لڳ ڀڳ مني صدي ارغون ۽ سندن شريڪ ڪار ترخان قبيلي
جا مغل پنھنجي ھم مذھب سنڌ کي ائين لٽيندا ۽
ڪچليندا رھيا– ان وچ ۾ ھنن گوئا مان عيسائي
پورچوگيزن جو غنيم گھرائي بھ ٺٽي کي ڦرايو، شھر کي
باھھ ڏياري ۽ ماڻھن جو قتل عام ڪرايو. تان جو
1591ع
۾ سنڌ کي سڌيءَ طرح دھليءَ جي مغلن پنھنجي جاگير
شاھيءَ ۾ داخل ڪيو. دھليءَ جا مغل بادشاھھ سڀ پاڻ
کي ”غازي“ چوائيندا ھئا، ۽ مئي کان پوءِ ”جنت
مڪاني“ ”عرش آشياني“ ”خلد آستاني“ وغيرھ وغيرھ
سڏبا ھئا. انھن جي ڏينھن ۾ غلام سنڌ جي مسلمان خلق
جو ڪھڙو حال ھو، اھو بھ ٻڌڻ وٽان آھي. جھانگير
پنھنجي ”تزڪ“ ۾ پنھنجي ٺٽي جي نواب مرزا رستم لاءِ
لکيو آھي تھ ”ماڻھن سان ھن ايڏا ظلم ۽ تعديون
ڪيون، جو چؤطرف دانھن پئجي ويئي - ۽ ٻيون بھ ڪيئي
خرابيون ھن بابت ٻڌڻ ۾ آيون.“ ھڪڙي سندس مغل نواب
قوج عليءَ بابت، جيڪو بکر جي ماتحت ھڪ جاگير جو
حاڪم ھو، ”ذخيرت الخوانين“ ۾ ٻڌايل آھي تھ، ”ٻھ
ڪناھھ پاڻيءَ جا سدائين وٽس باھھ تي پيا ٽھڪندا
ھئا ۽ ڪوبھ چور يا ساڌ يا ٻيو ڪو ڏوھي بيڏوھي ھٿ
چڙھيس تھ ان جا ھٿ پير ٻڌي، انھن ڪڻاھن ۾ اڇلارائي
ڇڏيندو ھو، ۽ اھي اتي ئي رجھي پاھھ ٿي ويندا ھئا.
تقريبًا ھڪ ھزار کن ماڻھو ان پٽ جا ھن ائين ماريا.
ڪميڻپ ۽ بيپرواھيءَ ۾ ھن جو ٻيو مثال ڪونھ ھو.“
شاھجھان جي دور جي نواب احمد بيگ بابت، جنھن جي
راڄڌاني سيوھڻ ھو، ٻڌايل آھي تھ ھو ”بيحد سست،
نااھل ۽ نڪمو ماڻھو ھو.... ھن حڪومت جون واڳون
پنھنجي ھڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي
ڪري ڇڏيون ھيون، جو پنھنجي فطرت جي لحاظ کان بيحد
پست، ذليل، بي رحم ۽ بيھودو ماڻھو ھو..... ھو
ايترو سفاڪ ھو، جو حجاج بن يوسف جھڙو ظالم اظلم بھ
ھن جي اڳيان ادنيٰ شاگرد جي حيثيت رکندو ھو. ھن
پنھنجي ظلم ۽ ڪٺورتا سان سڄي صوبي کي ھيٺ مٿي ڪري
ڇڏيو ھو.... ھو ھر روز شھر جي بيگناھھ ماڻھن کي
جھلائي درا ھڻائيندو ھو... درن جي لڳندي لڳندي،
مظلومن جي کل لھي ويندي ھئي ۽ اڪثر ھو مري ويندا
ھئا. ائين ٻن ٽن سؤ بيگناھن جو مرڻ ھن لاءِ روزانو
معمول ھو... صوبي ۾ جنھن بھ ماڻھوءَ بابت خبر
پوندي ھيس تھ مالدار ماڻھو آھي، تھ ان تي ڪوڙيون
تھمتون رکي، پاڻ وٽ گھرائيندو ھو ۽ معمولي سوال
جواب کان پوءِ پھرين تھ ھن کي خوب درا ھڻائيندو
ھو. ان کان پوءِ ھن جو سڄو مال اسباب ضبط ڪري
وٺندو ھو. ھيءُ سندس سلوڪ رڳو مردن سان نھ ھوندو
ھو پر مالدار عورتن سان بھ اھائي ڪار ڪندو ھو...
سڄي علائقي ۾ جنھن وٽ بھ سٺو ۽ قيمتي اٺ ڏسندو ھو،
اھو زوريءَ ھن کان کسي، پنھنجي شترخاني ۾ داخل ڪري
ڇڏيندو ھو. رستن جي ھر لنگھھ ۽ درياءَ جي ھر پتڻ
تي ماڻھو بيھاري ڇڏيائين، جيڪي ھر ايندڙ ويندڙ تي
بي سبب ڏنڊ وجھي ۽ ھر قسم جا محصول مڙھي، پيسا پيا
ڦريندا ھئا. ايتري تائين، جو ھٿين خالي راھھ ويندڙ
ڪو ماڻھو بھ انھن کان ڇٽي نھ سگھندو ھو.... ھڪ ڳوٺ
کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃڻ لاءِ بھ راھداري وٺڻ ضروري
ھئي، جنھن لاءِ رپيا ادا ڪرڻا پوندا ھئا. رڳو ڪنھن
کي پنھنجي ڪنھن مائٽ جي مرڻ جي خبر ڏيڻ لاءِ ٻئي
ڳوٺ وڃڻو پوندو ھو، تھ اھو بھ سواءِ پيسن ڏيڻ ۽
راھداري وٺڻ جي ھڪ قدم بھ اتان ٻاھر رکي نھ سگھندو
ھو. درياءَ ۾ خالي ٻيڙين کان بھ محصول ورتو ويندو
ھو، سوداگرن جي ٻيڙين تي ھر طرح جون مصيبتون نازل
ٿينديون ھيون، ڪيترا ڏينھن بي سبب انھن کي روڪي
بيھاريو ويندو ھو تھ جيئن انھن جو قيمتي سامان
سيوھڻ ۾ ڪوڏين تي نيلام ٿي وڃي ۽واپاري تنگ ٿي
مرزا يوسف کي وڏيون وڏيون رشوتون ۽ ڳرا ڳرا تحفا
تحائف ڏيئي جند ڇڏائين.... سڄي ملڪ جي چورن ۽
ڌاڙيلن کي ھن پاڻ وٽ پناھھ ڏيئي بيھاري ڇڏيو ھو ۽
انھن ھٿان ھو ملڪ ۾ چوريون ۽ ڦريون ڪرائيندو ھو ۽
ڌاڙا ھڻائيندو ھو... بنگال مان ناليرا جواري
گھرائي، شھر جي چوواٽن تي بيھاري ڇڏيائين، جيڪي
راھگيرن جا نھ رڳو کيسا پيا خالي ڪندا ھئا، پر
انھن جي بت جا ڪپڙا بھ لھرائي ڇڏيندا ھئا. چوريءَ
۽ جوا جي آمدني ھر روز شام جو ”خزاني“ ۾ باقاعدي
حساب ڪتاب سان داخل ٿيندي ھئي. ھڪ ڀيري نئين قلعي
ٺھرائڻ جو ھن فيصلو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تھ شھر جا سڀ
ماڻھو پنھنجي سر پنھنجن مٿن تي سرون کڻي، گارو ۽
گچ ڪري، قلعي جي ڀتين جي اوساري ڪن – جيڪڏھن ڪي
بيمار، معذور يا پوڙھا پاڻ سان مزور وٺي ٿي آيا تھ
اھا ڳالھھ بھ مرزا يوسف کي قبول نھ ھئي – ھر ڪنھن
کي، پوءِ ھو ڪھڙيءَ بھ حالت ۾ ھو، پنھنجن ھٿن سان
پاڻ اھا بيگر وھڻي ھئي.... چغلخورن جو ھڪ وڏو ٽولو
ھن پاڻ وٽ رکيو ھو، جن کي ھو ”حقيقت دان“ سڏيندو
ھو ۽ اھي ملڪ جي گوشي گوشي ۾، خاص ھدايتن ھيٺ، ھر
ماني مڇيءَ واري ۽ عزت دار ماڻھوءَ کي ذليل ۽ خوار
ڪندا ۽ ڪرائيندا رھندا ھئا. فصل پچڻ وقت مرزا يوسف
جا خاص ماڻھو ان جي ايتري وڌائي چڙھائي داڻي بندي
ڪندا ھئا، جو ھارين کي سڄو ان ڏيئي بھ ان مان
خلاصي ڪانھ ٿيندي ھئي، بقايا لاءِ کين اٽلو پنھنجو
چوپايو مال نيلام ڪرائڻو پوندو ھو – جيڪڏھن اھڙا
مجبور ۽ مظلوم آبادگار ڳوٺ ڇڏي پاڻ بچائڻ گھرندا
ھئا، تھ ھو انھن جي پٺيان گھوڙا ڊوڙائي، انھن جو
سڄو مال اسباب انھن کان ڦرائي وٺندو ھو.... مرزا
يوسف ملڪ جي چڱن ماڻھن کي ھڪٻئي جي خلاف ڀڙڪائيندو
ھو ۽ پاڻ ۾ ويڙھائيندو ھو، تھ جيئن ھڪ پاسي ملڪ جا
بااثر ماڻھو ڪمزور ٿين ۽ ٻئي پاسي ملڪ جي وحدت
قائم نھ رھي سگھي، تان تھ ملڪ تي ھو پنھنجي حاڪميت
مضبوط رکندو رھي. جيڪڏھن ڪي ماڻھو ھنن ظلمن کان
تنگ ٿي ملتان يا دھليءَ ڏانھن فرياد ڪرڻ لاءِ وڃڻ
جي ڪندا ھئا تھ اوسي پاسي جا نواب ۽ ننڍا وڍا
حاڪم، مثلا بکر، نصرپور، ٺٽي وغيرھ جا. انھن کي
واٽ تان جھلي واپس مرزا يوسف ڏانھن ڏياري موڪليندا
ھئا تھ ھو انھن جي خبر وٺي....“
سيوھڻ جي علائقي جي ھن ظلمستان جو ھيءُ بيان خود
اتان جي ھڪ سرڪاري واقع نويس، يوسف ميرڪ نالي،
مخفي طور قلمبند ڪيو، جنھن کي ھن پوءِ ”مظھر
شاھجھانيءَ“ جي نالي سان جون
1634ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏيئي مڪمل ڪيو، جنھن جو قلمي نسخو سندس ھٿ اکرن م
موجود آھي ۽ جيڪو ڇپجي پڌرو بھ ٿي چڪو آھي. سنڌ ۽
سنڌ جي ماڻھن جي ان دک ۽ بيڪسيءَ جي داستان کي
قلمبند ڪندي ڪندي، يوسف ميرڪ جي دل مان نيٺ ھڪ
دانھن نڪري ويئي، جا بھ سندس ڪتاب ۾ درج آھي ۽ ان کي ٿورن لفطن ۾ وطن جي غلاميءَ
تي ھڪ ازلي تبرا ھڪ پاسي ۽ وطن دوست رياست جي
بنيادي سماجي ڪارج جو ھڪ سچو ۽ جامع بيان ٻئي پاسي
شمار ڪري سگھجي ٿو- چوي ٿو:
”ڪار ملڪ بجائي رسيد ڪھ ملڪ ناپرسان و ملڪ بيدادان
و ملڪ بيڪسان شدھ. چون آدم لاملڪ گردند، ھزار گونھ
فساد،در دين و دنيا پيدا ميشود، چرا ڪھ مدار عالم
وابستھ ء معاش است.“
-ملڪ، دين ۽ دنيا، يعني رياست، مذھب ۽ تھذيب ۽
عالم جو يعني سماج جو مدار معاش (گذران، ان جي
وسيلن ۽ پيداوار) تي؛ يعني جڏھن ماڻھو پنھنجي
رياست کان محروم ٿي وڃن ٿا ۽ اھا وڃي اھڙن جي ھٿ
چڙھي ٿي، جيڪي انھن کان نھ پڇن ٿا ۽ نھ انھن جو
داد ڪن ٿا، ۽ ھو ان ۾ بيڪس بنجي وڃن ٿا، يعني سندن
گذر ۽ گذر جا وسيلا کانئن کسجي وڃن ٿا، تڏھن انھن
جو نھ دين سلامت رھي ٿو نھ دنيا – انھن جو مذھب ۽
تھذيب ٻيئي فساد ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا ۽ سندن سماج ھڪ
سچي پچي ۽ بنيادي نوع جي بحران ۾ وٺجي وڃي ٿو. ھو
زندگيءَ جي آزمائش – پنھنجي وجود جي آزمائش - ۾
اچي وڃن ٿا، ۽ ھنن جي اڳيان سواءِ پنھنجي نجات
لاءِ ڪامل جدوجھد ڪرڻ جي ٻيو رستو ڪونھ ٿو رھي،
تان جو ھو وري سماجي طور متحد ٿي، نئين سر مضبوط
ٿي، پنھنجي محب وطن قومي رياست قائم ڪري سگھن ۽ ان
جي پناھھ ۾ رھي ڪري، پنھنجي تھذيبي يعني ذھني ۽
معاشي خوشحاليءَ جي ماڻڻ لاءِ گھربل تخليقي ۽
پيداواري ڪم جي پوئواري ڪري سگھن.
پنھنجي محب وطن قومي رياست جي پناھھ ھيٺ خاص طرح ۽
ھونئن بھ پنھنجي منھن عام طرح، ڪو ملڪ، قوم يا
سماج تھذيب جي ميدان ۾ رڳو معاشي طور ڪيتري قدر
ڪوشش ۾ رڌل رھي ٿو، ان جا ڪجھھ مثال بھ اسان کي
پنھنجي تاريخ ۾ ملن ٿا.
احمد بيگ جي نوابيءَ ۾ سيوھڻ جي باغبان علائقي جي برباديءَ جو ذڪر ڪندي،
”مظھر شاھجھانيءَ“ جو مصنف يوسف ميرڪ لکي ٿو تھ
”سمن جي دور حڪومت ۾ (يعني ھڪ سؤ سال اڳ) ھيءُ
پرڳڻو آباديءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ڪمال درجي تي رسيل
ھو. مخدوم جعفر بوبڪانيءَ مرزا عيسيٰ ترخان کي
ٻڌايو ھو تھ جڏھن (پھريون ڀيرو)
921 ھھ ذي قعدھ (1515ع،
ڊسمبر) ۾ (ڄام نندي جي زماني ۾) شاھھ بيگ ارغون
قنڌار مان ھن علائقي تي چڙھائي ڪري آيو ھو، تڏھن
ھو ھڪ ھزار رڳو اٺ، جيڪي رات جو نارن ۽ ھرلن ۾ وھي
رھيا ھئا، سي زوريءَ اتان ڪاھي ويو. ان مان اندازو
لڳائي سگھجي ٿو تھ ھيءُ علائقو ٻين ڳالھين ۾ ڪيترو
نھ سائو ستابو ۽ آباد ھو.... (ان کان علاوھ) سنڌ
جي والي، ڄام نندي، جي ڏينھن ۾ ڇاڳلي نالي ھندو
وزير کي ڄام جي پٽيلي درياءَ خان سان گڏ سيوھڻ
موڪليو ويو ھو. جنھن ھتي اچي باراني پاڻيءَ تي
ساوھ واري واھھ کي وھايو ھو، جنھن جو پاڻي منڇر ۾
اچي گڏ پئي ٿيو. انھي ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاھن
واري رعيت پوک ڪندي ٿي آئي ۽ ان جي ڏاکڻي پاسي
بوبڪن جي ماڻھن گچ ۽ مانھن جي ڪٽ جي ملاوت سان پڪو
بند ٻڌي، ڪاڇي جي زمينن ۾ پاڻي پئي پڄايو، جنھنڪري
اتي (بھ) جام آبادي ٿيندي پئي رھي: انھيءَ ڪاڇي
واريءَ پوک تي ڏھون حصو ڍل وڌل ھئي، يعني جنھن مان
نو حصا رعيت کي ۽ ڏھون حصو سرڪار کي ٿي مليو: تڏھن
بھ ڄام نندي کي ھڪ لک خرار وصول پئي ٿيا.“ ان
ساڳئي سيوھڻ صوبي جي نوابي، وچ ۾ ارغونن – ترخانن
جي ستر کن سالن ۽ دھليءَ جي مغل تسلط جي ويھارو کن
سالن جي عرصي کان پوءِ،
1607ع ۾ جھانگير جي تخت نشينيءَ تي خود يوسف ميرڪ جي پيءُ
مير قاسم نمڪين کي ملي، يوسف ميرڪ جي پيءُ کيس
ھٿياربند سوارن جي ھڪ مضبوط جماعت ساڻ ڏيئي
اوڏانھن روانو ڪيو ۽ پاڻ ھڪ ٻن ڏينھن جي مفاصلي تي
پٺيان منزلون ڪندو ايندو رھيو. انھيءَ پنھنجي
سيوھڻ صوبي جي پھرئين سفر جي ڳالھھ ڪندي، يوسف
ميرڪ ٻڌائي ٿو تھ ”واٽ تان ايندي، جيڏانھن ٿي مون
نگاھھ ڪئي تيڏانھن مون کي ويراني ئي ويراني ٿي ڏسڻ
۾ آئي“ – ڄڻ وچ واري عرصي ۾ اتان ڪو راڪاس گھمي
ويو ھو. ان کان پوءِ وڌيڪ ويھارو کن سالن جي گذرڻ
بعد،
1628ع
۾، احمد بيگ جي نوابيءَ ۽ ان جي ظالم ڀاءُ مرزا
يوسف جي ڪارستانين جو ذڪر ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو
تھ، ”ملڪ جي برباديءَ جي حالت اتي وڃي پھتي ھئي،
جو چئن پنجن مھينن کان خود سپاھين کي خرچ پکو ڪونھ
ٿي مليو، جنھن ڪري (ڦرمار لاءِ) ڪيترا ڀيرا اھي
پنوھرن تي ڪاھي ويا، پر ڪامياب ٿي نھ سگھيا. پوءِ
جيڪو فصل قدرتي آفت جو شڪار ٿي چڪو ھو، تنھن تي
وڃي ھنن قبضو ڪيو، کين ڄڻ مفت جي ڪا مڏي ھٿ اچي
ويئي ھئي...، ھوڏانھن احمد بيگ پاڻ ڪو ھٿ پير ٿي
ھنيو ۽ کيس ڪٿان ڪجھھ ھٿ ٿي آيو، اھو وٽس پھچي ئي
پھچي، تيسين سڀ ڪجھھ لفنگ ماڻھو کڻي ٿي ويا...
جيڪي ڪجھھ وڳوڙين جي ور ٿي چڙھيو، انھن جو ٿي ٿي
ويو.....“ ڇھھ سال پوءِ ڪتاب جو خاتمو ڪندي، يوسف
ميرڪ ٻڌائي ٿو تھ، ”انھيءَ احمد بيگ جي ايامڪاريءَ
۾ جيڪي وستيون ويران ٿي ويون، سي اڃا تائين اسري
نھ سگھيون آھن.“ سمن جي وطن دوست راڄ جي ڏينھن جي
ڳالھھ ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو تھ، ”جيڪڏھن واقعي
رعيت خوشحال ٿي، پوريءَ محنت سان پوکي راھيءَ ۾
لڳي وڃي، مٿس ڪوبھ ظالم حاڪم مسلط نھ ھجي تھ ھڪ ھڪ
ماڻھو، جيڪو زور زبردستيءَ سان دل من ھڻندي، رڳو
ڏھھ جريب آباد ڪري سگھي ٿو، سو پنجن سون کان ھزار
جريبن تائين بلڪ ان کان بھ وڌيڪ آبادي ڪندو ۽ ڍل
ڀريندو... جيڪڏھن رعيتي سکيا ستابا آھن ۽ کين
ڀروسو آھي تھ اھي پنھنجي وس آھر درياءَ مان واھڙ
ڪڍي، انھن کي پري پري وارن پٽن تائين پھچائي، زمين
آباد ڪري ٿا سگھن، جتي ماڻھو، مرونءَ ۽ پکيءَ جو
پاڇو بھ ڪڏھن نھ پيو ھجي.... مون خود پنھنجي اکين
سان اھڙو مشاھدو چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪيو ھو: مير ابڙي
نالي اتان جي ھڪ زميندار، ننڍي درياءَ جيڏو ھڪڙو
وڏو واھھ درياءَ مان ڪڍائي پري پري نيئي، سڃا پٽ
آباد ڪري ڇڏيا ۽ اتي نوان شھر ٻڌايائين، جتي پکين
۽ حيوانن انسانن جي شڪل نھ ڏٺي ھئي – ائين ھن
”جوڳي“ ۽ ”منھھ“ نالي شھر ٻڌايا: ساڳيءَ طرح نندي
ابڙي ”پوپٽي“ نالي ۽ شاھھ عليءَ، جيڪو ابڙن جو پير
ھو ۽ پاڻ کي مھدي چوائيندو ھو، ”ڪوتل“ نالي شھر
ٻڌايا. ائين ابڙن، سانگين ۽ سميجن مان ھر ماڻھوءَ،
جيڪي ھن پرڳڻي جا رھاڪو ھئا، ننڍا ننڍا ڪڙيا
کڻائي، غير آباد پٽ آباد ڪيا ۽ نوان نوان ڳوٺ
اڏيا. تان جو بکر ”ملڪ“ جي ان علائقي جي جمعبندي
ھڪدم
12 لکن مان وڌي، ٽيھارو، چاليھارو لکن ”تنڪن“ تائين پھچي
ويئي.“ ۽ اھو سڀ انھي ڪري ٿيو، جو ”ماڻھن کي ڪجھھ
وقت لاءِ ھڪڙي ماڻھپي واري نواب (محمد علي بيگ
بندريءَ) جي زير حڪومت رھڻ جو موقعو مليو.“
*
(وڌيڪ پڙهو) |