شاھھ، سچل ۽ سامي سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪڙي ئي دور جا،
بلڪ ذري گھٽ سھيوڳي شاعر ھئا. سچل ۽ سامي تھ ذري
گھٽ ھم عمر بھ ھئا. سچل جو جنم
1729ع
۾ ۽ ساميءَ جو
1730ع ۾ ٿيو. سچل تقريبًا ھڪ سؤ ورھين جي عمر ماڻي،
1829ع
۾ ۽ ساميءَ ھڪ سؤ ويھھ ورھين جي عمر ۾،
1850ع
۾، ھيءُ جھان ڇڏيو. درازا ۽ شڪارپور ھڪٻئي کان ٻن
ڏينھن جي پيادل پنڌ تي مس ھئا – سواريءَ جو پنڌ تھ
وچ ۾ ڏينھن جي چئن پھرن جو مس ھو. ھڪ سؤ ورھين جي
مدت ڪا ٿوري مدت بھ ڪانھي ۽ ھو ننڍا ماڻھو بھ ڪونھ
ھئا، جو ھڪٻئي جي ڳالھين کان اڻواقف ھجن. ھو ٻيئي
تقريبًا
22
ورھين جي زندھ دل جوانيءَ ۾
ھئا، جو شاھھ فوت ٿيو. سچل لاءِ تھ شاھھ سائينءَ
پاڻ چيو ھو تھ، ”اسان جي رڌل ڪني جو ڍڪڻ ھيءُ
لاھيندو“ – مطلب تھ ھيءُ اسان جي اندر جي ڳالھھ کي
وڌيڪ آشڪار ۽ دل جي پيغام کي عام ڪندو. پنھنجي ان
پيغام ۽ ان ڳالھھ بابت، پنھنجي شعري تخليق ڏانھن
اشارو ڪندي، پاڻ چيو اٿن تھ ”جي تون بيت ڀانئيين،
سي آيتون آھين“ ۽ اھي يعني انھن آيتن جو فڪر توکي
نيئي پنھنجي پرينءَ (منزل مقصود) تائين پھچائيندو
– بلڪل ائين جيئن ايران جي عظيم درويش شاعر روميءَ
جي مثنويءَ بابت چيل آھي تھ ”پھلوي زبان ۾ اصل
(معنوي) ۽ نج (مولوي – مولا وارو) قرآن ھو، جنھن
جو مغز ھڏن کان الڳ ڪري، فارسي ٻولي ڳالھائيندڙ
ايراني قوم جي رھبريءَ لاءِ ان جي آڏو رکيو ويو
ھو. ھيڏانھن ساميءَ جو پنھنجي ڪوتا لاءِ چوڻ ھو تھ
”ويدن جو ويچار، توکي سنڌيءَ ۾ سڻايان“! يعني، ھڪ
پاسي شاھھ ۽ سچل ھئا، جن اسلام جي قرآن جو تفسير ۽
تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽
ھندن ٻنھي) کي سيکارڻ ۽ سمجھائڻ ٿي چاھيو ۽ ٻئي
پاسي سامي ھو، جنھن ھندو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽
سمجھاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي، يعني ھندن ۽
مسلمانن ٻنھي کي، ڏيڻ گھري ٿي. عربيءَ ۽ سنسڪرت جن
۾ اھي آيل ھئا، ٻيئي سندن مڃيندڙن لاءِ ڌاريون
زبانون ھيون. ان کان وڌيڪ انھن لاءِ ھنن پنھنجن
ايماني صحيفن کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي ھيءَ ھئي، جو انھن
جي نظر ۾ سچو حق انھن جي پنھنجي پنھنجي صحيفي ۾
ھو، جن جو ھڪ ھڪ اکر حق ھو ۽ جن جي ان پنھنجي
پنھنجي حق ۾ ڪابھ تبديلي ڪڏھن ڪانھ اچڻي ھئي، بلڪ
اھڙو رڳو ويچار بھ ممنوع ھو، ساڳئي وقت انھن ئي
سندن آسماني صحيفن جا پيشھ ور ۽ ماھر سمجھائيندڙ
(ملا ۽ پنڊت) وٽن موجود ھئا، جن انھن جي سمجھاڻي ۽
وضاحت اھڙي ٿي ڏني، جو سمجھائڻ بدران ڳالھھ کي ھنن
منجھائي ٿي ڇڏيو ۽ پنھنجي پر ۾ قرآن توڙي ويدن
وارا پنھنجي پنھنجي سوچ تي مڇريا، ھڪٻئي تي
ڪاوڙيا، سنڌي سماج ۾ سٻنڌ ۽ سنيھھ بدران تفرقي ۽
فساد جا سبب بڻيا بيٺا ٿي رھيا. انھن مان ھڪ ڌر تھ
رياست تي قبضو ڄمايو، ان جي سموريءَ طاقت کي
پنھنجو ھٿيو بڻايو، چؤطرف ذھني گھٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا
قائم ڪيو بيٺي ھئي. شاھھ، سچل ۽ ساميءَ سنڌي سماج
کي اھڙي تفرقي ۽ فساد ۽ اھڙي روحاني گھٽ کان بچائڻ
چاھيو ٿي. پنھنجي دور جي انھيءَ ڳالھھ کي ھنن بيحد
اھم ٿي سمجھيو. ان جي جاءِ تي ھنن سنڌي سماج ۾ امن
۽ اتحاد، سھپ ۽ سک ۽ ضمير جي آزاديءَ جي دنيا آباد
ڏسڻ ٿي گھري. نئين دنيا جي ان حسين خواب جي اجھل
احساس ۽ بي ڌڙڪ جوش کين سڄي عمر سک سمھڻ نھ ڏنو ۽
ھو ان لاءِ سدائين لڇندا ۽ لوچيندا رھيا ۽ ائين ھو
پنھنجي وقت سان پنھنجي پوري وس آھر پنھنجو بھترين
ناتو نڀائي ۽ انساني تھذيب جو اھو ھڪ بھترين اصول
ان کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻڌائي ۽ سمجھائي، نھ رڳو سنڌي
سماج بلڪ بني نوع انسان جي تاريخ ۾ عظيم ۽ امر
انسان بنجي ويا.
*
ماڻھو ڪيئن ۽ ڪڏھن رياست
(State)
بنجن ٿا ۽ ڪيئن ۽ ڪڏھن قوم
(Nation)
بنجن ٿا – انساني تاريخ جا اھي نھايت بنيادي ۽
گنڀير سوال رھيا آھن. ھونئن تھ ملڪن، سماجن ۽ قومن
جي غلاميءَ جا زمانا مجموعي طور سندن زندگيءَ جا
بحراني دور ھوندا آھن، ڇو تھ انھن ئي دورن ۾ ھنن
جو وجود خطري ھيٺ ھوندو آھي ۽ ھو آزمائش ۾ مبتلا
ھوندا آھن، پر خاص طرح جڏھن جڏھن اھي پنھنجي
آزاديءَ جي جدوجھد ۾ مصروف ھوندا آھن، سندن تاريخ
جا بنيادي طور بحراني دور ۽ اھم ترين دور اھي
ھوندا آھن. شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جو دور (تقريبًا،
1850-1700ع)
سنڌي سماج جي تاريخ جو اھڙو ھڪ اھم ترين ۽ بنيادي
طور بحراني دور ھو.
نائين صدي عيسويءَ جي اڌ کان وٺي سورھين صديءَ جي
شروع تائين، ذري گھٽ ست سؤ ورھيھ لاڳيتا، سنڌ جي
رياست سنڌ جي ماڻھن جي قبضي ۾ رھي – پنج سؤ ورھين
کان ڪجھھ وڌيڪ سومرن جي ۽ ذري گھٽ
200 ورھيھ سمن جي. سنڌ جي تاريخ جو ھيءُ دور
سنڌي سماج جي بنيادي اوسر جو دور ھو، سنڌ جا
تقريبًا سمورا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ۽ فخريھ
ڳالھيون، ڏند ڪٿائون، لوڪ ڪھاڻيون، لوڪ گيت ۽ لوڪ
سورما انھيءَ پنھنجي آزاد رياست جو لاڳيتي ڊگھي
عرصي سان تعلق رکن ٿا. سنڌ جي تاريخ جو اھو ئي دور
ھو، جنھن لاءِ صحيح طور چئي سگھجي ٿو تھ اھو سنڌي
سماج جي تھذيب جو اڳرو ۽ ترجيحي دور ھو: ان سڄي
دور ۾ سنڌي سماج جي مذھب ۽ رياست ٻنھي سنڌي سماج
جي تھذيبي اوسر ۽ اڏاوت جو ڪم ڏنو. ملڪي سرحدن جي
بچاءَ جا جتن، سماجي خوشحاليءَ جون ڪوششون سنڌي
ڪردار جي ذھني پرورش ۽ اخلاقي تعبير، سنڌي سماج جي
تاريخ جي صورت ۽ ساخت، جيڪا ھن دور ۾ عمل ۾ آئي،
ان جو ٻيو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ڪونھ ٿو ملي. سنڌ
جي تاريخ جو ھيءُ غير معمولي قومي اھميت جو دؤر
1520ع
۾ ختم ٿيو. ان جي خاتمي تي سنڌي ماڻھن پنھنجو اڻ
ميو خون وھايو. ان خون ۾ سنڌي سماج جي ھر حصي ۽ ھر
فرقي جو خون شامل ھو. عظيم مقصدن لاءِ خود –
قربانيءَ جي طويل سلسلي ۾ ھنن ھڪ بنھھ انوکي
قربانيءَ جي مثال جو اضافو بھ ڪيو : سندن ھڪ وطن
دوست مذھبي عالم – سدا حيات، عظيم شھيد، مخدوم
بلال – جيئرو گھاڻي ۾ پيڙجي وطن تان قربان ٿي ويو.
ھڪ ڀيرو اڳي بھ سنڌ جي تاريخ ۾ ان جي مذھبي
سربراھن پنھنجي وطن عزيز لاءِ ائين پنھنجا سر ڏنا
ھئا:
325 ق.م جڏھن يونان جي سڪندراعظم پنھنجي فتحمند
لشڪر سان سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو، تڏھن کيس ٻڌايو
ويو تھ اتي ”ھڪ اھڙو مخفي اثر موجود ھو، جيڪو
ڌارين جي مقابلي لاءِ ماڻھن جي ارادي کي مضبوط ڪري
سگھيو ٿي“ – اھو مخفي اثر برھمڻن جو ھو، جيڪي پوءِ
واقعي سڄو وقت پنھنجن ماڻھن کي دشمن جي خلاف وري
وري گڏ ٿي ۽ وري وري اٿي وڙھڻ لاءِ اڀاريندا رھيا۽
انھن سان گڏ پاڻ بھ قربان ٿيندا رھيا. ٻھ اھڙا
واقعا تاريخ ۾ بيان ڪيل آھن: ھڪڙو سمبس (سما؟)
قبيلي جي راجڌاني سديمن (سيوھڻ) شھر جو، جتي فتح
کان پوءِ، سڀ کان اول، سڪندر سڀني برھمڻن کي قتل
ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو تھ ”ھن کي معلوم ھو تھ انھن ئي
ماڻھن کي اٿاريو ھو“ ۽ ٻيو ماسڪانس (ماڇي؟) قبيلي
جي شڪست کاڌل (”راڻي“) جو، جنھن کي ”بادشاھھ سندس
ئي راڄڌاني (الور) جي چؤنڪ تي اتان جي سڀني برھمڻن
سان گڏ ڦاسيءَ تي چاڙھڻ جو حڪم ڏنو. ڇو تھ انھن ئي
ھن کي ائين مقابلي لاءِ آمادھ ڪيو ھو.“ پر اھڙين
بي مثل قربانين جي پيش ڪرڻ کان پوءِ بھ نھ سنڌ جون
الڳ الڳ رياستون يونانين کان تڏھن محفوظ رھي
سگھيون ۽ نھ ٻھ ھزار سال پوءِ ھڪ سمي ڄام جي حڪم
ھيٺ سنڌ جي مرڪزي رياست ئي ارغونن جي وحشي حملھ
آورن کان بچي سگھي.
*
ڪوبھ سماج، ڪوبھ ملڪ، ڪا بھ قوم ائين ڪنھن ٻاھر
کان آيل ڌارينءَ طاقت ھٿان ھار کائي نٿي سگھي، ۽
ھار کائڻ کان پوءِ لاڳيتو گھڻو عرصو مجبور ۽ محڪوم
رھي نٿي سگھي، جيستائين جو ان ۾ پنھنجي ڪا اندروني
ڪمزوري يا اوڻائي موجود نھ آھي، ۽ اھا ڪمزوري ھر
حالت ۾ ان جي ڪنھن اندروني نفاق ۽ انتشار جي ڪا
صورت يا نتيجو ئي ھوندي آھي. رياست، مذھب ۽ تھذيب
– سماج جا ھي ٽي شعبا – سماج جي سلامتيءَ يعني ان
جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جا ضامن ھوندا آھن، بلڪ انھن
جو منصبي ڪارج ئي اھو ھوندو آھي. رياست اھو پنھنجو
ڪارج ملڪ ۽ سماج جي بچاءَ ڪرڻ سان، فردن جي پسند ۽
غرض کي اجتماعي پسند ۽ غرض سان ملائي ھڪ ڪرڻ سان،
قانون ۽ انصاف جي پوري نفاذ سان، طبقن ۽ گروھن جي
سلسلي ۾ پنھنجي غير جانبداريءَ ۽ منجھن سھپ ۽
رواداريءَ جي فضا کي ھمتائڻ ۽ قائم رکڻ سان، ادا
ڪري ٿي. مذھب پنھنجو اھو ڪارج سماج جي فردن، طبقن
۽ گروھن ۾ ويساھي عالم جي يڪرنگيءَ ۽ پوڄاپاٺ ۽
ڪرياڪرمن جي ساڳئي ضبط ۽ مشق وسيلي ادا ڪري ٿو.
تھذيب پنھنجو منصبي ڪارج ذھني پورھئي جي تخليقات –
يعني فلسفي، شاعريءَ ۽ ٻين فنون لطيف جي ميدانن ۾
پنھنجي ڪاوش وسيلي ۽ جسماني پورھئي جي وسيع
پيداواري ۽ تعميري ڪوششن وسيلي، ادا ڪري ٿي. پر
ڇاڪاڻ تھ مخصوص رياستون ۽ مذھب محض ڪن انفرادي (يا
گروھي) شخصن جي ڪوشش ۽ ڪن خاص واقعن جي رونما ٿيڻ
جو اوچتو نتيجو ٿين ٿا ۽ ٻيو تھ رياست ۽ مذھب
پنھنجي زور ۽ ويساھھ (طاقت ۽ ايمان، اقتدار ۽
اعتقاد) جي گھمنڊ ۾ عدل ۽ رواداريءَ جي توازن کان
اڪثر ٻاھر نڪتل رھندا آھن، انھيءَ ڪري اھي سماج ۾
امن ۽ اتحاد جي وسيلي بنجڻ بدران ان جي تفريق ۽
نفاق جا سبب بنجي پوندا آھن، ۽ خاص طرح جڏھن اھي
رڳو ھڪٻئي جا پشتيبان يا خادم بنجي عمل پذير ٿيندا
آھن، تڏھن تھ سندن تشدد ۽ تعصب ڪري سڄو سماج جنسي
فساد ۾ وٺجي ويندو آھي ۽ پوءِ اھو سماج ڏسڻ ۾
ٻاھران ڪھڙو بھ ڏيک يا ڏيا وارو ھجي پر ٻاھرينءَ
ڪنھن دشمن طاقت جي ٺلھيءَ ڦنڊڪ وھيڻو وڃي رھندو
آھي. رياستن ۽ مذھبن جي ڀيٽ ۾ تھذيبون زمانن گذرڻ
سان، قومن يا سماجن جي ذھن جي کلڻ، پختي ٿيڻ ۽ قدم
بقدم ۽ آھستي آھستي رونما ٿيندڙ واڌ ۽ اوسر جي
پيداوار ٿين ٿيون: انھيءَ ڪري تھذيب پنھنجي عمل
پيرائيءَ ۾ ڪڏھن بھ پنھنجي سماج ۾ نفاق يا تفرقي
جو ڪارڻ بنجي نھ سگھندي آھي، بلڪ سدائين ان جي
اتحاد ۽ مضبوطيءَ جي پختي ۽ صاف سڌي رستي جو ڪم
ڏيندي آھي. انھيءَ ڪري ئي چئي سگھبو آھي تھ رياست
۽ مذھب کان سواءِ بھ ڪنھن قوم يا سماج جي وجود جو
نيٺ بھ تصور ممڪن آھي، پر تھذيب کان سواءِ اھو
ڪنھن بھ صورت ۾ ممڪن نٿو ٿي سگھي. ڪا رياست ۽ ڪو
مذھب جڏھن قوم يا سماج جي تھذيب جي بچاءَ ۽ فروغ
جي ڪوشش ۾ مصروف ھوندا آھن يا ڪم از ڪم ان سان ھم
آھنگ يا مصلحت ۾ ھوندا آھن، تڏھن ۽ فقط تڏھن ئي
اھي ان قوم يا سماج جي قدر ۽ فرمانبرداريءَ جا
حقدار ليکبا آھن. ڇو تھ فقط ان ئي صورت ۾ اھي ان
جي وجود جا مددگار، محافظ ۽ گھڻگھرا بنجي سگھندا
آھن. اِنھيءَ خيال کان ئي ھر رياست کي ۽ پڻ ھر
مذھب کي پنھنجي پنھنجي قومي حيثيت يا پنھنجي
پنھنجي خاص سماج جو رنگ اختيار ڪرڻو پوندو آھي.
ٻڌمت چين ۾، جپان ۾، برما ۽ ٻين ويجھن مشرقي ملڪن
مان تقريبًا ھر ملڪ ۾ پنھنجو اتان جو مڪاني (قومي
سماجي) رنگ اختيار ڪيو. مسيحيت يونان، روس، ايشيا
مائنر ۽ خاص طرح سورھين صديءَ جي ”اصلاحي تحريڪ“
کان پوءِ يورپ جي تقريبًا ھر ملڪ ۾ قومي رنگ
اختيار ڪيو. عرب فتح کان ترت ئي پوءِ ايران قبول
اسلام ڪري، ان کي خاص ايراني رنگ ڏئي، پنھنجو قومي
مذھب بنايو ۽ ائين پنھنجي سياسي ۽ تھذيبي امتياز ۽
خود اختيار کي ٻيھر بحال ڪيو ۽ قائم رکيو. تاريخ
عالم ۾ اھڙا ڪيئي مثال موجود آھن، جڏھن قومن ۽
سماجن کي پنھنجن فاتحن جي مذھب کي مڃڻو ۽ پنھنجو
ڪرڻو بھ پيو آھي تھ ان کي مڪاني حالتن سان ھم آھنگ
ڪري ۽ پنھنجي تھذيب جو غالب رنگ ڏيئي پوءِ مڃيو ۽
پنھنجو ڪيو آھي. ان کي بدعت يا الحاد يا تجديد يا
اجتھاد چوڻ سان ڪو فرق ڪونھ ٿو پوي: دراصل بدعت،
الحاد، تجديد يا اجتھاد کان ڪو خالص ”قومي“ مذھب
بھ بچيل نٿو رھي، ڇو تھ ڪا بدعت يا ڪو الحاد وغيرھ
ڪنھن مذھب ۾ ايندو ئي تڏھن آھي، جڏھن اھو پنھنجي
تعصب ۽ جمود سبب پنھنجي قوم يا سماج جي آزاد ۽
متحرڪ تھذيب سان ھمقدم رھي نھ سگھندو آھي، بلڪ ان
جي راھھ جي آڏو روڪ بنجي بيھندو آھي. مطلب تھ
رياست ۽ مذھب کي، رضا سان يا رنج سان، بھرصورت
پنھنجي سھيوڳي تھذيب جو خادم ۽ طفيلي ٿي رھڻو آھي،
۽ ان صورت ۾ ئي سماج جا اھي ٽي شعبا ھم آھنگ ٿي
سگھندا آھن ۽ ان جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جي ضمانت
بنجي سگھندا آھن.
*
(وڌيڪ پڙهو)
|