سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :6

 

ٽيويھھ سؤ ورھيھ اڳي يونانين جي حملي وقت سنڌ جا ماڻھوقوم تھ ڇا پر اڃا رياست بھ بنجي نھ سگھيا ھئا. ھو قبيلائي نفاق ۾ ورتل ھئا – انھن جا مٿي ذڪر ڪيل ٻھ قبيلا (سمبس ۽ ماسيڪانس) ۽ ان وقت جي تاريخ ۾ آيل ٻيا چار پنج مک قبيلا، سڀ الڳ الڳ ٿي وڙھيا. بلڪ ان وقت بھ پاڻ ۾ وڙھندا رھيا ۽ الڳ الڳ ٿي مئا. سندن وطن دوست مذھب ۽ ڌار ڌار قبيلائي رياست ٻيئي ڌارين جي مقابلي ۾ ھنن مان ڪنھن کي ڪم نھ آيا. عربن جي حملي وقت سنڌ جي ماڻھن وٽ پنھنجي رياست تھ ھئي پر جنھن زور تي اھا قائم ڪيل ۽ بيٺل ھئي، ان زور کي اھا اڃا پنھنجو ڀر بنائي نھ سگھي ھئي، يعني سنڌ جا ماڻھو پاڻ کي اڃا قوم بنائي نھ سگھيا ھئا – خاص طرح مذھب جو تفرقو انھن جي اندروني زبون حاليءَ جو سبب بنيل ھو – ٻڌمت ۽ برھمڻ واد پنھنجون پنھنجون خود پسنديون ۽ پنھنجا پنھنجا تعصب کنيو ھڪٻئي ۾ اکيون وجھيو بيٺا ھئا، ۽ ننڍين ننڍين نائب راجڌانين جا ننڍا ننڍا نائب سردار ڪجھھ اعتقادي گھمنڊ ۾ ۽ ڪجھھ خوف کان ۽ ڪجھھ اقتدار جي ڪشش ۽ سڌ ۾ پنھنجي پنھنجي مختصر ڏاھپن جا شڪار ٿي ويا، ۽ سنڌي ماڻھن جي مرڪزي رياست پنھنجن انھن مذھبي ۽ سياسي نفاقن ۾ اندرون ئي اندر کاڌي، ڇوري ڀت بني بيٺي رھي، جنھن کي ٻاھران رڳو ھڪڙي ڪنھن ٿيلھي ڏيڻ جي دير ھئي. سورھين صديءَ جي شروع ۾، ارغونن جي حملي وقت، سنڌ جو حڪمران شاھي گھراڻو، وري بھ، اقتدار جي خانھ جنگيءَ ۾ رڌل ھو. سنڌي رياست پنھنجي طاقت پنھنجي خلاف صرف ڪري رھي ھئي. رياست جو سربراھھ، ڄام فيروز – سنڌ جي شاندار بادشاھھ ڄام نندي جي پيرسنيءَ جو نالائق پٽ – پنھنجن ۽ پراون ٻنھي جي خوف ۾ گرفتار ۽ پنھنجي پاڻ کان بيزار، پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي گڏيل مفاد کان بي نياز، صرف پنھنجي ذاتي بچاءَ لاءِ ھٿ پير ھڻندو رھيو ۽ ان ڏس ۾، ڪڏھن پنھنجن سان ۽ ڪڏھن پراون سان شامل، سندس ھر قدم سنڌ جي شڪست ۽ خواريءَ جو سبب بنيو رھيو. ھم مذھبيءَ جي چوغي پاتل حملھ آور ارغونن جي لشڪر کي ھيڪل ھيڪل نھ ھو پاڻ پڄي سگھيو، نھ سندس بزرگ اتاليق دريا خان ۽ ان جا بھادر پٽ پڄي سگھيا ۽ نھ سندس تخت تاج جو دعويدار سندس پڦاٽ ڄام صلاح الدين پڄي سگھيو ۽ نھ وري ڪنھن حوصلھ مند مرڪزي رھبريءَ کان قطعا محروم سنڌ جا عام ماڻھو ئي پنھنجي وطن کي دشمنن کان بچائي سگھيا – وطني دفاع جي ان عبرتناڪ جنگ ۾، جيڪا سنڌ جو ھر طبقو ۽ ھر قبيلو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ھڪ ھڪ ٿي وڙھندو رھيو، ساڻن شامل مذھب جو وطن دوست حلقو بھ کين بچائي نھ سگھيو. دراصل عين ان آزمائش جي وقت، مذھبُ، رياست (حڪومتي اقتدار) وانگر ئي، سنڌ جي ماڻھن جي اتحاد ۽ قوت جو نھ

پر سندن ڪمزوريءَ ۽ نفاق جو سبب بنجي پيو. قاضي قاضن ۽ سندس سڄي مھدوي ٽولي جي مذھبي سربراھن، بکر جي سڳورن سيدن ۽ ٻين ڪيترن ئي شيخن مشائخن ۽ پيرن فقيرن پنھنجي وطن ۽ پنھنجي ماڻھن سان غداري ڪري، حملھ آور دشمن لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ ان جو ساٿ ڏنو. ارغوني لشڪر جو پنھنجو ديني جاسوسن ۽ روحاني شڪاربازن جو ھراول طائفو تنھن کان الڳ ھو. * مطلب تھ سورھين صديءَ جو سنڌي سماج بھ پنھنجون مضبوط تھذيبي روايتون ۽ پنھنجي پختھ ڪار ۽ محب وطن رياست رکندي بھ، فقط پنھنجي اندروني ڪمزوريءَ سبب، جنھن جو بنياد ان جي سياسي ۽ مذھبي خلفشار تي ھو، پاڻ کي شڪست ۽ غلاميءَ کان بچائي نھ سگھيو.

ارغونن ھٿان سنڌ جي ھن فتح کي ”خرابيءسنڌ“ سڏي، تڏھوڪن عالمن ان مان ابجد جي حساب سان سنڌ جي برباديءَ جي تاريخ (927 ھھ مطابق 1520ع) ڪڍي ھئي. ”تاريخ معصوميءَ“ موجب، يارھين محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ”مغل 20 تاريخ تائين شھر ۾ لٽ مار ڪندا رھيا ۽ اتان جي ماڻھن کي ذليل ڪندا رھيا. جنھن مان آيت سڳوريءَ - ان الملوڪ اذا دخا و اقريت افسدوھا (بادشاھھ جڏھن ڪنھن شھر ۾ داخل ٿين ٿا، تڏھن ان کي ويران ڪري ڇڏين ٿا) جي وضاحت اکين اڳيان اچي ويئي.“ جڏھن دشمن جي لشڪر ٽلٽيءَ جو شھر فتح ڪيو، تڏھن، ساڳيو تاريخ وارو چوي ٿو تھ ”ٽي ڏينھن ٽلٽيءَ ۾ رھي ڪري، مغلن اتان جي رھاڪن کي پوريءَ طرح برباد ڪيو.“ باغبان (موجودھ سيوھڻ – بوبڪ تعلقي جي ايراضيءَ) ۾ پھچڻ سان ارغون فوجين ”ماڇي قوم، جنھن اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪيو، ان جي سڀني ماڻھن کي قتل ڪري ۽ انھن جو مال اسباب ۽ ڍور ڍڳا ڦري، انھن جي گھرن ۽ قلعي کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو.“ سنڌ جي بلوچن جي باري ۾، سنڌ جي فاتح شاھھ بيگ ارغون، جنھن لاءِ ”تاريخ معصوميءَ“ جو چوڻ آھي تھ ”اڪثر وقت ھو عبادت ۽ تقوا ۾ گذاريندو ھو، ۽ عالمن ۽ مشائخن جي مجلس ۾ ويھندو ھو“ ۽ مرڻ کان پوءِ جنھن جو لاش کڄي، مڪي شريف جي ”جنت المعليٰ“ ۾ وڃي دفن ٿيو ھو، تنھن پنھنجي ٽولي جي ماڻھن سان ”صلاح مشورو“ ڪري فيصلو ڪيو تھ ھن قوم جي باھھ کي تلوار جي پاڻيءَ سان وسائڻ گھرجي. پوءِ طئي ھي ٿيو تھ ھر ڳوٺ ۾ تجربيڪار ماڻھن جي ھڪ جماعت ويھاري وڃي، جيڪي ڪجھھ مدت انھن ماڻھن جي وچ ۾ رھڻ کان پوءِ ھڪ مقرر وقت تي ھر ھنڌ حملو ڪري، انھن کي ختم ڪري ڇڏين: ائين ھر آباديءَ ۾ ھڪ جماعت مقرر ڪئي ويئي، جا وقت جي انتظار ۾ رھي، ۽ پوءِ جڏھن مقرر وقت آيو، تڏھن ھر جماعت پنھنجون تلوارون بار بار اگھندي، ان بدبخت قوم کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انھيءَ طرح ھڪ ئي وقت بلوچن جي 42 آبادين جا ماڻھو قتل ۽ برباد ٿي ويا.“ 1527ع (جنوري) ۾ ھڪ سال جي گھيري کان پوءِ ارغون جڏھن ملتان جو قلعو ڀڃي، اندر شھر ۾ داخل ٿيا، تڏھن .داخل ٿيڻ سان ئي نھايت بيدرديءَ سان ئي قتل ۽ ڦرمار شروع ڪري ڏنائون. ستن سالن کان ستر سالن جي عمر جا سڀئي ماڻھو قتل ڪيا ويا ۽ ملتانين تي قيامت برپا ٿي ويئي. ڪن ماڻھن وڃي بزرگن جي خانقاھن ۾ پناھھ ورتي، پر ڏھھ ٻارھن ڏينھن شھر ۾ ڦرمار ڪرڻ کان پوءِ محب ترخان فوج وٺي اتي وڃي پھتو ۽ پناھھ گزين ماڻھن کي ڦري ماري، خانقاھن کي باھيون ڏيئي، اتان جا پٽ رت سان ڳاڙھا ڪري ڇڏيائين.“ 1538ع ۾ مرزا شاھھ حسن، ھمايون جي سڏ تي گجرات ويندي، ”پٽن“ جي آسپاس منزل ڪئي ۽ سندس ھڪڙي سپھھ سالار، سلطان محمود، ”احمد آباد تائين وڃي گجراتين جو مال متاع ڦريو، جنھن وسيلي ڪثير سامان، ڪپڙو، نقدي ۽ سون لشڪر کي ھٿ لڳو.“ گجرات کان موٽندي ”شاھھ حسن راڌڻ پور جي رستي سان ايندي، جاڙيجن ۽ سوڍا قبيلن جو قتل عام ڪري، انھن کي خوب لٽيو ماريو ۽ برباد ڪيو.“ ھن مرزا شاھھ حسين لاءِ بھ ساڳئي ”تاريخ معصوميءَ“ واري جو چوڻ آھي تھ ”جيڪي بھ مقدما ھن وٽ پيش ٿيندا ھئا، انھن لاءِ ھو شرع شريف ڏانھن رجوع ٿيندو ھو، ساداتن، مشائخن ۽ عالمن جو بيحد احترام ڪندو ھو ۽ ھن جو لاش بھ پوءِ مڪي معظم نيو ويو ۽ اتي جنت المعليٰ جي قبرستان ۾ پيءُ جي ڀرسان دفنايو ويو!

*

تاريخ جي ھيءَ ھڪ عالم آشڪار حقيقت آھي تھ مذھبُ ڪنھن ملڪ، قوم يا سماج کي ٻئي ڪنھن ملڪ، سماج يا قوم جي اڳرائي، ڦرمار ۽ غلاميءَ کان بچاءَ جو ڪم ڪونھ ٿو ڏئي، چاھي اڳرائيءَ ڪندڙ ۽ ڦرمار ڪندڙ قوم ڪا ھم مذھب قوم ئي ڇو نھ ھجي. مذھب ھڪڙيءَ ڪنھن قوم کي ٻيءَ ڪنھن قوم تي حملي ڪرڻ، ان کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ان کي غلام بنائڻ کان روڪ جو ڪم بھ ڪونھ ٿو ڏئي، چاھي اھا ٻي قوم ان جي ھم مذھب قوم ئي ڇو نھ ھجي. * اڳرائي، ڦرمار ۽ آڪرائي – اھي اجتماعي طاقت، ۽ ان جي انتظام ۽ استعمال، جا مسئلا آھن – يعني اھي رياست جي عمل پيرائيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا. خالص مذھب (ڪھڙي بھ مذھب) جو، يعني (ڪھڙي بھ ”نظريي“ ۾) ايمان ۽ اعتقاد جو اِن سان ڪو واسطو ڪونھي. بلڪ اڪثر اھڙو ايمان ۽ اعتقاد ڪمزور ۽ امن پسند قوم ۾ جاسوس ۽ غدار ۽ ”پنجين ڪالم“ ** جا ماڻھو پيدا ڪري ڏيندو آھي، جن کي ساڳئي ايمان ۽ عقيدي واري زورآور ۽ اڳرائي ڪندڙ قوم پنھنجي جنگي فائدي لاءِ ڪم آڻيندي آھي. سنڌ جي تاريخ، محمود غزنويءَ جي منصوري تي حملي ڪرڻ ۽ ان کي نابود ڪرڻ کان وٺي ۽ خاص طرح ارغونن جي حملي کان وٺي سنھ 1737ع ۾ مغلن جي دور ختم ٿيڻ تائين ۽ پوءِ نادر شاھھ، احمد شاھھ ابداليءَ *، مدد خان ۽ شاھھ شجاع جي حملن جي صورت ۾ انھيءَ پنھنجي بنيادي حقيقت جو پڌرو ۽ پختو ثبوت آھي.


 

* ”.....جيئن ”تاريخ طاھريءَ“ وغيرھ ۾ آيل آھي، مذڪورھ سيد (قاضي سيد شڪرالله شيرازي) سنھ 906ھھ ۾ ھرات مان قنڌار ۽ اتان شاھھ بيگ جي حڪم سان سنھ 927 ھھ ۾ (انھيءَ ئي سال جڏھن شاھھ بيگ سنڌ تي حملو ڪيو ھو) ٺٽي ۾ آيو ۽ مرزا شاھھ حسن ابن شاھھ بيگ جي زماني ۾ (يعني ٻئي سال جڏھن شاھھ بيگ جي مرڻ کان پوءِ شاھھ حسن ھن جي جاءِ والاري) ان نئين فتح ڪيل سرزمين جي منصب قضا تي سرفراز ٿيو. شروع ۾ ھن جو اچڻ تاجر جي حيثيت سان ٿيو ھو.

”.....بزرگن کان ٻڌو ويو آھي تھ جتي موصوف اچي سڪونت اختيار ڪئي ھئي، سندس اولاد اڄ تائين اتي ئي رھندو ٿو اچي پھريائين اتي (ھڪ) انصار جي قبيلي جا ماڻھو آباد ھئا، سيد شڪرالله جي اولاد مان سيد محمد حسن بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع کان ٻڌو ويو آھي تھ ان قبيلي جا ڪي ماڻھو (ھاڻي) سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ (ڪٿي) رھن ٿا ۽ انھن مان ھڪ وڏي عمر جو شخص جڏھن بھ ٺٽي ۾ ايندو ھو تھ (ھن محلي ۾) اچي، اسان سان بھ ملاقات ڪندو ھو.

”.....قبرن جو چبوترو، جن ۾ (ھنن ساداتن جا) بزرگ آرام پذير آھن، پھريائين اھو انھن (يعني، ان انصار قبيلي وارن) جو ھو، جن جون ڪي قبرون اڃا بھ (اتي) موجود آھن.

”.....سيد شڪرالله جي قبر سيد عبدالله جي درگاھھ جي اولاد ۾ اڄ بھ اھل الله جي زيارت گاھھ آھي.

”.....چون ٿا تھ مذڪورھ سيد سان ٽي ٻيا بھ باڪمال بزرگ ٺٽي ۾ آيا ھئا. انھن دوستن ۾ ھڪ قسم جو خاص اتحاد ھو. اھي بزرگ (1) سيد منبھ، (2) سيد ڪمال ۽ (3) سيد عبدالله آھن.“ (علي شير قانع : ”تحفت الڪرام“، 1181 ھھ، ص. ص. 484-483-482).

”.....(سيد ڪمال ... اصلا  حسيني ۽ شيراز جو باشندو ھو ۽ مذڪورھ سيد شڪرالله جي دوستيءَ ۽ رفاقت ۾ ٺٽي ۾ آيو ھو..... (جنھن جو) ھيءُ ڏاڍو گھرو يار ھو ۽ انھن چئن يارن ۾ شامل ھو، جنھن جو ذڪر شڪرالله جي بيان ۾ ٿي چڪو آھي.... وفات کان پوءِ ھي پنھنجي رھائشي حويليءَ ۾ دفن ٿيو. ان جي زيارت جي برڪت ملڪن ۾ مشھور ۽ ان جي توسل جون ڪرامتون عوام ۽ خواص جي دلين ۾ مرڪوز آھن.“ (ساڳيو ڪتاب: ص 493).

” سيد شاھھ منبھ – ھيءُ غوث الثقلين (پيران پير) مان آھي. ھي بزرگوار سيد ڪمال شيرازي ۽ سيد عبدالله حسينيءَ سان گڏجي شاھھ بيگ ارغون جي زماني ۾ سيد! !شڪرالله شيرازيءَ سان گڏ ٺٽي آيو ھو، (جنھن سان) ھن جي خصوصي صحبت ھوندي ھئي. پاڙي جي ويجھڙائيءَ جي خيال کان ھيءُ انھيءَ جڳھھ ۾، جتي ھو اڄ آرام پذير (مدفون) آھي، ھڪ مريد جي گھر ۾ اچي رھيو ھو.... ھن جون ڪرامتون روشن ۽ ھن جي مناقبي جون نشانيون مشھور آھن. ھن جي (مقبري) جي زيارت عام خلق الله جي حاجت روائيءَ جي ضامن آھي....“ (ساڳيو ڪتاب : ص ص 601-602).

”سيد شاھھ عبدالله حسيني – ھيءَ بھ قطب الاقطاب، غوث الثقلين، حضرت پير دستگير عليھ الرحمھ جي اولاد مان، مذڪورھ (چار) يارن يعني سيد منبھ، سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪرالله مان ھڪ مقتدر يار ھو. ھيءُ بزرگوار شاھھ بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي آيو ۽ خفيھ طور پھاڙيءَ جي ان جاءِ تي اچي گوشھ نشين ٿي ويٺو، جتي ھن جي مزار واقع آھي... مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچڻ وڃڻ وارن کي جيڪو فيض ھن بزرگ مان حاصل ٿئي ٿو، قلم ۾ ان جي بيان ڪرڻ جي طاقت ڪانھي.“ (ساڳيو ڪتاب: ص ص 615-614).

*  سنڌ تي مسلمان ارغونن جي ڪاھھ وقت ۽ ستن ڏينھن لاءِ انھن ھٿان ٺٽي جي قتل عام ۽ لٽجڻ وقت سنڌ ۽ سنڌ جي ان گاديءَ جي شھر ٺٽي جي اسلامي فضا ڪجھھ ھن ريت ھئي:

”روايت ڪن ٿا تھ (سنڌ جو بادشاھھ) ڄام نظام الدين علم جو عاشق ھو. ننڍپڻ ۾ ھن مدرسن ۽ خانقاھن ۾ تعليم ۽ تربيت ورتي ھئي. ھو نھايت حليم، خليق ۽ پسنديدھ صفتن ۽ حسين عادتن جو مالڪ ھو. ان سان گڏ، ھو ڪمال درجي جو زاھد ۽ عابد بھ ھو. ھن جي فضيلت ۽ اصل حقيقت ان کان مٿي آھي جيتري ڪجھھ قلمبند ڪري ٿي سگھجي.... ھن جي حڪومت جي ڏينھن ۾ سنت نبويءَ جي پيروي ايتري قدر عام ٿي چڪي ھئي، جو ان جو تصور بھ نٿو ڪري سگھجي. مسجدن ۾ باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو رواج ايترو تھ عام ھو، جو ڪوبھ، ننڍو يا وڏو، اڪيلو وڃي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ پسند نھ ڪندو ھو. جيڪڏھن ڪنھن وقت ڪنھن کان نماز يا جماعت گسي ويندي ھئي، تھ ھو نھايت پشيمان ٿيندو ھو ۽ ٻن ٽن ڏينھن تائين استغفار پڙھندو رھندو ھو.... (”تاريخ معصومي“ – ص ص 104-102) ۽ ان کان پوءِ جڏھن سنڌ تي مسلمان ارغونن جا حليف، مسلمان مغل حاڪم ھئا ۽ انھن جي ظلم جي ڪاري رات ڇانيل ھئي، تڏھن ٺٽي جي اسلامي فضا جو تاريخ ۾ ھن ريت ذڪر آيل آھي:

”.... عالم، فاضل، شاعر، ڪاتب، خوشنويس ۽ خدا پرست شخص ھن شھر ۾ تمام گھڻا رھن ٿا... ۽ ان جا اڪثر ماڻھو ڏاڍا پڪا مسلمان آھن ۽ روزي نماز ۽ شرع شريف جي پيرويءَ ۾ بيحد گھڻو سعيو ڪن ٿا. ايتري قدر جو ھتي ڪيتريون وڏيون جامع مسجدون آھن، جن ۾ ويھھ ويھھ، ٽيھھ ٽيھھ ھزار ماڻھو جمعي جي نماز لاءِ گڏ ٿين ٿا. جامع مسجدن کان سواءِ شھر جي محلن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون مسجدون آھن ۽ اھي سڀ! !جمعي ڏينھن ايتريون ڀرجي وڃن ٿيون، جو عين نماز مھل جيڪڏھن ڪو نماز لاءِ اچي ٿو تھ ڪيترن حيلن ۽ ڪوششن کان پوءِ مس ھن کي نماز لاءِ ڪا جاءِ ملي سگھي ٿي.“ (”مظھر شاھجھاني“، ميرڪ يوسف، بتصحيح ۽ حاشيھ وغيرھ، حسام الدين راشدي، ص. 33).

**   Fifth Column – ماڻھن جو منظم گروھھ، جيڪو ڌارينءَ فوج جي فائدي ۾ ملڪ جي اندر ويھي ڪم ڪري ۽ ان جي سوڀ لاءِ اندرون ئي اندر ميدان تيار ڪري.

*  شاھھ بيگ ارغون، 927 ھھ (1520ع) ۾، سنڌ تي حملي کان اڳ، پنھنجي ”چئن يارن جي چؤنڪڙي“ ٺٽي رواني ڪئي ھئي، جيڪي تاجرن جي ويس ۾ اتي پھتا ھئا، منجھن ”ھڪ قسم جو خاص اتحاد“ ھو ۽ انھن آخر ۾ پاڻ کي ”غوث الثقلين پيران پير دستگير جو اولاد“ سڏائيندي، ظالم ۽ ڦورو ارغوني حڪومت جي کپائڻ ۽ ھلائڻ ۾ ارغونن جي مذھبي مدد ۽ ساڻن مال غنيمت ۽ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي.

ساڳيءَ طرح، 1737ع ۾، سنڌ تي نادر شاھھ جي حملي کان فقط ٻھ سال اڳ، ان جي سپھھ سالار احمد شاھھ ابداليءَ جو پير ۽ مرشد، شاھھ فقير الله علوي، پنھنجي ملڪ (روتاس، جلال آباد، افغانستان) مان، مذھبي ھراول دستي طور، پنھنجي پوري اٽالي سان پھريائين ٺٽي ۽ پوءِ شڪارپور ۾ اچي وارد ٿيو. ٺٽي جي مختصر رھائش ۾ ھن ”مخدوم محمد ھاشم جي شاگردي“ قبولي ۽ ان کان ”علوم ظاھري ۽ سلوڪ مخفيءَ جي سند“ ۽ ”فقر جي ٽيٽيھن سلسلن جي اجازت“ ورتي. ”1747ع ۾ نادر شاھھ قتل ٿيو ۽ احمد شاھھ ابدالي خراسان ۽ سلطنت نادريءَ جي مشرقي ايراضين جو دعويدار ٿيو... سنڌ ھن جي ھٿان ۽ ھن جي جانشينن جي ھٿان جيڪي سختيون سٺيون ۽ پريشانيون ڏٺيون، انھن جو داستان خود نادر سفاڪ جي ڦرلٽ ۽ تباھھ ڪارين جي داستانن کان گھٽ دردناڪ نھ ھو.“ پر احمد شاھھ ابدالي پوءِ بھ ان اھل الله بزرگ، صاحب فقر و سلوڪ، حاجي شاھھ فقيرالله علويءَ جو ايڏو تھ معتقد خاص ۽ مريد صادق ھو، جو ھو ”سنڌ جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ شرط، جتي پيرن مان لاھي، پيرين اگھاڙو ھلندو ھو“ ! ڇو تھ اھو سندس ”مرشد جو وطن“ ھو! ۽ ان پنھنجي مرشد سڳوري جي ”پيرن جي پڻي تبرڪ! !طور پاڻ سان کڻي ھلندو ھو!“ سنڌ جي تاريخ ۾ مذھب ۽ سياست جي، يعني ايمان ۽ اقتدار جي، استبدادي ۽ استحصالي شراڪت جو اھو ڪو پنھنجي نوع جو واحد يا ڪو پھريون يا ڪو پويون مثال بھ ڪونھي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com