شاھھ
وارو ويراڳين کي ويل م وساريج،
قدم ڪاپڙين جا ليلائي لھيج،
پيرت پسيو پٽ جِي، وڃڻ کي وڃيج،
راتو ڏينھن رڙھيج، آءٌ نھ جيندي ان ري.
جز وڃايو جوڳئين، ڪل سين آھين ڪم،
آسڻ جن عدم، آءٌ نھ جيندي ان ري!
-
جي ڀانئين وس چران، تھ سنگھارن سين لڏ،
تھ ھاڃي سندي ھڏ ڪوڪ نھ سڻين ڪڏھين.
جي ڀانئين وس چران، تھ سنگھارن سين گھار،
جنين سندي واڙ، چور نھ ايندا ڪڏھين.
-
سچل
صورت ۾ جاءِ دم جي، دم ريءَ نھ صورت ڪم جي،
دم ۾ جا لذت غم جي، وھھ واھھ ڳالھھ خاصي.
ابليس جي وڏائي، ھر سانس تي سوائي،
جيوڻ تھ دم ڀلائي، نھ تھ تھت نحس ناسي.
ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري،
وحدت جني وساري، تن تن مٽي اڻاسي.
-
چڱو گوندر غم، جي مون پڇو جيڏيون،
منجھھ ڪشالي ڪم، آھي ورھھ وارئين.
متان وھين ماٺ ۾، منجھھ جلديءَ ڄل،
ھتي ويھھ نھ، ھل، تان ڪي پڄين پنڌ کي.
-
سامي
اڻ ھوندي ڀولي، وڌو جيءُ ڀِرم ۾،
جئن کستوري ناڀ ۾، مرگھھ ٻاھر ڦولي.
-
عشق ۽ عقل، ٻئي ساڌن سم جا،
ساڌي لھھ ”سامي“ چئي، آتم پد عمل.
-
عجائب عقل، سالڪ ڏنو سڪ سان،
سمجھي روح راضي ٿيو، ڇڏي ھنگامو ھل،
وحدت ۾ واصل، پرچي ٿيو پريم ۾.
-
ويد پران، قرآن ڪو، سڀني ۾ ھڪ سوت،
سمجھي ڏس ”سامي“ چئي، لائي من مضبوط.
-
خالق منجھھ خلق، خالق سڀ خلق ۾،
سمجھي ڪو ”سامي“ چئي، ورلو جن ھڪ.
-
نڪو آر نھ پار، سپيريان جي سڪ جو،
سئانتيءَ بنان سپ کي، اچي ڪين قرار.
مک سان رام چئي، سانت نھ اچي جيءَ کي،
ان پاڻيءَ جي نانو سان بک اڃ ڪين لھي،
نگر پھچي ڪونھ ڪو، بنان پنڌ ڪئي،
گرگم رھت رھي، تھ سکي ٿئي ”سامي“ چئي.
-
وڌو وچ وچاءُ ڪھڻيءَ رھڻيءَ پاڻ ۾،
ورلي ڪنھن گرمک کي ”سامي“ پيو سماءُ.
-
آھن آگم اپار، راھان رام ملڻ جون،
تن سڀني ۾ ھڪڙي، ساڌ سنگت نج سار.
-
ڪيڏي وڏائي، ڳڻيان سا پرسن جي،
سم درسي، سيتل سدا، سڀ جا سکدائي،
ممتا ميل اندر ۾، رکن نھ رائي،
”سامي“ سدائي، ڪن اپڪار اچاھھ ٿي.
-
منجھين تن تنوار وڄي ويل سڀڪنھين،
چنگ تنبورا ڪيترا، آھن ساز اپار،
اٺئي پھر اندر ۾ ”سامي“ پرينءَ پچار،
ڪنھن ڪنھن مڱڻھار، سوجِھي ھن سرود جي.
شاھھ – سچل – سامي
(1689ع
–
1850ع)
- ھڪ مطالعو -
والي وسائيج، دردمنديءَ جو ديس
پرين مون پرديس، اٺي ايندم اوڏڙا!
(سچل)
(وڌيڪ پڙهو) |