سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :10

 

شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جا سال (1850-1689ع) سنڌ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ جا انتھائي اھم ۽ بنيادي طور بحراني سال ھئا. انھي دور ۾ سنڌي سماج پنھنجي اجتماعي وجود جي بحاليءَ ۽ بقا جي جدوجھد ۾ مصروف ھو. پر افسوس، ان جدوجھد جي ڪاميابيءَ جو لازمي شرط، يعني قومي اتحاد، سنڌي سماج کي نصيب ٿي نھ سگھيو. ان جو وڏو سبب سنڌي سماج ۾ اقتدار لاءِ اندروني ڪشمڪش ۽ گروھي تصادم تھ ھو ئي، پر ان جو اوترو ئي وڏو ڪارڻ مذھب پڻ ھو. سنڌي سماج جي ھنن ٻن اندروني آزارن ان کي جيئن اڳي تيئن ان دور ۾ بھ، نھ رياست بنجڻ ڏنو ۽ نھ قوم.

اڪثريت جي مذھب جي ڪثير تعبيرن نھ رڳو ان اڪثريت جي اعتقادي يڪسوئيءَ کي تباھھ ڪيو، پر انھن ۾ وطن دشمنيءَ ۽ قومي غداريءَ جي حد تائين بھ فرقا پيدا ڪيا. اقليت سان مذھبي رويي جو حال ھيءُ ھو، جو ”لا اڪراھ في الدين“ ۽ ”لڪم دينڪم واليدين“ جھڙن عظيم مصالحتي اصولن جي سامھون ھوندي بھ رڳو ”رسو“ چوڻ وارن کي بھ ”رسي ۾ ٻڌي ڇڏڻ“ لاءِ خلق تيار ٿيو بيٺي ھئي. حڪمران اڪثريتي مذھب وارن وٽ لفظ ”واڻيو“ تڏھن بھ حقارت ۽ خواريءَ طور ”ھندو“ لاءِ ڪم ايندو ھو. شاھھ جي زندگيءَ واري دور جو ھيءُ واقعو (”بياض ھاشميءَ“ ۾ ڏنل) آھي تھ 1157 ھھ (مطابق 1744ع ۾ ھڪ ھندو ٻالچند نالي مسلمانن سان ڳالھائيندي، جواب ۾ چئي ويٺو تھ ”آءٌ واڻيو نھ آھيان.“ بس پوءِ تھ ھن لاءِ نسوري قيامت قائم ٿي ويئي – چي، ”ان طرح ھن ھندو ھجڻ کان انڪار ڪيو آھي ۽ ان ڪري مسلمان ٿي پيو.“ ھن ويچاري گھڻيون دانھون ڪوڪون ڪيون، پر سڀ بيسود. مٿس شاھد تيار ٿي ويا، ۽ مسئلي جو فيصلو قاضين ۽ مفتين آڏو پيش ٿيو. ٺٽي جي مخدوم ضياء الدين، مخدوم حاجي محمد ھاشم، شيخ عطاءُ الله مفتي، شيخ عنايت الله مفتي ۽ شيخ محمد عارف مفتي، نصرپور جي شيخ عزت الله مفتي ۽ مخدوم عبدالخالق، نوشھري جي مخدوم ابو المعالي، گھاري جي مخدوم عبدالرحيم، ڪوٽڙيءَ جي مخدوم محمد عاقل، ۽ کاھي راھوءَ جي مولوي محمد ڪامل يڪراءِ فتويٰ ڏني تھ ”ٻالچند مڃي يا نھ مڃي، پر ھو انھن اکرن چوڻ ڪري مسلمان ٿي پيو ۽ ھن تي اسلام جا احڪام جاري ڪيا ويندا – انڪار جي صورت ۾ ھن کي مرتد شمار ڪيو ويندو، جنھن جي سزا قتل آھي.“ ٻيو ھڪڙو اھڙو ئي واقعو شاھھ جي زندگيءَ واري دور جو ئي (ساڳئي انھيءَ بياض ۾ آيل) آھي تھ 1159 ھھ (مطابق 1746ع) ۾ ٻن ماڻھن ٺٽي جي عالمن ۽ قاضين آڏو ھڪ ھندو عورت بابت اھا شاھدي ڏني تھ ان احمد نالي ھڪ مسلمان سان تکو ڳالھائيندي، ھن کي بي ايمان سڏيو، جنھن تي احمدکانئس پڇيو تھ، ”ڇا، تون ايمان رکين ٿي؟“ جواب ۾ مائيءَ سنڌي ۾ چيو تھ، ”ھا، اسين ايمان ٿا رکون.“ ھاڻي سوال اھو اٿيو تھ، ”اھا ھندو مائي ان جملي چوڻ ڪري مسلمان ٿي ويئي يا نھ؟“ عالمن جواب ڏنو تھ ”ھا، ھندواڻي (ذميھ) ان جملي چوڻ سان مسلمان ٿي پيئي – حاڪمن تي لازم آھي تھ ھيئن شاھدن جي شاھديءَ تي ان عورت مٿان اسلام جا احڪام جاري ڪيا وڃن.“ مذھبي ڦيٽاڙي ۽ ڌڪار جا ھي ٻھ ڪي خاص مثال نھ آھن. ”بياض ھاشمي“ ۽ ٻيا اھڙا ان دور جي فتوائن جا بياض اھڙن ڪيترن ئي مثالن سان ڀريل آھن ۽ اھا صورتحال رڳو سنڌ جي يا رڳو ان دور جي بھ نھ ھئي. ان کان بھ اڍائي سؤ سال کن اڳي، سنڌ جي سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (دور حڪومت : 1507-1460ع) جي ھمعصر شمالي ھندستان جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ جي دور متعلق ”طبقات اڪبري“ ۾ آيل آھي تھ ”ھڪڙو برھمڻ ٻوڌن نالي ڪانير شھر ۾ رھندو ھو. ھڪ ڏينھن ڪن مسلمانن جي اڳيان اقرار ڪيائين تھ ”اسلام سچو آھي ۽ منھنجو ڌرم پڻ صحيح آھي.“ (اسلام حق است و دين من نيز درست است.) ھن جو اھو گفتو ڪنھن طرح عالمن جي ڪنن تائين پھتو، جن مان لکنوتيءَ جي رھندڙ ٻن مولوين قاضي پياري ۽ شيخ ٻڍي وٺي کڻي ڳالھھ کي کنيو ۽ ھو سڌو اتان جي نواب اعظم ھمايون وٽ ويا، جنھن ان ”جڻئي پائيندڙ“ (ٻوڌن) کي ساڻن گڏي، سلطان (سڪندر لوڌيءَ) ڏانھن (سندس گاديءَ جي شھر) سنڀل ڏانھن روانو ڪيو. ڇاڪاڻ تھ سلطان مذڪور کي عملي مذاڪرن سان ڏاڍي رغبت ھوندي ھئي، انھيءَ ڪري، ھن ناميارن علمائن کي ھر طرف کان گھرائي ورتو، جن ۾ ميان قادن بن شيخ خوجو، ميان عبدالله بن الله داد تلنبي، سيد محمد سعيد خان دھليءَ وارو ۽ سيد ميران بن سيد احسن قنوج وارو مکيھ ھئا ۽ ٻيا جملي علما جيڪي سدائين سلطان سان گڏ ھوندا ھئا، مثلا سيد صدرالدين قنوجي، ميان عبدالرحمان سيڪري وارو ۽ سنڀل جو ميان عزيز الله - اھي سڀ پڻ ان معرڪي ۾ شامل ٿيا. گھڻيءَ تحقيق کان پوءِ علمائن جو اتفاق ان تي ٿيو تھ ”ھن (ٻوڌن) کي ٻڌي (حبس ڪردھ) اسلام جي آڇ ڪئي وڃي“ ۽ جيڪڏ(قبولڻ کان) انڪار ڪري تھ ھن کي قتل ڪيو وڃي.“ قصو ڪوتاھھ، ٻوڌن اسلام قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ قتل ٿي ويو. سلطان پوءِ مذڪورھ علمائن کي انعام اڪرام ڏيئي، پنھنجي پنھنجي شھر ڏانھن وڃڻ جي موڪل ڏني...“ سنڌ ۾ ڪلھوڙن کان پوءِ ميرن جي دور حڪومت بابت، سچل ۽ ساميءَ جي وقت جي انگريز مصنف ڊاڪٽر جيمس بَرنس جا تاثرات پڻ اھڙيءَ ساڳيءَ صورتحال جي نشاندھي ڪن ٿا. ميرن جو ذڪر ڪندي، اھو انگريز ڊاڪٽر لکي ٿو تھ ”ھو فطرتا نيڪ، بامروت ۽ خوش خلق ھئا، پر مشرڪن جي باري ۾ سختيءَ کان ڪم وٺندا ھئا. لاڙ ۾ جيڪڏھن ڪنھن بدنصيب ھندوءَ کا ڪا معمولي ”خطا“ ٿيندي ھئي تھ ان کي جھلي، ڪلمو پڙھائي، طھرائي ڇڏيندا ھئا... ميرن جو ڏاڍ سڀ کان وڌيڪ سندن تبليغي سرگرمين مان ظاھر ٿئي ٿو. عقل ان ڳالھھ کي سمجھڻ کان قاصر آھي تھ ھندو ھن ملڪ ۾ ڇو رھيا پيا آھن؟ ان لاءِ فقط ھڪ سبب ٿي سگھي ٿو – جنم ڀوميءَ لاءِ سندن محبت ... ڪٿي بھ ٻھ مومن جيڪڏھن شاھدي ڏين تھ ھڪ ھندوءَ قرآن جون ڪي آيتون يا ڪلمو پڙھيو آھي، تھ اھا شاھدي ھن کي ھڪدم سنت تي ويھارڻ لاءِ ڪافي آھي...“ سنڌ جي تاريخ جي اھا ھڪ ثابت ٿيل حقيقت آھي تھ اھڙيءَ ئي ھڪ مذھبي ڪدورت واري روش سنڌ کي سيٺ نائون مل جھڙو ھڪ ”غدار“ پيدا ڪري ڏنو. ان سيٺ نائون مل کان ٽي صديون اڳ سنڌ جي آزاد قومي رياست خلاف، عقائدي اختلاف جي نتيجي ۾ ئي، سنڌ کي قاضي قاضن بھ نصيب ٿيو، جيڪو ھڪ ڌارئين حملھ آور، سنڌ جي قاتل دشمن شاھھ بيگ ارغون سفاڪ سان ھمنوائي ۽ سھڪار ڪرڻ تي آمادھ ٿيو. اھو ئي مذھب جو عقائدي اختلاف ھو، جنھن تي ڀروسو رکندي، اڪبر جي خونخوار سپھھ سالار عبدالرحيم کي سنڌ جي ڪن سجادن ۽ خانقاھ نشينن کان سنڌ کي غلام در غلام رکڻ ۽ سنڌ جي عام مخلوق کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ ڪھڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ دعائن گھرڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ھن کي انھن ڪمن لاءِ اھي دعائون ۽ دعائن سان گڏ مددون بھ مليون!

*

شاھھ، سچل ۽ سامي پنھنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر ھئا. ھنن کي ان جي دک ۽ ان جي امنگ جي خبر ھئي. ھنن ان جي امنگ جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي دک جو علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي ھڪ آزاد ۽ باعزت سماج ٿي رھڻو ھو. ان مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم ٿيڻو ھو. ان کي دوئيءَ جي بدران وحدت جي ضرورت ھئي. ان ۾ پنھنجي اجتماعي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو ھو. ان ۾ فرد ۽ گروھھ جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان ٿيڻ سکڻو ھو، يعني ان جي سڀني انفرادي غرضن کي گھٽجي ھڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي ھئي – تھ جيئن گھڻي ۾ گھڻا مفاد ۽ گھڻي ۾ گھڻيون خود پسنديون ان ۾ سمائجي وڃن ۽ راضي ٿين، ۽ نيٺ پنھنجو وجود ان ۾ گم ڪري ڇڏين. ان جي بھتر شھرين ۾ فرض جو احساس جاڳڻو ھو، جنھن کي وطن دوستيءَ يا قوم لاءِ قربانيءَ جو جذبو چئبو آھي، ۽ جيڪو ھر باشعور قوم ۾ ھڪ نسلي خوبيءَ طور موجود ھوندو آھي. اھو رواجي طرح تھ ٻين سڀني کان علحدگيءَ جو جذبو ھوندو آھي جيڪي پنھنجا نھ ھوندا آھن، پر تربيت پاتل ذھنن ۾ اھو ڪنھن جامع مقصد سان وفاداريءَ يا وابستگيءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيندو آھي. سنڌي سماج کي تاريخ ۾ پنھنجي لاءِ اعليٰ مقصد جي حاصلات جو فرض قبولڻو ھو – انساني تھذيب جي ھڪ خاص نموني طور، پنھنجي مخصوص تھذيب جي حفاظت ۽ ترقيءَ جو مقصد، جيڪا ان جي پرعزم دفاع ۽ اجتماعي حمايت کان سواءِ ڊھي سگھي ٿي ۽ ڳري ڳري خسيس درجي کي پھچي سگھي ٿي. ان کي پنھنجي بقا جي حق ثابت ڪرڻ لاءِ پنھنجي سگھھ ۽ صلاحيت قائم رکڻي ھئي – ڇاڪاڻ تھ ٺلھيءَ صلح – جوئيءَ سان قومون ڪنھن بھ مقصد ڏانھن وڌي نٿي سگھيون، بلڪ اڪثر رڳو ڏاڍن ۽ بدمعاشن جو لقمو ٿي سگھيون ٿي ۽ ٿي ويون ٿي. ان کي اندروني امن ۽ اتحاد لاءِ قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم رکڻي ھئي ۽ مختلف نظرين ۽ خيالن کي تصادم ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ سھپ ۽ رواداريءَ جي فضا اڀارڻي ۽ سدا موجود رکڻي ھئي. سنڌي سماج ۾ نئين انسان جي تعمير ٿيڻي ھئي- اوچي پد واري انسان جِي، جنھن جا آدرش اوچا ھجن، ويچار اوچا ھجن ۽ عمل بھ اھڙا اوچا ھجن؛ جيڪو محبت، مروت، رواداريءَ، صبر، حوصلي، ھمت، ايثار ۽ اورچائيءَ جو مالڪ ھجي؛ جيڪو پراپڪاري، امن پسند، خير ڪندڙ ۽ خير گھرندڙ ھجي؛ جيڪو محب وطن ھجي، فرض شناس ھجي، ۽ پنھنجي آزاد، ڪشادھ دل ۽ باعزت سماج ۾ آزاد، پرخلوص ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو لائق ھجي. شاھھ، سچل ۽ ساميءَ پنھنجي وطن عزيز ۾ اھڙو ھڪ سماج ٺاھڻ گھريو ٿي ۽ ان ۾ اھڙي ھڪ اعليٰ انسان جي تربيت ڪرڻ گھري ٿي.

*

سنڌ جا ھي عظيم شاعر مذھبي ماڻھو ھئا. خاص طرح انھيءَ معنيٰ ۾ تھ ھنن پنھنجي پيغام لاءِ مذھبي اصطلاح کي پڻ ڪم ۾ آندو آھي، پر ھنن اھو پيغام سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ڏنو آھي، جن کي ان جي ضرورت ھئي. شاھھ ۽ سچل کي ڪافي ڪجھھ اسلام سمجھائڻو ھو ۽ ساميءَ کي ڪافي ڪجھھ ھندو ڌرم؛ ۽ ٽنھي کي خالص مذھب جي (اڻ ڏٺي ۾) ايمان واري اصل الاصول کي بھ سمجھڻو ۽ سمجھائڻو ھو. مقصد سندن انھيءَ خاص ڪم ۽ڪاوش جو ھيءُ ھو تھ سنڌ جا ماڻھو محسوس ڪن تھ ٻيئي مذھب ھروڀرو منجھن ڪو ويڇو وجھي نٿي سگھيا – خاص طرح تڏھن جڏھن انھن کي عقل جي اک سان ڏٺو ٿي ويو – يعني تھذيب سان جيتري قدر انھن جو واسطو يا اشتراڪ ھو اوتري قدر ھو کين پاڻ ۾ ڳنڍي بھ سگھيا ٿي ۽ ڳنڍيو بھ بيٺا ھئا، ۽ اھو انھن جو ڳانڍاپو سندن سماج لاءِ وڏي نعمت ھو بلڪ اھو ان جي وجود جي بقا جي ھڪ ضمانت ٿي سگھيو ٿي. پر رياست يعني سرڪاري اقتدار جي معاملي ۾، يعني ان جي شراڪت سان انھن مان ھڪڙي جي فوقيت ۽ ڏاڍائي منجھن نفاق جو سبب بنجي رھي ھئي، جنھن نفاق مان کين يعني سندن سماجي وجود کي ڪڏھن بھ ڪو فائدو رسڻو ڪونھ ھو، بلڪ ان جي نتيجي ۾ آخرڪار اھو ڊھي، واوکر ٿي، اچي پٽ پوڻو ھو، ۽ ان صورت ۾ باقي سندن وجود انساني دنيا ۾ بيڪار، بي معنيٰ ۽ بي وقار ٿي وڃڻو ھو. تاريخ سنڌي ماڻھن کي شاھھ جي زندگيءَ ۾ ئي ثابت ڪري ڏيکاريو تھ ڪيئن جھوڪ جي صوفي مجاھدن ۽ حڪمران ڪلھوڙا فقيرن جي مذھبي نفاق سنڌ جي آزاديءَ ۽ قومي بحاليءَ کي ويھھ سال پوئتي ھٽائي ڇڏيو ۽ ان ويھن سالن جي محروميءَ سندن سڄيءَ قسمت کي اھڙي ڏوجھري ۾ وجھي ڇڏيو، جنھن جو ڪو اندازو ئي نٿو ٿي سگھي. سچل ۽ ساميءَ جي ئي زندگيءَ ۾ سنڌ جي ماڻھن ڏٺو تھ ڪيئن مذھبي ڪٽرپڻي منجھن ”نائون مل“ پيدا ڪيو ۽ سندن سؤ سالن جي غلاميءَ لاءِ سرزمين ھموار ٿي، جنھن جي ابتدا ساميءَ تھ پنھنجي اکئين بھ ڏٺي. پنھنجي جديد تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻھن ھي بھ ڏٺو تھ ڪيئن مذھبي دوئيءَ جي تفرقي ۽ نفرت کين ڀڃي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ٻنھي ”ڌرين“ کي موٽ ۾ سواءِ ھولناڪ خوف ۽ بيوسيءَ جي ٻيو ڪجھھ بھ نصيب ڪونھ ٿيو. سنڌ جي ماڻھن اڳيان سندن گڏيل ڀلائيءَ جي اھا راھھ، جيڪا سندن عظيم ھادي شاعرن کين ڏيکاري ۽ جيڪا سندن رواداريءَ، محبت ۽ اتحاد جي راھھ آھي، سا اڄ بھ سندن اڳيان موجود آھي ۽ ھو اڄ بھ ان تي ھلي، پنھنجو ھڪ سگھارو، خوددار ۽ باعزت سماج قائم ڪري سگھن ٿا ۽ وسيع انساني برادريءَ ۾ پنھنجي مخصوص تھذيب جي حفاظت ۽ بھتريءَ جي اعليٰ فرض جي پوئواري بھ ڪري سگھن ٿا.

فن ۽ شعر جي مطالعي ۾ عام طرح ۽ خاص اسان وٽ شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي مطالعي ۾، انھن جي فن ۽ شعر تي مذھب جو اثر گھڻو ڳوليو ويو آھي ۽ ٻڌايو ويو آھي. مذھب جو فن ۽ شعر تي اثر، اھا ڳالھھ تھ برابر، پر فن ۽ شعر جو مذھب تي اثر بھ گھاٽو ۽ گھڻو ٿئي ٿو، بلڪ سڄي تھذيب، يعني ڪنھن خاص سماج جي مادي ۽ ذھني (روحاني) اپت يا تخليق جو اثر مذھب ۽ پڻ رياست، ٻنھي تي لازمي طرح پوي ٿو – انھن تي، ڪن حالتن ۾ ٿوري يا گھڻي قدر ۽ ڪن حالتن ۾ تھ پوريءَ طرح، پنھنجي قومي تھذيب جو رنگ غالب ھوندو آھي. قومي تھذيب ۽ قومي رياست وانگر مذھب بھ قومي ٿين ٿا، توڙي جو اھي ڪنھن ”عالمي مذھب“ جا ملحدانا يا ”بدعتي“ تفسير يا تعبير ئي ڇو نھ ھجن. اھو ئي سبب آھي، جو راسخ (جامد، بيٺل) عقيدي وارن، مذھب جي تھذيبي، يعني ”افادھ عام“ (Common good) واري (متحرڪ، ذي روح) ھر تفسير کي ڪفر ۽ الحاد سڏيو آھي ۽

اھڙي ھر تفسير ڪندڙ شاعر، مفڪر يا سماج سڌارڪ کي ڪافر ۽ ملحد چيو آھي. سنڌ دشمن شاھھ بيگ ارغون، سنڌ جي فدائي، شھيد اعظم، مخدوم بلال کي ڪافر چوارائي، گھاڻي ۾ پيڙايو. شاھھ عنايت شھيد تي اگھاڙيءَ ترار سان جلاد کي بيھاري، نواب اعظم خان پڇيو تھ ”اولوالامر“ جي حڪم کان تو ڇو منھن موڙ ڪئي؟“ تھ شاھھ شھيد جواب ۾ چيو تھ .اسين مريد ڪعبي ڏانھن ڪيئن ٿا منھن ڪري سگھون، جڏھن اسان جي ھاديءَ جو منھن ميخاني ڏانھن ھجي!“ سنڌ جي ھن امر شھيد جو سر تن کان جدا ڪرائڻ بعد، نواب اعظم خان شھر ۾ پڙھو گھمارايو تھ ڪوبھ ماڻھو ”ياالله! جو نعرو نھ ھڻي –جيڪو حڪم عدولي ڪندو، ان جو سر ترار سان قلم ڪيو ويندو – ڇاڪاڻ تھ ”ياالله!“ شاھھ شھيد ۽ سندس وطن دوست مجاھدن جو نعرو ھو. شاھھ شھيد جي شھادت وقت، عمر جي ڦوھھ جوانيءَ ۾ بيٺل شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دل مان جيڪا آھھ نڪتي ھئي، اسان کي معلوم آھي: ”جھڄان پسيو جھوڪ، آيل سنگھارن جِي!“ شاھھ سائينءَ جو ٻيو ھمعصر محب وطن درويش حضرت خواجھ محمد زمان لنواريءَ وارو ھو، جنھن جي ملاقات جي ياد جو سندن بيت مشھور آھي:

مون سي ڏٺا ماءَ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تنين سندي ڪاءَ، ڪري نھ سگھان ڳالھڙي....

حضرت خواجھ صاحب جن جي ڳالھھ آھي تھ ”ھڪ ڀيري ھڪ ھندو وٽن لنگھي آيو ۽ وينتي ڪيائين تھ ”قبلا، ھن بندي کي اسم اعظم جي ھدايت ڪريو!“ حضرت جن ھن کي ھدايت ڪئي. جڏھن ھو موڪلائڻ لڳو، تڏھن فرمايائونس تھ ”ظاھر ظھور تون بيشڪ ھندو ڌرم جي ڪريا ڪرم تي قائم رھندو اچ پر باطن ۾ اسان جيڪا توکي امانت عطا ڪئي آھي، سا حفاظت سان سانڍيندو اچج!“ ھي حرف ٻڌي، حافظ پنوھر، نالي ھڪڙي ھمنشين اعتراض وٺي عرض ڪيو تھ ”قبلا، ھيءَ وري ڪھڙي قسم جي مسلماني آھي؟“ حضرت جن ٻاجھھ ڀريون اکيون مٿي کڻي فرمايو تھ، ”ميان، مسلمانيءَ جي توکي ڪھڙي خبر؟“ حضرت خواجھ جن ڏانھن ھيءُ بھ قول منسوب آھي تھ ”دين قائم آھي حق جي ماڻھن سان ۽ نھ لٺ ۽ لڙائيءَ سان.“ ظاھر آھي تھ سنڌ جي محب وطن سمي سلطان ڄام نظام الدين ۽ سنڌ جي دشمن شقي القلب ۽ سنڌي ماڻھن جي قاتل سفاڪ شاھھ بيگ ارغون جو مذھب ساڳيو نٿو ٿي سگھي، نھ ئي مخدوم بلال ۽ قاضي قاضن جو يا نواب اعظم خان ۽ شاھھ شھيد صوفيءَ جو مذھب ساڳيو ٿي سگھي ٿو. جن ملن ۽ مفتين ”ايمان واري ھندو مائي ۽ واڻئي ٻالچند کي زوريءَ ”مسلمان“ ڪري ڇڏيو، تن جو ۽ سلطان اولاليا خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري جو مذھب بھ ساڳيو نٿو ٿي سگھي، جنھن پنھنجي ھندو معتقد کي اسم اعظم جي امانت ڏيئي، چيو تھ ”ڀلي ھندو ڌرم جي ڪريا ڪرم تي قائم رھندو اچ.“ ”تحفتھ الڪرام“ ۾ ٺٽي جي ھڪڙي ”اھل حال“ بزرگ شاھھ اسماعيل صوفيءَ جو ذڪر آيل آھي تھ اھو شاھھ شھيد صوفيءَ جي مخلصن مان ھو ۽ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي ساڻس دوستي ھئي: ھو ”مثنويءَ جو درس ڏاڍيءَ محويت سان ڏيندو ھو .... ھڪ ڏينھن درس ڏيندي، اوچتو سندس طبيعت پريشان ٿي ويئي ۽ سڄي بدن تي ڏنا ٿي پيس، جن کي لڪائڻ لاءِ رلھي گھرائي، ڍڪي ويھي رھيو. نيٺ معلوم ٿيو تھ ان وقت شھر جو قاضي ٺٽي جي ڪوٽواريءَ ۾ چبوتري تي ھڪ ماڻھوءَ کي سرڪاري ملازمن ھٿان سواءِ ڏوھھ جي رڳو سياسي ضد سبب ڪؤڙا ھڻائي رھيو ھو ۽ اھي ڪؤڙا ان بزرگ جي بت تي ظاھر ٿي رھيا ھئا.“ سچ پچ بھ تھ ان ”اھل حال“ بزرگ، شاھھ اسماعيل صوفيءَ، جو مذھب ٻيو ھو ۽ ان شھر جي قاضيءَ جو مذھب ٻيو ھو، جنھن سان سرڪاري ملازم صلاحي ۽ سھمت ھئا يا ھو انھن سان سھمت ۽ صلاحي ھو، ۽ جيڪو بيھي ھڪڙي بيگناھھ کي ڪؤڙا ھڻائي رھيو ھو. شاھھ بيگ ارغون، قاضي قاضن، نواب اعظم خان، ٺٽي جي قاضيءَ ۽ ٻين فتوا بازن ملن ۽ مولوين جو مذھب اھو ئي ھو، جيڪو غاصب، کائو ۽ قابض گروھي مفاد ۽ ان جي رياستي اقتدار کي ھٿيار طور ڪم ٿي آيو: ۽ ڄام نظام الدين، مخدوم بلال، شاھھ شھيد، خواجھ محمد زمان، شاھھ اسماعيل صوفيءَ ۽ ٻين ”اھل حال“ بزرگن جو مذھب اھو ھو، جيڪو ”افادھ ء عام“ جي رنگ ۾ رڱيل ھو، جنھن ۾ وقت جي حالتن جو اثر ڏسجي رھيو ھو، جيڪو سنڌي ماڻھن جي تھذيب سان ھم آھنگ ٿي رھيو ھو، جيڪو انھن جي قومي مذھب جو روپ وٺي رھيو ھو. شاھھ شھيد صوفي جنھن لاءِ چيو ويو آھي تھ پاڻ بھ وڏو شاعر ھو ۽ راڳ جو متوالو ھو، شاھھ اسماعيل صوفي جيڪو مثنوي ڏاڍيءَ محويت سان پاڙھيندو ھو، خواجھ محمد زمان جيڪو پاڻ بھ شاعر ھو، ۽ ان سونھاري سٿ جا ٻيا بزرگ، جھڙوڪ ٺٽي جو مخدوم محمد معين، سيوھڻ جو مخدوم ميان دين محمد، اگھم ڪوٽ جو مخدوم ميان پير محمد، ڪوٽڙي ڪبير جو مخدوم ميان محمد، روھڙيءَ جو مير جان الله شاھھ رضوي، گھوٽڪيءَ جو ميان موسيٰ شاھھ جيلاني ۽ ٻيا اھڙا ڪيئي اھل دل ۽ اھل حال بزرگ، صوفي باصفا ۽ عالم باعمل سڄي سنڌ ۾ شاھھ سائينءَ جا نھ رڳو ساٿياري پر دوست ۽ ساٿي ھئا، جن سڀني سنڌ ۽ سنڌي سماج جي قومي بحاليءَ ۽ قومي بقا لاءِ سنڌي ماڻھن جو قومي اتحاد قائم ڪرڻ گھريو ٿي. اھو اتحاد ھنن سنڌي ماڻھن جي قومي تھذيب جي بنياد تي قائم ڪرڻ ٿي چاھيو، ۽ دعوى ۽ دستور واري مذھب جي ڪابھ ڳالھھ جيڪا سندن نظر ۾ ان اتحاد جي راھھ ۾ رڪاوٽ بنجي ٿي بيٺي، ان کي ھنن رد ڪرڻ ٿي گھريو – بلڪ رياست ۽ مذھب ٻنھي کي ھنن چاھيو ٿي تھ اھي تھذيب جي ضابطي ۽ تاديب ھيٺ رھن ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪم اچن. ھنن سنڌي ماڻھن جي اجتماعي قوت کي قومي رياست جو ۽ سندن ڪثيرالاعتقاديءَ کي قومي مذھب جو روپ ڏيڻ ٿي چاھيو، تھ جيئن سندن قومي اتحاد آڏو ڪو خطرو باقي نھ رھي ۽ ھو پنھنجي مادي ۽ روحاني فلاح ۽ ترقيءَ جي راھھ ۾ پوري ڀروسي ۽ بيخوفيءَ سان اڳتي وڌن ۽ بني نوع انسان جي آفاقي مسرت ۽ ڪمال ۾ پنھنجي وس آھر پنھنجي حصي جو فرض ادا ڪري سگھن. حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي دور جي سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھيءَ سڄي امنگ جو عظيم ترجمان يعني ان جو عظيم شاعر، عظيم فنڪار ۽ عظيم مفڪر ھو. سچل ۽ سامي بھ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھيءَ اجتماعي امنگ جا عظيم ترجمان ۽ شاعر ھئا.

*

 (وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com