مددي ڪتاب
1.
”تاريخ معصومي“ (سنڌي
ترجمو: مخدوم امير احمد)، سنڌي ادبي بورڊ.
2.
”تحفھ الڪرام“ (سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد)،
سنڌي ادبي بورڊ.
3.
”مظھر شاھجھاني“، ميرڪ يوسف، بتصحيح و مقدمھ و
حواشي پير حسام الدين شاھھ راشدي، سنڌي ادبي بورڊ.
4.
”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ ، ميان نور محمد
ڪلھوڙو بتحقيق پير حسام الدين شاھھ راشدي، سنڌي
ادبي بورڊ.
5.
”تاريخ سنڌ، عھد ڪلھوڙا“ (ٻھ جلد)، غلام رسول
”مھر“.
6.
”شاھھ عنايت شھيد جي سوانح جا ماخذ“ پير حسام
الدين شاھھ راشدي، ”نئين زندگي“ ماھنامو، شاھھ
شھيد نمبر –
1970ع.
7.
”شاھھ عنايت الله شھيد ۽ سندن سھيوڳي ۽ ھمعصر“ ،
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ايضا.
8.
”شاھھ شھيد عنايت الله صوفي“ ، ڊاڪٽر دائودپوٽو،
ايضا.
9.
”شاھھ شھيد صوفي“، محبوب علي چنو، ايضا.
10.
”بياض ھاشمي“ (قلمي)، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي.
11.
”پيغام لطيف“، جي ايم سيد.
12.
”شاھھ“،
(2)
”سچل“،
(3)
”سامي“، ڪلياڻ آڏواڻي.
13.
”سامي جا سلوڪ“ (ٽن جلدن ۾) بي.ايڇ. ناگراڻي.
14.
”شاھھ جو رسالو“، ڪلياڻ آڏواڻي.
15.
”رسالو سچل سرمست“، عثمان علي انصاري.
16.
”رود ڪوثر“ (اردو)، محمد اڪرام.
17. “Shah Abdul Latif of Bhit”, H.T.Sorley.
18. “Sind and Its Sufis”, J.p.Gulraj.
19. “Sind Before the Muslim Conquest”, H.T.Lambrick.
20. “Reflections on History”, Jacob Burckhardt.
21. “Poetics and Rhetoric”, Aristotle.
22. “To the Nations”, Paul Richard.
23. “Partriotism in Literature”, John Drinkwater,
24. “Crops in Sindh”, A.W.Khoso.
لاڳاپيل ڪي مضمون
مصنف جا لکيل
1.
”اسين ۽ شاھھ“ (1977ع)
2.
”نئون نياپو“ (1982ع)
3.
”سنڌ ۽ سنڌيت“ (1985ع)
4.
”سنڌ منھنجي خوابن جي“ (1987ع)
5.
Sindh And the Message of Shah (1984)
اسين ۽ شاھھ
شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو متبرڪ ۽ دنيا
جو عظيم انسان ھو. سنڌ لاءِ شاھھ جو پيغام اتحاد ۽
عمل جو پيغام آھي. ماڻھن جي اتحاد ۽ عمل سان ماڻھن
جون قسمتون ٺھن ٿيون. اتحاد ھر حالت ۾ ڪنھن مقصد
لاءِ ٿيندو آھي. ماڻھن، سماجن ۽ قومن جي اتحاد جو
مقصد اجتماعي مفاد ھوندو آھي. اجتماعي مفاد لاءِ
انفرادي ۽ گروھي مفاد قربان ڪرڻا پوندا آھن. اڄ جي
وسيع آبادين واريءَ ۽ علم ۽ ھنر سان ڀريل دنيا ۾
سماج يا قوم جو اجتماعي مفاد معنيٰ ان جي اڪثريت
جو مفاد. جيئن دنيا جي ٻين ھنڌن تي تيئن اسان وٽ
سنڌ ۾ بھ اڪثريت پورھيت ماڻھن جي آھي – ھارين،
مزورن ۽ ڪمين ۽ ڪاسبين ۽ ٻين انيڪ پورھيتن جي.
ڪمائيندڙ ۽ اپائيندڙ اھي آھن، ۽ ميڙيندڙ ۽ کائيندڙ
ٻيا آھن، جيڪي تمام ٿورا آھن. شاھھ سائينءَ پنھنجي
رسالي ۾ گھڻي ۾ گھڻو ذڪر بھ انھيءَ اڪثر عوام جو
ڪيو آھي، يعني ھارين ۽ ھٿ پورھيتن جو – ڪاتارن،
ڪورين، لوھارن، واڍن، ڪنڀرن، مھاڻن ۽ ٻيڙيائتن،
اوڏن، اوٺين ۽ ڍور ڌڻين جو، پنھنجن عام ماروئڙن،
سانگين ۽ سنگھارن جو. تنھنڪري، شاھھ سائينءَ جو
پيغام اسان لاءِ اڄ بھ اھو ئي آھي تھ اسين پنھنجي
گڏيل ۽ وڏي مفاد لاءِ، يعني سنڌي سماج جي اڪثريتي
مفاد لاءِ، پنھنجا الڳ الڳ، ننڍا ۽ محدود مفاد
وساري، پاڻ ۾ متحد ٿيون – گھڻن جي مفاد لاءِ گھڻن
جي ٻڌي، اڪثريت جي مفاد لاءِ اڪثريت جو اتحاد قائم
ڪريون. ڇو تھ ڦريل ۽ محروم، ڏاڍ جا شڪار ۽ ڏکويل
اھي آھن، ۽ پنھنجي دکي حالت کي بدلائڻ لاءِ اھي ئي
پاڻ ۾ گڏبا ۽ متحد ٿيندا، ۽ عمل لاءِ اٿندا ۽
جدوجھد ڪندا.
ڏکيون جان نھ مڙن، تان تان ڀنڻ نھ ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙھا ڳل سندن،
ٻيون ھنئن ئي ھٿ ھڻن، روئنديون روئڻ واريون.
”بندر جان ڀئي، تھ سکاڻئا م سمھو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجھھ مھي،
ايڏو سور سھي، ننڊ نھ ڪجي ناکئا.
”ھڻڻ ھڪلڻ، ساٿي سارڻ مانجھيان ايءُ مرڪ،
وجھن ڪونھ فرق، رڪ وھنديءَ راند ۾.“
(لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ”ڊبيٽنگ مخزن ۽
لطيف سوکڙي–
1977ع
: ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ينگ لياري
ويلفيئر سينٽر، ڪراچي،
1990ع).
نئون نياپو
(شاھھ جي رسالي جي انتخاب
”ٻارن
جو شاھھ“
(1982ع) – لاءِ لکيل مھاڳ)
سنڌ جو شاھھ، سنڌ جي سڀني ماڻھن جو شاھھ آھي – زالن جو ۽ مردن
جو، پڙھيلن جو ۽ اڻپڙھيلن جو، شھرين جو توڙي
ٻھراڙيءَ وارن جو، وڏن جو توڙي ننڍن جو. سنڌ جا
اڪثر مسلمان شاھھ جي ”رسالي“ کي قرآن ۽ اڪثر ھندو
”گيتا“ سمان سمجھن ٿا. شاھھ جو رسالو ھو جڏھن پڙھن
ٿا يا ٻڌن ٿا، تڏھن اھو کين ڏاڍو وڻي ٿو ۽ ان مان
کين بيحد فائدو ٿئي ٿو. سنڌ جي ماڻھن کي شاھھ
پنھنجو ”رسالو“ ڏنو ئي انھيءَ لاءِ آھي تھ اھو
سندن روح جي راحت بڻجي ۽ کين فائدو رسائي. اھو
سندس ”پيغا۾“ يا ”نياپو“ آھي، جو پاڻ سنڌ جي سڀني
ماڻھن کي ڏنو اٿن. ”رسالو“ لفظ جي معنيٰ ئي اِھا
آھي. پاڻ ئي پنھنجي ”رسالي“ جي اھا معنيٰ ڪئي اٿن،
بلڪ ان کي سڏيو ئي ”نئون نياپو“ اٿن.
”نئون نياپو آئيو، راڻي ملا رات،
”لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
”ڪھڙي پڇين ذات، جي آياسي اگھيا.“
(شاھھ)
”جي آيا، سي اگھيا“ – ذات جي، دعوائن جي، ٺلھن نعرن ۽ ٺلھين
ڳالھين جي ڪا قيمت، ڪا پھچ يا ڪو نتيجو ڪونھي:
”ڏات نھ آھي ذات تي، جو وھي سو لھي؛ جن لوچيو تن
لڌو؛ جي پڇن سي پائين؛ جي ھليا سي رسيا؛ جھڙو عمل
تھڙو ڦل – ليس ل الانسان اليٰ ما سعيٰ –
No pain,no gain – ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري.“ – ڪم، ڪم، ڪم – جاکوڙ ۽
جدوجھد، لاڳيتي، اکٽ ۽ منھائتي (مقصد ڏانھن نيندڙ،
صالح) جدوجھد:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھھ، ڪانھي ويل وھڻ جي،
”متان ٿئي اونداھھ، پير نھ لھين پرينءَ جو.“
(پرينءَ جو پير : مقصد جو پتو يا سڃاڻپ.)
اِھو آھي شاھھ جو رسالو، اِھو آھي شاھھ جو نياپو، نئون نياپو –
سنڌ جي سڀني ماڻھن لاءِ، زالن، مردن، پڙھيلن، اڻ
پڙھيلن، شھرين، ڳوٺاڻن، ٻڍن، ٻارن، سڀني لاءِ -
سوچ ۽ لوچ جو پيغام، عمل جو پيغام:
والعصر ان الانسان لفي خسر ال الذين آمنو، وعمل الصالحات وتواصو باالحق وتواصو باالصبر.
(قرآن)
(يعني سچ پچ تھ انسان پنھنجي دؤر، پنھنجي سماج، ۾ دکي آھن: انھن
جو ھڪڙو ئي فرض آھي تھ پنھنجي ان سماج جي بھتر ۽
سکئي آئيندي تي ايمان رکن ۽ ان لاءِ جوڳو عمل ڪن ۽
ان رستي تي سچائيءَ ۽ صبر سان گڏجي اڳتي وڌندا
رھن.)
”پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
”دارون ھن درد جو ڏاڍو ڏسيائون،
”آخر والعصر جو اينھين اتائون،
”نھان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.“
(شاھھ)
(عشق جو اسباب
=
جيئڻ جو راز. ڏاڍو دارون
=
سخت... ڪوشش، تز عمل. العصر
=
ھلندڙ دؤر يا سماج. آخر
=
ان جو آئيندو. سلام لاءِ سڪڻ
=
ٺلھي سڌ ڪرڻ، دعوى ڪرڻ، عمل نھ
ڪرڻ.)
”سڪين ڪھھ سلام کي، ڪرين ڪھھ نھ سلام؟
”ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.“
(شاھھ)
(سلام ڪرڻ
=
عمل ڪرڻ، جاکوڙ ڪرڻ. ايءُ در
=
عمل جو در، جدوجھد ۽ جاکوڙ جو
رستو.)
وقت گذرڻ ۽ حالتن بدلجڻ سان ”لفظ“ پراڻا ٿي وڃن ٿا، انھن تي دز
چڙھي وڃي ٿي، ۽ اھي پنھنجي معنيٰ ۽ اثر وڃائي ٿا
ويھن – انھيءَ ڪري، اصل ڳالھھ کي، اصل نياپي کي،
نون نون لفظن ۽ نئين نئين ڍنگ ۾ بيان ڪرڻ ۽ ٻڌائڻ
ضروري ٿئي ٿو : ھر دور جي حالتن ۽ تقاضائن مطابق
ان دور جي ٻولي ۽ اصطلاح پنھنجا ٿين ٿا – تنھن کان
سواءِ ھر قوم ۽ ملڪ جي خود ٻولي بھ پنھنجي ٿئي ٿي،
جنھن ۾ ھو پنھنجي ماحول کي سمجھن ٿا ۽ سمجھائين ٿا
۽ ان جي ڀلي ۽ بُري بابت سوچين ويچارين ٿا –
”ھنديان را اصطلاح ھند مدح، سنديان را اصطلاح سند
مدح!“
انھيءَ خيال کان شاھھ جو ”نئون نياپو“ سنڌ جي ماڻھن لاءِ، سنڌ
جي سڀني ماڻھن لاءِ، تمام وڏو، بنھھ بيمثل ۽ املھھ
تحفو آھي، ۽ ان کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسڪ،
(Classic)
چئجي ٿو – جنھن جي معنيٰ آھي
”فرسٽ ڪلاس“
(First Class) يا اول درجي جي اعليٰ چيز“. ھڪڙي انگريزي ٻوليءَ جي
شاعر ادب ۾ ”ڪلاسڪز“ جي وصف ھيئن ڪئي آھي:
In whom is plainest taught and easiest learnt,
What makes a nation happy and keeps it so.
(يعني، ”ڪلاسڪ“ اھا تصنيف يا اھو ڪتاب آھي، جيڪو
صاف سڌو سيکاري ٿو ۽ جنھن مان سولو سکجي ٿو – اھو
ڪجھھ، جنھن سان قوم خوشي حاصل ڪري سگھي ٿي ۽ خوشي
ماڻي سگھي ٿي.)
”شاھھ جو رسالو“ سنڌ جي سڀني ماڻھن لاءِ
بلڪل اھڙي ھڪ اعليٰ درجي جي ڪلاسڪ آھي، جنھن مان
اسين، سڌيءَ طرح ۽ پوريءَ آسانيءَ سان، پنھنجي
وجود جي بقا ۽ ان جي خوشحالي، آبرو مندي ۽ بھتر
مستقبل جي تعمير جا سبق سکي سگھون ٿا.
شاھھ جي رسالي جي ھيءَ بھ ھڪ تعريف ۽ اسان سان ان جي سٻنڌ جي
اھا بھ ھڪ نشاني آھي تھ اھو اسين ڳائي سگھون ٿا ۽
عام جام ڳايون بھ ٿا. علامھ آءِ. آءِ. قاضي مرحوم
جي چوڻ موجب، شاھھ جي رسالي جي اھا ھڪڙي اعليٰ
خوبي آھي تھ ان جو ھر بيت، ھر وائي ۽ وائيءَ جي ھر
سٽ ڳائي سگھجي ٿي. ائين اسان وٽ شاھھ جو رسالو جر
جھنگ ڳائجندو رھي ٿو. سنڌ جي سڀني ماڻھن، زالن
توڙي مردن، ٻڍن توڙي ٻارن، سڀني لاءِ اھو ڄڻ ھڪ
پورو گيت آھي، جو سدائين سندن ڪن ٻڌڻ لاءِ ۽ سندن
دليون پھڻ لاءِ تيار ھونديون آھن. انگريزي شاعر،
بَئري ڪارن ويل
(Barry Cornwell)،
گيت
(Song)
جي وصف ڪندي، چوي ٿو:
”گيت اھو جنھن مان عطر جي ۽ گلن جي خوشبو اچي،
”گيت اھو، جو درياءَ جيان وھندو ھلي،
”گيت اھو، جو نرمل نظارا ۽ گھڙيون ياد ڏياري –
”جن ۾ دل ڪڏھن ٽٻي ڏيئي، ڀرجي، اٿلي پئي ھئي.
”گيت اھو، جو نيچ خيالن کان ڇڏائي،
”گيت اھو، جو ڏک اسان جو گھٽائي،
”گيت اھو، جو دل اسان جي کي ڌوڻي ۽ ڇاڻي –
”جيئن ڪو محب وطن پيار مان ڪنھن کي ڌڪ ھڻي جاڳائي.
”گيت اھو، جو فرض ياد ڏياري،
”نرٻل کي ٻلوان ڪري ۽ ٻلوان کي سورمو بڻائي،
”۽ ھر سچ ۽ سونھن جي عمل تي –
”چمڪندڙ ستارن جو تاج بڻجي بيھي.
شاھھ جو رسالو سنڌ جي ماڻھن لاءِ سدائين انھيءَ اعليٰ قسم جي
اول درجي جو ھڪ اعليٰ گيت رھيو آھي.
پر افسوس، جو پنھنجي ھن اعليٰ پيغام کي، پنھنجي ھن جيءَ - جيار
قومي گيت کي اسان وڏن پاڻ بھ پنھنجي ھنئين جي ڪنن
سان ٻڌڻ ڇڏي ڏنو آھي، ۽ ان کي پنھنجن قومي وارثن
يعني پنھنجن ننڍن تائين پھچائڻ ۽ انھن کي ٻڌائڻ ۽
سمجھائڻ ۾ بھ وڏي ڪوتاھي پئي ڪئي آھي. ھڪ تھ اسان
جو تعليمي سرشتو اھڙو ناقص سرشتو آھي، ۽ اسان جي
قومي وس کان ايترو ٻاھر بھ آھي، جو اسين پنھنجي
اولاد کي ان سرشتي ۾ رڳو پنھنجي ٻوليءَ جي پوري
ڄاڻ ۽ پنھنجي تھذيبي ورثي جي رڳي ڪا ھلڪي سڃاڻپ بھ
ڏياري يا ڪرائي نٿا سگھون. ۽ ٻيو تھ اسان جي محب
وطن اديبن ۽ عالمن جو بھ انھيءَ ضرورت ڏانھن خير
ڪو ڌيان رھيو آھي تھ جتي اسين پنھنجي ادب ۽ تھذيب
جي جياپي ۽ واڌاري لاءِ خانگي ڪوششون ڪندا ٿا رھون
اتي پنھنجن پيڙھائتن اعليٰ شاعرن جي پيغام کي ۽
انھن کان عطا ٿيل قومي گيتن کي پنھنجي نئين نسل
تائين پھچائڻ ۽ انھن جي دلين ۾ ويھارڻ جي بھ اسان
کي ئي ڪوشش ڪرڻي آھي ۽ ڪرڻ کپي.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان، محترم انور ھالائي صاحب جو ھي
ترتيب ڏنل ”ٻارن جو شاھھ“، جيڪو بين الاقوامي ٻارن
جي سال (1979ع)
جي سلسلي ۾ ٻارن جي ھڪ سنڌي ڪتاب طور شايع ٿي رھيو
آھي، پنھنجي نوع جي پھرين ڪوششن مان ھڪ ڪوشش شمار
ڪري سگھجي ٿي – جنھن لاءِ سنڌ جي محب وطن پڙھيل
شھرين جي ھيءَ جماعت ۽ ان جي لائق اڳواڻن ۽ ڪارڪنن
سان گڏ محترم ”انور“ ھالائي صاحب جا بھ اسان کي
دلي ٿورا مڃڻ گھرجن. ھيءَ تصنيف ”ٻارن جو شاھھ“ –
ان جي چونڊ، ترتيب ۽ پيشڪش – ڪيتري قدر اسان جي
ٻارن کي اسان جي اعليٰ قومي شاعر جي اعليٰ پيغام ۽
اعليٰ گيت سان سڃاڻپ ۽ پنھنجائپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيندي، ان بابت راءِ خود ان جي پڙھندڙن، وڏن توڙي
ننڍن، تي ڇڏي، آءٌ ھن ڪتاب سان واسطي رکندڙ پنھنجن
سڀني عزيز ساٿين کي مبارڪ ٿو پيش ڪريان، جو انھن
رڳو ان پنھنجي بنيادي قومي ضرورت ڏانھن ڌيان تھ
ڏنو – تھ اسان کي پنھنجو تھذيبي روح ۽ ان جي سڳنڌ
ائين پنھنجن قومي وارثن، آئيندي جي مائرن ڀينرن،
يعني پنھنجي اولاد، جي روح ۽ سندن روح جي سڳنڌ سان
ملائي ان جو حصو بنائڻو آھي ۽ ائين ان جو انھن کي
وارث ۽ رکوال بنائڻو آھي –
”ڪرھو ڪيسر آءُ، پسو واڳ ولاڙيو،
”ٻيٽو ٻاپ ملاءُ، ذرو ضايع نھ ڪري.
”ٻيٽو پايان وترو، ڪرھو ڪسير پس،
”آپ ڇپائي پر ماري، ذات سينھان جي جس،
جت وڄي دمامن دس، مٿي آرڻ اسري.“
(شاھھ)
شال ائين ٿي سگھي ... شال اسين ائين ڪري سگھون.
حيدرآباد، سنڌ.
1979-8-31ع.
|