سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :4

 

مذھب، رياست ۽ تھذيب انساني سماج جي تنظيم جا ٽي لازمي ۽ بنيادي شعبا آھن. لازمي ۽ بنيادي انھيءَ ڪري، جو اھي انساني نفسيات جي ازلي ۽ فطري تقاضائن جا جواب آھن. انسان کي، بنھھ حيواني سطح کان وٺي اعليٰ انساني سطح تائين پنھنجي وجود جي سلامتيءَ جي اون رھي ٿي – ھو اڻ–ڏڻي جي خوف جو، ٻئي (پاڻ جھڙي حيوان) انسان جي خوف جو، ۽ خود پنھنجي اندر جي حيوان (بک، جنس، سور وغيرھ) جي ”خوف“ جو شڪار رھي ٿو. ان ٽھ–پاسائين غير سلامتيءَ کان بچڻ لاءِ ھو ھڪ وڏو بچاءُ گھر ٺاھي ٿو، جنھن کي ھو ”سماج“ سڏي ٿو. پنھنجي ان وڏي بچاءَ گھر ۾ ھو پوءِ خاص انھن ٽن خوفن کان بچڻ لاءِ ٽي خول يا ڍڪ ٺاھي ٿو. اڻ ڏٺي جي خوف کان مذھب جو خول، ٻئي انسان جي خوف کان رياست (راڄ، حڪومت، سرڪار) جو خول ۽ پنھنجي نفس يا حيواني فطرت جي ”خوف“ کان يا ان جي اطمينان جي لاءِ تھذيب (ثقافت، سڀيتا) جو خول. مذھب جي خول ۾ ويھي، ھن کي اڻ–ڏٺي ڪنھن پاڻ کان پرڀريءَ ۽ مٿڀريءَ (واحد، ٻٽي، تثليثي يا ڪثير نوع جي) طاقت کي مڃڻو ۽ مڃائڻو ۽ ان جي دوستانھ يا غير دوستانھ ڪرشمن کي پنھنجي ڪرڻ يا انھن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي – اھو سڀ ڪجھھ ھن جي ايمان يا ويساھھ جو مسئلو ۽ سلسلو آھي. رياست جي خول ۾ ويھي، ھن کي ھڪ جي طاقت ۽ مفاد کي ٻين جي طاقت ۽ مفاد سان ملائي، پنھنجي بچاءَ ۽ مفاد جي بندوبست کي وڌائڻو ۽ مضبوط ڪرڻو پوي ٿو. اھو سڀ ڪجھھ ھن لاءِ اجتماعي طاقت يا زور جي تنظيم ۽ استعمال جو مسئلو آھي. تھذيب جي خول ۾ ويھي، ھن کي پنھنجي حيواني ڇڪ ۽ ذھني اڇل جي پوئواريءَ ۾، پنھنجي سگھھ ۽ سمجھھ آھر، ٻاھرينءَ قدرت جي وسيلن کي پنھنجي وس ڪرڻو پوي ٿو ۽ خود پنھنجي ان ڇڪ ۽ اڇل کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي – اھو سڀ ڪجھھ ھن جي پنھنجي عقل (ذھني يا روحاني صلاحيت) جي اوسر ۽ استعمال جو مسئلو آھي. اھڙيءَ طرح ايمان يا ويساھھ مذھب جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آھي، ۽ عقل يا ذھن تھذيب جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آھي. ايمان ۽ طاقت آپي ۽ گھمنڊ ۾ ڀريل ۽ خود ڪفيل ھجڻ جي فريب ۾ مبتلا رھن ٿا ۽ دائميت کي پنھنجو حق سمجھندي، ٿوري کان ٿوريءَ ڪنھن ڦيرگھير يا تبديل لاءِ بھ تيار نھ ھوندا آھن، ۽ انھيءَ ڪري خاص طرح عقل جا ھو ٻيئي دشمن ۽ رقيب ھوندا آھن. ڇو تھ عقل سدائين ٻنھي جي خود پسنديءَ، خود سريءَ ۽ خود ڪفالت جي خام خياليءَ تي تنقيد ڪرڻ بلڪ انھن جي مخالفت ڪرڻ ڏانھن مائل رھندو آھي. مذھب ۽ رياست جي شعبن جا ماڻھو انھيءَ ڪري سدائين پنھنجي پنھنجي دنيا کي تبديليءَ کان بچائڻ ۽ جيئن جو تيئن قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رھندا آھن، ۽ ماڻھن جي عقل جي استعمال يعني انھن جي فڪر جي آزاديءَ کي گھٽيندا ۽ روڪيندا رھندا آھن. ايمان، يعني مذھب پنھنجي مضبوطيءَ لاءِ طاقت يعني رياست جو قبضو يا ڪم از ڪم ان جِي سرپرستي چاھيندو آھي ۽ ساڳيءَ طرح رياست پنھنجي مضبوطيءَ لاءِ مذھب جو قبضو يا ڪم از ڪم ان جي مدد چاھيندي آھي ۽ ٻيئي گڏجي، سٽل ڪيو، عقل تي منڊ ھنيو ۽ زنجير وجھيو ويٺا رھندا آھن. ھن سلسلي ۾ بھترين صورتحال تھ ظاھر آھي تھ ھيءَ ھئڻ گھرجي تھ رياست ۽ مذھبُ، طاقت ۽ ايمان ٻئي عقل يعني تھذيب جي ضابطي ۽ تاديب ھيٺ رھن ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪم اچن. پر عملي طور اڪثر ائين ٿيندو آيو آھي تھ ڪڏھن رياست مذھب کي ھٿيو بنائيندي آھي ۽ ڪڏھن مذھب رياست کي ۽ ٻيئي سدائين تھذيب تي آڪرا بڻيا ۽ ان کي اڳتي وڌڻ ۽ اسرڻ کان روڪيو بيٺا ھوندا آھن- انھيءَ لاءِ تھ متان آزاد عقل انھن جي تبديل يا ترديد جا ڪي سامان نھ تيار ڪري وجھي. پوءِ جڏھن مذھب يا رياست، يعني ايمان ۽ طاقت، ڪجھھ وڌيڪ عرصو عقل (تھذيب) جي سنگ کان محروم رھندا آھن، بلڪ ان کي پيڙي، نپوڙي، ڪانئر ۽ ڪنگلو ڪري ڇڏيندا آھن، تڏھن انھن جي پنھنجي بي روح ۽ بي طاقت وجود جو حال اھو ٿيندو آھي، جيئن ڪي جھونا وڻ اندران سڄا کاڌا پيا ھوندا آھن ۽ رڳو ٿڙ جي ٻاھرينءَ ڪور جي آڌار تي جيئن جو تيئن بيٺا ھوندا آھن ۽ ٻاھران ڏيکاءَ جا ڪي ساوا پن ۽ سايون ٽاريون بھ جھليو بيٺا ھوندا آھن- بنھھ اھڙا ڄڻ ڪي تازا توانا آھن ۽ ائين ھو سالن جا سال، بلڪ ڪن حالتن ۾ صدين تائين ڪوڙيءَ پائداريءَ جو ڏيک ڏيندا رھندا آھن – پر بي متيا، بي مقصديا، رڳو ريت رسم، ڪريا ڪرم ۽ ادارن جي انتظام جي اڊنبر ۾ پورا – سڄي سماج تي چٽي، پاڻ تائين پورا- سڄيءَ خلق، سڄي قوم ۽ سڄي اجتماع لاءِ سواءِ خواريءَ ۽ آزار جي ٻيو ڪجھھ بھ نھ.
مذھب ۽ رياست جي ائين گڏجڻ سان – پوءِ ان ۾ فوقيت ڪنھن کي بھ حاصل ھجي- ذھني ھوڏ ۽ اقتدار جي آپيشاھي جنم وٺي ٿي. ان ۾ طاقت مڙي جڙي، حاڪم ۽ ”ملي“ جي صورت ۾ ھڪ ھنڌ وڃي جمع ٿئي ٿي- ھن نظريي جي بنياد تي تھ سڀ طاقت جو منڍ يا سرچشمو اڻ ڏٺو ڪو اصل آھي، جنھن تائين رسائي محدود ۽ مخصوص آھي. ان صورتحال ۾ سمورا آدرش ۽ امنگ سڙي سڪي، نستا ٿي، ختم ٿي وڃن ٿا. زندگيءَ جي اڇ ۾ پوءِ فقط ٻھ ڏسڻ ۾ ايندڙ نقطا وڃي رھن ٿا. ھڪڙو حاڪم ۽ ٻيو درويش، ھڪڙو امير، ٻيو فقير. جتي ڪٿي انھن ٻن ”بادشاھن“ جي لئي ھوندي آھي. ذھن ۾ ڪائنات يا فطرت ۽ ان جي قانونن جي مطالعي جي سڄي سڪ مري وڃي ٿي ۽ سڄو امنگ ماٺو ٿي وڃي ٿو، ڇو تھ ڪائنات جي سنئين سڌي، سولي ۽ مستند معنيٰ ”دنيا ۽ آخرت“، ۽ علم جي معنيٰ ”الھامي ڪتاب“، ۽ آدرش جي معنيٰ ”روح ۽ ان جي نجات“ – بس ڳالھھ پوري. مطلب تھ پاڻ کان مٿي ۽ پاڻ کان ٻاھر ماڻھو نھ چڙھي سگھي ۽ نھ نڪري سگھي. مذھب ۽ رياست جي ھن ذھني تعطل ۽ آپيشاھيءَ ۾ آخرڪار وري بھ رياست جي آپيشاھي وڌي ٿي ۽ مضبوط ٿئي ٿي. يعني طاقت ۽ محض طاقت ۽ اھا پوءِ مذھب کي پنھنجو اوزار ڪري استعمال ڪري ٿي. چاھي مذھب پنھنجي برتريءَ جي ڪيتري بھ ھام ھڻي ۽ لاف زني ڪندو رھي. نتيجي طور، اھڙي ’اتحاد‘ ۾ مذھب ۽ رياست ٻيئي ھڪٻئي جي زوال جا سبب بنجن ٿا ۽ معاشري ۾ پنھنجي منصبي ۽ بنيادي ڪارج پوري ڪرڻ جي بھ اھليت وڃائي ويھن ٿا – نھ رياست ۾ فرد کي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ضمانت مھيا رھي ٿي ۽ نھ مذھب ماڻھوءَ لاءِ اڻ–ڏٺي کان اميد ۽ خوف جي اثرائتي وسيلي يا ڏڍ جوئي ڪو ڪم ڏيئي سگھي ٿو.

جڏھن ڪنھن سماج ۾ مذھبُ ۽ رياست پنھنجي ”بي اثري“ جمود، تشدد ۽ تنگ نگاھيءَ جي اھڙيءَ حالت تي وڃي رسندا آھن، تڏھن اھو سماج بحران (Crisis) ۾ وٺجي ويندو آھي. ايمان ۽ طاقت جامد آھن ۽ جامد رھڻ گھرن ٿا، پر عقل ۽ امنگ متحرڪ آھن ۽ اڳتي وڌڻ چاھين ٿا. عقل ۽ امنگ جي آڏو ڪي بھ بند ٻڌي نٿا سگھجن. رڪجي رڪجي، گھٽجي گھٽجي، حساس ذھنن ۾ ڪنھن بھشت جو خواب جلوھ گر ٿئي ٿو ۽ عام ماڻھو بيزاريءَ ۽ انتقام جي جوش ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ ڪنھن زوردار ڌماڪي يا باھھ جي ڀڙڪي کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ٿو. انساني فطرت جي نيڪيءَ جو اصول ڪنھن بھشت جو خواب جھٽيندڙ ان جو اِھو احساس آھي: ان جي چڱائيءَ جي علامت ڪنھن موجود جھنم جي خلاف ان جو اھو انتقامي جوش آھي ۽ جوش، صاف ۽ سچو جوش، پراڻي کي ڊاھڻ جو ايترو نھ، پر ان کان وڌيڪ نئين کي آڻڻ جو جوش، عظيم نتيجن کي جنم ڏيندو آھي. نئين ۽ اعليٰ حسن جو اھو لطيف ۽ تيز احساس ۽ ان لاثاني حسن سان وصال جو اھو سچو ۽ خود فروشانو جوش، قومن، ملڪن ۽ سماجن جي بحراني دورن ۾ ئي پيدا ٿيندا آھن. ڇو تھ بحران حالتن جي ڪايا پلٽ لاءِ فطرت جا وسيلا ھوندا آھن ۽ بحرانن ۾ ئي قومن جي قسمت جا بنيادي سوال اٿندا آھن ۽ وٽن انھن جي حل ٿيڻ جي زمين ھموار ٿيندي آھي. بحرانن ۾ ڪيترائي بيجان ۽ فضول ادارا ختم ٿي وڃن ٿا، جيڪي تاريخ يا روايت سبب سماج جي وجود سان چھٽا پيا ھوندا آھن ۽ ٻئي ڪنھن طريقي سان ھرگز وڃڻ ۽ ان مان ھٿ ڪڍڻ جو نالو ئي نھ وٺندا آھن. ڪنھن بحراني دور جو ڪو ھنگامو يا حادثو حساس ذھنن کي نقصان ڪونھ ٿو پھچائي سگھي. بلڪ غير سلامتيءَ جي حالت ۾ عظيم روحاني قوتون، جيڪي اڳ ستل ھيون، ڇرڪ کائي اڀرن ٿيون. حساس ذھن جا مالڪ، طاقتور ۽ جاندار مفڪر، شاعر ۽ فنڪار، خطري جي فضا کي سٺو ٿا سمجھن، ڇاڪاڻ تھ ھو طاقتور ۽ جاندار انسان آھن. وڏن ۽ دکدائڪ تجربن ۾ ذھن پختا ٿين ٿا ۽ انھن کي نئون معيار ملي ٿو. ھو ڌرتيءَ تي زندگيءَ بابت وڌيڪ آزاد ۽ ڀروسي جھڙي فيصلي تي پھچن ٿا. برخلاف ان جي، مڪمل سانت واري ماحول ۾ تخليقي ذھنن کي ذاتي زندگيءَ جا مفاد ۽ سک ڪوريئڙي جي ڄار وانگر ويڙھي نستو ڪري ڇڏين ٿا ۽ انھن جي عظمت کسجي وڃي ٿي. ان صورت ۾ پوءِ محض ٺلھيءَ ۽ بي فيض لياقت وارا ماڻھو وڌي اڳيان اچن ٿا ۽ انھن لاءِ فن، فڪر ۽ ادب رڳو ھڪ تجارت يا سوداگري ٿي پون ٿا – ڇو تھ ھو ھوندا ئي تاجر ۽ سوداگر آھن. اھڙا ماڻھو پنھنجي ”لياقت“ مان وڏا ذاتي فائدا وٺن ٿا ۽ ان لاءِ ھنن کي ڪوبھ دک يا تڪليف سھڻي ڪانھ ٿي پوي – ڇو تھ منجھن ڪا بھ اوڀڙ کائڻ واري ڏات ڪانھ ھوندي آھي – درحقيقت انھن ۾ اڪثر ڪا بيان ڪرڻ جھڙي لياقت بھ ڪانھ ھوندي آھي.  سچيءَ پچيءَ ڪنھن بحراني صورتحال ۾ اھڙا ھلڪا ۽ ننڍا ماڻھو بھرحال ڪک پن ٿي ويندا آھن. بحرانن ۾ يگانا ڏات ڌڻي ۽ عظيم شخص ئي مئل زندگيءَ ۾ جان وجھندڙ تحريڪن جا مرڪز، محرڪ ۽ واضح نشان يا اظھار ٿي اڀرندا آھن. انھن جي وجود سان ئي تاريخ جي انھن دورن کي مان ۽ مڻيا ملندي آھي، ۽ اھو ئي مان ۽ اھا ئي مڻيا پوءِ ماضيءَ جو ڳرو قرض بڻجي آئندھ نسلن ڏانھن منتقل ٿئي ٿو. ماضيءَ جو حال جي کاتي ۾ ڪاٿي کان ٻاھر ڳرو قرض، جو وڌندو ئي رھندو آھي، گھٽ ڪڏھن بھ نھ ٿيندو آھي. ھڪ سدا جاري رھندڙ سلسلو، ھڪ سدا وھندڙ رستو، جنھن جي يادداشت کي ئي تاريخ ٿو چئجي. انھيءَ رستي سان ئي انساني ذھن کي پنھنجي اھميت جي شعور جو احساس ٿئي ٿو. انھيءَ رستي سان ئي انسان پنھنجي عظمت ۽ جوھر کان واقف ٿئي ٿو- انسان، تھذيب جي رستي سان وڌندڙ انسان، سڀني شين جو ازلي مرڪز، دک سھندڙ، اڳتي نگاھھ رکندڙ، جاکوڙ ڪندڙ، پورھيو ڪندڙ – اڄ بھ ھو ائين آھي، ڪالھھ بھ ائين ھو، ۽ سدائين ھو ائين ئي رھندو. اھا حقيقت اسان کي ھميشھ ياد رکڻ گھرجي : ٻيءَ حالت ۾ اسان کان پنھنجي اعليٰ روحاني ورثي جي اھميت جو پورو قدر ٿي ئي نھ سگھندو.

*

شاھھ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻھو آھن. اھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنھي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر بھ، شاعر بھ، فنڪار بھ ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا. ھنن پنھنجي دور ۽ پنھنجي دنيا جي اندر جي اصلي ۽ سچي امنگ کي سمجھيو ھو، ان ۾ جيڪا نئين معنيٰ تڙڦي رھي ھئي ۽ جيڪو نئون ساھھ سپجي ۽ سانڀجي رھيو ھو، ان کي ھنن ڄاتو ھو. ھنن کي معلوم ھو تھ سنڌ جي رھندڙ سندن سانگين ۽ مارن ڇا چاھيو ٿي ۽ ڇا ڌڪاريو ٿي ۽ انھن جي زندگيءَ ۾ ڇا خسيس ھو ۽ ڇا بنيادي ۽ اھم ھو. ھنن پنھنجن ماڻھن کي قوم بنجڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ رستو ڏيکاريو – اھو رستو، جنھن تي انھن کي آئيندي لاءِ ھميشھ ھلڻو ھو ۽ ان کان سواءِ اڳتي ھلڻ جو ٻيو ڪو رخ انھن جي سلامتيءَ لاءِ ممڪن ڪونھ ھو. ھو پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاھپ کڻي آيا ھئا، جيڪا سندن ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ تھ آب حيات ھئي، پر اھا سڄي عالم انسانيءَ جي خير ۽ برڪت، سک ۽ عافيت لاءِ ھڪ پڌرو ۽ ڪامل نسخو ھو. شاعرن ۽ فنڪارن جي ھڪڙي ڀلاري عادت آھي تھ ھو انھن شين کي، جن کي ھو ڪن سببن ڪري اھم سمجھندا آھن، دائميت ڏيڻ يا لافاني ڪرڻ گھرندا آھن. عظيم ماڻھن کي پاڻ کان پوءِ جي ايندڙ نسلن جي خبر تھ ڪانھ ھوندي آھي، پر کين انھن جو خيال بھ ھوندو آھي، اِن لاءِ بھ خاطريءَ سان ڪجھھ چئي نٿو سگھجي. پر ھو پنھنجي وقت سان ٻٽ ھوندا آھن ۽ ان جي اصلي دک کي ڄاڻندا آھن ۽ ان دک جي بنياد کي ڄاڻندا آھن ۽ اھو پنھنجي اندر جي اٿاھھ گھراين ۾ ھو محسوس ڪندا آھن ۽ پوءِ پنھنجي ان عميق ۽ انمول احساس کي ھو دائميت ڏيندا آھن ۽ لافاني بنائيندا آھن، ۽ اھو پوءِ سندن پنھنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ ۽ انھن جي وساطت سان سڄيءَ دنيا لاءِ دائمي دارونءَ جو ڪم ڏيندو آھي. شاھھ، سچل ۽ سامي پنھنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ اھڙا حڪيم حاذق ۽ يگانا ويڄ ھئا. ھنن سنڌي سماج جي ھيڻائيءَ کي سڃاتو ھو، جنھن ان کي وقت جي بحران سان دوچار ڪيو ھو ۽ ھنن ان لاءِ نجات جي راھھ تجويز ڪئي ھئي. سنڌي سماج کي انھن پنھنجن عظيم بزرگن ۽ سدا حيات سنت رھبرن جي ڏسيل ان انساني راھھ کي سڃاڻڻو آھي ۽ ان تي ھلڻو آھي: ممڪن آھي، بلڪ خاطريءَ سان اڄ چئي سگھجي ٿو، تھ ان راھھ تي پوريءَ طرح نھ بيھڻ ۽ ان کي ڇڏي ٻي راھھ لڳڻ سبب ئي سنڌي سماج اڄ ايڏو اوجھڙ ۾ وڃي پيو آھي ۽ اڄ يا سڀان، ٿوري گھڻين ڏينھين، وري بھ ان کي سڃاڻڻ ۽ ان جي رخ سان اڳتي وڌڻ سان ئي اھو پاڻ کي سڃاڻي سگھي ٿو، پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي سگھي ٿو ۽ پاڻ لاءِ ۽ بني نوع انسان لاءِ پنھنجي ھئڻ يا نھ ھئڻ جي اھميت کي سمجھي سگھي ٿو، ثابت ڪري سگھي ٿو ۽ مڃرائي سگھي ٿو.

*

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com