۽،
مارئيءَ جي سر ذريعي، انساني زندگيءَ جي مقصد جي
رڳو عمومي طور ۽ انفرادي انداز واريءَ ڳالھھ ڪرڻ
بدران، پنھنجي دلنواز شاعريءَ سان سنڌ جي ماڻھن کي
سندن مقصد جي، خصوصي طور ۽ اجتماع نوع واري، ڳالھھ
ٻڌائڻ شروع ڪيائين – فرد ۽ جماعت جي تعلق جي، ملير
جي ۽ مارن جي، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻھن جي، وطن ۽ قوم
جي، آزادي جي شان ۽ عظمت جي ۽ آزادي وٺڻ ۽ آزاديءَ
جي ماڻڻ لاءِ حوصلي ۽ ھمت جي جاکوڙ جي ۽ سر گھورڻ
جي - .
عمر منڊيا مامرا، مارو ٿر ٿيا،
آءٌ بندياڻي بند ۾، ڪ ڪي بند ٻيا!
اٿندي پيم اوچتا، پيڪڙا پيرن،
ھٿوڙيون ھٿن، ڄنگھون ٻانھون ڪاٺ ۾.
بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھ ۾،
مٿي تن ترار، سدا سانبيئڙن جي.
پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺين اندر ڪير،
چاري چوگانن ۾، واھپ ڪن وزير.
نھ سرتيون نھ سير، نھ سي ڏونرا ڏيھھ ۾،
ھڪ ڪوٽن ڪٺي آھيان، زوراور زنجير،
مارو! ماريم مير، ويٺي ڳوڙھا ڳاڙيان.
جانڪي ستين سير، تان ڪي وھندينءَ ڪوٽ ۾،
سپ سمنڊين سپجي، نديءَ پئي نھ نير،
جئن ھوءَ ابر آسري تئن مون من ملير....
جر ۾ سپون جيئن، آھن ابر آسري،
جئن ڪونجون سارن روھ کي مون تن اندر تيئن،
ڪوٺين ويھان ڪيئن، جي نظر بندياڻي نھ ھئان!
ستي لڌم سھڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
وٺا مينھن ملير ۾ ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان باسو، تان جسو جنجيرن ۾!
کوھر، ٿوھر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ ستيون،
چارين ات چاھھ منجھان، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪئن لھندم ڪر، جئن مارو پاڻ اپاريا!
ھن مند مارو سنرا ويڙئين وڳ وارين....
ھن مند مارو سنرا کائڻ ۾ خوشحال.....
ھن مند مارو سنرا ڍنگر ڍار رھن....
ھن مند مارو سنرا ساڻيھھ منجھھ سڌير.....
چرن چڻڪن چت ۾ وسرن ڪين وري....
چرن چڻڪن چت ۾ گھارين مٿي گھٽ.....
چرن چڻڪن چت ۾ ھرن منجھھ ھنئين....
چرن چڻڪن چت ۾ سدا منجھھ سرير....
چرن چڻڪن چت ۾ رھيا اندر روح.....
سنھيءَ سئيءَ سبيو مون ماروءَ سين ساھ،
پکن منجھھ پساھھ قالب آھي ڪوٽ ۾.
ايءَ نھ مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانھ ڪريت،
پکن جي پريت ماڙيءَ سين نھ مٽيان.
سکر سي ئي ڏينھن جي مون گھاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا، مٿين ماڙين مينھن،
نيئر منھنجي نينھن اجاري، اڇو ڪيو.
ڪونھي قادر ڪو ٻيو، انھين جو اڀاڳ،
سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ٿيو.
نڪا جھل نھ پل، نڪو رائر ڏيھھ ۾،
آڻيو وجھن آھرين روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻو.
عزيزو، قديم ماضيءَ جي ڌنڌ مان نروار ٿيندي، ٻين
انيڪ ملڪن ۽ ماڻھن وانگر صدين جي تاريخي سلسلي ۾
گذرندي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو پنھنجي خاص سڃاڻپ سان
1843ع
۾ دنيا جي نقشي تي، برصغير ھند ۽ سنڌ جي نقشي تي،
موجود نظر اچن ٿا. آءٌ سندن تاريخ کي ٽن دورن ۾
ڏسان ٿو -.
1843ع
تائينءَ جو (قبل از تاريخ ۽ بعد از تاريخ) دؤر،
1843ع
کان
1947ع
تائينءَ جي ھڪ صديءَ جي غلاميءَ جو دؤر، ۽ اتان
کان پوءِ ھيءُ اڄوڪو سندن اڀاڳو دؤر : ڇو تھ اِن
طرح آءٌ سندن اڄ جي ھن دؤر کي آسانيءَ سان ۽ چٽو
ڏسي سگھان ٿو.
دنيا ڄاڻي ٿي تھ تھذيب انسانيءَ جي علمي ۽ صنعتي
دؤر ۾ پير پاتل براعظم يورپ جي انگريز حملھ آورن
سنڌ ۽ سنڌي قوم تي
1843ع
۾ ڪنھن ٻيءَ قوم يا ٻئي ملڪ جو حصو سمجھي حملو نھ
ڪيو ھو ۽ نھ انھن کي ڪنھن ٻئي ملڪي يا ٻيءَ قوم جي
حصي طور فتح ڪيو ھو. سنڌ دنيا جي نقشي تي ان وقت
بھ ھڪ ملڪ ھو، ۽ سنڌي ماڻھو تاريخ ۾ ان وقت بھ ھڪ
قوم ھئا. انگريزن جي حڪمرانيءَ جا ھڪ سؤ سال،
بھرحال سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو انھن جي ڪل – ھند بيٺڪي
نظام جو حصو ضرور رھيا، پر ائين ھو پنھنجي آزاد
ارادي ۽ مرضيءَ سان نھ ھئا. اھو عرصو، برصغير جي
ٻين پاڻ جھڙن باندي ماڻھن سان شامل ٿي، ھو پنھنجي
آزاديءَ لاءِ، حالتن پٽاندر، ڪل – ھند نئشنل
ڪانگريس يا ڪل – ھند مسلم ليگ جي پلئٽفارمن تان،
پنھنجي وس آھر، جدوجھد ۾ مصروف رھيا ۽ آزاديءَ جي
ان عام جدوجھد جي نتيجي ۾، ۽ ائين کڻي چئجي، ھڪ
قسم جي راڄوڻي فيصلي مطابق، جيڪو سڄو برصغير
آزادٿيو تيئن ھو پاڻ بھ آزاد ٿيا. ان فيصلي موجب
جنھن سان ڪانگريس مسلم ليگ ۽ حڪومت برطانيھ ٽنھي
ڌرين جو اتفاق ھو، برصغير جي اتر – اولھھ ۽ اتر –
اوڀر جي مسلم اڪثريت علائقن جي ميلاپ سان پاڪستان
جي رياست
(State)
وجود ۾ آئي، جنھن ميلاپ ۾ سنڌ ۾ شموليت ڪئي، جيئن
ھينئر بھ ان جي آھي. پر ان ميلاپ جا ڪي واضح اصول
ھئا، ڪي متفقھ شرط ھئا ۽ اھي ڪل – ھند مسلم ليگ جي
مارچ
1940ع
واري لاھور ٺھراءَ ۾، ۽ ان کان پوءِ مئي
1941ع
واري ڪل – ھند مسلم ليگ جي آئين ۾ اڄ بھ موجود
آھن. انھن مطابق سنڌ کي، سنڌي ماڻھن کي ۽ ٻين مسلم
اڪثريتي علائقن جي ماڻھن کي، پاڪستان جي ان ميلاپ
۾ آٽانامي ۽ ساورينٽي (خود اختياريت ۽ خود اراديت)
جو درجو ملڻو ھو. پر افسوس، جو انھن شرطن ۽ انھن
اصولن جو پھرئين ئي ڏينھن کان جن حلقن کي پاڪستاني
رياست جو اقتدار ۽ ان جي حڪومت
(Government)
جو اختيار منتقل ٿيو، تن احترام نھ ڪيو، بلڪ ھنن،
اسلام ۽ پاڪستان جي حوالي سان، حب الوطنيءَ جي
مقدس جذبي کي پنھنجن استحصالي ارادن ۽ مستقل مفادن
سان موافقت جون معنائون ڏيئي، پنھنجي طرفان انھن
شرطن ۽ اصولن جي خلاف ورزين، وعدھ شڪنين ۽ ويساھھ
گھاتين جي پردھ پوشيءَ لاءِ ۽ ان سڄي مجرمانھ عمل
جي جواز طور استعمال ڪيو. ھو ائين ڪري سگھيا، ان
لاءِ ٻين انيڪ سببن سان گڏ بنيادي طور برطانوي
سامراج کان رياستي اقتدار توڙي حڪومتي اختيار جي
غير جمھوري منتقلي ۽ ان منتقليءَ جو غير جمھوري
طريقو ذميدار ھو. ھڪ تھ اھا منتقلي غير معمولي طور
جلد بازيءَ سان عمل ۾ آندي ويئي ۽ ان لاءِ جن
جمھوري تقاضائن جي پورائي ۽ انتطامي طور جيڪا گھٽ
۾ گھٽ تياري لازم ھئي سا نھ ڪئي ويئي؛ ۽ ٻيو تھ
سڄو حڪومتي اختيار، ۽ پوري اھتمام سان، اھو ئي
برطانوي بيٺڪي حڪومت جي سول (شھري) ۽ ملٽري (فوجي)
عاملھ وٽ رھيو ۽ رڳو مٿي چوٽيءَ تي سامراج جي ڪن
خاص معتبرن ۽ معتمدن جي صورتن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ ٿي.
ائين اقتدار ۽ اختيار جي نون نوابن ۽ صاحبلوڪن
پاڪستان جي رياستي توڙي حڪومتي مسئلن کي فقط
انتظامي ۽ قانون ۽ ضابطي
(Law and Order)
جا مسئلا سمجھيو، ۽ ڪڏھن بھ انھن کي سياسي مسئلن
طور سمجھڻ ۽ حل ڪرڻ ضروري نھ ڄاتو. ۽ ان سڄيءَ
غلغلائيءَ ۽ ارھھ زورائيءَ بلڪ غندا گرديءَ جي تھھ
۾ انھن جي انفرادي ۽ گروھي ”بوالھوسي“ ئي لڪل ھئي
– سڄو وقت ھنن رڳو اسان جا اقتصادي مال اسباب يعني
اسان جون زمينون، اسان جا کيت، اسان جا معدني
خزانا، اسان جا سامونڊي ڪنارا، درياءَ ۽ ٻيلا،
اسان جا ڳوٺ ۽ شھر، اسان جي روزگار جا وجھھ ۽
وسيلا، اسان جا تھذيبي ورثا – ٻولي، ادب ۽ فن،
صحافت، تعليمي ادارا - ۽ وڏي ڳالھھ تھ اسان جي
انساني آباديءَ جا انگ اکر بھ پئي تاڙيا آھن ۽
تڳايا آھن، ۽ غصب ڪرڻ لاءِ ھر وقت پنھنجي ڪڏھن بھ
نھ ڀرجندڙ حريص اک ۾ رکيا آھن – ايتري قدر، جو اڄ
اسين انھيءَ ھاڃي جي شعور ۽ خساري جي احساس کي ذھن
تي رکي ۽ دل ۾ کڻي ھلڻ تي مجبور آھيون، جنھن کان
قرآني سورت العصر ھن ڌرتيءَ جي انسانن کي، ۽ پڻ
اسان کي، ”والعصر ان الانسان لفي خسر“ چئي، خبردار
ڪيو آھي.
عزيزو، اڄ اسين ان امڪان جي خوف ۾ ورتل آھيون تھ
اسان جي وجود جو ڇا ٿيندو. تحقيق، اڄ اسين – اسين
ڪير؟ اسين اھي جن لاءِ اسان جي ڏاھي سڄڻ شاھھ
عبداللطيف چيو:
سور ورھايان سرتيون جي ورھايا وڃن،
ٻيون ڪوھ ٻجھن، جن سندا تن سامھان.
-يعني تھ اسين سڀ سنڌ جا ماڻھو، سڀ سنڌي، سڀ اھي
جيڪي سنڌ جا قبل از پاڪستان رھواسي آھيون، ۽ پڻ
اسان جا نؤ وارد ڀائر جيڪي پاڪستان ۾ رياست جي
اقتدار ۽ حڪومت جي اختيار جي مجرمانھ، بي شعور،
غير ذميدار ۽ غير جمھوري منتلقيءَ جا سدا ۽ فوري
شڪار بڻجي اسان وٽ مھاجر ٿي آيا ۽ اڄ پنھنجي سنڌ
کي پنھنجو گھر سمجھن ٿا ۽ ان سان جيئڻ ۽ مرڻ جو
قول اٿن (جيڪو اسان سڀني کي ان سان ھئڻ کپي) ۽ سنڌ
کان سواءِ ڪٿي ٻئي ھنڌ، پاڪستان جي اندر پاڪستان
کان ٻاھر، گھر ڪونھ اٿن – سي سڀ اسين، تحقيق، اڄ
انھيءَ انتھائي تيز ۽ ڪٺور چئلينج جي منھن مقابل
آھيون، جنھن جو چتاءُ اسان کي اسان جي صاحب ڪتاب،
حضرت شاھھ عبداللطيف بھ، ان قرآني سورت ”العصر“ جي
حوالي سان پنھنجي ڪلام انسانيءَ جي سر ڪلياڻ
(بمعنيٰ ”فتح“) ۾ ڏنو آھي ۽ چيو آھي تھ وقت جي اِن
چئلينج کي ڪاميابيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ اسان لاءِ
سواءِ انقلابي جدوجھد جي ٻيو ڪو در کليل ئي نھ آھي
–
پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون ھن درد جو ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو اِينھين اتائون،
تھان پوءِ آئون سڪان ٿي سلام کي.
سڪين ڪھھ سلام کي، ڪرين ڪھھ نھ سلام،
ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.
-”اِيءُ در“ انقلاب جو در، جدوجھد جو در، خود
قربانيءَ جو در، ”ليس للانسان الا ما سعيٰ“ جو در:
ڇو تھ سنڌي سماج سڀاڻي جي سنڌ ۾ اھو ئي ھوندو،
جيڪو اسين پنھنجي دل ۾ پاڻ رٿينداسون ۽ پنھنجن ھٿن
سان پاڻ اڏينداسون.
تنھن وچ ۾ آءُ شاھھ سائينءَ جو ئي ھڪ املھھ بيت،
جو ان سماج جو، ان اسان جي خوابن جي سنڌ جو، سڏ بھ
آھي، اوھان جي آڏو رکندس، ۽ ان تي دل جي حضور سان
غور ڪرڻ جي، وري وري غور ڪرڻ جي، ۽ پڻ ان جي موٽ
ڏيڻ جي، اوھان کي دعوت ڏيندس، ۽ اوھان کان اجازت
وٺندس – يار زندھ صحبت باقي :
”ھلو تھ ھلون ڏٿ کي! اٿو! اٿو! ڪن،
پاڻي پوٽڙين ۾، ڪندر سر ڪلھن،
ڏؤنرا ڏور سجھن، وئي وھامي راتڙي.“
SINDH AND THE MESSAGE OF SHAH
(Read on the occasion of the unveiling of the
portrait of Shah Abdul Latif Bhitai at Pir
Hussamuddin Shah Rashdi Auditorium, Institute of
Sindhology, University of Sindh – 29th
April, 1984)
The portrait of Latif (1689-1752) the soul of Sindh,
its life-breath, the poet-universal, created by
Muhammad Ali, is a unique work of Art. A great
amount of study and research, a devoted purpose
and reflection, must have gone in the creation
of this portrait. It is a serious portrait by a
competent artist, done with an artistic
simplicity and complexity and artistic
integration almost beyond words.
In the portraiture of Latif’s envisioned physiognomy
and enduring personality thus, and wirh the
study of his character with such a significant
insight, the artist has captured an immortal
moment in the cultural history of Sindh. The
work depicts Latif as a human being pre-occupied
with his life and destiny as affected by his
physical, social and spiritual environment. Here
before us in this portrait sits Latif, the
rebel, the individual, and the saint, reflecting
upon the fate of human solitude, longing
disconsolately yet perennially, for that which
could be genuinely good for man, which could
even be universal and abiding. A unique
individuality of a human event in life’s
ceaselessly unravelling story of Sindh and its
people has thus been depicted and exemplified by
Muhammad Ali, our young and visionary artist, in
this matchless portrait of Shah Abdul Latif, the
guardian spirit of Sindh and the most unfailing
and wakefull friend and guide of its people.
The creation of this portrait of Hazat Shah Abdul
Latif Bhitai is therefore, in itself, destined
to be an immaculate and unfading mark of pride
and honour in the ever developing and self
-enriching life and culture of Sindh and of the
people of this ever felicitious land of Sindhu
-whom the poet himself has idealized in the
following ringing words.
نڪا جھل نھ پل، نڪو رائر ڏيھھ ۾،
آڻيو وجھن، آھرين روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل مليرون مرڪڻو.
This could read in English thus:
No restrictions, no restraints and
No impositions in the Land either,
Freely they bring home red, beautiful flowers
– arm- fuls of them,
Priceless people they, proud of their Land,
And the Land proud of them.
Latif, thus, visualized almost a utopian future, a
blissful future, for both his Land and his
people,
Indeed, Sindh, during Latif’s times, was awakening to
a sense of nationhood and had to struggle for
recognition and national self-–expression.
Nearly two and a quarter centuries (1520-1736)
of foreign rule and tyranny of the savage
Mangols- the Arghuns and Tarkhans, and the
Mughals (who no doubt were all Muslims), was
just ending after a prolonged night of darkness
and a suffering, and the incressant flow of
blood of her children was coming to a stop,
while Sindh attained freedom and unity and her
people their independence and sovereignty.
Latif’s “Risalo”, which means his “Message”,
represents that quest of Sindh’s freedom and
urge for national identity and self-expression.
Latif’s was an exhortation to the people of
Sindh for self-assertion and self-discovery as a
people. Latif’s Risalo is, therefore, more a
national classic than a religious or philosophic
treatise. It is set forth as a tradition which
emerged from the national life of Sindh, rooted
in particular in the two of her most glorious
periods of history- the Soomras and the Sammas,
covering nearly seven centuries (from mid –
Ninth Century to 1520 A.D), the great formative
periods of her socio-cultural identity.
Latif’s poetry has its literary excellence and
sufistic credo beyong measure and description,
and it has its artistry and methodicalness too.
But, above all, it is a source of strength for
the people of Sindh, for it also marks the full
extent and maturity of their language as an
emblazoning saga of their life and spirit
through the ages.
In this Auditorium, while reading a paper on the life
and work of Hussamuddin Shah Rashdi earlier in
the month, I had said that languages were
miracles of nature and some entirely unique
phenomena of human history. Emergence of a
language ipso-facto meant emergence of a people,
a socio-cultural collective, a centre of power
and authority. And then, when time came for God
too, or for some godly voice, to speak to a
people in their language, they, from that point
of time onwards simply did not accept living as
a second class people or as a nation less-equal
among nations. Poland and Ireland were the
modern history’s two most remarkable instances
of this kind, and if any instance nearer at hand
was needed, that two enacted itself recently
right in the midst of us and before our very
eyes.
Latif, thus, has provided us with a haven, a refuge,
and a vitalism, which resurrect peoples and
nations to life and save them in times of the
wildest of crisis - - the haven being the
language and the vitalism being the message. Let
us therefore take to the haven and hold fast and
pay our heed to the message, the linguistic bond
of support and unity, and equality among
nations, the identity and peace-ableness, in the
interests of justice and common good of all.
Says Latif:
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار!
دوست مٺا دلدار، عالم سـڀ آباد ڪرين!
Oh God, let Sindh prosper!
Oh Gracious Friend, let nations prosper!
جان تون ساقي آھيين، تان وٽي وچ م وجھھ،
جود تنھنجو جکرا، آھي ثاني سج،
نينھن پيالو نج، کاس ڏج کھين کي.
So long you are the cup-bearer,
Let the cup not be intercepted and held up,
Your distribution, Oh master of the tavernl!
Is like that of the Sun,
Take the cup of love and give it particularly
To those deprived and weak.
If we, even today, respond to this godly message of
“equality among nations” and “avoidance of all
interceptions”, ensuring free flow of “the cup
of love and sustenance” among all, in the
interests of peace, justice and common good, we
shall be redeemed and saved- not after death,
but even during death – we, that is, not only we
in Sindh and others in Pakistan, but all the
peoples and nations of the world, threatened by
Imprerialisms, national and foreign - -, and the
whole of mankind, threatened by what a Sunday
Magazine, the Miami Herald’s columnist. Gene
Weingarten, has termed “the most terrible
technology of all”, the thermo-nuclear
technology. Latif’s Risalo, which, again I say,
means his “Message”, can indeed work like what
the columnist has termed “the lever inside the
coffin” to enable us all, if we are not already
dead, to open the coffin’s lid and tear apart
the shroud and get out. And it also is, again in
the columnist’s terms, “the breathing aperture”
inside the coffin, so that we would not
suffocate before operating the lever or tearing
the shroud open to regain our access to free air
and our chance and our right to survival.
Let us, therefore, on our part at least, remember
always that Sindhi, our mother tongue, the
language in which the godly voice of Latif has
been heard by us, is the “lever” and his call
and exhortation to us for self-assessment and
self-realization as a people, is our “breathing
aperture”. Let us then unite in our devotion to
our land and our language, and finding strength
in unity, struggle for equality among nations
and for a state of bliss on earth sans
interceptions of all kinds, providing love and
sustenance in just and equal measure to all.
This is the very least we can do as our homage
to Latif, our wise teacher and loving friend.
Says he to us:
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نھ ڪجي ايتري،
سلطاني سھاڳ، ننڊن ڪندي نھ ملي.
Oh you who are asleep, risei
Sleep so long and entire will not do,
The fruit and felicity of sovereign life
None has enjoyed while sleeping.
Let us then heed Latif’s wise message and hitch our
wagon to the star, and sprint along.
The creation of this marvelous portrait of Hazrat Shah
Abdul Latif Bhitai by our inspired artist
Mohammad Ali, will keep us reminded of our duty
to keep awake and maintain the vigil expected of
us on the path to touch the stars.
We should be sincerely thankful to Muhammad Ali, our
young artist, for creating and putting this yet
one more alarm-clock for us on time, here in the
Institute of Sindhology, University of Sindh.
May we never forget that Latif, the soul of Sindh. its
life breath, the universal poet, and yet our own
poet, is sitting here in the gallery of our
great national heroes, thinking of us and
meditating on our fate, and watching us as to
what we are doing about it.
جيئي لطيف!
جيئي لطيف جي سنڌ!
جيئي لطيف جو سنڌي عوام!
Let Latif live!
Let Latif’s Sindh live!
Let Latif’s Sindhi People live!
*پورو ٿيو* |